(خط)
(1)
هن قسم جي هوائي جهاز رستي، منهنجو هي
پهريون سفر هو. هڪ طرف هوائي جهاز جي سفر جو ۽
ملڪن ڏسڻ جو شوق ۽ خوشي هئي، ته ٻئي طرف ڪجهه دل
تي يارن، دوستن کي ڇڏڻ ۽ هوائي هيبت جو ٻوجهه به
هو. جهاز ڪافي ليٽ هو. اسين 19- جنوري سن 1953ع
شام جو 9 بجي، نڪرڻ بدران 11 بجي نڪتاسين، عزيز،
دوست ۽ شاگر جي موڪلائڻ آيا هئا، اُنهن کي ڪافي
تڪليف ٿي.
هوائي جهاز ’ڪي. ايل. ايم‘ ڪمپنيءَ جو
”اُڏامندڙ ڊچ“ جي نالي سان هو، جيڪو انڊونيشيا کان
اچي رهيو هو. جهاز ۾ اٽڪل 50 مسافر (مرد ۽ عورتون)
هئا، ۽ ان سان گڏ 10 يا 20 ٻار به هئا. ٻارن ۾
زندگيءَ جي لهر هئي ۽ سڄي واٽ هر قسم جي ٻاراڻيءَ
حرڪت ۾ مشغول رهيا. جهاز ۾ مسافرن لاءِ ڪافي
دلچسپيءَ جو سامان موجود هو .
جهاز جون مشينون چالو ٿيون، ۽ اسان اُڏامڻ
جو انتظار ڪيو. اسان کي پَٽن ٻڌڻ لاءِ چيو ويو، ۽
اسان اڃا پٽا ٻڌي مس ختم ڪيا، ته جهاز ڊوڙڻ لڳو. ۽
هڪ منٽ ۾ اسين زمين ڇڏي، هوا جي حوالي ٿياسون.
جهاز بلڪل اطمينان سان اُٿيو، ۽ اُڏامڻ وقت لوڏو
به نه آيو. اها سڀ هوا باز جي هوشياري هئي.
ٿوري وقت کان پوءِ، سمهڻ جي تياري ڪئي
وئي. مگر شروع ۾ سمهڻ محال هو. مشين جو آواز جهاز
۾ ننڊ ڦٽائڻ لاءِ ڪافي هو. ٽين بجي تائين مون فقط
پاسا ورائيندي گذاريا. اُن کان پوءِ اٽڪل ٽي ڪلاڪ،
مجبوريءَ جي ننڊ آئي. منهنجا ڪيترا همسفر سڄو وقت
ڪتاب پڙهندا رهيا يا ڳالهيون ڪندا رهيا. اسين 20-
تاريخ، 8 بجي بيروت پهتاسون. بيروت ڪراچي کان 2500
ميل پري آهي. هوائي جهاز ۾ اٽڪل 10 ڪلاڪ لڳن ٿا.
سڄي واٽ اسين زمين کان ساڍا ٻارنهن هزار فوٽ مٿي
اُڏامندا رهياسون. رستي ۾ ڪوبه اهڙو واقعو يا
حالت پيدا نه ٿي، جنهن سان دل خراب ٿئي يا بيچيني
ٿئي. جهاز جو ڪپتان ڪموڊور مول، اسان جي هوشياريءَ
سان حفاظت ڪندو رهيو. اِنهيءَ سڄي سفر ۾ جڏهن وچ
مشرق جي ريگستان مٿان لنگهياسون. تڏهن جهاز ڪجهه
نچڻ ٽپڻ لڳو. اهو فضائي حالتن جو لازمي نتيجو هو،
جنهن مان ڪنهن به قسم جو انديشو نه هو. جهاز مان
بيابانن جو عجيب منظر ڏسڻ ۾ آيو؛ مٿي آسمان ۽
هيٺ رڻ، ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ جهاز بلڪل هڪ هنڌ
بيٺو آهي. ڪپتان جهاز کي بيروت شهر مٿان گهمايو ۽
اسان شهر جو هڪ وڻندڙ نظارو ڏٺو. جبلن جي مٿان ننڊ
مان اُٿندڙ شهر، ۽ سمنڊ کي هڪ ئي نظر ۾ ڏسڻ جو
نهايت عجيب، دلچسپ ۽ حيرت انگيز موقعو مليو. جهاز
بلڪل آرام سان زمين تي لٿو. بيروت ۾ لهڻ وارو فقط
آئون ئي هوس، باقي مسافر اڳتي وڃڻ وارا هئا.
جهاز مان لهي، ڪجهه سامان ڪسٽمس ۾ ڇڏي ۽
ڪجه پاڻ سان کڻي هوائي اڏي کان ٻاهر نڪتس، ۽ سڌو
دمشق وڃڻ جو فيصلو ڪيم. هڪ موٽر جو انتظار ڪيم،
سؤ رپيا اوٽ موٽ جو فيصلو ٿيو. تقريبا 10 بجي،
دمشق روانو ٿيس ۽ 1 بجي اُتي پهتس.
مون کي منهنجي دوستن سيد ابوالخيرالسوسي،
شام جي سفارتخاني واري ۽ محترم غرض الدين، لبنان
جي سفارتخاني واري، ڪراچيءَ ۾ ٻڌايو هو ته بيروت ۽
دمشق جي وچ وارو رستو سرديءَ ۾ برف سان بند ٿي
ويندو آهي. مگر مون کي خبر پئي، ته اُن ڏينهن
رستو کليل هو ۽ اسان کان اٽڪل هڪ ڏينهن اڳ بند هو.
مون کي دمشق ۾، شام جي يونيورسٽيءَ ۾، ليڪچر ڏيڻو
هو ۽ وري 21-تاريخ شام جو واپس بيروت اچڻو هو، ڇو
ته اُن ساڳئي ڏينهن شام جو هوائي جهاز ۾ سوار ٿي،
هالينڊ جو پروگرام رکڻو هو.
بيروت ۾ گهڻي سردي هئي، رستي تي سڀ جبل
برف سان ڇانئيل هئا. هي رستو دنيا جي بهترين رستن
مان ليکيو ويندو آهي، عجيب ۽ غريب نظارن سان پُر
آهي.، اٽڪل اڍائي هزار فوٽ مٿي جبلن مان لنگهڻو
پوندو آهي. آمدورفت تمام گهڻي هئي، ۽ ائين محسوس
ٿي ٿيو ڄڻ تازي برف رستي تان پري ڪري، هڪ پاسي ڪٺي
ڪيل آهي. تقريباً ٽن ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ دمشق
پهتاسين. رستي ۾ موٽر ڊرائيور سان عربيءَ ۾ گفتگو
ٿيندي رهي. مذڪر مؤنث يا واحد جمع جي تميز مون نه
ڪئي، مگر مئٽرڪ ۾ سکيل عربي ڪم آئي. هٿن ۽ اشارن
جي مدد سان لفظن جي معنيٰ معلوم ڪرڻ ۾ ڪا ايڏي
تڪليف پيش نه آئي.
دمشق ۾ ”مشرقي محلات“ ۾ رهيس. پهچڻ سان
شام جي خارجي وزارت ۽ تعليمي وزارت کي فون ڪيم.
اُنهن جا ٻه نمائندا آيا، جن مون کي حڪومت جو
مهمان قرار ڏنو، ۽ هوٽل وارن کي اهڙيون هدايتون
ڏنيون ويون.
مون کي سڌو شام جي پريزيڊنٽ جي رهائش جي
جاءِ تي وٺي ويا، جتي مهمانن جي رجسٽر تي دستخط
ڪيم. ان کانپوءِ مون کي دمشق جي سير تي وٺي ويا،
بازار حميديه جي ڪجهه سير کان پوءِ ”عرب
ائڪيڊميءَ“ وياسون. هي ادارو عربي ادب جي ترقي
لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. ان ۾ فقط اديبن، فاضلن ۽
مصنفن کي پڙهڻ يا ڪتابن استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي.
لئبرريءَ کي عام استعمال لاءِ نه رکيو ويو آهي. بي
بها ڪتابن جا نسخاموجود هئا. ائڪيڊمي ۾ اٽڪل 50
هزار ڪتاب آهن. ان کان پوءِ قومي لئبريريءَ کي
ڏٺوسون، جا اڱاري هئڻ ڪري بند هئي، مگر اسان کي
ڏيکارڻ لاءِ کولي ويئي هئي. ان ۾ اٽڪل هڪ لک ڪتاب
آهن. ڪافي (Coffee)
پيئارڻ جو دؤر، پريزيڊنٽ جي محلات کان هيستائين
جٿي ڪٿي زور رهيو ۽ تنگ اچي ويس. پيٽ اهڙو ته سخت
ٿي پيو، جو وڏي ڪوشش ۽ همٿ کان پوءِ به ڍڪ ڀرڻ جي
طاقت نٿي ٿي. ان کانپوءِ انڪار ڪرڻ مناسب سمجهيم.
اُتان پوءِ اسين سلطان صلاح الدين جي مقبري، ۽
دمشق جي مسجد ۾ وياسون. مسجد هڪ عاليشان جاءِ آهي،
کيس مرمت جي سخت ضرورت هئي، جا هاڻي شروع ڪرائي
ويئي آهي. تقريباً 10 يا 15 سال اڳي مرمت ڪرائڻ
کپندي هئي. مسجد ۾ امام حسين رضه جي سر مبارڪ جو
مقبرو ڏٺوسين. اهي زيارتون ڪري، واپس هوٽل ۾
آياسون. موٽر سرڪاري طرح منهنجي حوالي ڪئي ويئي.
آئون ڪجهه وقت ترسي پاڪستان جي سفير، ڊاڪتر محمود
حسن جي ملڻ لاءِ ويس. ڊاڪٽر صاحب پراڻو واقفڪار ۽
دوست هو. ان سفارت کان اڳ پاڪستان گورنمينٽ جو
تعليمي صلاحڪار هو. خدا جي قدرت ڏٺي سون، ڏسڻ سان
۽ ٻڌڻ سان حيرت هئي. خدا پيو خير ڪري! ڊاڪٽر صاحب
جون ڪارگذاريون ٻڌي ۽ ڏسي، واپس هوٽل وڃڻ جو
سوچيم. ساڍي ڇهين بجي شام جو يونيورسٽيءَ ۾ تقرير
لاءِ ويس. تقرير جو عنوان هو: ”اسان جون تعليمي
ڪوششون“ اٽڪل چار يا پنج سؤ مرد ۽ عورتون موجود
هئا. شاگردن کي اجازت نه مليل هئي. تقرير فقط
يونيورسٽيءَ جي استادن، حڪومت جي عالمن، شام ۾
سفيرن ۽ ڪن خاص ماڻهن لاءِ رکيل هئي. شاگردن جي نه
هئڻ تي مون کي تمام گهڻو افسوس ٿيو. خبر نه آهي ته
ڪهڙي نقطه نظر کان ائين ڪيو ويو هو، مون کي شاگردن
سان نه ملڻ جو افسوس رهيو.
تقرير کانپوءِ مانيءَ جي دعوت هئي، جنهن ۾
اٽڪل 60 بزرگ مدعو ڪيل هئا. شام ۽ لبنان ۾ عربيت
جي لٻاڙ ۽ مغربيت جي عمل جو نظارو ڏٺم. سوچيم، ته
ڇا قومون پاڻ کي دوکي ۾ رکي به ترقيءَ جي اُميد
رکي سگهن ٿيون. عجيب حالت آهي! چند بهترين ماڻهو
مليا، مگر انهن کي ٻُڌي ڪير ٿو؟ مغربي عياشيون
ڪافي اوج تي آهن. انهن جي مقابلي ۾ اخلاق جي ڇا
مجال! خير، ماني کائي سمهي پيس، ۽ صبح جو 21-تاريخ
سوير، بيروت روانو ٿيس. بيروت ۾ ”پام بيچ“ هوٽل ۾
رهيس، ۽ شام جو آمريڪن يونيورسٽيءَ ۾ ويس، جتي
حالتن جي خبر رکيم، ۽ ڪن استادن سان مليس.
لبنان ۽ شام جي حڪومتن ۾ عجيب فرق ڏٺم.
شام جي فضا ۾ ملٽري ۽ ڊڪٽيٽريءَ جي بوءِ هئي.
پوليس ۽ فوج جو گوڙ هو. ڪسٽمس ۽ پوليس جي نڪمائيءَ
جي ڇا تعريف ڪجي؟ هن قسم جي حڪومتي ڳالهين ۾
جوابدارين کان بيپرواهي، ۽ مطلق العناني مون ڪٿي
به ڪانه ڏٺي. بس، نه ڪوئي پڇڻ وارو ۽ نه ٻڌڻ وارو.
شام جي ڪسٽمس جي عملي جي چستي، سستيءَ جي معنيٰ
کان به ڪريل هئي، ستائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه
اچين. مون ڊرائيورن ۽ مزدورن کي گاريون ڏيندي ٻڌو.
مون کي منهنجي ڊرائيور ٻڌايو ته ”عرب کي جيڪڏهن
عرب جو گلو ڪپڻ لاءِ ملي، ته جيڪر يهوديءَ جي گلي
کي هٿ به نه لائي.“ خير، لبنان جي ڪريل حالت کان
واقف ٿيس. فرانسيسي تهذيب ۽ آمريڪي اثر واضح نظر
آيا. هنن اثرن هيٺ ۽ انگريزن جي سلطنتي سبب، عرب
ملڪ تنزل جي طرف وڌي رهيا آهن. خدا کين هدايت ڪري.
21 – تاريخ 11 بجي، بيروت جي هوائي اڏي تي
پهتس ۽ سامان ڪسٽمس ۾ ڏيکاري، جهاز لاءِ انتظار
ڪيم. اسين 22-تاريخ صبح جو هڪ بجي نڪرڻا هئاسون،
مگر جهاز ليٽ هئڻ سبب، ٽين بجي نڪتاسين. خبر پئي
ته يورپ ۾ هوا جون حالتون خراب آهن، ماڪ، ڌنڌ ۽
ڪوهيڙو سخت آهي. خير، الله جو آسرو ڪري جهاز ۾
ويٺاسون ۽ روانا ٿياسون. بيروت کان نڪرڻ کانپوءِ
اٽڪل هڪ ڪلاڪ جهاز اسان کي ڪافي ستايو، مگر اُن
کانپوءِ سولو اُڏامڻ لڳو ۽ اسين 9 بجي روم
پهتاسون. وري اُتان هڪ ڪلاڪ کانپوءِ نڪتاسون ۽
اڍائي بجي ڌاري هالينڊ جي شهر ائمسٽرڊم پهتاسون.
روم ۾ اسان کي جهاز جي اڏي کان ٻاهر نه ڇڏيو ويو ۽
هوٽل ۾ ڪجهه ناشتو ڪرايو ويو.
روم کان ائمسٽرڊم تائين اسان جو هن وقت
بهترين سفر رهيو آهي. اسين جهاز ۾ بيروت کان فقط 7
مسافر هئاسين ۽ روم ۾ وڌي 15 ٿياسين. مون کي
منهنجي دوست پروفيسر هافسٽرا ڊائريڪٽر اجتماعي
تعلقات جي اداري طرفان دعوت ڏني هئي، مون کي سنڌ
مسلم ڪاليج جا ٻه هالينڊ ۾ پڙهندڙ شاگرد ائمسٽرڊم
۾ وٺڻ آيا. هڪ پيتي پاڻ سان کڻي، پوءِ هيگ ۾
پهتاسون. ’يارڪ هوٽل‘ ۾ رهيس. ڪجهه شهر جو سير
ڪيم. اداره ۾ چند ٻيا به واقفڪار مليا، جيڪي
پاڪستان گورنمينٽ، انتظامي ترتيب لاءِ موڪليا هئا.
انهن ۾ مون کي منهنجو پراڻو دوست مسٽر قدرت الله
شهاب، ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات مليو. شاگردن ۽
اُستادن جي گڏ هئڻ ڪري، شهر ڏسڻ ۾ به آساني ٿي.
صبح جو تياري ڪري اداري ڏانهن ويس. جتي پروفيسر
هافسٽرا انتظار ۾ بيٺو هو. هالينڊ تعليمي نقطه
نگاهه کان دنيا جي بهترين ملڪن مان آهي. ان قوم
جي تعليم سان دلچسپيءَ جو اندازو هن مان لڳائي
سگهجي ٿو، ته هالينڊ جي راڻيءَ پنهنجو بهترين
محلات هيگ ۾ هن اداري لاءِ وقف ڪيو آهي. مون کي
عمارت ڏسي حيرت وٺي ويئي- ڪراچيءَ جي پئلس هوٽل
کان به وڏي آهي ۽ جيئن ته هن قسم جو ادارو يورپ ۾
پهريون آهي، ان ڪري ان ۾ فقط 30 ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون
تعليم وٺي رهيا آهن. سنڌ مسلم ڪاليج جهڙا ٻه ڪاليج
ان ۾ هلن. اسان وٽ ڪاليج ۾ سورهن سؤ ڇوڪرا آهن.
آخر اهي قومون ڇو نه ترقي ڪن! جن جي اُمراءَ ۽
خوشحال ماڻهن ۾ قوم جي بهتريءَ لاءِ ايڏي دلچسپي
آهي. آهي ڪو اسان جي نوابن، جاگيردارن، زميندارن،
سيدن ۽ پيرن کي سمجهائڻ وارو؟ سنڌ جي تعليم ۽ سنڌ
يونيورسٽي، سنڌ جي متمول طبقي کي ڪڏهن به معاف نه
ڪنديون.
پروفيسر هافسٽرا مانيءَ جي دعوت ڏني هئي ۽
گڏجي ماني کائڻ وياسون. مون کي اداري جي پروگرام،
۽ اُن جي وڌائڻ جي خيال کان واقف ڪيائين، ۽ چند
ڳالهين تي بحث مباحثو ڪندا رهياسين. اٽڪل 3 ڪلاڪن
کانپوءِ کانئس موڪلايم.
هيگ، هالينڊ جو ننڍو مگر مشهور شهر آهي.
اڻويهين صديءَ کان وٺي، هن ۾ ڪيتريون ئي بين
الاقوامي ڪانفرنسون ٿيون آهن. سچ ته بين الاقوامي
تاريخ ۾ هيگ کي وڏي اهميت حاصل آهي. هن وقت به بين
الاقوامي ڪورٽ جو مرڪز آهي. تازو هن ڪورٽ ۾ ايران
۽ انگلينڊ جي مسئلي جو فيصلو ڪيو ويو هو. هن ڪورٽ
جي جاءِ، جنهن کي ”امن جو محلات“ سڏيو ويندو آهي،
هڪ عاليشان عمارت آهي، جنهن جي تيار ڪرڻ ۽ سينگارڻ
۾ دنيا جي هر ملڪ حصو ورتو آهي. گانڌيءَ جو بت
ڏٺوسون. ڪي ڳالهيون قومي احساس کان دل ۾ اُڀري
آيون، ۽ افسوس ٿيو، خاموشي بهتر نظر آئي. هيگ کان
پوءِ ائمسٽرڊم جو ٿورو سير ڪري، هوائي اڏي تي
آياسون. جهاز ڏهين بجي اُڏاڻو ۽ اسين يارهين بجي
ڌاري پريسٽوڪ هوائي اڏي تي پهتاسون. جيڪو گلاسگو
جي ويجهو اسڪاٽلينڊ ۾ آهي. هوا جون حالتون سٺيون
هيون، ۽ ڪابه تڪليف نه آئي. جهاز جا ٻيا سڀ مسافر
سڌو آمريڪا وڃي رهيا هئا ۽ مان لهي پيس. مون کي
ڊرهام ۾ پنهنجي پراڻي ڪاليج، پروفيسرن ۽ دوستن کي
ڏسڻ جو خيال هو ۽ ان ڪري انگلينڊ ۾ ٽي ڏينهن
گذاريم– اڄ 27 تاريخ شام - جو ستين بجي انشاءَ
الله پريسٽوڪ کان نڪرنداسين ۽ سڀاڻي 12 بجي
نيويارڪ پهچنداسين.
مون روم کان ائمسٽرڊم تائين مسافريءَ جو
ذڪر نه ڪيو آهي. هي منهنجو پهريون سفر هو اسين
نڪتاسون ته سج آسمان ۾ ظاهر هو. ڪلاڪ کان پوءِ برف
جو منظر شروع ٿيو. اسين اتر اٽليءَ ۽ سئٽزرلينڊ جي
مٿان لنگهياسون. جهاز اٽڪل 20 هزار فوٽن تي اُڏامي
رهيو هو. برف جبلن ۽ زمين تي ڇانئي پئي هئي. اسين
جبلن جي چوٽين کان ٽي يا چار هزار فوٽ مس مٿي
هئاسون. سج ويچارو يورپ ۾ ڏاڍو لاچار آهي، ۽ اسان
جي چنڊ جهڙي مس گرم اٿس. سج جي بيوسيءَ تي رحم
آيو، سواءِ چمڪ جي، ٻيو منجهس ڪجهه به نه هو. هي
احوال پريسٽوڪ کان نڪرڻ تائين لکيو اٿم.
(”الوحيد“ 14- فيبروري 1953ع)
|