(18)
توهان کي اڳيان ٻه خط مليا هوندا. اجهو هي
خط توهان کي اڄ تاريخ پنجين جون شام جو لکي رهيو
آهيان. انشاءَ الله تعاليٰ سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن شام
جو هتان نيويارڪ مان هوائي جهاز رستي نڪرندس ۽ گهر
ڏانهن رخ رکندس. توهان وٽ اڻويهين جولاءِ تي
پهچندس. جن ملڪن مان ٿيندو ايندس، ان جو احوال هن
خط جي آخر ۾ ڏيندس.
گذريل اٽڪل ارڙهن ڏينهن ڏاڍا سبق وارا
گذاريا اٿم. توهان کي اڳئين خط موڪلڻ وقت مون کي
ٻه دعوت ناما آيا هئا: هڪ ڪئنساس سٽي مسوري
يونيورسٽيءَ کان ۽ ٻيو ڪئنساس اسٽيٽ يونيورسٽي
لارينس کان. اهي دعوت ناما پريزيڊنٽ ڊيڪر۽
پريزيڊنٽ مرفي وٽان آيل هئا. هن موقعي تي مون نه
فقط ملڪ ڏٺو، مگر آمريڪا جون ڪي بهترين
يونيورسٽيون ۽ اسڪول به ڏٺم. موٽندي پريزيڊنٽ
روزويلٽ اسڪول واشنگٽن ۾ ڏٺم ۽ نيويارڪ سٽي اسڪول
به ڏٺم. ڪئنساس اسٽيٽ جو شاني مشن اسڪول پڻ ڏٺم.
هن اداري جو ٿورو بيان ڪندس- پهرين اوهان کي اهو
ٻڌايان ته رستو ڪهڙو ورتم. آئون ريل رستي مسنائي
کان سينٽ لوئيز ۽ پٽس برگ کان ٿيندو آيس. هي شهر
آمريڪا جي هنري ڪمالات جا گهر آهن ۽ هنن شهرن جي
انچ انچ تي لوهه ۽ ڪوئلي جو نشان آهي. ڪارخانن کي
ڏسي مون تي هيبت طاري ٿي وئي. اهو هڪ خاص دلچسپ
بيان ٿيندو. هڪ- هڪ ڏينهن هر شهر ۾ گذارڻ کان
پوءِ، ڪئنساس سٽي مسوريءَ ڏانهن رخ رکيم. پريزيڊنٽ
ڊيڪر منهنجي رهڻ جو انتظام ’محل باڪ‘ هوٽل ۾ ڪيو
هو، جنهن جي خرچ ڏيوالو ڪڍائي ڇڏيو. خير اهي خرچ
جون ڳالهيون پوءِ. توهان کي هن يونيورسٽيءَ ۽
ڊاڪٽر بابت ڪجهه ٻڌايان.
ڊاڪٽر ڊيڪر مرحوم لياقت علي خان جي
حياتيءَ ۾ آمريڪي فرم سان سن 1949ع ۾ پاڪستان آيو
هو. مرحوم لياقت علي خان کي آمريڪا جي پريزيڊنٽ
ٽرومن طرفان آمريڪا اچڻ جي دعوت ڏني هئائين.
منهنجو ان وقت واقف ٿيو. مرحوم لياقت علي خان جڏهن
آمريڪا آيو هو، تڏهن کيس ڪئنساس سٽي مسوري
يونيورسٽيءَ ۾ اعزازي ڊگري ڏني وئي هئي. مون کي هن
يونيورسٽيءَ جي ڏسڻ ۾ ڪافي دلچسپي هئي. مون
يونيورسٽيءَ ۾ جنهن جاءِ تان مرحوم وزير اعظم کي
ڊگري ڏني وئي هئي. اُها جاءِ ڏٺي- هڪ لوهه جي ٽڪر
تي اها حقيقت لکيل ڏٺم، جا پٿر جي ديوار ۾ لڳل
هئي. ايڪٽيهين مئي تي يونيورسٽيءَ جي ڪانووڪيشن
هئي ۽ مون کي پريزيڊنٽ ڊيڪر اُن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ
دعوت ڏني هئي.
آئون هن شهر ۾ اٺاويهين مئي تي پهتس ۽
پهرين جون تائين رهيس. اڻٽيهين مئي ڪئنساس اسٽيٽ
ڏي ويس. جتي شاني مشن اسڪول، جانسن ڪائونٽي ۾ ڏٺم.
اسڪول ۾ ٻه ڪروڙ ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن! اسڪول ۾
ڇويهه سؤ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڙهن ٿيون. هنن مان اٽڪل
ارڙنهن سؤ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنهنجن موٽرن ۾ اسڪول
پڙهڻ لاءِ اچن ٿا. اسڪول ڏانهن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين
لاءِ مفت بسون هلن ٿيون. شاگرد تقريباً پنجٽيهه يا
ٽيهه ميلن تان به هر روز اچن ٿا.
ٽيهين مئي تي آئون ڪئنساس اسٽيٽ
يونيورسٽي، لارينس ۾ ويس. ڪئنساس يونيورسٽي وچ
آمريڪي حصي ۾ وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آهي. منجهس
ٻارهن هزار شاگرد آهن. شيدي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي
داخلا ڏني ويندي آهي.
ٻي هڪ ڳالهه جي خبر پئي، ته پاڪستان کي
جيڪا آمريڪا مان ڪڻڪ ملي آهي، اُها ڪئنساس اسٽيٽ
مان ايندي. مسٽر ڊارلنگٽن، هڪ دوست ان اسٽيٽ جي
سير تي وٺي هليو. ڇا ٻڌايانوَ سؤ ميلن ۾ هليا هلو،
نظر ڊوڙايو ته نظر کٽي وڃي- موٽر ڊوڙايو ته ٻئي
طرف نه پهچو! زمين اهڙي جهڙو جهوڪ ۽ شاهه ڪريم
وارو پوٺو. خبرنه آهي ته توهان کورواهه طرف ويا
آهيو يا نه. خير ان کان پوءِ مون کي ڪڻڪ جي رکڻ
جون جايون ڏيکاريون ويون. ڇا ٻڌايانوَ- انتظام
ڏسڻ وٽان آهي. اٽڪل ڏيڍ سؤ يا ٻه سؤ نوان پائيپ
اٽڪل پنجاهه فوٽن جي ڊاياميٽر جا ٺهيل آهن، جن ۾
مشينون مٿان ڪڻڪ وجهن ٿيون ۽ هيٺان ڪنهن به وقت
ڪڍي سگهجي ٿي. توهان کي هتي آمريڪا جا وڏا ۽
بهترين کاڌي جي شين ٺاهڻ جا ڪارخانا ملندا. اهڙي
هڪ ڪارخاني ۾ ويس، جهن ۾ پندرنهن هزار ماڻهو ڪم ڪن
ٿا ۽ هر هڪ مزور گهٽ ۾ گهٽ ويهه ڊالر روز ڪمائي
ٿو. ڪئنساس اسٽيٽ ۾ جيتري ڪڻڪ ٿئي ٿي ايتري دنيا
جي ٻئي ڪنهن به حصي ۾ نٿي ٿئي. هن ملڪ ۾ هڪ قسم جا
نار اليڪٽريءَ تي ڌٺم، جنهن جو ذڪر پوءِ ڪندس.
ڪئنساس يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي يونين جي
تازي ٺهيل جاءِ ڏٺم، جنهن تي سوا ڪروڙ ڊالر خرچ
ڪيا ويا آهن. جاءِ اسان جي گورنر جنرل هائوس کان
به وڏي ۽ ايئرڪنڊيشنڊ آهي. هن يونيورسٽيءَ ۾ هڪ
پاڪستاني شاگرد ڏٺم جيڪو سيالڪوٽ کان آيل هو.
ڪئنساس سٽي مسوريءَ ۾ چار پاڪستاني شاگرد
آهن. انهن ۾ هڪ ڇوڪري به آهي، ٻه ڇوڪرا لاهور کان
آيل آهن ۽ هڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ڪوئيٽا کان. هنن
شاگردن سان ملڻ ٿيو. رات جو پاڪستاني ماني
کارايائون، جنهن ۾ ڪجهه سندن آمريڪي دوست به هئا.
هن دعوت ۾ ڊاڪٽر رائلن ليوٿيرين مذهب جو پادري به
هو. جيئن ته مون کي ايڪٽيهين تاريخ آچر ڏينهن صبح
جو سندس ديول ۾ تقرير ڪرڻي هئي. ان ڪري کيس دعوت
ڏئي گهرايو ويو هو. کاڌو ڏاڍو سٺو هو. سڀني
آمريڪين کي پسند آيو ۽ ڊاڪٽر رائلن به تعريف ڪئي.
صبح جو جڏهن آئون سندس ديول ۾ ويس، ته مون کي
چيائين ته ”غلام مصطفيٰ، کاڌو ڏاڍو سٺو هو، مگر
ايترو ته گرم هو ۽ ايتري ته اڃ ڪيائين جو رات سڄي
خوابن ۾ گذري اٿم.“ مون کي ويچاري تي رحم آيو.
مرچن ويچاري سان ڪلور ڪيا هوندا. آئون پنهجي حال
کي مخفي رکان ٿو، ايڪٽيهين تاريخ آئون ڪانووڪيشن ۾
شامل ٿيس ۽ ٻي جون تي نڪتس، واٽ تي واشنگٽن ويس، ۽
پريزيڊنٽ روزويلٽ اسڪول ڏٺم.
آمريڪا ۾ ٽي وڏا اسڪول آهن: هڪ نيويارڪ
اسڪول، ٻيو روزويلٽ اسڪول ۽ ٽيون شاني مشن اسڪول،
جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪيو اٿم. ٽي جون تي صبح جو
نيويارڪ پهتس ۽ هتي نيويارڪ اسڪول ڏٺم ۽ واپس اچڻ
جي تياريءَ ۾ لڳس.
پهرين هڪ ٻي ڳالهه ٻڌايانوَ، توهان کي ياد
هوندو، ته اپريل جي شروع ۾ جڏهن آئون نيويارڪ آيو
هوس، ته مون ريڊيو سٽي ميوزڪ هال جو ذڪر ڪيو هو.
مون کي مسٽر هيڪر مئنيجر کان ان جي باريڪ طرح ڏسڻ
جي دعوت آيل هئي ۽ ڪالهه آئون ۽ منهنجو دوست
پروفيسر مختيار اُهو ڏسڻ وياسون. اسين هن فريبي
دنيا جا قائل ٿي ٻاهر نڪتاسون. هي ڪو معمولي ٿيئٽر
نه آهي. جنهن پيماني تي نظام ۽ انتظام هلي رهيو
آهي. اُن تي حيرت ٿي وٺي. سڄو اسٽيج پنجاهه فوٽ
ڊگهو ۽ هڪ سؤ فوٽ ويڪرو آهي. اسٽيج ڇهن ٽڪرن ۾
آهي، جيڪي ٽڪرا فقط هڪ بٽڻ دٻائڻ سان چوويهه فوٽ
هيٺ زمين ۾ وڃي سگهن ٿا يا ستاويهه فوٽ مٿي. هر هڪ
ٽڪر جي تور سٺ ٽن آهي. هر ٽڪر ۾ طبقا ٺهيل آهن.
مون توهان کي ٻڌايو هو، ته سڄو هال اسان جي
خالقڏني هال کان ڏهه يا ٻارهن دفعا وڏو آهي، مگر
هڪ ٿنڀ نه اٿس. سڄو ايئر ڪنڊيشنڊ آهي. جاءِ ۾
ڪارخانا ڏسي عجب لڳم. هن ٿيئٽر کي پنهنجو ڊاڪٽر،
پنهنجو سرجن ۽ چار نرسون رکيل آهن. ٿيئٽر جي مشينن
کي سنڀالڻ واري کي مهيني ۾ ٽي هزار ڊالر پگهار ملي
ٿو. اسان کي گهمائي ڦيرائي ڪجهه ڪتابن جي تحفي سان
ٻاهر آندو ويو.
ريڊيو سٽي ميوزڪ هال هڪ طلسم جي جاءِ آهي.
هن دفعي نيويارڪ ۾ گهمڻ جو نه خيال هو ۽
نه وقت هو. مون کي اڃا ڪافي ملڪن مان ٿي اچڻو هو،
ان ڪري انهن لاءِ ويزا وٺڻ ۾ وقت صرف ڪيم، هنن
ملڪن جي ويزائن وٺڻ تي پنجهٺ ڊالر خرچ ٿيا. اهو به
وڏو ويل آهي. توبهه!
ڪالهه آمريڪي ايڪسپريس ڪمپنيءَ مان ٽڪيٽون
هٿ ڪيم ۽ اجهو هن طرح واپسي ٿيندي. سفر هن طرح
رٿيو اٿم:
سڀاڻي ڇهين تاريخ جو هتان نڪرندس ۽
مانٽريال يعني ڪئناڊا ويندس. پوءِ هن طرح مانٽريال
(ڪئناڊا)، پريسٽوڪ (اسڪاٽلينڊ)، لنڊن، امسٽرڊام،
هالينڊ، ڪوپن هيگن (ڊينمارڪ)، هيلسنگي (فنلينڊ)،
اسٽاڪهوم (سئيڊن)، پئرس (فرانس)، مئڊرڊ (اسپين،)،
زيورچ (سئٽزرلينڊ)، روم (اٽلي)، قاهره (مصر) ۽
پوءِ ڪراچي. هر هڪ ملڪ کان 3 کان 4 ڏينهن تائين
رهڻ جو ارادو آهي. انشاءَ الله اڻويهين جولاءِ تي
ڪراچي پهچندس. مطلب ته واپس ڪراچي هوائي اڏي تي
پهچڻ وقت کيسي ۾ پائي نه هوندي. پنهنجي ڀاءُ نجم
الدين کي اپيل ڪئي اٿم.
سائين منهنجا انشاءَ الله هيءُ سفر پورو
ڪري اچي توهان جو ديدار ڪندس. الله تبارڪ و تعاليٰ
توهان کي خوش رکي. اسان کي به دعا ڪندا. جتي به
فرصت ملي. اُتان توهان کي لکندو رهندس. البت هيءُ
ڏينهن درويشيءَ ۽ قلندريءَ ۾ گذرندا. آئون پنجن
هوائي ڪمپنين جي جهازن ۾ سوار ٿيندس: ڪلونيل
ايئرويز، بي.او. اي. سي، ڪي. ايل. ايم. اسڪنڊينوين
ڪمپني، فنش ايئر سئيز ڪمپني ۽ ٽي. ڊبليو. اي.
قاهره کان ڪراچيءَ تائين ڪي. ايل. ايم ۾ ايندس. هن
دفعي سفر ۾ فقط ٽيويهين سيرن جو بار کڻڻ جي اجازت
آهي. ٽيويهين سيرن ۾ ڇا ايندو ان جي خبر اٿوَ!
هيءُ آمريڪي سفر ۽ ان جو بياني احوال پورو
ٿيو. تنقيدي احوال واپسيءَ تي شروع ڪندس، مگر هڪ
مزيدار ڳالهه ٻڌايانوَ. منهنجو هڪ عزيز دوست آهي،
جنهن کي عموماً غصو تمام گهڻو لڳندو آهي. ڪاڪو دين
محمد عليگ شاهد آهي. چند ڏينهن ٿيندا ته هن بزرگ
دوست سخت شدت سان لکيو آهي، ته آئون بيڪار آهيان،
سواءِ لکڻ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي ٻيو ڪجهه به نه
ڄاڻان. مطلب ته سندس نظر ۾ آئون بلڪل خبرنه آهي
ته ڇا آهيان؟ ڇو؟ سو فقط هن ڪري ته آئون فوٽوگرافي
ڪونه ڪري سگهيس ۽ نه ڪئميرا ورتي اٿم.
پير علي گوهر منهنجو عزيز ۽ پراڻو دوست
آهي. خدا کيس سکي ۽ متمول ڪيو آهي. سندس
فوٽوگرافيءَ سان دلچسپي تڏهن کان هئي، جڏهن اسين
سنڌ مدرسي ۾ پڙهندا هئاسون. جڏهن پير صاحب هزار
رپين جي ڪئميرا وٺندو هو، تڏهن مون وٽ ملباري جي
چانهه لاءِ ٽڪو به گهڻو ڪري نه هوندو هو. پير صاحب
ڪاوڙ ۾ لکيو آهي، ڪهڙو نه سٺو ٿئي ها جو آئون هنن
ملڪن ۾ اهڙين خوبصورت جاين جا فوٽو وٺي اچان ها.
مون کي کل آئي. پير صاحب کي ڪهڙي خبر ته جيڪڏهن
آئون هڪ ڪئميرا وٺان، ته منهنجو هڪ مهيني جو پگهار
چٽ. وري هيءَ دلچسپي اهڙي جو مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ
چوٿون حصو پگهار جو ته کاڄي وڃي. سو سائين، اسان
جو هي حال ۽ مٿان ”پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري“ وارو
قصو ٿي پوي. آئون ڪاڪي دين محمد عليگ کي اپيل
ڪندس، ته پير علي گوهر جي ڪاوڙ ٿڌي ڪري. اسين
ماستر، لکڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۽ پيٽ پالڻ ۾ پورا
آهيون. دعا ڪندا.
(”الوحيد“ 1- جولاءِ، 1953ع)
(19)
هيءُ خط اوهان کي انگلينڊ مان لکي رهيو
آهيان. منهنجا اڳيان خط توهان کي مليا هوندا. اجهو
هيءُ آهي وڌيڪ احوال:
عرض ته ڇهين جون سن 1953ع جي شام جو ٽين
بجي آئون پروفيسر مختيار گڏجي لاگارڊيا هوائي بندر
تي نيويارڪ ۾ آياسون. خبر ملي ته ڪلونيل اسڪاءِ
ماسٽر هڪ ڪلاڪ ليٽ آهي. جنهن ڪري ترسياسون. حرارت
ان ڏينهن ايڪانوي ڊگري هئي ۽ هوا سخت گهميل هئي.
نيويارڪ ۾ ڪابه برسات چند ڏينهن ٿيا ته نه پيئي
هئي ۽ ان ڏينهن برسات ۽ طوفان جا آثار هئا. خير،
اسان کي هوائي جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ چيو ويو ۽ اسين
سامان هٿن ۾، ڪلهي تي مٿي تي کڻي، جهاز ڏانهن
هلياسون. ان خيال سان ته پورن ساڍن چئن مهينن کان
پوءِ گهر ڏانهن رخ رکيو اٿم، خوشي ٿي ڏني.
جهاز ڏانهن نگاهه ڪيم ته مشينون به ڏٺم،
هن کان اڳي سڄو سفر چئن مشينن واري جهاز ۾ ڪيل
هو. دل ۾ ٿوري ٿوري هٻڪ پيدا ٿي، مگر اسين ماستر
توڪل جي ترهي کي اصل ڪونه ڇڏيون. جهاز ۾ چڙهياسون.
اسين ٻاويهه مسافر هئاسون. چڙهڻ کان پوءِ پنجن
منٽن ۾ اسين نيويارڪ مٿان اڏامي رهيا هئاسون. جنهن
ڏينهن آئون نيويارڪ آيو هوس، ته ائڊلوائيلڊ هوائي
بندر تي لٿو هوس، جونيويارڪ کان گهڻو ٻاهر آهي.
لاگارڊيا بندر نيويارڪ شهر جو بندر آهي ۽ جنهن جو
نالو مسٽر لاگارڊيا نيويارڪ جي ميئر جي نالي سان
آهي. هن هوائي بندر تي فقط اندروني هوائي آمدورفت
ٿيندي آهي. خير جهاز مانٽريال (ڪئناڊا) جو رخ
رکيو. خبر ملي ته پوڻا ٻه ڪلاڪ سفر آهي. هوائي
جهاز پنهنجي رفتار ورتي ۽ اسان آمريڪا کي خدا
حافظ چيو. جڏهن ڪئناڊا جي اراضيءَ ۾ آياسون، ته
اسان کي ات برسات ۽ طوفان اچي ورتو، جنهن جو اڳ
انديشو هو. ڪجهه هيٺ مٿي حرڪتون ۽ لوڏا جي اسان
کي پوئين اڌ ڪلاڪ ۾ مليا، تن کان بچي اچي مانٽريال
جي هوائي اڏي جروال تي پهتاسون. سردي مختصر هئي.
مگر ته به ڊگهي گرم ڪوٽ جي ضرورت پئي.
آئون ان وقت مئڪگل يونيورسٽيءَ جي دعوت تي
وڃي رهيو هوس، جيئن ته جهاز ليٽ هو، ان ڪري ٻه
دوست جيڪي هوائي جهاز تي ملڻ آيا هئا، اتي ويا
هليا. جڏهن هوائي جهاز کان ٻاهر نڪتس، ته مون کي
هڪ پوليس آفيسر هڪ پرزو ڏنو، جنهن ۾ هوٽل وغيره جو
احوال هو. پروفيسر ڪارٽيول سمٿ اهو پرزو ڇڏيو هو
۽ اسين ڪسٽمس کان آزاد ٿي ٽيڪسي موٽر ۾ چڙهياسون.
اسان کي ڪنهن به تڪليف يا رد و بدل کي منهن نه
ڏيڻو پيو، ڇو ته اسين ڪامن ويلٿ ملڪ ۾ آيا هئاسون.
نه ويزا جي پڇا نه ڪسٽمس جي. اسين سامان کڻي
بارڪلي هوٽل ۾ آياسون ۽ مخصوص ٿيل ڪمري ۾ وياسون.
پروفيسر مختيار کي پاڻ سان ڪئناڊا زبردستيءَ آندو
هوم، مگر اچڻ کان پوءِ خوش ٿيو. اسين مانٽريال شهر
۾ هئاسون ۽ شهر هوائي اڏي کان ارڙهن ميل پري آهي.
هاڻي توهان کي ڪجهه ڪئناڊا بابت ٻڌايان.
اتر آمريڪا جي گرين لئنڊ کي ڇڏي باقي چار حصا آهن:
هڪ الاسڪا، ٻيون ڪئناڊا، ٽيون آمريڪي رياستهائي
متحده (جنهن کي اسين فقط آمريڪا سڏيون ٿا) ۽
چوٿون ميڪسيڪو. هنن ٽڪرن ۾ڪئناڊا وڏي ۾ وڏو حصو
آهي. مگر آمريڪا سڀ کان طاقتور آهي. الاسڪا
آمريڪا جي هٿ ۾ آهي ۽ ميڪسيڪو جي ڌرتي ڳچي آمريڪا
جي هٿ ۾ آهي. آمريڪا جي مقابلي ۾ ڪئناڊا ويچارو
ملڪ آهي.
ڪئناڊا ڪامن ويلٿ ۾ آهي. اهڙي نموني جهڙي
نموني پاڪستان، سن 1868ع ۾ ڪجهه لڙاين ۽ ردوبدل
کان پوءِ انگريزن ڪئناڊا کي خودمختاري ڏني، ۽
ڪئناڊا انگلينڊ سان ناتا ٽوڙيا. ڪئناڊا ۾ جيڪي
ماڻهو رهن ٿا، اُهي انگريزن ۽ فرينچن جو اولاد
آهن. ڪئناڊا ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ ماڻهو رهن ٿا.انگريزي
۽ فرينچ ٻيئي سرڪاري ۽ دفتري زبانون آهن. اهو
اسان جهاز کان نڪرڻ شرط محسوس ڪيو. هر نوٽيس، هر
اطلاع ۽ نشان ٻنهي ٻولين ۾ لکيل هو. هر قسم جي
هدايت ٻنهي زبانن ۾ لکيل هئي. ڪئناڊا جي
پارليامينٽ ۾ ٻيئي ٻوليون هلن ٿيون ۽ قانون ٻنهي
زبانن ۾ لکيل آهن. اسين مانٽريال ۾ گهڻو ڪري فرينچ
حصي ۾ هئاسون.
ڪئناڊا جي اڀرندي حصي ۾ اوٽاوا تائين
فرينچ گهڻا آهن.مگر اوٽاوا کان اولهندي ۾ گهٽ آهن.
ڪئناڊا ۾ چاليهه سيڪڙو فرينچ آهن ۽ سٺ سيڪڙو
انگريزن جو اولاد. مانٽريال ڪئناڊا جو وڏي ۾ وڏو
شهر آهي ۽ منجهس پنجهٺ سيڪڙو فرينچ آهن. ٻه
يونيورسٽيون آهن: هڪ مئڪگل، جنهن جا اسين مهمان
هئاسون. هن ۾ تعليم انگريزي ۾ آهي ۽ ٻي مانٽريال
يونيورسٽي، جنهن ۾ فرينچ ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني وڃي
ٿي. ڪئناڊا جي گاديءَ جو هنڌ اوٽاوا آهي.
مانٽريال لارينس نديءَ تي نيويارڪ کان
پوءِ اتر آمريڪا جو وڏي ۾ وڏو هوائي ۽ بحري بندر
آهي. پئرس کان پوءِ ٻيو نمبر فرينچ وڏو شهر آهي.
کيس اتر آمريڪا جو پئرس سڏيو وڃي ٿو. لارينس ندي ۽
ڍنڍ اٺ مهينا سال جا کليل آهن ۽ چارمهينا سرديءَ
۾ ڄمي برف ٿي پونديون آهن.مانٽريال هڪ ٻيٽ تي ٻڌل
آهي ۽ سندس آدمشماري اٽڪل سورنهن لک آهي.
اسان جي اچڻ کان پوءِ اٺين بجي، رات جو
پروفيسر سمٿ اسان وٽ آيو ۽ ماني گڏجي کاڌيسون. رات
جو ساڍي يارهين بجي تائين ماني به کائيندا رهياسون
۽ ڳالهيون به ڪندا رهياسون. پروفيسر سمٿ مئڪگل
يونيورسٽيءَ ۾ اسلامي تدريس جو ڊائريڪٽر آهي. علي
ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ اٺ سال پڙهايو اٿس ۽ پاڪستان ۾
به ڪافي دوست اٿس. اٽڪل سال کن ٿيندو ته پاڪستان
ويو هو. کيس وڏو افسوس هو، ته اسان جي بزرگ وائيس
چانسلر محترم آءِ آءِ قاضيءَ سان ملي نه سگهيو.
مون کي ٻڌايائين ته قاضي صاحب جي ٻن شاگردن الله
بخش بروهي ۽ پروفيسر قاضي مرتضيٰ، جو سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ اردوءَ جو پروفيسر آهي، تنهن سان
مليو هو. اميد ڪيائين ته ٻئي سال پاڪستان ويندو.
کيس ڪجهه پروگرام آهي، جنهن لاءِ استادن ۽ شاگردن
جي مدد وٺندو.
اسان ڪئناڊا جي تعليمي، اقتصادي ۽ قومي
معاملات تي ڳالهيون ڪيون ۽ چند ڳالهيون واضح
ٿيون: ڪئناڊا تي اخلاقي ۽ تعليمي اثر انگريزن جو
آهي. ڪئناڊا برٽش ڪامن ويلٿ جو ميمبر آهي، مگر
ٻين حالتن ۾ مٿس آمريڪا جو اثر آهي. عملي طرح
ڪئناڊا جي سياست تي آمريڪا جو وڏو اثر آهي، جنهن
کان هو ناخوش آهي. ڪئناڊا جو نظام آمريڪي نظام
آهي. ڪئناڊا ۾ سٺ سيڪڙو سرمايو آمريڪا جو آهي. مون
آمريڪا ۾ ڪيترا ماڻهو ڏٺا جيڪي ڪئناڊا کي آمريڪا
جي بيٺڪ سمجهن ٿا. ڪئناڊا جا ماڻهو جفاڪش آهن.
سندن ملڪ ۾ سخت سردي هئڻ ڪري بلڪل ٿورا ٻاهريان
ماڻهو اچن ٿا. انهيءَ ڪري جيتوڻيڪ آمريڪا کان پکيڙ
۾ ٻيڻو ملڪ آهي. تڏهن به آدمشماري گهٽ اٿس (آمريڪا
پندرهن ڪروڙ ته ڪئناڊا هڪ ڪروڙ) ڪئناڊا جو اقتصادي
معيار آمريڪا کان به بلند آهي. سنجيدگي ۽ تدبر
آمريڪا ۾ گهٽ ملندو ۽ ڪئناڊا ۾ وڌيڪ. آمريڪي
انفراديت، آمريڪا ۾ هڪ قسم جي عجيب درندگي پيدا
ڪئي آهي. پر اخلاص، روزمره جي زندگيءَ ۾ ڪئناڊا ۾
گهڻو ملندو. ٻيئي خوبصورت ملڪ آهن. فطرت کين اُهي
سڀ حالتون ڏنيون آهن، جن جي ڪري قومن کي اڄڪلهه
بلند سمجهيو وڃي ٿو.، جنگين ۽ جنگي مقامات کان
پوءِ، کيس ڪوشش ۽ سعي جي نتيجن ماڻڻ جون سڀ
سهوليتون نصيب آهن. اهو اٽل اصول آهي ته ضرورت کان
وڌيڪ ثروت، تونگري ۽ خوشحالي بداخلاقيءَ جو بنياد
آهي. غريبيءَ ۽ فقر ۾ بداخلاقيءَ کان بچڻ آسان
آهي. مگر دولت، مال ۽ عياشيءَ ۾ بداخلاقيءَ کان
بچڻ مشڪل آهي! خير-
اسين ٻئي ڏينهن مانٽريال جي پسگردائيءَ ۾
اٽڪل چاليهه ميل پري ڳوٺ ۽ جايون ڏسڻ وياسون.
لارينس نديءَ جي ڪناري تي ملڪ جي بستي ۽ دلڪش
نظارا ڏٺاسين. اسين ڪئناڊا جي ريڊ انڊين جي ڳوٺ ۾
وڃي رهيا هئاسون. مون ريڊ انڊين جو اڳ به ذڪر ڪيو
آهي. اتر آمريڪا جي يورپي قومن جي اچڻ کان اڳي
آمريڪي باشندا سڀ ريڊ انڊين هئا. هن وقت اهي
آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ پکڙيل آهن. بنيادي طرح هي سڀ هڪ
قوم آهن، مگر هنن ۾ اٽڪل چوڏنهن قبيلا آهن. اچو ته
توهان کي ڪن ڳالهين کان واقف ڪريان:
آمريڪي ۽ ڪئناڊا جي ريڊ انڊين لاءِ ڪئناڊا
۽ آمريڪا جي سرحد نه آهي. هو ڪٿي به وڃي ۽ اچي
سگهن ٿا. کين ڪنهن به ويزا يا سرٽيفڪيٽ جي ضرورت
نه آهي. هو ريڊ انڊين سڏيا وڃن ٿا، مگر هو ڪنهن به
طرح يورپي قومن کان شڪل شباهت ۾ جدا نه آهن، جيئن
مون توهان کي ٻڌايو هو، چيو وڃي ٿو ته هي اصل ۾
روسي ۽ منگول نسل جا آهن ۽ اتر – اڀرندي روس کان
آمريڪا ۾ آيا ۽ پکڙيا. آمريڪا ۽ ڪئناڊا کين وارث
ڪري سمجهي ٿي. اصلي باشندن مڃڻ ڪري، کين ڪي حق
حاصل آهن. مگر مدنيت جي بلندين کان اڃا محرم آهن.
مثلاً: ريڊ انڊين جي مقرر ڪيل زمين جي حصن ۾ ڪنهن
به قسم جي ٽئڪس و غيره نه آهي. هنن تي انشورنس نه
آهي. سندن حصن ۾ تعليم جا وسيلا سڀ مفت آهن. چيو
وڃي ٿو ته هو وحشي آهن ۽ ان ڪري کين شراب کان پري
رکيو وڃي ٿو. اگر شهرن ۾ اچن ٿا، ته کين شراب جي
فروخت جي منع آهي. ڪهڙي نه مزيدار ڳالهه آهي.
شراب آمريڪا ڇا، پر سڄي دنيا ۾ مهذب انسانن لاءِ
مخصوص آهي! هنن ملڪن ۾ شراب پيئڻ به بلنديءَ جي
نشاني آهي. ڇا ٻڌايانوَ ته آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ شراب
جي ڇا حالت آهي؟ خدا هنن غريبن کي شراب کان بچائي!
مگر حالتون ڪجهه ڦري رهيون آهن. ڇا ٿيو
آهي جو آهستي آهستي هي ريڊ انڊين پنهنجون جايون
ڇڏي ٻاهر نڪري رهيا آهن. اڄوڪي زندگيءَ جون
راحتون سندن حصي کان ٻاهر آهن، ان ڪري هو آمريڪا ۽
ڪئناڊا جي حياتيءَ ۾ جذب ٿي رهيا آهن. مون آمريڪا
۾ به هنن جي حصن جون جايون ڏٺيون ۽ ڪئناڊا ۾ به
ساڳي حالت ڏٺم. ريڊ انڊين آهستي آهستي پنهنجي زبان
به وساري رهيا آهن. رسمون رواج به وساري رهيا آهن
۽ پوشاڪ به ختم ٿي رهي آهي. اهي رهائش ۽ وضع قطع ۾
بلڪل آمريڪي لڳن ٿا. مذهب به ڪرستان اختيار ڪندا
وڃن ٿا. آئون سندن اسڪول ۾ ويس. جتي ڇهن سالن جي
عمر جي ڇوڪرن ڇوڪرين کي ڪي
بلڪل مختصر
سندن زبان جا لفظ اچن ٿا، نه ته انگريزي، ريڊ
انڊين زبان مزيدار اٿووَ. ڪوبه لفظ ٻن اکرن
کان مٿي نه آهي. ’الف – ب‘ جا سندن زبان ۾ فقط
يارهن اچار آهن. مثلاً: ’ڪانادا‘ معنيٰ ’هي اسان
جو ڳوٺ آهي.‘ هو پنهنجي مرضي کان بلڪل بعيد ٿيندا
وڃن ٿا. اسان کي سندن شاديءَ جي رسم ڏيکاريائون ۽
سندن قومي ناچ به ڏيکاريائون. اسان کي ڪنهن به قسم
جي ترتيب نظر نه آئي. اها باهه، اهي رڙيون، اهي
هبيبتناڪ حرڪتون ۽ وٺ پڪڙ جو توبهه! اسان کي سندن
قائم ڪيل عجائب گهر ۾ وٺي ويا. ان جاءِ ۾ گهڙڻ شرط
اسان کي ڪوئن ۽ چمڙن جي بوءِ آئي. جانورن جون
کلون، سندن بتن جون شڪليون، جانورن جا هڏا، باهه ۽
ٻين عجيب قسمن جون ٺاهيل شيون، دانگيون، دلا،
چلها، کٽون ۽ تڏا به پيل هئا. مطلب ته عجائب گهر ۾
گهڙڻ کان پوءِ، ٻاهر نڪرڻ جو خيال ٿيو. سڄي فضا
دماغ تي اثر ڪيو. سندن جشن ۽ ناچ مزيدار هو. هنن
غريبن به آمريڪا کان پئسن ڪمائڻ جو هنر خوب سکيو
آهي. سوٽ بوٽ کان سواءِ، پکن ۽ ڪکن جا جبا ۽ ُطرا
پايو ۽ هڏن ۽ پٿرن جون ڪٺمالون پايو پئسا پيا
ڦرين. هي ماڻهو ڏاڍا برجستا ۽ دلير اٿوَ. آمريڪا ۽
ڪئناڊا ۾ جتي ٻيا آمريڪي نه رهي سگهن، اتي هي رهن
ٿا. هزارها ميلن ۾
جتي انسانن جي
بوءِ به نه هوندي. اتي يڪي سر هڪ ريڊ انڊين
رمندي ملندو ۽ خوش نظر ايندو. بدديانتيءَ
جو منجهن نالو به نه آهي. وڏي اخلاص جا ماڻهو
آهن. ڊپ ۽ بزدلي سندن جسم ۽ روح ۾ نه آهي. ڏاڍا
مهمان نواز ۽ شريف آهن. مگر خدا کين آمريڪي تهذيب
کان بچائي ۽ يورپي اخلاق کان پناهه ڏي!
ريڊ انڊين جي ڳوٺ ۾ وڃي ۽ سندن جشن، جلوس
۽ لباس ڏسي، مون کي برابر افسوس ٿيو، ته فوٽوگرافي
ڇو نه سکيم. پير علي گوهر جو غصو بجا سمجهيم.
ڪئميرا هٿ ڪرڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ جو شوق هئم، مگر ڪئميرا
خريد ڪرڻ جو ڪوبه وسيلو نظر نه آيو. پوءِ يڪدم
خيال آيو، اهو ته ڏاڍو آسان آهي. پير علي گوهر جو
ويٺو آهي! وٽس اڌ ڊزن کن ڪئميرائون آهن، هڪ تڳائي
ويندو سانس. مون کي خبر آهي، ته جڏهن به آئون سندس
گهر ويندو آهيان، ته مون کي اندر اچڻ کان اڳي
پهرين سامان لڪائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ ۾ لڳندو آهي، مگر
هاڻي کيس خيال ڪرڻ گهرجي، ته سندس هڪ سٺي ڪئميرا
جو خير ڪونهي. مون کي خبر آهي، ته سخت غصي ۾
ايندو مگر اهو به يقين آهي ته ان ڪئميرا تي مون کي
فوٽو ڪڍڻ به پاڻ سيکاريندو. اميد ته علي گوهر
پنهنجي پهرين غصي تي افسوس نه ڪندو. اسان درويشن
جي دوستيءَ مان اجهو اهو فائدو آهي. ’لڏ به ڏيو ته
لڏڻي به ڏيو.‘
خير، اسين لارينس نديءَ جو سير ڪري،
پسگردائي ۾ ٻيٽ ۽ آبشار ڏسي ٻيڙين ۾ گهمي هوٽل ۾
پهتاسون ۽ وري شام جو پنهنجي منهن مئڪگل
يونيورسٽيءَ جو سير ڪرڻ وياسون. صبح جو ٽئين ڏينهن
اسين پروفيسر سان يونيورسٽيءَ جي سير تي وياسون ۽
ماني به اُتي ئي پروفيسر جي جاءِ تي کاڌيسين. ماني
تي اسان سان هڪ ترڪيءَ کان آيل پروفيسر ۽ ٻه
پروفيسر پرنسٽن يونيورسٽيءَ جا به شامل ٿيا. اتي
ٻه پاڪستاني شاگرد مليا. هڪ پنجاب مان آيل هو ۽
ٻيو مدراس جو مهاجر هو.
اهڙيءَ طرح ڪئناڊا جو مهمان ٿي واپس اچڻ
جي تياري ڪئي سون. اسان جي سفر جو انتظام بي. او.
اي. سيءَ جي هوائي جهاز اسٽرائل ڪروزر ۾ ٿيل هو.
اسين سامان کڻي لارينس هوٽل ۾ آياسون، جتان
بي.او.اي.سيءَ جي بس ۾ هوائي بندر تي پهتاسون.
پوري پنجين بجي شام جو جهاز ۾ ويٺاسون ۽ جهاز جي
مشين هلڻ شروع ڪيو. اڃا انهيءَ خيال ۾ هئاسون، ته
جهاز اڏاڻو ۽ اسين هوا ۾ هلڻ لڳاسون. اسان کي
ٻڌايو ويو ته اسان جو رخ گئنڊر ڏانهن آهي ۽ اميد
هئي ته پوڻين ڏهين بجي شام جو پهچنداسون. پوري
نوين بجي خبر ملي ته گئنڊر ۾ جهاز نه لهي سگهندو ۽
خطرو لاحق آهي. سخت ماڪ ۽ ڪوهيڙي ڪري زمين ڏسڻ ۾
نٿي آئي ۽ اسان جي جهاز گوزبي لئبريڊر ڏانهن رخ
رکيو. يارهين بجي رات جو گوزبيءَ پهتاسون، مگر رات
جو ذرو به آثار نه هو- روشني لڳي پئي هئي. سخت
سرديءَ ۾ وڃي پياسون ۽ توبهه جهڙي هوا لڳي رهي
هئي! جهاز ۾ تيل وڌو ويو ۽ اسان لهي چانهه جا ڪوپ
پيتا. گوزبيءَ تي عجيب تماشو لڳو پيو هو. پندرهن
يا ويهه جهاز لهڻ لاءِ اچڻ لڳا. گئنڊر ۾ فضا خراب
هئڻ ڪري يورپ کان ايندڙ جهاز آمريڪا کان ايندڙ
جهاز سڀ مٿان اچڻ لڳا ۽ ان وقت اسان ڪئناڊا جا جيٽ
هوائي جهاز، ملٽري ڪنٽرول ۾ اڏامندي، لهندي ۽
چڙهندي ڏٺا، هيءَ حالت هڪ بجي صبح تائين جاري رهي۽
اسين اڃا به روشني ۾ هڪ تشويشناڪ حالت ۾ هئاسين
جنهن جو ڇا بيان ڪريان!
هوائي جهاز بهترين هو. پائلٽ هوشيار ۽
تجربيڪار. جهاز ۾ اندر ويهڻ سان پاڻ کي هڪ وڏي گهر
۾ ويٺل ڏٺوسون. آرام جون سڀ سهولتون موجود هيون.
ڇهين بجي – هڪ ڪلاڪ اڏامڻ کان پوءِ، ماني کاڌيسون
۽ چند مسافر شراب پيئڻ ۾ مست هئا. مون کي ننڊ نه
آئي. ڏهين بجي تائين جاڳندو رهيس ۽ پروفيسر مختيار
ڀرسان ويٺو رهيو. اوچتو ڏهين بجي کان پوءِ ننڊ اچي
وئي ۽ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ امالڪ ننڊ ڦٽي پئي. خبر
ملي ته گوزبيءَ مٿان هوائي حالتون خراب هيون، ۽
اسان جو جهاز اٽڪل اٺ سؤ فوٽ اوچائيءَ تان خودبخود
هيٺ لهي آيو هو. پروفيسر مختيار جاڳندڙ هو ۽ ان
جهاز جي ان حالت ۾، مون کي به اٿاريو. اڃا ڳالهين
۾ هئاسون ته يارهين بجي جهاز زمين تي لٿو.
توهان جا پڙهندڙ چوندا ته هيءُ ڇا آهي،
پنجين بجي شام جو به روشني، ته نوين بجي شام جو
به روشني، وري ڏهين بجي به روشني ته هڪ بجي به
روشني! بلڪل ٺيڪ آهي. اسان هن سڄي سفر ۾ رات نه
ڏٺي. ان جو سبب هيءُ آهي:
اسين اتر قطب جي ويجهو هئاسون. اونهاري ۾
ڏينهن وڏا ٿين ٿا ۽ عين اهڙي ٽاڻي قطب تي ڇهه
مهينا رات ۽ ڇهه مهينا ڏينهن رهندو آهي. سج نه
هوندو آهي، مگر روشني هوندي آهي. اسين هڪ ته اتر
قطب کي ويجها هئاسون ۽ ٻيو ويهه هزار فوٽ زمين کان
مٿي! اسان کان مٿي ڪڪر به ڪونه هئا. هن حالت ۾ کڻي
زمين تي رات هجي، مگر جهاز ۾ رات اصل ڪانه ٿي.
بتين ٻارڻ جي ضرورت ڪانه هئي. سببن ڄڻڪ ڏينهن جو
سفر ڪري رهيا هئاسون. اسين هن روشنيءَ ۾ وري جهاز
۾ ويٺاسون ۽ انگلينڊ ڏانهن رخ رکيوسون. ڪهڙا ڪهڙا
فضائي تماشا ڏٺاسون! بس، الله تبارڪ وتعاليٰ جي
قدرت کي ڏٺوسون! انسان جي دماغ ۽ ڪوششن جا قائل
ٿياسون. جهاز ڪلاڪ ۾ سوا ٽي سؤ ميل ڪري رهيو هو ۽
اسين انگلينڊ جي ويجهو ٿيندا وياسون. عين يارهين
بجي اسين گلاسڪو جي ويجهو پريسٽوڪ هوائي بندر تي
پهتاسون. اُهو بندر جنهن تان ستاويهين فيبروري
آئون آمريڪا ويو هوس، پٺيان ڇڏيل دنيا خواب نظر
آئي. الله پاڪ جي مهربانين جو شڪر آهي. هن زبردست
سفر کي ختم ڪرڻ تي شڪر ڪيوسون. زندگيءَ جي گهراين
تي سوچڻ لازم هو. اڳتي جي سفر جو خيال ڪيوسون.
پروفيسر مختار ۽ آئون ٽپڙ ڪلهي تي رکي لٿاسون.
اسان سواءِ باقي ٻيا سڀ همسفر لنڊن اچي رهيا هئا
۽ جهاز به اوڏانهن ٿي ويو. هاڻي اسان کي پريسٽوڪ
کان لنڊن ريل جي رستي وڃڻ جو خيال آهي. اڌ کان گهٽ
سفر پورو ٿيو ۽ باقي وڏو اڌ اڃا ڪرڻو آهي. گهر،
ملڪ، دوست ۽ عزيز ياد آيا. جهاز ۾ چند ڳالهيون ۽
خيال ياد آيا، جي نوٽ ڪيم ۽ اجهو هيءُ خط توهان
کي وٽليبي جي نارٿمبرلينڊ انگلينڊ مان لکي رهيو
آهيان. انگلينڊ جو احوال هتان کان نڪرڻ کان اڳي
لکي موڪليندس. انگلينڊ جي احوال لاءِ خاص مضمون
لکڻ ضروري آهي. آئون هيءُ احوال سترهين جون تي لکي
رهيو آهيان. رمضان مبارڪ پورو ٿيو. آچر ڏينهن
توهان عيد ڪئي هوندي. توهان کي ۽ توهان جي پڙهندڙن
کي عيد مبارڪ! دعا ڪندا.
(”الوحيد“، 25- جون، 1953ع) |