(9)
آئون ڪالهه 13- اپريل 1953ع جي واپس هت
آيو آهيان ۽ اڄ توهان کي هيءُ خط لکي رهيو آهيان.
واشنگٽن ۾ تازو آيل اٽڪل ڏهن ڏينهن کن جون پراڻيون
”ڊان“ اخبارون ڏٺم. توهان وٽ ڪافي گوڙ ۽ ڌمچر متل
آهي. مون کي پڙهي ڊپ وٺي ويو. پر ٿڙڪڻيءَ جي حالت
کي ڪونه پهتس. ڪرنل شيخ ۽ آئون ڪافي انتظار کي
پهتاسون. هن گوڙ ۾ اچو ته توهان کي گهمائڻ وٺي
هلان.
آئون تقريباً ساڍا ٽي هزار ميلن جو سفر
ڪري موٽيو آهيان. يورپ ۽ آمريڪا جي سفر مان اهو
معلوم ٿئي ٿو، ته هتي ملڪن ۾ هڪ قسم جي يڪسانيت
آهي، جيڪا اسان جي ملڪ ۾ نه ملندي، جنهن به شهر ۾
وڃو، پوءِ اُهو وڏو هجي يا ننڍو ڳوٺ، توهان کي
ماڻهن جو لباس، رستا ۽ جايون اُنهن جي مرتبي موافق
ٺهيل نظر ايندا. هن دنيا ۾ هڪ چڪر آهي، جنهن جي
آرن ۾ ڦاسي، انسان عجيب بيوسيءَ جي حالت ۾ ڦري
رهيو آهي. شڪاگو جون عمارتون وڏيون آهن. باغيچا
تفريحگاهون آهن. ڊئيوائيٽ ۾ جايون ان کان ننڍيون
آهن، مگر ڪارخانن جو شمار نه آهي. توهان جون فورڊ،
ڪئڊلڪ ۽ ٻيون موٽرون مثلاً ڪرائسلر ڪارپوريشن ۽
ان سان گڏ جنگي سامان به هٿ تمام گهڻو ٺهندو آهي.
ڊئيوائيٽ جي سينٽرل اسٽيشن، اسان جي سڄي
صدر فريئر هال کان وٺي ائمپيريل مارڪيٽ تائين آهي.
آمدورفت جي حد نه آهي. هن اسٽيشن کان فقط نيويارڪ
سينٽرل ۽ پينسلوانيا اسٽيشنون وڏيون آهن، جتي
گاڏيون پنجن طبقن ۾ هڪٻئي جي مٿان اچن ٿيون.
نيويارڪ سينٽرل اسٽيشن تي اچي ڄڻ شيطان جي پيٽ ۾
گهڙڻو آهي. آئون توهان کي نيويارڪ ۽ واشنگٽن جو
خاص سير ڪرايان ٿو.
منهنجي رهڻ جو بندوبست منهنجي دوست مسٽر
افتخار احمد مختيار ڪيو هو ۽ هو مون کي نيويارڪ جي
سينٽرل اسٽيشن تي وٺڻ آيو. ويچاري کي پليٽ فارم ۽
گاڏي جي خبر نه هئي، سو اچي اسٽيشن جي مرڪزي
اطلاعات وٽ بيٺو، جتي رُلي رُلي آئون به اچي پهتس.
جاءِ رهائش تي ٽئڪسيءَ ۾ وياسون. آئون گسن جو واقف
نه هوس. هن ملڪ جي سفر ۾ هڪ ننڍي پيٽي به بار آهي.
پر مون وٽ ته وري هڪ ٿيلهو به هو. سامان رکي، هڪ
هوٽل ۾ گهڙياسون، پيٽ جي سنڀال لهڻ.، بس، ٽڪو ڏنو،
ٻروڇنو، آمريڪا ۾ کائڻ جي تميز ڪنهن کي به نه آهي.
هلندي گهمندي، ريل ۾، بس ۾ پيا کائيندا! بيهه نه
بيهه، وات مڙوئي پيو هلندو. هڪ اسٽول تي ويٺاسون.
بورچيخاني مان سامان ايندو ويو ۽ اسين اڌ بيٺي ۽
اڌ ويٺي کائيندا رهياسون. منهنجو هن قسم جي آمريڪي
جمهوريت جو تجربو پهريون هو. جڏهن کان آيو هوس ته
ماني صبر ۽ ٿانيڪائيءَ سان کاڌي هيم. مگر هينئر
نيويارڪ جي چڪر ۾ هئاسون، سڀ ڪو مست آهي ۽ هُل گوڙ
۾ پورو.
توبهه ڪريو، ماني ڏاڍي مهانگي آهي. توهان
17 رپين جي ماني کائو، تڏهن به ڍؤ نه ٿئي. ذرو
گوشت 2 رپيا، چانهه پيئو اٺ آنا. وري اهڙيون به
هوٽلون آهن، جتي پنج آنا وجهو هڪ سوراخ ۾، ته
چانهه جو ڪوپ ٻاهر. ٻي ۾ وجهو ڏهه آنا ته سئنڊوچ
تيار. مطلب ته پئسا وڌوَ ته ڄڻ مشين کي ٻڌايوَ ته
فلاڻي شيءِ کپي، ۽ اُها هڪ منٽ ۾ تيار. وري ڇا،
ڪوپ ايندو ته چانهه جو نل کلندو ۽ جڏهن ڪوپ ڀريو
ته چانهه جو نل بند، مجال جو هڪ ڦڙو به وڏيڪ ڇڏي،
ڇڏيائين ته ڄڻ هوٽل جي مالڪ جو رت ڇڏيائين.
ففٿ اوينيو جون خبرون ٻڌيو هيونسين،
نيويارڪ سٽي ۾ براڊوي ته هر فيشن ايبل جي زبان تي
آهي. ففٿ اوينيو تي هڪ ته آهن ڪروڙ پتين جا گهر
جيترو زمين کان مٿي، اوترو هيٺ آهن. وڏا وڏا دڪان
ڪمپنين جون آفيسون. ٻئي هنڌ جيڪا شيءِ رپئي. اُها
ففٿ اوينيو تي ٽين رپئين. مگر توهان کي انهيءَ
نزاڪت سان ملندي، جو ٻن رپين جو نقصان به اکين تي.
مون کي منهنجي دوست، علي اڪبر خان جا لفظ ياد ٿا
اچن. علي ڳڙهه مان جڏهن دهليءَ ويندا هئاسون ۽
ڪئنات پئليس ۾ جيڪڏهن ڪنهن شيءِ وٺڻ جو خيال ٿيندو
هو، ته هي منهنجو بزرگ دوست سر ۾ آلاپيندو هو ته
اجهو ٿا مٿو ڪوڙايون! مون کي ففٿ اوينيو ۾ علي
اڪبر خان جون
جهونگارون ياد آيون، سائين، دڪانن ۾ خريدو فروخت
کي ڏسي، دنگ رهجي وياسون.
هلو ته توهان کي راڪفيلر سينٽر تي وٺي
هلان. چوڌاري 50 يا 60 کان مٿي منزلن واريون جايون
آهن. زمين کان هيٺ دڪان، منزلن لاءِ لفٽون مقرر
ٿيل آهن، جي هوائي جهاز جي رفتار سان مٿي کنيو
وڃن. توهان هن مان اندازو لڳايو ته دنيا ۾ وڏي ۾
وڏي عمارت ائمپائر اسٽيٽ آهي. 102 طبقا اٿس. 1500
فوٽ مٿي ۽ لفٽون 3 طبقا اٿس. لفٽ توهان کي منٽ ۾
هڪ هزار فوٽ مٿي کڻي وڃي سگهي ٿي. ڪنن ۾ تاڙيون
پئجيو وڃن. مگر راڪفيلر سينٽر جون لفٽون انهن کان
به تيز آهن. لفٽن ۾ چڙهڻ جو مزو ڇا ٻڌايان. سواءِ
انهيءَ جي ته مرد ۽ عورتون هڪٻئي جي ڪلهن تي ڪونه
ٿا چڙهن، باقي ٻيون سڀ عقوبتون ٿين ٿيون. قد جي
ڪري مون کي ساهه کڻڻ جي اُميد رهي ٿي.اُتي مون کي
بندرن جو ڏاڍو خيال ٿيندو هو.
توهان کي ميٽرو پوليٽن ميوزيم ۽ نيشنل
لئبريري وٺي هلان. اسان جا ڪراچيءَ جا سڀ ڪاليج
گڏجي هڪ بلڊنگ ٺاهين، تڏهن به هن ميوزيم ۽ لئبريري
جون جايون وڏيون! انهن کان فقط واشنگٽن جي ڪانگريس
لئبريري وڏي آهي. دنيا جي ڪتابن کي ڪيئن نه مهيا
ڪيو ويو آهي! دنيا جي عجائبات کي ڪهڙي نموني نه گڏ
ڪيو ويو آهي! انسان جي مسلسل محنتن، جفاڪشن ۽
رغبتن ڇا ڇا نه ڪيو آهي- سچ ته کين سندن محنتن تي
شاباس هجي.
اچو ته توهان کي آزاديءَ جي پتلي ڏانهن
وٺي هلان. اسين ڏکڻ فيري تان ٽڪيٽ وٺي، جهاز ۾
چڙهياسون. وياسون هڪ ٻيٽ تي، تقريباً 25 منٽن جو
سفر هو. هن ننڍڙي ٻيٽ کي نهايت ئي خوبصورت رکيو
ويو آهي. فريئر هال جي ڇا مجال! هلياسون اڳتي،
ڏينهن سٺو هو ۽ ماڻهن جا هجوم هئا. بس رڍن واري
واڙ پري کان ڏٺيسون. آزادي هڪ عورت جي شڪل ۾ ٺهيل
پتلو آهي. ويجهو ويندا رهياسون. عمارت حيرت انگيز
آهي. پاڙ وٽ پهچي لفٽ ۾ چڙهياسون. هي پتلو اٽڪل
186 فوٽ مٿي آهي. سندس هڪ هٿ ۾ مشعل آهي. جڏهن
پتلي جي پيٽ ۾ پهتاسون ته لفٽ ڇڏيوسين ۽ اسان 186
ڏاڪن تي وري ٽنگن کي استعمال ڪيو ۽ بلڪل انهيءَ
مشعل جي چوڌاري ڪناري تي پهتاسون. هڪ ڳالهه جو
خيال رکو. هيءُ پتلو خالي ڍڍر اَٿوَ ڍڍر! آزاديءَ
جو پتلو آهي- ڇا ٿا سمجهو؟
هيءُ پتلو آمريڪا کي فرانس کان تحفتاً
مليو آهي. فرانس ۾ ٺهيو ۽ فرانس حڪومت هتي
موڪليو. آزاديءَ جو بنياد چون ٿا ته فرانس رکيو
۽ پوءِ اتان آزادي آمريڪا ۾ آئي.فرانس ڍڍر ٺاهي، ۽
آمريڪا ڍڍر رکي! آزادي ۽ جمهوريت کان آمريڪا ۽
يورپ اڃا پري آهن.
هلو توهان کي اقوام متحده جي جاءِ ڏانهن
وٺي هلان. جنرل اسيمبلي هلي رهي هئي ۽ ٽڪيٽن جو
بندوبست ڪيوسين. ڪاهي وياسون اندر. ويٺاسون. جاءِ
مٿي هئي. ڪنن تي آواز چاڙهياسون. مسٽر پيئرسن
ڪئناڊا جو ان وقت صدر هو، ۽ مسٽر مينن هندستان جي
عيوضيءَ تقرير شروع ڪئي. ڪنن جي اوزارن تي نمبر
آهن. هڪ تي رکو مينن جي وات مان نڪتل ڪلام ٻڌو،
وري 2 تي رکو ته انگريزيءَ ۾ تقرير ٻڌو. پر مينن
صاحب ڳالهايو ئي انگريزيءَ ۾ پئي. سندس انگريزيءَ
تي کل آئي. رکو نمبر 3 تي، ٻڌو اسپينيش ۽ رکو تي،
ٻڌو رشين زبان جيئن تقرير ٿيندي رهي ٿي، تيئن اُن
تقرير جو ترجمو پڙهيو وڃي ٿو. توهان جيڪڏهن
ڳالهائيندڙ جي زبان نٿا سمجهو ته اُن زبان جو هڪ
لحظي ۾ ترجمو ٻڌو. جنرل اسيمبلي هال ۾ 6 هزار
ماڻهو ويهي ۽ ٻڌي سگهن ٿا. اسيمبليءَ جي ايوان ۾
800 ماڻهن لاءِ ڪرسيون آهن، جتي دنيا جي ملڪن جا
عيوضي ويهن ٿا. پاڪستان جي عيوضين کي به ڏٺوسون.
مغز خوري، لفاظي، دماغي عياشي ۽ هنگامي جو مڪان
ڏٺوسين. اقوام متحده دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ
برپا ڪئي ويئي آهي. منهنجي دوست ڏسي، چيو ته ”غلام
مصطفيٰ، مون کي ڊپ آهي، ته جنگ هتان ئي نه شروع
ٿئي!“ سوچڻ جو معاملو هو. نفي يا اثبات ۾ جواب ڏيڻ
مشڪل نظر آيو. اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ وياسون. هڪ
لنبي مستطيل شڪل جي جاءِ آهي. چوڌاري شيشو لڳل
اٿس. منجهانئس ڀلي کڻي آرپار نهاريو. جنهن شيءِ
مان ڪجهه آرپار نظر اچي،تنهن کي اسين چئون کوکلو
يا هلڪو. آزادي ۽ امن کي توهين ان خيال کان نه
ڏسو. خير هاڻي ڪيڏانهن هلندؤ! چڱو اچو ته هلون
براڊوي.
نيويارڪ ٽائيمس وٽ پهتاسون. هن ٽڪر ۾
ناٽڪ، عيش ۽ شراب جا گهر آهن. رقص ۽ غنا جون جايون
آهن. هت رات ڏينهن هجوم ختم ئي نٿو ٿئي. هن ٽڪر
لاءِ نه ڏينهن آهي نه رات. اهڙي ڪابه گهڙي نه آهي،
جنهن ۾ توهان کي هجوم نظر نه ايندو. هن ٽڪر ۾
نائيٽ ڪلب ۽ کيل آهن. هنن کيلن کي ڇڏي توهان کي ان
ٽڪر جي هڪ جاءِ، ريڊيو سٽيءَ تي وٺي ٿو هلان.
ڇا ٻڌايان. ريڊيو سٽيءَ جو حال ڏسي، مون
کي اسلامي تاريخ جو هڪ قلعو ياد آيو. حسن بن صباح
بيوقوف ڪونه هو. سندس فدائي بيوقوف نه هئا.
اڄوڪيءَ دنيا ۾ جڏهن انهن فدائين جي تيار ڪرڻ جو
امڪان هجي، ته ريڊيو سٽيءَ ۾ اُن جو سمورو سامان
موجود آهي. مون اسٽيج جا ڪمال لنڊن، پئرس ۽ ڪوپن
هيگن ۾ ڏٺا آهن، مگر هي ڪمال عجيب آهي. هڪ جادوءَ
جو گهر آهي، جنهن ۾ پاڻ کي پايون ٿا. عجيب رنگيني
۽ پر فريب حياتي! انساني دماغ جو ڪمال ڏسو: ڪڪرن
جو ٺهڻ، مينهن وسڻ، گلن مان انسان، ۽ انسان مان
گل! هوا ۾ پرواز، غيبي آواز، زمين جي جنبش، آسمان
جو گوڙ، ڏسندڙ کي پنهنجي اکين تي به اعتبار نه
اچي، ڇا فضا آهي. هي کيل، نمائش، هيءَ ديلفريبي 80
هزار ماڻهو هڪ وقت ويهي ۽ ڏسي سگهن ٿا. توهان حال
کان ٻاهر يقيناً فطرتي تقاضائن جو شڪار ٿي نڪرندا.
مون ڪوشش ڪئي آهي، ته اچڻ وقت اسٽيج کان پٺيان، هن
منظر کي ڏسي اچان. هڪ ڪافي رسوخ واري آمريڪي دوست
سهولتن وٺي ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي. اچڻ وقت هن ڪمال
کي پيدا ڪندڙ اوزارن ۽ شين کي انشاءَ الله ڏسي
ايندس- پوءِ خبرون ڪبيون،
ڪن نائيٽ ڪلبن ۾ وڃڻ جو اتفاق نه ٿيو،
مثلاً: مشهور ڪلب ڪرپانيا، توبهه! نالو ئي عجب
اٿس. هيءُ نالو مون زندگيءَ ۾ پهريائين پهريائين
بيروت ۾ پڙهيو هو. جنهن هوٽل ۾ رهندو هوس، انهيءَ
جي ڀرسان هيءُ ڪلب هو. لئٽن ڪوارٽرس براڊوي، چيڪر
شيريڊن اسڪوئير ۾ وري هسپانوي فضا هئي.
آئون نيويارڪ ۾ ايسٽر جي موقع تي هوس.
5-تاريخ صبح جو سوير پهرين رهائش جي جاءِ کان 15
يا 20 قدمن تي هڊسن نديءَ جي ڪناري تي گهمڻ
وياسون. عجيب منظر هو. سوچيو ته سهي. هڪ رستو،
جنهن تي ڇهه موٽرون ٽي ايندڙ ۽ ٽي ويندڙ آسانيءَ
سان هلي سگهن ٿيون، نظر آيون. بيهي موٽرون ڳڻيون
سين، هيءَ غير تسڪينيءَ جي حياتي! نيويارڪ جي
حياتي هڪ منٽ ۾ 140 موٽرون تقريباً هڪ طرف ويون ٿي
ته 140 ٻي طرف. هيءَ جنون جي حياتي، هيءَ موت
ڏانهن ڊوڙندڙ حياتي، جي رفتار ۽ جنبش کي ڏسي ڊپ
وٺي ويو. نيويارڪ هيبتناڪ شهر آهي. گهٽين ۽ بازارن
۾ ماڻهن جا هجوم، هر هڪ ڊوڙ ۾ حيران، چوڌاري آسمان
سان گسندڙ جايون، جهڙو ماڻهوءَ جو ساهه پيو
ٻوساٽجي. خدانخواسته ڪنهن نازڪ گهڙيءَ ۾، هي
گهٽيون ۽ بازارون، ڊوڙندڙ ماڻهن جون قبرون نه بنجي
پون!
نيويارڪ ۾ آرام ۽ سڪون جو نالو به ڪونه
آهي. هل هلان، ڀڄ ڀڄان ۽ وٺ وٺان. ماڻهو جتي ٿا
ويهن،ا ُتي رڳو اوٻاسين ڏيڻ ۾ پورا، يا وات پيا
هلن. زمين اندر هلندڙ گاڏين، توڙي بسن ۾ ساڳي حالت
آهي. مون هن حالت ڏانهن اشارو ڪيو ۽ منهنجي دوست
لاءِ اهو پهريون دفعو هو جو هن ڪرشمي ڏانهن متوجهه
ٿيو. اسان سڀ کي جاچيندا رهياسون. ماڻهن جي اُهائي
حالت نظر آئي، يا وات هلندڙ يا ڦاٽل!
نيويارڪ ۾ ٽي تماشا ڏسڻ ويس: هڪ مصورن جي
نمائش، جا حقيقت ۾ بيهودن جي نمائش هئي. ٻي آمريڪي
موٽرن جي نمائش“ جيڪا والڊورف اسٽور يا هوٽل ۽
گرائونڊ سينٽر پئلس ۾ هئي. والڊورف هوٽل کي ڏسڻ جو
خيال اڳي ئي هو ۽ هي موقعو ته وڌيڪ غنيمت وارو
هو. آمريڪا ۾ هن سال تازيون تيار ٿيل موٽرون نين
ڊزائينن ۽ پرزن سان ڏٺيوسين، انسان، انسان کي
برغلائڻ ۾ ڪابه ڪسرنه ڇڏي آهي. هنري ڪمال جي هتي
حد آهي. جنهن فضا ۽ ماحول ۾ موٽرن جي نمائش هئي،
۽ جنهن انداز ۾ اُها نمائش هئي، تنهن جو ذڪر ڇا
ڪريان! بس ڀڄو ته ڀڄون. والڊورف هوٽل دنيا ۾ وڏي
۾ وڏو هوٽل آهي. 14 هزار مسافر هن ۾ رهي سگهن ٿا.
هن هوٽل ۾ رهڻ معنيٰ مٿو ڪوڙائڻ! ٽين نمائش رشين
ڪواٽرس ۾ ڏٺيسون. جا نيو جرمنيءَ ۾ آهي.، ڏسو اسان
ايسٽر جو ذڪر ٿي ڪيو، پر اهو نيويارڪ اسان کان
ڀلائي ڇڏيو.
نديءَ تان ٿي وياسون سينٽرل پارڪ ۾، عجب
نظارو هو. ماڻهو ڪئڊلڪ موٽر ڇڏي، ٽانگن ۾ پيا سير
ڪن. اڙي هي ڇا؟ فرحت ٿا وٺن! ويچارا گهوڙا پنهنجي
مالڪن جا کيسا خوب ڊالرن سان ڀري رهياهئا. هن دنيا
۾ 25 هزارن جي موٽر سستي، مگر گهوڙو ۽ بگي مهانگي!
اهي اٿوَ فطرت جون عجيب ۽ انوکيون ڳالهيون. ٻار
موٽر مان رڙيون ڪري ڀڄن ته ٽانگن ۾ چڙهون، آمريڪا
جي ترقيءَ جو اندازو لڳايو. هلو اڳتي، آئون توهان
کي آمريڪا جي مشهور، ۽ دنيا ۾ واکاڻيل ايسٽرپريڊ
تي وٺي ٿو هلان. هيءَ ڪا مليٽري پريڊ نه آهي. هيءَ
ماڻهن جي جنون، پئسي، عياشي، تونگري، غرور ۽
مستيءَ جي پريڊ آهي! آچر جي ڏينهن، آسمان صاف، سج
روشن ۽ ٿڌي ٿڌي هوا. برسات جو ڊپ غائب ۽ انسانن جي
حرڪت وجد جي حالت اختيار ڪئي هئي. پريڊ جي ففٿ
اوينيو ۽ راڪفيلر پلازه نيويارڪ جي مشهور برف تي
اسِڪيٽنگ جاءِ جي چوگرد، اقوام متحده جا جهنڊا
لڳل هئا. تقريباً اڌ ميل جي گهيري ۾ موٽرن جي
آمدرفت بند، ۽ انسان پنهنجي هوند آهر، جنهن جو
اندازو اوهان نه لڳائي سگهندا، ڪپڙن، گلن ۽
تونگريءَ جي ٻئي نمائشي سامان سان آراسته موجود
هئا. ٽن يا چئن لکن ماڻهن ۾ اُها رنگيني، اُها
خوشبوءِ (ايسٽر تي گل ۽ عطر تمام گهڻو استعمال
ٿيندو آهي) جو پرستان ٿي سمجهڻ ۾ آيو. هي منظر،
هيءَ ديوانگي، سومر صبح تائين هلندي. اچو ته توهان
کي نيويارڪ جي سير ختم ڪرائڻ کان اڳ هڪ ٻيءَ جاءِ
تي وٺي هلان، جو مسڪيني، غريبي، جرم، بيوسي، گندگي
۽ مجبور زندگيءَ جو مڪان آهي. اها جاءِ ۽ اهو ٽڪر
آهي: هارلم.
آچر ڏينهن شام جو اسين اُنهن انسانن جي
رهائش ۾ ماني کائڻ وياسون، هي انسان اُهي آهن، جن
کي اڃا آمريڪا ۾ انسانيت جا حق به نه مليل آهن. هي
هنڌ شيدين جي رهائش لاءِ مخصوص ٿيل آهن. هتان کان
ٻاهر هو ڪٿي به رهي نٿا سگهن. فطرت جي بيرحميءَ تي
حيرت آئي. ڇا دنيا آهي ڪٿي اوج، خوشي، کل ته ڪٿي
غم، درد ۽ لڙڪ. خبر نه آهي ته انسان کي انسان تي
ڪڏهن رحم ايندو.
اچو ته نيويارڪ ڇڏيون، هن مضمون ۾ جن
استادن، ماهرن ۽ ليڊرن سان گفتو ٿي، تنهن جو ذڪر
ڪونه ڪيو اٿم، هيءَ فضا اهڙي بيان لاءِ چڱي نه
آهي.
(”الوحيد“ 27-مئي 1953ع)
(10)
سائين منهنجا، نيويارڪ جو سير ڪيوسين،
هاڻي اچو ته واشنگٽن هلون، مون کي هڪ ڳالهه خيال ۾
آئي آهي، ته توهان کي هتان جي ريل گاڏيءَ جو
احوال لکان. ان لاءِ هڪ خاص مضمون کپي، پهريائين
واشنگٽن ڏسون.
واشنگٽن، آمريڪا جي گاديءَ جو هنڌ آهي.
سندس اهو نالو آمريڪا جي ابي جي نالي تي رکيو ويو
آهي. واشنگٽن سڌيءَ طرح مرڪزي حڪومت جي قبضي ۾
آهي. جنهن کي ”ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا“ سڏين ٿا. آمريڪا
جي جنگ آزاديءَ کان پوءِ ٽن آمريڪي اسٽيٽس مان
ٽڪرو ڪڍي، مرڪزي حڪومت جي جڳهه بنائي وئي آهي.
واشنگٽن عجيب شهر آهي. هن شهر جهڙي
خوبصورتي دنيا ۾ شايد ڪنهن شهر کي نصيب هجي. مون
اهڙو ترتيب ڪيل شهر ڪونه ڏٺو آهي. اسٽيشن تان جيئن
شيخ صاحب جي گهر ويس، ته اچڻ سان ئي حيرت وٺي
ويئي. هتان جي ماڻهن ڇا نه پنهنجي ملڪ لاءِ محنتون
ڪيون آهن.
شيخ صاحب جي مهمان ٿيڻ سان اسان جا گوندر
ئي لهي ويا. هتي وڏو گوندر آهي پئسي کٽڻ جو، ۽ شيخ
صاحب وٽ رهڻ سان آسمان صاف نظر آيو. ٻيءَ حالت ۾
نه واشنگٽن ڏسڻ ايترو آسان هو، ۽ نه اُن ۾ رهي
سگهان ها. اسان درويشن ۽ فقيرن سان خدا جي مدد
شامل آهي، توهان اخبارن وارا اسان جي قطار ۾ شامل
نه آهيو.
مون آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسٽر محمد
علي کي خط لکيو هو، ۽ پاڻ جواب ڏنو هئائين، ته
جڏهن اچو ته ڀلي اچي ملجو. ويس ته ٻڌم ته صاحب
موصوف بيمار آهي. اڃا ٻيو ڏينهن ٿيو ته خبر ملي ته
ڪنهن ضروري تار اچڻ ڪري پاڪستان وڃي رهيو آهي. هتي
پاڪستاني سفارتخاني جي سڄي عملي سان ملڻ جو موقعو
مليو. ڪافي مزيدار دنيا آهي.
مون کي ڪڏهن ڪڏهن خيال ايندو آهي، ته ممڪن
آهي جن ماڻهن مون کي هيڏانهن موڪليو آهي، اهي
هينئر ضرور پڇتائيندا هوندا، ڀلا ڦڪڙ ماڻهوءَ کان
ڪير ڀڄي سگهي ٿو. مگر سنڌ مسلم ڪاليج جي شاگردي
پهريون خاموشي ۽ صبر جو سبق سيکاريو، ۽ هتي اچڻ
کانپوءِ آمريڪا ۾ ٻيو سبق به سکيو اٿم، دعا ڪندا
ته الله تعاليَ صداقت، جرات ۽ خدمت ڪرڻ هميشه لاءِ
نصيب ڪري!
واشنگٽن ۾ جڏهن آئون ويو هوس ته اُهو
”چيري بلاسم“ جي جشن جو تاريخي هفتو هو، جو 8 کان
12 اپريل تائين هو. بهار جي موسم هن ملڪ ۾ ڪهڙي نه
پر لطف نموني ملهائين ٿا. مرد، عورت ۽ ٻار گلن سان
جهنجيل آهن. دڪان ۾ گل، رستن تي گل، مطلب ته گلن
جي هٻڪار ۽ نمائش بلڪل بهشت جو منظر پيش ٿي ڪري.
توهان کي چيري بلاسم جي تاريخ ٻڌايان.
هن ويهينءَ صديءَ جي شروع ۾، آمريڪا جو هڪ
پريزيڊنٽ هوندو هو، مسٽر وليم هاورڊ ٽافٽ. اُن جي
زال جپان ويئي ۽ اُتي ٽوڪيو جي ميئر کيس چيريءَ جا
وڻ ڏيکاريا. جي اُن محترمه کي ڏاڍا وڻيا. چيري
جپان ۾ ٿيندي هئي، ۽ جڏهن هيءَ پريزيڊنٽ جي زال
واپس آئي، ته ٽوڪيو جي ميئر هڪ وڻن جو جهاز ڀري،
تحفي طور آمريڪا موڪلي ڏنو. هي وڻ مسز ٽافٽ پنهنجي
خيال موجب، پنهنجن هٿن سان رکايا. انهن وڻن کي
واشنگٽن شهر جي وچ ۾ جا هڪ ڍنڍ آهي، تنهن جي
چوڌاري لڳايو ويو آهي ۽ هر سال اپريل جي ٻئي هفتي
۾، هن خوشنما ۽ خوبصورت گلن جي شان ۾ جشن ڪيو
ويندو آهي. هن جشن ۾ 10 يا 12 لک ماڻهو شريڪ ٿيندا
آهن. هي پروگرام سڄو هفتو هلندو آهي، جنهن ۾ سڄو
آمريڪا حصو وٺندو آهي. ڇا ٿيندو آهي، جو آمريڪا جي
48 حصن ۽ هوائي پورٽوريڪو ۽ الاسڪا مان هڪ هڪ
خوبصورت ڇوڪري چونڊي، واشنگٽن موڪلي ويندي آحي.
هنن 51 ڇوڪرين کي ”شهزاديون“ سڏيو ويندو آهي.
واشنگٽن ۾ هڪ خاص قسم جو چڪر ڦيرايو ويندو آهي، ۽
اُهو چڪر جڏهن ڦرڻ بند ڪندو آهي، ته جنهن آمريڪا
جي حصي تي انهيءَ چڪر جي سئي آهي، اُنهيءَ حصي جي
ڇوڪريءَ کي ”راڻي“ قرار ڏنو ويندو آهي. هن سال
راڻي اوهايو اسٽيٽ جي هئي.، هنن شهزادين جي شان ۾
هڪ رات واشنگٽن ۾ جلوس ڪڍيو ويندو آهي ۽ ٻيءَ رات
هوٽلن ۾ رقص ۽ غنا جون محفلون ٿينديون آهن. ڇا ته
نظارو هوندو! ڇا اسان جي سياست جا جلوس، ۽ ڇا هي
حوراني جلوس! اسان جي سياسي جلوسن مان خدا ٿو
ڄاڻي، خبرنه آهي ته ڪڏهن جند ڇٽندي، ۽ انسانن جي
خوشيءَ لاءِ ڪڏهن ڪوشش ڪندا. خير ٽيون ڏينهن ۽ رات
جشن جو آهي ۽ چوٿين ڏينهن چونڊيل راڻيءَ جي
تاجپوشي ٿيندي آهي، جنهن کي ”چيري بلاسم راڻي“
سڏيو ويندو آهي.تاج پوشيءَ جي رسم پريزيڊنٽ جي زال
ادا ڪندي آهي. ۽ هن موقعي تي مسٽر آئزن هاور جي
زال ادا ڪئي. اچو ته توهان کي هن موقعي ۽ جشن جو
نظارو ڏيکاريان:
تصور ڪريو، هڪ ڍنڍ ايڏي وڏي آهي، جيڏو
مسلم هاسٽل اڳيان وارو ميدان، سندس چوڌاري پٿر جو
خوبصورت ڪنارو ٻڌل آهي ۽ اُن ڪناري تي خوبصورت
نموني چيري وڻ، گلن سان ڀرپور لڳل آهن. ڍنڍ جي
ڀرسان جيفرسن يادگار آهي، جنهن جا 35 ڏاڪا آهن.
يادگار جي سامهون 15 ڏاڪن سان هڪ پنڊال ٺهيل آهي،
جن تي ڪرسيون رکيل آهن ۽ اُنهن ڪرسين اڳيان هڪ
اسٽيج ٺهيل آهي. سڀني ڪرسين کان مٿي، پٺيان ۽ آخر
۾ تخت ٺهيل آهي. ڍنڍ جي چوڌاري اٽڪل هڪ لک کن
ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن. مزيدار ڏينهن آهي، ٿڌ آهي،
مگر آسمان صاف آهي. هتي آسمان صاف هئڻ وڏي غنيمت
آهي. جلسو شروع ٻين بجي شام جو ٿيندو. مگر 10 بجي
کان ماڻهن اچڻ شروع ڪري ڏنو آهي. اسين 11 بجي
پهتاسون ۽ پنهنجي جاين تي ويهي چرندڙ ڦرندڙ دنيا
جو تماشو ڏسڻ لڳاسون. ڍنڍ ۾ موٽر ٻيڙيون شرطون هڻي
رهيون هيون. هنن ٻيڙين پٺيان پاڻيءَ تي پيرن ۾
پٽيون ٻڌي، ماهر پنهنجون حرفتون ڏيکاري رهيا هئا.
ڇا منظر آهي، ڍنڍ جي چوڌاري گل، ماڻهن جو هجوم،
بئنڊ جو وڄڻ، پاڻيءَ تي طرح طرح جون شرطون ۽ فيشن
پريڊ، نهايت دل اُڀاريندڙ فضا هئي، جنهن ۾ هر
نمائشي حالت جو پيدا ٿيڻ ممڪن هو!
ٻه ٿيندا ويا ۽ مسز آئزن هاور آئي، پوءِ
آهستي آهستي هڪٻئي پٺيان شهزادين کي پنهنجي رنگين
۽ شاهاڻي لباس ۾ اسٽيج تي آندو ويو. تعارف ڪرائڻ
کانپوءِ، انهن کي مقرر ڪيل ڪرسين تي ويهاريو ويو.
انهن کي وٺي اچڻ ۽ ويهارڻ جو ڪم هر هڪ لاءِ ڌار
ڌار آمريڪي بحري، بري ۽ هوائي فوج جي آفيسرن جي
حوالي هو. تعارف جو نخرو ڇا ٻڌايان. آخر ڌام ڌوم
سان راڻي آئي ۽ جهڪي سلام ڪيائين ۽ پوءِ مسز آئزن
هاور تاج پوشي ڪئي ۽ راڻي کي تخت نشين ڪيو ويو. هن
کان پوءِ، اسٽيج تي محفل شروع ٿي، جپاني رانديگرن
جون ڪسرتون ۽ ورزشون، جاپانين کي هن موقعي تي خاص
طرح گهرايو ويو هو. جپاني، توهان کي خبر آهي ته
وڏا حرفتي آهن ۽ بناوٽ ۾ دنيا جو ڪوبه ملڪ ساڻن
مقابلو نه ڪري سگهندو. سندن ان بناوٽ جي مهارت کين
دوران جنگ ۾، يورپي ملڪن کي ابتدائي شڪستن ڏيڻ ۾
وڏي مدد ڪئي هئي. ان کان پوءِ هڪ ڊرامو ٿيو، ڪجهه
مسخري لڳي ۽ ڪجهه جادوگرن جادو ڪيو. 5 بجي شام جو
هي جلسو ختم ٿيو. انشاءَ الله توهان لاءِ راندين
۽ ههڙن جلسن جي اهميت تي هڪ مضمون لکندس. راندين،
جلسن ۽ تماشن کي قومي زندگيءَ ۾ هڪ خاص اهميت حاصل
آهي، جنهن کي اسان جي ملڪ اڃا نه ڄاتو آهي، اسان
جي ڳوٺن ۾ اسان جي غريبن کي هنن تماشن جي خبر آهي،
مگر اُنهن وٽ تماشه بيني جا عجيب نقلي ۽ جڏا نظريا
قائم ٿي ويا آهن. انگريزن جي مهرباني رهي آهي، اهي
خبرون پوءِ.
توهان پڇندا ته آخر ٻيو به ڪجهه ڏٺوَ؟ جي
ها، گهڻو ڪجهه، اچو گهمڻ هلون، توهان کي وائيٽ
هائوس وٺي هلان، جتي آمريڪا جو پريزيڊنٽ رهي ٿو.
سواءِ هڪ طبقي جي ٻيو سڄو محلات ڏسڻ وارن لاءِ
کليل آهي. بنا روڪ جي سڀڪو وڃي سگهي ٿو. اندر
ڦوهارا، سبزگاهه ۽ مزيدار گل ڦل آهن. ان کان پوءِ،
اچو ته هلون لنڪن يادگار تي. ابراهام لنڪن – جو هڪ
وڏو پريزيڊنٽ ٿي گذريو آهي،جنهن سن 1860ع ۾ آمريڪا
۾ ”غلامي غير قانوني“ ٺهرائي هئي. سندس تقريرون
يادگار جي ٿنڀن تي اُڪريل آهن. ابراهام لنڪن
آمريڪا جو هڪ بلند پايه انسان ٿي گذريو آهي. هو
غريب جي ٻار مان آمريڪا جو پريزيڊنٽ ٿيو ۽ آمريڪا
جو دنيا جي تاريخ تي هميشه لاءِ نالو ڇڏيائين.
ابراهام لنڪن بلند تخيل جو انسان هو، مگر تاريخ جو
مذاق ته ڏسو، کيس قتل ڪيو ويو.دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا
مثال آهن، ته جن انسانن انسانيت جون خدمتون ڪيون ۽
قومن کي بلندي بخشي، انهن کي قاتلن جي تلوار جي
ذريعي هلاڪ ڪيو ويو آهي.
مون توهان سان جيفرسن يادگار جو ذڪر ڪيو
آهي. جيفرسن آمريڪا جو آئين تيار ڪندڙ هو. آمريڪا
جي آزاديءَ جي بانين ۾ کيس ٻئي نمبر تي ليکيو
ويندو آهي. هن کان پوءِ ”ڪئپٽال“ هلون. هي آمريڪا
جي قانوني مجلس جو گهر آهي ۽ شهر جي وچ ۾ آهي.
اسان سينيٽ هلندي ڏٺي ۽ عيوضين جي مجلس به هلندڙ
هئي. ڪانگريس لئبريريءَ ۾ وياسون، ڇا ٿا پڇو! هي
انسان! جي علم، هنر ۽ فن جي هيڏي ساري مدد ڪئي
آهي، اُهي ڇو نه مزا ڪن، جنهن نموني هتي لئبريرين
جو انتظام هلي ٿو، اُن جو آئون خاص ذڪر ڪندس.
واشنگٽن ميوزيم ڏٺوسون. هن عمارت لاءِ هڪ شاهوڪار
آمريڪيءَ، 15 ڪروڙ رپيا عطيو ڏنو هو، ڇا نه جاءِ
هوندي! هڪ ٻي عمارت ڏٺيسين، جنهن ۾ واشنگٽن جي
سرڪاري جاين کي سرديءَ ۾ گرم، ۽ گرميءَ ۾ سرد رکڻ
جو انتطام هو. هن ڪارخاني ۾ 720 ٽن ڪوئلا روزمره
ٻاريا ويندا آهن، ته جيئن مشينون چالو رهن. دنيا ۾
هن جيڏو ۽ هن قسم جو مرڪز ڪٿي به نه آهي. اچو ته
توهان کي واشنگٽن جي هوائي اڏي تي وٺي هلان. ڇا ٿا
پڇو! اسان وٽ بسون به ايترو جلد ڪونه ٿيون هلن،
جيترو هتي هوائي جهاز ٿا هلن. هر 5 منٽن ۾ هڪ جهاز
لهي چڙهي ٿو. هن هوائي بندر تان 30 لک ماڻهو سال ۾
آمدورفت ڪن ٿا. مون دنيا جا گهڻا هوائي اڏا ڏٺا
آهن، ڪراچي، بيروت، روم، ائمسٽرڊم، پريسٽڪ، گئنڊر،
آئڊلوائلڊ، واشنگٽن، لوائيوال ۽ ٻيا ڪيترا اڏا اڃا
واٽ تي اچڻ وقت ڏسندس. انشاءَ الله فنلينڊ ۽
سوئيڊن به ويندس ۽ دنيا جي هوائي اڏن تي موٽڻ
کانپوءِ، هڪ خاص مضمون لکندس. هي اڏا فقط آمدورفت
جي جاءِ نه آهن، مگر تفريح گاهه آهن، فيشن ۽ تجارت
جو مرڪز آهن، زندگيءَ جي خوشيءَ جون جايون آهن ۽
عبرت جو مڪان آهن.
هاڻي آخر ۾ اچو ته توهان کي واشنگٽن
يادگار تي وٺي هلان. هي يادگار ورجينيا اسٽيٽ ۾
مائونٽ ورنن جي شهر ۾ آهي. هي يادگار اصل واشنگٽن
جو گهر هو، جنهن کي حڪومت مزار ڪري سنڀالي رکيو
آهي. واشنگٽن آمريڪا جي جنگ آزاديءَ ۾، انگريزن جي
خلاف آمريڪي فوج جو ڪمانڊر انچيف هو ۽ آزاديءَ
کانپوءِ، آمريڪا جو پريون پريزيڊنٽ ٿيو. هن بزرگ
جي گهر کي بلڪل انهيءَ نموني ۾ رکيو ويو آهي، جنهن
نموني ۾ هو منجهس رهندو هو. هي گهر تقريباً 275
سال پراڻو آهي، جنهن ۾ واشنگٽن جي رهڻ، سمهڻ ۽
کائڻ جي جاين کي محفوظ رکيو ويو آهي. توهان بورچي
خاني ۾ ويندا ته توهان کي ٿالهيون، ٻنگاريون،
اکريون، مهلڙا، توا، ڍڪ، چمچا ۽ سگريون ملنديون –
نه نه، توهان کي لوڻ ۽ بصر به ملندو. ڀلا لوڻ ۽
بصر کان سواءِ ڪهڙو کاڌو.
هن زيارت تي اسان سان هڪ ظلم ٿيو. هڪ ڊگهي
لنبي قطار ۾ بيهڻو پيو. هزارها ماڻهو آيا هئا.
اوچتو اچي واچوڙو لڳو، مينهن وٺو، پر قطار مان
نڪتاسون ڪونه. مڙس ته ڦڏو نه ته جڏو. مينهن ۾ ڀڄي
ڀت ٿياسون. خير، گهر ڏسي موٽياسون ۽ پاڻي ٽوپلن ۽
ڪوٽن مان پئي ٽميو. توهان سرديءَ جي مينهن ۾ ٻڪرين
کي پسيل ڏٺو هوندو اسان جو به ساڳيو حال هو.، ٻئي
ڏينهن صبح تائين منهنجو ڪوٽ ۽ ٽوپلو نه سڪا هئا،
مون کي علي اڪبر جي هڪ ڳالهه ياد آئي: چي، هڪ
ڀائيبند ڪُنڍيءَ مينهن جي سڱ ۾ ٻانهن وڌي، ته وٺي
جو سٽ ڏنائين، ته ٻانهن ڀڄي پيس. ڀڳل ٻانهن
لوڏيندو ائين چوندو ويو ته: ”ٻانهن مينهن ڀڳي سو
ٺهيو، پر دل جي هر کر ته لٿي.“ اسان جي به هر کر
لٿي. سفر اچي پورو ٿيو ۽ گهر ڏانهن رخ رکيم.
آئون هيءُ خط آمريڪا جي شهري ترتيب تي
ختم ڪندس. توهان کي خبر آهي، ته آمريڪا نئون ملڪ
آهي، ۽ هن کي نئين دنيا به سڏين. آمريڪا جي آزاد
زندگي 18 صديءَ جي پڇاڙيءَ کان شروع ٿي، ۽ آمريڪا
جي ترقي 19 صديءَ جي وچ ۾ شروع ٿي، يعني آمريڪا جي
دولت، ۽ آمريڪا جي قومي زندگيءَ جي شروعات کي
تقريبا سؤ سال جا ٿيا آهن. آمريڪا جي طاقت هنن سؤ
سالن ۾ وڌي آهي. جيئن ته نئون ملڪ هو، سلطنتي
خرابين کان بچيل هو، خاص طرح منرو ڊاڪٽرين هيٺ
آمريڪا ڪنهن به يورپي ملڪ کان اُتر يا ڏکڻ آمريڪا
جي داخلي امور ۾ مداخلت ڪرڻ نٿي ڏني. انهيءَ ڪري
هن ملڪ ۽ ماڻهن کي صلح ۽ امن ملي ويو، جنهن ڪري هن
ترقي ڪئي. ملڪ جي زمين زرخيز ۽ طاقت واري آهي.
زمين اندر دنيا جا ڌاتو ۽ معدنيات ملن ٿا. زمين
کان مٿي پيدائش جا سڀ ذريعا موجود آهن. ماڻهو
محنتي ۽ اورچ آهن. ٻي وڏي ڳالهه کين دنيا جي
هنري، صنعتي ۽ تمدني نظرين جي مدد ملي آهي، ۽ هنن
پنهنجي ملڪ کي آئيندي جي ضرورتن ۽ ترقي پذير حياتي
جي نقطئه نظر ۽ دور انديشيءَ کان ڪم وٺي ٺاهيو
سڌاريو آهي.
توهان کي خبر آهي ته آمريڪا ۾ آمريڪي
باشندا ٽن قسمن جا آهن: هڪڙا آهن ريڊ انڊين، جيڪي
ملڪ جا اصلي باشنده آهن، جو چيو وڃي ٿو ته هي قديم
تاتاري آهن، جي اتر – رشيا کان بحرنگ جي ڳچي سمنڊ
مان الاسڪا ۽ ڪئناڊا مان ٿيندا هتي آيا، ۽ هتي
سڪونت ڪيائون. منگول ۽ تاتاري نسلن جون علامتون
هنن ماڻهن ۾ ملن ٿيون. چيو وڃي ٿو، ته بحرنگ ڳچي
سمنڊ ان وقت نه هو ۽ آمريڪا جي الاسڪا طرف زمين
رشيا وٽ ايشيا سان مليل هئي. خير، ٻيو باشندن جو
قسم آهي يورپي قومن جا ماڻهو، آمريڪا پهرين ڪولمبس
لڌي ۽ پورچوگيزن ۽ اسپينين جو اثر شروع ٿيو. تنهن
کانپوءِ انگريز آيا. جڏهن رومن ڪئٿولڪ انگريز
پروٽيسٽنٽ تي ظلم ڪرڻ شروع ڪيا. اهڙيءَ طرح آمريڪا
جي ڪي حصا انگريزن جي هٿ ۾ رهيا. ڪي اسپين جي هٿ
هيٺ، ڪي فرانس جي ۽ ڪي پورچوگيزن جي. يورپ جي ٻين
ملڪن مان به ماڻهو ايندا رهيا ۽ 19 صديءَ جي وچ
ڌاري جرمنيءَ مان گهڻي انداز ۾ ماڻهو اچڻ لڳا.
ٽيون قسم ماڻهن جو آهي شيدين جو. جن کي شروعات ۾
آفريقا مان علام ڪري آندو ويو هو ۽ هنن کان هتي
جانورن جو ڪم وٺندا هئا، هنن غلامن کي خاص طرح
ڪپهه جي پوک، مال چارڻ، تماڪ پوکڻ ۽ معدني کاڻين
۾ وهايو ويندو هو. ’غلامي‘ قانوني طرح جائز هئي.
خير، ملڪ ترقي ڪئي. 18 صديءَ جي وچ ۾
انگريزن سان بلوو ٿيو، ۽آمريڪا جو اُڀرندڙ حصو
خودمختار ٿيو.، 19 صديءَ جي شروع ۾، آمريڪا وچ
وارو حصو نيپولين کان خريد ڪيو ويو، جنهن ويچاري
کي پئسن جي سخت ضرورت هئي، جو انگريزن اچي ڳچيءَ
کان ورتو هوس، اهڙيءَ طرح فرانس جو حصو به آمريڪا
کي آيو ۽ وري آهستي آهستي اسپين ۽ پورچوگال کان
آمريڪا الهندو حصو به هٿ ڪيو. تقريباً 19 صديءَ جي
وچ ڌاري، آمريڪا جي اڄوڪي جاگرافيائي شڪل تيار ٿي.
هن ترقيءَ ۾ آمريڪا جي يورپي باشندن ۽
ريڊ انڊين جي وچ ۾ لڙايون لڳيون ۽ هي غيور مگر
جاهل قوم هئا. دنيا جي تباهه ڪن هٿيارن جو مقابلو
نه ڪري سگهيا، ۽ آخر اٽڪل هڪ سؤ سالن جي لڙائيءَ ۽
تباهيءَ کان پوءِ ڪجهه صلح ٿيو ۽ ريڊ انڊين قوم
لاءِ ڪي خاص ٽڪرا ڇڏيا ويا. مگر هنن جي طاقت ختم
ٿي ويئي ۽ آهستي آهستي هو آمريڪا جي حياتيءَ ۾ جذب
ٿيندا ويا، ۽ اڄ ريڊ انڊين آمريڪي فوج ۾ آهن،
تجارت ۾ آهن، ڪارخانن ۾ ڪم ڪن ٿا. شايد ڪي ٿورا
حصا آهن، جن ۾ هنن جي حياتي اصلي رنگ ۽ ڍنگ ۾ هلي
رهي آهي، مگر هن رفتار سان شايد آئندي هڪ سؤ
سالن ۾ هو آمريڪي حياتيءَ ۾ جذب ٿي وڃن ۽ سندن
نالو فقط تاريخ ۾ رهي. باقي رهيا شيدي، هنن کي سن
1860ع ڌاري گهرو لڙائيءَ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو،
پر، هنن جي آزاديءَ اڃا ڪا خاص صورت اختيار نه ڪئي
آهي. هن مسئلي متعلق پوءِ ڳالهيون ڪنداسون.
آمريڪا وٽ جيئن ته دنيا جي ترقيءَ جا سڀ
اسباب موجود هئا. ان ڪري هنن پنهنجي ملڪ کي ڪنهن
ترتيب سان ٺاهيو، ۽ سجايو. جنهن حصي کي ڪا تاريخي
حالت نصيب هئي، اُن کي اُن ئي حالت ۾ ڇڏيائون ۽ جي
ڪا نئين شيءِ نئينءَ جڳهه تي مرتب ڪرڻي هئي، ته
اُن کي اهڙي نموني پيش ڪيائون. توهان کي آمريڪي
حياتيءَ جي ڪيترن حصن، ندين، محلن ۽ شهرن جا نالا
ريڊ انڊين، فرينچ، جرمن، پورچوگيز ۽ اسپيني نالن
تي ملندا ۽ انهن کي آمريڪا وارن هر لحاظ کان
برقرار رکيو آهي.
مگر جيئن ته آمريڪي تمدن هڪ نئون مشينن جو
تمدن هو، ان ڪري آمريڪا جي حياتيءَ تي شروع کان
مدنيت جو اثر رهيو. ننڍا ڳوٺ به شهري زندگيءَ جي
اصولن تي هلڻ ۽ مرتب ٿيڻ لڳا. ان ڪري ان حالت ۾
’پلئننگ‘ کي وڏو دخل رهيو ۽ هر شيءِ پلئن ڪري اڳ
ئي سوچي، وڌائي ويندي هئي، مثلاً: شهرن جو ٻڌڻ،
شهر جي ٻڌڻ ۾ ڪنهن به شخصيت جو خيال نه ڪيو ويو.
وڏا رستا اُوينيو‘ سڏيا ويا ۽ انهن کي ٻه، ٽي، چار
نمبر ڏنا ويا ۽ اوينيو کي گڏيندڙ گهٽين کي به نمبر
ڏنا ويا. وري هڪ خاص اوينيو کان اتر يا ڏکڻ يا
الهندي يا اڀرندي گهرن جي نمبر شمار ڪئي وئي آهي.
ٻن گهٽين جي وچ ۾ بلاڪ جوڙيا ويا آهن، هي مفاصلو
تقريباً 2 کان اڍائي سؤ فوٽن جو رکيو ويو آهي. فقط
چوراهن تي تاريخي ليڊرن جا نالا رکيا ويا آهن، مگر
اهي به تڏهن جڏهن ڪنهن انسان يا ليڊر ڪو خاص قومي
ڪم ڪيو هوندو. انٽ شنٽ ليڊرن جا نالا بلڪل نه رکيا
ويا آهن. اها به ڪوشش ڪئي وئي ته جيڪڏهن ڪنهن شخص
جو نالو ڪنهن گهٽيءَ يا چوراهي سان منسوب ڪيو وڃي،
ته اُهو ان انسان جي مرڻ کانپوءِ، ڪنهن به ٻئي
انسان جي نالي سندس حياتيءَ ۾ ڪوبه ڪم يا جاءِ
منسوب نه ڪيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح شهرن ۽ گهٽين،
محلن ۽ جاين جا نالا تاريخي حيثيت اختيار ڪن ٿا ۽
اُنهن سان راند نٿي ڪئي وڃي. شهرن ۾ ڪابه جاءِ،
ڪوبه گهر، ڪوبه رستو معلوم ڪرڻ بلڪل آسان آهي.
توهان کي فقط نمبر جي خبر هجي، ته پوءِ توهان کي
اُها جاءِ آسانيءَ سان لڀي سگهندي ۽ توهان يڪدم
سمجهندا ته ان نمبر سان مڪان يا جاءِ هتي يا هُتي
هوندي ۽ نه ٻه ميل پري. آمريڪا ۾ ڪنهن کي ڪابه
شيءِ پنهنجي نالي سان منسوب ڪرڻي آهي، ته هو
پهريائين وقف ٺاهي، ۽ وقف جي پيدا ڪيل جاءِ يا
شيءِ يا درسگاهه کي پنهنجو نالو ڏئي سگهي ٿو. هن ۾
جبر نه آهي ۽ ڪنهن به انسان کي شخصي اثر هيٺ ڪنهن
به زيادتي جو موقعو نٿو ملي. هنن جي دل ۽ دماغ ۾
اهڙيءَ طرح پنهنجي نالي جي استعمال جو خيال به نٿو
اچي، اهو به هڪ اخلاقي اصول آهي، جنهن جي پختگي ۽
وقعت قانوني حالت کان به وڌيڪ اهم ۽ باعزت آهي.
هيءُ نظريو سڄي ملڪ سان لاڳو آهي. پوءِ اُهو
نيويارڪ جهڙو وڏو شهر هجي، يا ننڍو ڳوٺ، اصول اهو
هڪ آهي. توهان ڏسندا ته گهٽين تي، وڻن تي، ميون
تي يا ديولن تي جي نالا آهن، اُن نظام ۾ آمريڪا جي
لوڪل سيلف گورنمينٽ کي وڏو دخل آهي. آئون ڪنهن وقت
آمريڪا جي سياسي نظام متعلق لکندس ۽ ان ۾ اسٽيٽ
لوڪل گورنمينٽ جي، جا اهميت آهي، ان جو بيان ڪندس،
هن نظام جي ڄاڻ اسان لاءِ ڪافي سبق آموز ٿيندي.
خير، هاڻي موڪل وٺان ٿو. دعا ڪندا.
(”الوحيد“ 6- مئي 1953ع) |