(22)
صبح جو نوين بجي هي دوست ۽ سندس چاچو
ٻيئي موٽر وٺي آيا. ناشتو واڪنا هوٽل ۾ ڪيوسون.
جيئن ته آچر جو ڏينهن هو ۽ آسمان صاف هو، اسين سڄي
ڏينهن جي سير تي نڪتاسون. شهر جو سير ڏاڍو مزيدار
هو. هزارها ماڻهو ڏينهن سٺي هئڻ ڪري گهمڻ، وهنجڻ ۽
ترڻ لاءِ نڪتا هئا. فنلينڊ جو جهنڊو سفيد آهي ۽
مٿس آسماني ليڪون آهن، جنهن جو مطلب هي آهي، ته
هن ملڪ ۾ هڪ برف، ٻيون ڍنڍون ۽ آسمان آهي. فنلينڊ
جي دولت، سندس آسمان، پاڻيءَ ۽ ٻيلن ۾ آهي. فنلينڊ
۾ تقريباً ستر هزار يا ان کان مٿي ڍنڍون آهن.
ڍنڍون سڀ هڪٻئي سان مليل آهن ۽ جتي نه مليل آهن،
اُتي ملايون ويون آهن.، توهان کي ڪي ننڍا ننڍا
ٻيٽ ملندا، جيڪي هڪ يا ٽن ايڪڙن کان وٺي سوين
ايڪڙن ۾ آهن. هر ٻيٽ ٻيلن سان ڀريو پيو آهي. سير
ڪندي اسان ڏينهن جي ماني ڪلوسورا ڪسينو ۾ کاڌي،
جتي هڪ بئرو مليو. ڏاڍو مزيدار هو،سندس گفتگو ۽
چهري جي حرڪت ڏاڍي وڻندڙ هئي. کانئس پڇيوسون، ته
ڇا تيار آهي؟ جواب ڏنائين: ”ماني ۽ سوج جي وچ ۾
جيڪي چئو سو تيار آهي.“ هيءُ ڪسينو ٻيٽ تي ٺهيل
آهي. ديوارون سڀ شيشي جون اٿس. ماني به ويٺي
کاڌيسين ۽ سوين معمولي ننڍيون ٻيڙيون شرطن ۾
ترنديون مشغول ڏٺيوسين. منهنجي ميز تي پاڪستان جو
جهنڊو آڻي رکيائون ۽ ڀرسان ٻه يهودي، اسرائيل کان
آيل ويٺا هئا، جن وٺي اکيون ڦاڙيون. هي جهنڊو
فنلينڊ ۾ آئون جنهن به هوٽل ۾ويس، ته آڻي ميز تي
رکندا هئا.
شام جو چانهه جي دعوت فنلينڊ جي هڪ وڏي
جاين جي مقاطيدار مسٽر سوروري جي گهر هئي. گهر جي
ڇا تعريف ڪريان! هيءُ گهر هڪڙي ٻيٽ تي ٺهيل هو،
جنهن جي ايراضي تقريباً پنجهتر ايڪڙ هوندي. سڄو
گهر ڪاٺ جو ٺهيل هو۽ گهر ۾ فقط زال، مڙس ۽ سندس ٻه
ٻار: هڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري رهندا آهن. فنلينڊ ۾ ڪاٺ
گهڻو ۽ سستو ملي ٿو، ان ڪري گهر ڪاٺ جي سامان سان
ڀريا پيا آهن ۽ نهايت خوبصورت ٿا لڳن. ڪاٺ جو ڪم
بهترين ڪاريگريءَ سان ٺهيل ملندو. رات جي ماني
هنن سان گڏجي شهر کان اٽڪل ويهه ميل پري هڪ ٻيٽ تي
– جنهن جو نالو مڪيني هو، اُتي هڪ هوٽل نالي
’ڪلياٽوريا‘ ۾ کاڌيسين. کاڌو ڏاڍو مزيدار هو.
بئنڊ وڄي رهيو هو ۽ انگريزي گانا پئي ٻڌاسون. اتي
ڪيترا آمريڪي به موجود هئا. ان ڪري زياده آمريڪي
بئنڊ، آمريڪي راڳ ۽ سُر ٿي وڳو، جنهن تي فنلينڊ جي
دوستن چيو: ”هيءُ ڪهڙو گوڙ ۽ وحشانيت آهي؟“ توبهه،
اهڙن خليق ۽ سنجيده انسانن کي هيءُ راڳ ۽ سرود
بلڪل گوڙ ۽ مستانگي سمجهڻ ۾ ٿي آيو! مگر جڏهن فنش
راڳ يا سرود ٿي وڄايو ويو، ته ڏاڍو خوش ٿي ٿيا.
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، ته فنش راڳ گهڻو مٺو،
وڻندڙ ۽ ڌيمي آواز ۾ ٿئي ٿو ۽ آلاپ سان سر آهي.
مون کي هت خبر پئي،ته ٿورا ڏينهن اڳ،
راجڪماري امرت ڪور هندستان جي صحت جي وزير هتي
آيل هئي، ۽ هتي جي اسپتالن جو معائنو ڪيائين.
فنلينڊ ۾ صحت جو ڪم ۽ انتظام سڄي دنيا ۾ مشهور
آهي. هتي هڪ ٻارن جي اسپتال آهي، جنهن جهڙي اسپتال
دنيا ۾ ورلي ملندي. اهو به ٻڌڻ ۾ آيو، ته اٽڪل ٽن
هفتن کان پوءِ پنڊت نهروءَ جي ڌيءَ، هيلسنڪي اچي
رهي آهي ۽ راڪنا هوٽل ۾ سندس رهڻ جو انتظام ڪيل
هو. آچر جو ڏينهن ختم ٿيو ۽ اسين سومر جي ڏينهن هڪ
ٻئي سير تي نڪتاسون. ’هيلسنڪي‘ بلڪل خوبصورت شهر
آهي، جنهن جي تعريف اڳتي هلي ڪندس. اٽڪل ساڍي
يارهين بجي صبح جو اسين ريل ۾ چڙهي، هميلينا
ڏانهن هلياسون. هميلينا جي ڀرسان اولانڪو هوٽل ۾
رهياسون، جيڪا هڪ خوبصورت جڳهه آهي. هيءُ هوٽل
وناياوسي نديءَ جي ڪناري تي آهي، سندس چوڌاري هڪ
قسم جا وڻ آهن، جن کي ”روئندڙ وليون“ سڏيندا آهن.
ڀرسان هڪ عاليشان ٽاور آهي، جو زمين کان اٽڪل چار
سو فوٽ مٿي هڪ ٽڪريءَ تي آهي. ان ٽاور تان هڪ
عجيب ۽ دلڪش نظارو ڏسڻ ۾ ٿي آيو،؛ چوڌاري ٻيٽ،
ڍنڍون ۽ ٻيا ننڍا ساوڪ سان ڀريل کيت، هوٽل جي جاءِ
ٽماڙ، سڄي ڪاٺ ۽ شيشي جي ٺهيل هئي. سردي هئڻ ڪري،
شيشي ۽ ڪاٺ جون اٽڪل هڪ فوٽ مفاصلي تي ٻه ٻه
ديوارون هيون – بلڪل شيشي جو گهر سمجهو. پراسرار
هو! اسان اٽڪل پنجيتاليهه ميل پاڻيءَ تي سفر ڪري
رهيا هئاسون. سموري واٽ ۾ هلندي ننڍيون ٻيڙيون،
لانچن جون قطارون ۽ ترندڙ ڪارخانا – جن ۾ دونهين
جو ذرو به نه، ننڍا ننڍا گهر ۽ ماڻهو خوشيءَ ۾ مست
نظر ٿي آيا. فنلينڊ ۾ ڪارخانن کي هلائڻ لاءِ
پاڻيءَ مان بجلي تيار ڪئي ويندي آهي. اسان ڪيونتو
تي لٿاسون ۽ وري ڏهه ميل بس جو سفر ڪري اچي
ٽمپريءَ ۾ پهتاسون. هيلسنڪيءَ کان پوءِ ٽمپري
فنلينڊ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي ۽ کيس فنلينڊ جو
مانچيسٽر ڪري ٿا سڏين. ٽمپري کي نه فقط ڏسڻ جو
ارادو هو، مگر اتي هڪ اهم ڪم به هو:
ڇا هو، ته منهنجو دوست مسٽر سهنن، پاڪستان
جي اَنرري ڪانسل ڊاڪٽر اولر کي اطلاع ڏنو هو، جنهن
مون کي خط لکيو ته ٽمپريءَ ۾ فنلينڊ جي مسلمانن جو
مرڪز آهي،ا
ُهو ضرور ڏسندا. اسين لهڻ سان سڌو امام حبيب
الرحمان شاڪر جي گهر وياسون. امام صاحب
اسان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. چانهه جو بندوبست
ڪيائين ۽ ساڻس چڱيون ڳالهيون ڪيوسين.
فنلينڊ ۾ اٽڪل ٻارهن سؤ مسلمان آهن، جي
اصل روس ۽ ترڪيءَ کان آيل آهن. گهرن ۾ اڃا به ترڪي
ڳالهائين، مگر ٻار فنلينڊ جي اسڪولن ۾ وڃي پڙهن.
امام صاحب کي فنش زبان اصل ڪانه اچي، اردو به
ٿوري ٿوري، جو پاڪستان ۽ هندستان ۾ وقت گذاريو
اٿائين، کيس ست ٻار آهن: ٽي پٽ ۽ چار نياڻيون.
پاڪستان ۾ کيس ٻه ٻار ڄاوا، هڪ وڏو ترڪيءَ ۾ ۽ هڪ
هندستان ۾، باقي فنلينڊ ۾. سيد سليمان ندويءَ،
مولانا ڪفايت الله ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جو
ذڪر ڪيائين. مون کي پنهنجي جاءِ تي وٺي هليو، جتي
نماز ادا ڪئي ويندي آهي. اسان سان گڏ هڪ مڪتب آهي،
جنهن ۾ رات جو ٽمپريءَ جي مسلمانن کي ديني ڳالهين
کان واقف ڪيو ويندو آهي، منهنجي دوست فوٽا ورتا جي
منهنجي ڪراچيءَ ڏانهن موٽي اچڻ تي موڪليندو.
اسين ٽمپريءَ مان اٺين بجي رات جو نڪتاسون
۽ ريل رستي ٻارهين بجي رات جو هيلسنڪيءَ آياسون.
اهوئي ڏينهن لڳو پيو هو. اهڙيءَ طرح اڱاري جو
ڏينهن گذريو. اربع ڏينهن صبح جو هيلسنڪي
يونيورسٽي ڏٺم. وئڪيشن ڪري بند هئي ۽ ڪوبه معتبر
ماڻهو نه مليو. جنهن کان احوال وٺجي. هن ملڪ ۾
اونهارو اچي ته ماڻهو شهر ڇڏي ٻيٽن ۽ جهنگن ڏانهن
ڀڄن. يونيورسٽيءَ جي عمارت: ڇا تعريف ڪريان!
يونيورسٽي هال کي ڏسي پنهنجي حال تي رحم آيو. پنج
هزار ماڻهو آسانيءَ سان هتي ويهي سگهن ٿا. روشنيءَ
۽ آواز جو بهترين انتظام هو، بس اسان جي قسمت!!
اٽڪل يارهين بجي هوٽل تي ويٺو هوس، ته هڪ
فون آئي. فون کنيم ته آواز آيو: السلام عليڪم!
تعارف ۾ خبر ملي ته – اسان جو اسٽاڪهوم جو سفير
جيڪو فنلينڊ، ڊينمارڪ ۽ ناروي جو به سفير آهي، سو
فنلينڊ ۾ آهي. هڪ بجي آئون هوٽل ڪئمپ ۾ پاڪستان جي
سفير محمد مير خان سان ملڻ ٿي ويس جو کيس منهنجي
اچڻ جو احوال ڊاڪٽر اولر ڪانسل ڏنو هو. محمد مير
خان پاڪستان سرڪار جي هدايتن تي اوچتو هيلسنڪي
آيو هو ۽ اٽڪل ٽي ڪلاڪ پاڻ ۾ گفتگو ڪندا رهياسون.
چئين بجي شام جو کيس دعوت هئي، اوڏانهن ويو. ساڍي
ستين بجي آئون ۽ منهنجو دوست گهمڻ نڪتاسون. المپڪ
ٿيٽر ڏٺوسون. مانرهيم رستو وٺي، دڪان ڏٺاسون ۽ شام
جي ماني لاءِ هوٽل تي آياسون، جتي ڊاڪٽر اولر
پاڪستان ڪانسل ملڻ لاءِ آيو. اٽڪل يارهين بجي رات
تائين گفتگو ڪندا رهياسين. جنهن ۾ هيلسنڪي جو
امام حڪيم ۽ سندس پٽ به شريڪ هئا. امام حڪيم کي
به فنش زبان نٿي آئي. سندس پٽ کي فنش، انگريزي ۽
ترڪي سڀ ٿي آيون. مون سان انگريزي ۾ ٿي ڳالهيائين.
پنهنجي والد سان ترڪيءَ ۽ مون ڪڏهن ڪڏهن امام سان
پنهنجي ٽٽل عربيءَ ۾ ٿي ڳالهايو. مزيدار موقعو
هو! ڊاڪٽر اولر فنلينڊ جو باشندو آهي. جيڪو
پاڪستان جو فنلينڊ ۾ اعزازي ڪانسل آهي. ڊاڪٽر اولر
ٻڌايو ته محترم محمد مير خان به مو ن سان گڏ
اسٽاڪهوم جهاز ۾ هلندو. ٻي جولاءِ صبح جو سوير
فنلينڊ جي مسلمانن جي ايسوسيئيشن جو صدر مسٽر
طاهر، امام حڪيم جي پٽ سان گڏ ملڻ آيو ۽ ڪجهه فوٽو
۽ ڪتاب ڏنائين. اسين ساڍي يارهين بجي هوائي جهاز
تي پهتاسون. جتي محترم محمد مير خان اڳي ئي موجود
هو. دوستن کان موڪلايوسين ۽ جهاز ۾ چڙهي، هڪ بجي
اسٽاڪهوم (سوئيڊن) پهتاسون، جتي اڃا ٻارنهن لڳا
هئا. فنلينڊ جو وقت سوئيڊن کان ڪلاڪ اڳتي آهي.
منهنجي رهڻ جو انتطام اسڪئنڊينيوين هوائي
ڪمپنيءَ، ريزن هوٽل ۾ ڪيو هو. شام جو ستين بجي
محترم محمد مير خان سان وقت رکي، مون هوٽل ڏانهن
رخ رکيو.
اسٽاڪهوم ۾ گهڙڻ سان مون کي آمريڪا ياد
آئي. هن ملڪ گذريل سؤ سالن ۾ ڪابه جنگ نه ڏٺي
آهي!قدرتي وسيلا ڪافي موجود اٿس. ماڻهو محنتي،
جفاڪش ۽ زبردست هنر وارا آهن. لڙاين ۾ نه انگريزن
جو، نه جرمن جو، نه آمريڪا جو ۽ نه روس جو پاسو
ورتو اٿن ۽ نه وٺندا. ٻي طرف فنلينڊ گذريل
پنجٽيهن سالن ۾ چار لڙايون ڏٺيون آهن. فنلينڊ
ڏانهن رشيا جي رغبت گهٽ آهي. اهو احوال وڌيڪ پوءِ.
يورپ ۾ هن وقت ٻه ملڪ حقيقي طرح خوش ۽
شاهوڪار آهن: هڪ سئٽزرلينڊ ۽ ٻيو سوئيڊن. سوئيڊن
جي دڪانن مان، جاين مان، باغن مان، رستن مان، کيلن
۽ تفريح گاهن مان خوشي ۽ خوشحالي جي لهر ٿي نظر
آئي. شهر جو ڪافي سير ڪري ذ رو پرزو ڏٺو اٿم، وڏو
ڪنگس گائن، ڪُئين گائن، ميوزيم بادشاهه جو محلات،
ٽائون هال، گرائونڊ هوٽل ۽ جانورن جي نمائش وغيره
ڏٺم. اسٽاڪهوم هن مهيني جون ۾ ست سؤ سال پورا ڪيا
آهن. جنهن جو ڪجهه سال ٿيا ته جشن ڪيو هئائون. ان
جا آثار ڏٺم، گهٽيون، رستا ۽ جايون سڀ سينگاريل
هئا. شهر ۾ آمدورفت گهڻي آهي. شهر جي وچ ۾ ڍنڍ
آهي، جنهن کي سمنڊ سان ملايو ويو آهي، جنهن ڪري
جهاز شهر اندر هليا اچن. هوٽل جنهن ۾، آئون رهان
ٿو تنهن جو به عجيب نظارو آهي. هيءَ ڍنڍ جي ڪناري
تي آهي ۽ چوڌاري ڪشادا رستا وڏيون ۽ بهترين جايون
کيل نظر اچن ٿيون. پنجين بجي پاڪستان جي سفير جي
آفيس ۾ ويس، جنهن رات جي مانيءَ جي دعوت ڏني.
سندس موٽر ڊرائيور هڪ مڪراني سنڌي هو، جنهن سان
ڳوٺ جون ڳالهيون ڪيم – سنڌي ڳالهائڻ تي دل ڀرجي
آئي هئي. هو مرد مجاهد به ڳالهيون ڪندي، ڪافي
واسطيدار نڪتو. ساڍي پنجين بجي ڌاري سفير صاحب
ڪنهن ڪم سان ويل هو ۽ آئون سفارت جي سيڪريٽريءَ
سان وري شهر گهمڻ ويس. آمدورفت جي هڪ عجيب ڳالهه
ڏٺم، جا سواءِ انگلينڊ ۽ سئيڊن جي ٻي ڪنهن به
يورپي ملڪ ۾ نه آهي. آمدرفت کاٻي پاسي نه آهي، جتي
ڪٿي موٽرون ساڄي پاسي ٿيون هلن. ٻڌو ٿا ته سوئيڊن
۾ کاٻي پاسي هلڻ جا جلد بند ڪندا ۽ آمدورفت ساڄي
پاسي ٿيندي.
ساڍا اٺ لڳا آهن ۽ جلد سفير صاحب جي موٽر
ماني لاءِ وٺڻ ايندي. هي خط بند ڪريان ٿو ۽
موڪليان ٿو،باقي احوال پوءِ، سڀاڻي، انشاء الله
هتان نڪرندس ۽ شام جو پئرس پهچندس. دعا ڪندا.
(”الوحيد“، 10- جولاءِ، 1953ع)
(23)
سائين! توهان کي هڪ حق جي ڳالهه ٻڌايان.
مون سان ظلم آهي. تمام وڏو ظلم اهو آهي، ته مون کي
توهان سان، توهان جي اخبار پڙهندڙن سان ۽ پنهنجي
ملڪ سان سخت محبت آهي. توهان ۽ اسان ملڪ جي جن
حالتن ۾ رچي راس ٿيا آهيون. اهيد شايد اسان جي
اولاد کي به نصيب نه ٿين. اسين سڀ هڪ عجيب دور مان
گذري رهيا آهيون. شل خدا پاڪ امتحان ۾ ڪامياب
ڪري! توهان جي محبت جو اجورو هي آهي. جو هن
مفلسيءَ جي حالت ۾ به توهان کي خط موڪليان پيو ۽
اهو ڏکيو نٿو لڳيم. هر هفتي هنن ملڪن ۾ هن
مستانگيءَ جي صورت ۾ گهمڻ ڪري ائين پيو نظر اچي،
ته آئون توهان، توهان جي اخبار، پڙهندڙن ۽ پنهنجي
ملڪ جي خدمت لاءِ هت آيو آهيان. جڏهن ٻيا گهمڻ ۾
هجن، ته آئون هنن نوٽن لکڻ ۾ پورو ۽ جڏهن وقت
ملي، ته توهان کي هنن خطن وسيلي مٿي ۾ سور وجهڻ
لاءِ تيار ٿيندو آهيان. هڪ غريب ماستر جي محبت ۽
هڪ مفلس جي سڪ مان آخر توهان کي ڪهڙو فائدو؟
منهنجو بزرگ استاد مولوي صاحب
ميان
عبدالرزاق مون کي سنڌ مدرسي ۾ چوندو هو، ”غلام
مصطفيٰ! تنهنجي سوالن مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيو
آهي.“ منهنجي هنن خطن اوهان سان به ِاها حالت ڪئي
هوندي. مون کي توهان تي رحم ٿو اچي، ڪهڙا نه ڦاٿا
آهيو. خير اچو ته رستو وٺون...
ٻي تاريخ توهان کي خط لکڻ کان پوءِ، مون
وٽ پاڪستان سفارت جو سيڪريٽري مسٽر سعيد حسن آيو ۽
اسين ٻئي اسٽاڪهوم جي وڌيڪ سير تي نڪتاسون. هي
نوجوان بنگال جو آهي ۽ ڪافي خليق آهي. ان سان گهمي
ڦري اسين 9 بجي رات جو سفير صاحب جي جاءِ تي
پهتاسون. جتي پاڪستان مان آيل هڪ مسٽر چوڌري موجود
هو. معلوم ٿيو ته هي صاحب اسٽاڪهوم ۾ دنيا جي آزاد
مزدور جماعتن جي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيو آهي.
سڄو وقت ڳالهائيندو رهيو. مون کي پنهنجي ماستريءَ
۽ بيوسي تي رحم آيو. ليڊرن جي زبان ڪهڙي نه بي
لغام ٿيندي آهي. هڪ ليڊر جو ٻاهرين ملڪ ۾ اچڻ ۽
هڪ ماستر جي ٻاهر اچڻ ۾ ڪيترو نه تفاوت آهي! ڪٿي
گمناميءَ ۽ خاموشيءَ جي حياتي ۽ ڪٿي لفاظي ۽ پريس
جي زندگي. سائين! ٻن جانورن هڪٻئي کي چڱي طرح
سمجهيو آهي. اُهي آهن: ليڊر ۽ ايڊيٽر. گستاخي مڙو
ئي معاف ڪندا ڪيو. سفير صاحب جي دسترخوان تي
مزيدار طعام هئا ۽ هن ليڊر جي گفتگو اچي پاڪستان
ياد ڏياريو، جنهن ڪري دوست ۽ ڪاليج برابر ياد ٿي
آيا، جيئن ته مون کي ٽي تاريخ صبح جو سوير ستين
بجي هوائي ڪمپنيءَ جي آفيس پهچڻو هو، ان ڪري سفير
صاحب کان معافي وٺي آئون ذرا هوٽل تي آيس.
صبح جو بسترو گول ڪري سامان کڻي بس ۾ چڙهي
اسٽاڪهوم جي ڊرامر هوائي بندر تي پهتس، جهاز تيار
ٿيو ته اسين به چڙهياسين. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ اسين
ڪوپن هيگن جي بندر ڪيسٽاپول تي پهتاسون. جتي هن
جهاز مان لهي، ٻئي جهاز ۾ چڙهڻو هو. هڪ ڪلاڪ ترسڻ
کان پوءِ اسين ساڍي ڏهين بجي ٻئي جهاز ۾ چڙهياسين
۽ پئرس جو رخ رکيوسون. تقريباً ساڍن ٽن ڪلاڪن جي
اڏامڻ کان پوءِ، اسين پئرس جي هوائي بندر ڊوبورجي
تي لٿاسون. آسمان ۾ ڪڪر ڪافي هئا ۽ لهڻ مهل ذرا دل
۾ ڌڙڪ پيدا ٿي. اهو احساس ٿيو، ته ايتري قدر هوائي
جهاز ۾ سفر ڪرڻ کانپوءِ به اڃا دل جي ڌڙڪ نه وئي
هئي. مگر انهيءَ ۾ به شڪ نه آهي، ته پهريون هوائي
جهاز جي سفر وارو ڊپ نه رهيو هو، مگر سفر جي هيبت
صاف نه ڇڏيو هو.
فرانس ۾ جهاز مان نڪرڻ شرط هڪ عجيب اجنبيت
جو احساس ٿيو: مون کي فرينچ بنهه نه ايندي آهي ۽
فرانس ۾ وري انگريزي ڪي مختصر ماڻهو ڳالهائيندا
آهن. اها هڪ عجيب ڳالهه آهي، ته فرانس جي اسڪولن ۾
انگريزي لازمي طرح پڙهائي ويندي آهي، مگر فرينچ
انگريزي ڳالهائڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهن. فرينچ زبان
اوڻهين صدي جي آخر تائين دنيا ۾ بين الاقوامي
سياست جي زبان ٿي رهي آهي. مگر ويهين صديءَ جي
شروعات کان فرينچ جو اثر گهٽ ٿيڻ لڳو ۽ انگريزيءَ
جو اثر وڌڻ لڳو. پهرين سهاڀاري جنگ کان پوءِ.،
البته ۽ ٻي سهاڀاري جنگ کان پوءِ فرينچ ٻولي ڄڻ
ختم ٿي وئي. فرينچ ان ڪري ڪوشش ڪري ڪنهن به ٻاهران
آيل ماڻهوءَ سان فرينچ ٻولي کان سواءِ ٻي ڪنهن به
ٻوليءَ ۾ گفتگو نه ڪندا آهن. ڪيترن کي انگريزي يا
ٻيون ٻوليون اينديون آهن، مگر تڏهن به نه
ڳالهائيندا آهن. وري ٻي طرف يورپ تي ۽آمريڪا تي
فرانس جي تهذيب جو ايڏو اثر آهي، جو هر يورپي ۽ هر
آمريڪي فرانس ۾ اچڻ کان پوءِ فرينچ سکڻ يا
ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. فرانس جي تهذيب جي
مقابلي ۾ انگريزي يا ٻيا يورپي آمريڪي پاڻ کي طفل
سمجهن ٿا. يورپ جي باشندن تي فرانس جي تهذيب جو
اثر آهي. فرانس اندر فرينچ پاڻ کي يورپ جي اعليٰ ۽
بهترين قوم هئڻ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پر فرانس
جي بداخلاقي ۽ فرانس جي بزدلي دنيا ۾ ضرب المثل ٿي
وئي آهي. فرانس کان ٻاهر ڪي بلڪل ٿورا ماڻهو آهن،
جي فرنيچ سکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اسڪئنڊينيوين ملڪن ۾
انگريزي ۽ جرمن، سکي ۽ پڙهي وڃي ٿي. اڀرندي يورپ
۾ فرينچ ٻولي بلڪل ختم ٿي وئي آهي ۽ اتي جرمن
ٻوليءَ جو وڌيڪ اثر آهي. فقط بيلجيئم ۽ اسپين جي
اتر واري حصي ۾ فرينچ ڪجهه سکي ويندي آهي. فرانس
جي بين الاقوامي اسڪيم جو حال، کلي طرح واپسيءَ تي
ذڪر ڪندس. فرانس جي سياسي، انفرادي ۽ اجتماعي
حياتي سڄي مريض جيان آهي ۽ وري فرينچن ۾ فرانس جي
ان مرض کي دور ڪرڻ جي ڪا صلاحيت يا ڳڻ ڳوت ۾ به
ڪانه آهي.
خير، فرينچ ڪسٽمس جي ترڪتالن کان جند آزاد
ڪرائي، اسين بس ۾ چڙهياسون ۽ پئرس جو رخ رکيوسيون.
هي هوائي بندر پئرس کان تقريباً ويهه ميل پري آهي
۽ اسين ڪافي مزيدار سير ڪندا آياسون. آخر ڏيڍ
ڪلاڪ هلڻ کانپوءِ، انوليڊ پئرس جي هوائي مرڪز تي
آياسون. سامان کڻي ٽئڪسي ڪري، سڌو پاڪستان هائوس:
ارڙهن لارڊ بائرن روڊ طرف هلياسون. پاڪستان سفارت
۾ پريس سيڪريٽري مسٽر قطب منهنجو دوست آهي، ۽ ان
کي رهائش جي متعلق لکيو هيم. قطب صاحب ويچارو
انتظار ۾ ويٺو هو ۽ ڪجهه ڳالهين کان پوءِ اسان
هوٽل ’ڊپويان روڊي اشيڪيءَ‘ ۾ وياسون، ڪمري ۾
سامان رکي، ٻاهر هڪ ريسٽورنٽ ۾ ماني کائڻ لاءِ
وياسون. هن اچ وڃ ۽ ماني کائڻ کان پوءِ، اٺين بجي
تائين اسان ارڪڊي ٽرانف، شانزيليري، آپيرا
ڪليڊيٽرا، جي. سي. بليوارڊ، ڊي.ڪيوسين بليوارڊ،
ڊي. فاش بليوارڊ تي آياسين. مسٽر قطب ٻڌايو ته
پهرين جولاءِ کان ٽين جولاءِ تائين، اسان جو
پاڪستاني ملٽري ڪائنچمنٽ جو لنڊن ۾ راڻيءَ جي
تاجپوشي لاءِ ويو هو، سو پئرس ۾ آيو هو ۽ ڪافي
مصروف پروگرام رهيو. اسان جي ملٽري بئنڊ پئرس جي
ٻن هنڌن تي وڄائي وئي ۽ ملٽري پريڊ ريڊيو،
ٽيليويزن ۽ اخبارن ذريعي خوب نشر ڪئي وئي هئي.
مسٽر ابراهيم رحمت الله پاڪستاني سفير هن موقعي
تي ٻاهرين ملڪن ۽ فرانس جي عملدارن ۽ شهر واسين کي
مدعو ڪيو هو ۽ پروگرام ڪافي ڪامياب رهيو.
رات جو آئون هڪ کيل ڏسڻ ويس ۽ پوءِ اچي
سمهي پيس، ڇو ته صبح جو اسپين وڃڻ جو خيال هو.،
صبح جو هوٽل ڇڏي، سامان کڻي مسٽر قطب جي هوٽل ۾
آيس، جتي سواءِ هڪ ننڍي پيٽيءَ جي ٻيو سامان
ڇڏيم. اسان گڏجي نيرن ڪئي. توهان کي حيرت ٿيندي،
ته فرانس ۾ نيرن نه ڪئي ويندي آهي، فقط چانهه جو
ڪوپ پيتو ويندو آهي. ان کان پوءِ آئون سڌو آمريڪن
ايڪسپريس آفيس ۾ آيس، جتي اسپين ۽ فرانس جي وچ ۾
هلندڙ مشهور گاڏي انٽرنيشنل ايڪسپريس لاءِ ٽڪيٽ
ورتم. ساڍي ٻارهين بجي صبح جو گاڏي هلي ۽ اسان
مئڊرڊ (اسپين) ڏانهن رخ رکيو.
گاڏيءَ جي وئگن، لٽ پلمن دٻي ۾، مون سان
گڏ هڪ فرينچ ۽ ٻه زال مڙس ارجنٽائن (ڏکڻ آمريڪا)
جا ويٺل هئا. فرينچ کي انگريزي ڪانه ٿي آئي ۽
ارجنٽائن مرد کي بلڪل ڀڳل ٽٽل آئي ٿي، مگر سندس
زال کي انگريزي سٺي ڳالهائڻ آئي ٿي. گفتگو مختصر
رهي جا گهڻو ڪري ملڪ ۽ پنهنجي تعارف متعلق هئي.
هيءَ مشهور گاڏي پئرس کان آسٽرلئز اسٽيشن کان نڪتي
۽ اسي ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي ٿي. پهرين
اسٽيشن بورڊو هئي -’بورڊو‘ فرانس جو مشهور ۽ ڏکڻ
فرانس ۾ وڏي ۾ وڏو شهر آهي. مون سان گاڏيءَ ۾
چڙهيل فرينچ هتي لٿو، ۽ لهڻ کان اڳ چيائين ته هي
اسان جو مشهور شهر آهي ۽ دنيا جو بهترين شراب هتي
ٺهندو آهي. خير هي ٽئي ماڻهو هتي لٿا ۽ انهن جي
جاءِ تي ٻه جرمن اچي ويٺا. جن کي نه فرينچ آئي ٿي
۽ نه وري انگريزي. کين ٿوري ٿوري اسپينش آئي ٿي،.
جيڪا وري مون کي نٿي آئي. ڪافي خاموش وقت گذاريم.
جلد ئي اسين فرانس جي ٻي مشهور شهر ’ليان‘ ۾
آياسين. جتان نڪرڻ کان پوءِ گاڏي سڌو ’هندايا‘
فرانس جي سرحدي شهر ۾ پهتي، جتي اسان جا پاسپورٽ
تپاسيا ويا. هندايا کان پوءِ ڪجهه فرلانگن جي
مفاصلي تي اسپين جي سرحد واري شهر اورن ۾ پهتاسون.
جتي فرانس ۽ اسپين جي ڪسٽمس ۽ پاسپورٽ جي جهڳڙن
کان جند ڇڏائيسون. ان وقت رات جا نوَ ٿيا هئا ۽
اسين صبح جو نوين بجي مئڊرڊ پهچڻا هئاسين. منهنجي
رات جي سفر متعلق گاڏيءَ ۾ سمهڻ لاءِ ٽڪيٽ ورتل
هئي ۽ فقط چانهه پي سمهي پيس ۽ صبح جو مئڊرڊ ۾
اٿيس. اسپين جو هيءُ سفر سمورو رات جو ڪيم، تنهن
ڪري واٽ تي ڪجهه به نه ڏٺم، مگر اهو خيال ڪيم ته
مئڊرڊ کان پئرس واپسيءَ تي هيءُ سفر ڏينهن جو ڪندس
۽ فرانس وارو رات جو...
(”الوحيد“، 16 جولاءِ 1953ع) |