سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سير ۽ سفر

غلام مصطفيٰ شاه

صفحو :3

 

(2)

        پريسٽوڪ  هوائي اڏي تي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ اسان تاريخ 28-جنوري، صبح جو ڏيڍ بجي هوائي جهاز ۾ چڙهي، آمريڪا ڏانهن رخ رکيو. جهاز ۾ مون کي انڊونيشيا جو سابق وزير خارجه ۽ سندس بيگم مليا، جن سان نيويارڪ تائين ڏاڍي سٺي گفتگو ٿيندي رهي: اسين ٿوريءَ تياريءَ کان پوءِ سمهي پياسون، ۽ صبح سوير 9 بجي، تقريباَ يارهن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ ائٽلانٽڪ اُڪري، گئنڊر جي هوائي بندر، جو نيوفائونڊلينڊ ۾ آهي، پهتاسون. ممڪن آهي ته پڙهندڙن کي منهنجي حساب ۾ غلطي نظر اچي، مگر جڏهن اهو خيال ڪندا ته اسين اڀرندي کان الهندي ڏانهن اُڏامي رهيا هئاسون ۽ زمين اسان جي ابتڙ رفتار تان ڦري رهي هئي، تڏهن وقت جو حسابي تفاوت معلوم ٿيندو،. مطلب ته ڪراچيءَ کان نڪرڻ کان پوءِ جتي لٿاسين ٿي،ا ُتي واچ کي چند ڪلاڪ پٺتي ڪرڻو ٿي پيو.

        هوائي جهاز جو سفر، جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ جي مٿان هبيبتناڪ سمجهيو وڃي ٿو، سو اسان ڏاڍو آرام سان ڪيو: ڪڪرن جي مٿان هوائي جهاز زمين کان تقريباً ٻاويهه هزار فوٽن جي مفاصلي تي اُڏامي رهيو هو. ڪڪرن جا ور ائين پئي نظر آيا، جيئن سنڌو نديءَ ۾ سانوڻيءَ جي موسم ۾ چڪريون. بلڪل اها ڪيفيت، جيڪا درياءَ کي سانوڻيءَ جي موج ۾ هوندي آهي. اها عجيب قدرت هئي. وري جڏهن ڪٿي ڪٿي ڪڪرن ۾ خال هو ته هيٺ سمنڊ پئي نظر آيو ۽ اسان برف جا پهاڙ ترندي ڏٺا. الله جو شان آهيٰ اسان ڪڪرن کان مٿي هئاسين ته سج ويچارو نظر پئي آيو. مگر منجهس گرمي ۽ تپش نه هئي. جڏن گئنڊر پهتاسين، ته برف جا ڍير ڏٺاسين، ڪئناڊا جو ڪنارو ۽ نيوفائونڊلينڊ ته برف سان اڇا ٿيا پيا هئا. جهاز لٿو ۽ اسين جهاز جي صفا ٿيل اڏي تي به گوڏي جيڏيءَ برف تي لٿاسين. جهاز هڪ ڪلاڪ گئنڊر ۾ بيٺو. ان مختصر وقت ۾ اسان لهي ڪئناڊا جي زمين ڏٺي، ۽ ڪافي پيتي. هن وقت ماڻهو بلڪل ايسڪيموز وانگر هليا ٿي. ماڻهن جي محنت، ڦڙتي ۽ مقابلي جي طاقت ڏسي حيرت وٺي وئي. ڪئناڊا جا هوائي پوليس ۽ ٻيلن جا راکا هوائي جهاز ڏٺاسين، جنهن ۾ اسان جي لهڻ کان پوءِ پوليس ۽ ٻيلن جا عملدار روانا ٿيا. هي وقت ڪئناڊا ۾ اهڙو آهي، جو خشڪيءَ ۽ ريل جا رستا بند آهن، ۽ هوائي جهاز ئي ڪم ڏئي سگهن ٿا. ڪئناڊا ۾ ڪي ٿورائي ٽڪر آهن، جن ۾ ماڻهو رهن ٿا. ملڪ اسان جي پاڪستان کان پنج يا ڇهه دفعا وڏو آهي، مگر آدمشماري تقريباً هڪ ڪروڙ به مس هوندي. آبهوا ايتريقدر سرد آهي، جو سواءِ ڪن ٿورن شهرن جي ٻيا شهر به ڪونه آهن، سؤ ميل ڏور ڏور، برف ۾ هڪ گهر هوندو، جنهن ۾ عيال رهندو هوندو. ڪئناڊا فطرتاً دنيا جي وڏن ۽ شاهوڪار ملڪن مان آهي. توهان جي اخبار جو پنو به شايد اِتاهين ايندو هوندو.

        خير، اسان 10 بجي گئنڊر مان نڪتاسين، ۽ انهيءَ برف واري حالت ۾، پنجن  ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ، ٻين بجي، انڊلوئيل هوائي بندر تي نيويارڪ پهتاسين. هي پنجن ڪلاڪن جو سفر ڪي قدر سخت قسم جو رهيو. ٻن ڪلاڪن کانپوءِ فضائي حالتون ڏاڍيون خراب رهيون. جو 22  هزار فوٽن تي به ڪڪرن نه ڇڏيو.، جهاز جون بتيون ٻاريون ويون ۽ جهاز کان ٻاهر ڪجه به نظر نٿي آيو، نه آسمان نه زمين! اسان کي طوفان ۽  ڌنڌ ورائي ويا. فضائي حالتون ايتري قدر ته خراب ٿي پيون، جو جهاز هڪ انداز ۽ رفتار ۾ اُڏامي نٿي سگهيو.، ايتري قدر جو يا سؤ- ٻه فوٽ هيٺ وڃي، يا سؤ ٻه فوٽ مٿي، يا هڪ پاسي ٿئي يا ٻئي پاسي. جهاز جون مشينون تمام سٺو ڪم ڪري رهيون هيون. ڪپتان پڻ خبردار هو، مگر اسان سڀئي بيوسيءَ جي عالم ۾ هئاسين 12 بجي جڏهن ماني آئي، ته جهاز ۾ ماني کارائيندڙن جون ڄنگهون پئي وچڙيون.، تقريباً 20 منٽن کان پوءِ اسان جي اڳيان رکيل پليٽون هڪ ڌوڏي ۾ وڃي پٽ تي پيون. آئون نٿو سمجهان ته ڪنهن به پيٽ ڀري کائڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي. آخر، الله الله ڪندي نيويارڪ پهتاسين ۽ آمريڪا ۾ آياسين. مون حساب ڪيو ته ڪراچيءَ مان نڪرڻ کانپوءِ، 39 ڪلاڪن جي هوائي سفر کان پوءِ اسين نيويارڪ پهتا آهيون، يعني ڏهه هزار ميل هوائي سفر رهيو. برابر دنيا ننڍي ٿي پئي آهي:

        آمريڪي ڪسٽمس، هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۽ داخلا ڊپارٽمينٽ مان جند ڇڏائڻ هڪ وڏو خفو آهي. مون کي رومن ڪئٿولڪ ڪرستانن، ۽ فرانسيسي قانون جو اصول ياد آيو ته: ’هر انسان فطرتاً چور ۽ خراب آهي، جيسين پنهنجي چڱائيءَ جو ثبوت نٿو ڏئي’، ٻي بجي کان  چئين بجي تائين اسين پاڻ کي پاس ڪرائيندا رهياسين ۽ فارم ڀريندا رهياسين. ڪيترين ثابتين هوندي ۽ ڏيندي به، وڌيڪ ثابتين جي ضرورت پيش ٿي آئي. آمريڪا جي ڪراچيءَ وارو سفارتخانو (Consulate) ۽ هجرت جو کاتو (Emigration Department) ڪافي دل کي پريشان ڪن ٿا. آئون پنهنجا ڪي تاثرات پوءِ ٻڌائيندس. آمريڪا بابت جيڪي لکڻو هوندو، اُهو هتي رهي، ۽ ڪجهه ڏسي پوءِ لکندس.

        سڀني قسمن جي سوالن جوابن کان آزاد ٿي، اسين ٻاهر نڪتاسين ۽ مون ڪجهه سوچڻ کانپوءِ ٽيڪسيءَ ۾ سامان رکيو. جيئن ته اسين نيويارڪ شهر کان اٽڪل 40 ميل پري هئاسون، ان ڪري جلد اوڏانهن رخ رکيم. 5 بجي آفيسون بند ٿين ٿيون. مون کي رات ڪاٽڻ ۽ وڌيڪ سفر جو خيال هو. آمريڪن ايڪسپريس ڪمپنيءَ جي آفيس ۾ پهچڻو هو، ۽ نوٽ مٽائڻا هئا ۽ ريلوي ٽڪيٽ جي رسيد وٺڻي هئي. ڀڄندي ڀڄندي نيويارڪ جون ٻڌل ڳالهيون، ڏسڻ سان ثابت ٿيون. ملڪ جي تونگري، آسودگي ۽ دنيوي معيار جي بلندي اکين سان ڏسڻ ۾ پئي آهي. انسانن جي محنت ۾ اورچائي، جفاڪشيءَ ۽ هنر ڇا نه ڪيو آهي! آمريڪن ايڪسپريس جي آفيس ۾ پهچي، ٽڪيٽ جو بندوبست ڪري، پئسا مٽائي فارغ ٿيس. تنهن کانپوءِ پنهنجي رهڻ جو رات لاءِ هوٽل ٽافٽ ۾ بندوبست ڪري، ٿڪجي ٽٽجي پيس. ماني کائي سمهي رهيس، ٻاهر نڪرڻ تي دل نه چيو، فقط ٻه ڪم ڪيم: هڪ تار گهر سلامت پهچڻ جي ۽ ٻي تار، سنڌ مسلم ڪاليج جي پروفيسرن کي ڪيم، جي نيويارڪ ۾ هئا.

        منهنجي دوستن، يونيورسٽيءَ جي ماڻهن، ۽ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ کي ائين معلوم ٿيو هو، ته آئون نيويارڪ 29-تاريخ پهچندس، وٽني فائونڊيشن، جن کي منهنجي هتي رهڻ جو سمورو خرچ برداشت ڪرڻو آهي، انهن کي به اهو اطلاع هو. مگر آئون 28-تاريخ اچي پهتس. ڪنهن جو به جهاز تي نه اچڻ جو غصو هو، مگر  هن اطلاع کانپوءِ ماٺ ڪرڻي پئي. صبح ٿيو، سامان ريلوي ڪمپنيءَ جي حوالي ڪري، فائونڊيشن جي آفيس ۾ ويس ۽  اُتان پئسا هٿ ڪيم. ان کانپوءِ، ٿورو وقت نيويارڪ جو سير ڪيم ۽ ڪجهه وقت وڌيڪ ڏسڻ وائسڻ جو مليو.

        نيويارڪ شهر جو بيان هن وقت ايترو ڪافي ٿيندو، ته شهر کي ڏسڻ سان اُن جي آسمان ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ظاهر ٿئي ٿي. بجليءَ مان آمريڪا وارن برابر فائدو ورتو آهي،  جنهن انداز ۾ بجليءَ کي استعمال ڪيو پيو وڃي، تنهن  انداز ۾ شايد ٻي ڪابه شيءِ نٿي ڪئي وڃي. بتين، بٽڻن ۽ مشينن جي دنيا ۾، انسان جي  بي وسيءَ ۽ ڪمزوريءَ جو اندازو هڪ طرف،  ته اُن جي عقل، دماغ ۽ جستجوءَ جو ٻئي طرف لڳي ٿو. نيويارڪ جي زمين جي اندر، ريل ايڏي معيار جي نه آهي، جيڏي لنڊن ۾ آهي. باقي احوال ٻئي دفعي، خاص نيويارڪ تي مضمون لکڻ سان ٻڌائيندس:

        هڪ عجيب تجربو حاصل ٿيو: منهنجي وڃڻ جو انتظام سينٽرل اسٽيشن يا پينسلولينا اسٽيشن تان نه ٿي سگهيو ۽ مون کي جيئن ته جلد وڃڻو هو، ان ڪري بالٽيمور ۽ اوهائيو ريل تي بندوبست ڪري ڏنو ويو. نيويارڪ شهر جي وچ کان راڪفيلر پلازه وٽان هڪ شاهي بس ۾ سوار ٿياسون ۽ اسان کي جرسي شهر وڃڻو هو. بس ۾ اسين اٽڪل سوا ڪلاڪ هئاسون، ۽ نيويارڪ جي بيشمار ٽرئفڪ جو اندازو ٿيو. موٽرن، لارين ۽ هر قسم جي مشينن جي رفتار ڏسي، حيرت وٺي ويئي. هنن  انسانن جي تيزيءَ ۽ چڪر کي جهڙي نموني ترتيب ڏني ويئي آهي، انهيءَ مان ئي انسان جي انتظامي مهارت جو اندازو لڳي ٿو: جڏهن مشينن سان رانديڪن وانگر کيڏيو وڃي ٿو، ته نقصان به ايترو ئي سٺو وڃي ٿو. خير، لاري هڪ جاءِ ۾ گهڙي، پنجن منٽن کان پوءِ جڏهن ٻاهر نڪتاسين ته لاريءَ ۾ ويٺل. مگر اها پاڻيءَ تي تري رهي هئي! اها حيرت جهڙي ڳالهه هئي. اسين هن درياءَ ۾ اٽڪل اڍائي ڪلاڪ رهياسون ۽ ان کانپوءِ ٻئي طرف اُنهيءَ لاريءَ ۾ ويٺل پهتاسون. ٻئي طرف وري ساڳيءَ جاءِ ۾ گهڙياسين ۽ لاري پنجن منٽن کان پوءِ وڃي ريل جي پليٽ فارم تي پهتي. مون کي فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ هئي، آرام سان پنهنجي ٽڪيٽ مطابق  گاڏيءَ ۾ ويٺس.

        گاڏيءَ ۾ گهڙڻ سان ٻاهر جي سردي ته ٺهيو، مگر سخت گرمي ٿيڻ لڳي، آمريڪا ۾ اها مصيبت آهي. اندر جايون ايتري قدر گرم آهن، جو توبه! ۽ ٻاهر 32 يا 35 ڊگرين جي سردي! هن ايڏي تفاوت سان وڏي تڪليف پيش ٿي اچي. هڪ طرف ماڻهو رڳو قميص مان تنگ، ته ٻئي طرف ڪپڙن جو ڍير ٿو پائڻو پويس. انگريزن کي ڏسي سمجهان ٿو، ته هن حالت ۾ اهائي زياده تميز آهي.

        ريل جو ڀاڙو ڏاڍو مهانگو آهي. تقريباً اسان جي فرسٽ ڪلاس جيترو ڀاڙو هتي گهٽ کان گهٽ درجي جو آهي. فرسٽ ڪلاس جو ڀاڙو وڌيڪ ته، وري سمهڻ جي جاءِ جو اُن کان وڌيڪ، ماڻهو پنهنجا ڪمرا به رکن ٿا ۽ ان جو ڀاڙو اڃا به وڌيڪ! گاڏيءَ ۾ ويهڻ جون جايون ڌار، اخبار پڙهڻ لاءِ لائونج ڌار، ڊائننگ روم ڌار. ٻيڙي پيئڻ لاءِ به ڪمرو ڌار آهي! هن قسم جي عياشي ڏسي حيرت لڳي. آمريڪا جي سرمائيداريءَ جا معجزا عجيب آهن، جن جو ذڪر ٻئي ڪنهن دفعي ڪندس. ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو، ته هن قسم جي معياري چڱائي ۽ بدتر برائي، ٻيئي گڏ ۽ همسايا ڪنهن به دنيا جي ملڪ ۾ نه ملندا. امن ۽ جنگ، خوشي ۽ روڄ، عياشي ۽  مسڪيني، غرور ۽ بيوسي، انسانيت جو احساس ۽ انسانيت سان ظلم، اخلاق کي همٿائڻ ۽ اخلاق کي پئسن جي ذريعي دٻائڻ جون حالتون ايڏي انداز تي ڪٺيون، ڪنهن به ملڪ ۾ نه ملنديون!

        اسين تقريباً 18 ڪلاڪن ۾ اٽڪل 800 ميلن جي سفر کان پوءِ، لوئيوائل پهتاسون، گاڏيءَ جي رفتار اٽڪل 60 ميل  ڪلاڪ  ۾ رهي. پهچڻ سان اسان کي هڪ ڪلاڪ  واچ کي پٺتي ڪرڻ  لاءِ چيو ويو. آمريڪا ۾ چار اسٽئنڊرڊ وقت آهن: هڪ اڀرندي جو، نيويارڪ جي ويجهو، ٻيو وچ  وارو، ٽيون ڏکڻ جو ۽ چوٿون الهندي جو وقت. تقريباً 6 کان 8 سؤ ميلن جي مفاصلي تي ٻيو وقت شروع ٿو ٿئي. آمريڪا جي جاگرافيائي بيهڪ هن طرح آهي:

        ملڪ اڀرندي کان الهندي اٽڪل 3 هزار ميل آهي، ۽ اتر کان ڏکڻ 7 هزار ميل آهي. هي 48 حصن ۾ ورهايل آهي ۽ سندس آدمشماري 15 ڪروڙ آهي. خيالي ۽ پيدائشي نقطئه نظر کان جيڪڏهن اوهان هڪ ليڪ ڪڍندا جا سان فرانسسڪو ويندي، ته توهان کي خبر پوندي، ته اتر ملڪ وڌيڪ هنرمند ۽ ڪارخانن جو ملڪ آهي، ۽ اڀرندو وڌيڪ زراعتي ۽ پوک پيدا ڪندڙ حصو آهي. شيدي گهڻا اڀرندي ۾ رهن ٿا ۽ ٿورا اتر ۾. اتر ۾ ٿورا گهڻا ماڻهو انساني زندگي بسر ڪن ٿا، مگر اڀرندي ۾ توبهه آهي. هن مسئلي جو احوال ڪنهن ٻئي خط ۾ لکندس.

(”الوحيد“ 20- فيبروري، 1953ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org