(4)
آمريڪا موٽر ۽ مشين جو مالڪ آهي، ايتري
قدر جو زال زنب، ٻار ٻچو، پوڙهو جوان سڀ موٽرن جا
مالڪ! هتي مثال مشهور آهي ته: ”آمريڪا جا ٻار
موٽر هلائڻ پهريائين سکندا آهن ۽ هلڻ پوءِ.“ خير،
ان ۾ توهان سمجهندا ته ضرور مبالغو هوندو.
مگر سائين منهنجا، مشين ڇا نه ڪيو آهي!
مشين جي دنيا ۾ رهي اهو احساس ٿو ٿئي، ته مشين
ٺاهڻ کان پوءِ انسان ڪيترو نه بيوس آهي. آمريڪا
هنري ڪمالات جو گهر آهي. اليڪٽرڪ کان جنهن نموني ۾
هتي ڪم ورتو وڃي ٿو،. اهو عجيب آهي. گهرن ۾ بتين
کان وٺي ٽيليويزن تائين، مطلب ته هيءَ بٽن ۽ تارن
جي دنيا آهي، جنهن ۾ مشين ۽ اليڪٽرانڪس ايترو ڪم
ڪري ٿي، جو انسان جي ضرورت به ختم ٿيو وڃي، هن
مشين، آمريڪا ۾ انسانيت کي ضرور ڌڪ هنيو آهي.
هتي هڪ ندي آهي، جيڪا هڪ شهر جي وچ مان
وهي ٿي. ڪيترا سال برف ۽ برسات جي ڪري شهر پاڻيءَ
جي هيٺ اچي بلڪل تڪليف ۾ آيو هو. آئون اڳئين آچر
تي، ٻوڏ کي روڪڻ لاء جو انتظار ڪيو ويو آهي، سو
ڏسڻ ويس. مون کي حيرت وٺي ويئي. خيال ڪيو ته
ڪهڙيون نه مشينون آهن. هڪ منٽ ۾ 72 هزار پاڻيءَ جا
گئلن ٻاهر. شهر کي جا ديوار ڏني وئي آهي، اُها
اهڙي قسم جي آهي، جو ٻوڏ جي وقت دروازا ڪيرايا
وڃن، ته پاڻي بند. رستن ۽ پلين جو اهڙو بندوبست،
جو حادثي جي حالت ۾ ٿوري وقت اندر سڀ انتظام مڪمل
ٿي وڃن.
هتان جي درمياني درجي جي اخبار کان به
توهان کي واقف ڪيان ٿو: هت هڪ اخبار آهي، جنهن جو
نالو ”لوئيومل ٽائيمس ڪوريئر جنرل“ آهي. هن اخبار
جون روزانه 5 لک ڪاپيون وڪامن ٿيون. هر روز اخبار
24 صفحن جي نڪرندي آهي، مگر آچر ڏينهن منجهس هن
طرح صفحا هوندا آهن: خبرون 26 صفحا، مضامين ۽ فوٽو
36 صفحا، عجائب 20 صفحا، کيل ۽ رانديون 8 صفحا،
تفريحات 18 صفحا، عورتون ۽ اجتماعي مقاله 14 صفحا،
مزاحيات 12 صفحا، ٻارن لاءِ 12 صفحا، يعني ڪل 126
صفحن جي اخبار. انهيءَ اخبار جو پنو اوهان جي
”الوحيد“ اخبار جي پني کان ڏيڍوڻو آهي. اخبار کي
پنهنجو ريڊيو اسٽيشن ۽ ٽيليويزن پڻ آهي. اخبار کي
165 طبقن ۾ اٽڪل 60 هزار چورس والن جي زمين آهي.
اخبار کي پنهنجو هوٽل ۽ بزار آهي. سائين، توهان ۽
اسان جو ڏوهه ڪونهي. اسين غريب ماستر ۽ توهين غريب
ايڊيٽر، توهان اسان کان پوءِ به ڀلا آهيو. توهان
کي سياسي وقعت آهي ۽ اسان غريب رڍن جيان. اسان جي
جيڪڏهن اها سياست رهي، ته نه توهان سڌرندا، نه
اسان جي چڱي چال جي اُميد آهي. معاف ڪجو! يارن سان
ڳالهيون دل کولي ڪبيون آهن، ٻيون ڪجهه ڳالهيون
ٻڌو:
هتي راندين ۽ کيلن لاءِ جايون ٺهيل آهن،
جنهن ۾ باسڪيٽ بال يا فٽ بال جي ڏسڻ لاءِ تقريباً
اڌ لک ماڻهو آسانيءَ سان ميدان جي چوڌاري ويهي ۽
ڏسي سگهن ٿا. راند ڪندڙن جا نالا اسڪور بورڊ تي،
مطلب ته راند جو سمورو احوال اليڪٽرانڪس رستي زمين
کان اٽڪل 250 فوٽ مٿي، وچ ۾ ٽنگيل چورس بورڊ تي
چئني طرفن کان هر منٽ ۾ تيار ملندو. سردي سخت هئڻ
ڪري هن کي بند ڪرڻو پوي ٿو،. مگر اندر گرم رکڻ
جو عجيب بندوبست آهي. اندر ايتري قدر گرمي، جو
قميص بنان راند ڪري سگهجي ۽ ٻئي طرف ٻاهر برف پئي
ڪري. گرمي آڻڻ لاءِ مشينون آهن، جي گرم هوا کي
جاءِ جي ڇت ڏانهن اُڇلائين، يا زمين مان ٻاهر
ڪڍن!
هتي ڪاليج ته ٺهيو مگر اسڪولن جون جايون
به اسان جي قانون ساز اسيمبليءَ جي جاءِ کان وڏيون
آهن. اسڪولن جا هال اهڙا جو ڄڻ ڪنهن وڏي سئنيما
هال ۾ ويٺا آهيون،
جتي هر قسم جو
پروگرام مثلاً: تقريرون، ريڊيو براڊ ڪاسٽ،
جتي ڊراما يا بئنڊ جي پروگرام جو انتظام آسانيءَ
سان ڪري سگهجي ٿو. هن ملڪ ۾ هوائي جهازن جو سفر
ايتري وسيع پيماني تي آهي، جيترو اسان جي ملڪ ۾ بس
جو سفر. ان کانسواءِ بس جو سفر نهايت ئي سهنجو ۽
سولو آهي. ان ۾ ايتريون ته آسانيون آهن، جو اڍائي
هزار ميلن جو سفر ۽ سير، ماڻهو بس ۾ بلڪل آرام سان
ڪري سگهن ٿا: اُنهن ۾ ريڊيا، اُنهن ۾ گرميءَ جو
سامان ۽ اُنهن جون ڪرسيون اهڙيون جو سمهڻ لاءِ
لنبيون به ٿي سگهن. پيٽرول تقريباً 14 آنن ۾ گئلن،
اسان وٽ اڍائي رپيا گئلن.
ماڻهن جي تهذيبي ۽ تمدني زندگيءَ جو
اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو، ته اُتي نه فقط وڏا
ڪلب آهن، بلڪ اُتي ڪجهه ننڍا گروهه، ڪن خاص چيزن
سان دلچسپي رکندڙن جا به موجود آهن. اُنهن ۾
مباحثه، تفريحي دلچسپيون، تقريرون، تعليمي فلمون،
سياسي نڪتچينيون،ساز ۽ سرود سان دلچسپي، مذهب مان
واقفيت، قومي ۽ بين الاقوامي معاملات کان باخبري
وغيره شامل آهن، جنهن ۾ سڀ ڪو حصو وٺي سگهي ٿو.
نه صرف پيشه ور انسان، بلڪ اُهي جيڪي زندگيءَ جي
ڌار ڌار ڪمن ۾ مصروف آهن، پر انفرادي طرح دلچسپين
جا گهورو آهن. اُهي به هڪ هنڌ سوسائٽي ٺاهي گڏ
ٿيندا رهن ٿا. اهڙيءَ طرح هر طبقي ۽ هر پيشي جا
انسان پنهنجي ذاتي دلچسپيءَ کي وڌائڻ لاءِ هڪٻئي
سان ملن ٿا، ۽ انهن ۾ رغبت پيدا ٿئي ٿي.
مگر ايڏي ڪمال کان پوءِ به، آمريڪا
زندگيءَ جي گهراين کان محروم آهي. اُهي حالتون جي
انسان جي روحاني سڪون جو باعث آهن، سي عدم موجود
آهن. اُهي پهلو جيڪي قومن کي مقبول بنائين ٿا ۽
اُنهن کي برُحساس ڪن ٿا، اُهي نه ملندا. آمريڪا ۾
فلسفو، مزاحيه شڪل ۾ پيش ٿئي ٿو. گفتگو جو اثر فقط
زبان تائين محدود آهي ۽ اُهو نه مٿي دماغ تائين
وڃي ٿو، ۽ نه دل ڏي هيٺ لهي ٿو اچي. آمريڪا ۾
زندگيءَ جي مسئلن کي غور ۽ خوض سان سمجهڻ جي
صلاحيت نه آهي. انهيءَ لاءِ جوابدار آمريڪا جي
طاقت، آمريڪا جي مشين، آمريڪا جو پئسو ۽ آمريڪا جي
تفريح آهي. اُهي چيزون ۽ مسئلا جي قلب جو سڪون ۽
اطمينان ۽ خيال جي بلندي پيدا ڪن، اُهي هنن کان ۽
اُنهن جي دماغ کان گهڻو پري آهن.
هڪ آمريڪي ايتري قدر ته پئسي جي جستجو ۾
آهي، جو ان کانسواءِ ٻيو سڀ ڪم تفريح ۾ شمار ٿئيس
ٿو. هنن جي زندگي اهڙيءَ طرح مرتب ٿيل آهي، جو
حياتيءَ جون مجبوريون ۽ شدتون ۽ روزمرهه جي وٺ پڪڙ
کين ٻئي ڪنهن به طرف خلوص ۽ يڪجهتيءَ سان راغب ٿيڻ
کان روڪين ٿيون. هڪ پريشان حال انسان کي ڪٿي ٿو
سڪون، چين ۽ اطمينان حاصل ٿئي. مثال طور مذهب:
آمريڪا ۾ مذهب هڪ فرحت ۽ فرصت جي دنيا آهي، ۽
جنهن جون حدون فقط ديول تائين آهن. ديول کان ٻاهر
گڏهه وانگر ڪن ڇنڊيا ۽ اثر ختم. ديول اندر وري ڇا
عيش ۽ آرام جو سامان! اندر غاليچا، نرم نرم ڪوچ ۽
تفريح بخش گيت ۽ تقريرون، مذهب يورپ ۽ آمريڪا ۾
نفرت ۽ بغض پيدا ڪرڻ جو ڪم ڏئي رهيو آهي. ديول ۾
راڳ، چانهه ۽ ڪافيءَ جو سامان، جهڙو ڪنهن ڪلب ۾
گهڙيا. خدا اسان غريب مسلمانن کي انهن بدعتن کان
بچائي! اسان جا انگريزدان عالم ۽ فاضل، مذهب جي
آڪڙ ۾ ڪٿي مسجدن کي ديول نه بنائي ڇڏين. خداوند
اسان مسلمانن جي مسجدن کي انهن عيسائي طريقن کان
بچائي! اسان جا انگريزدان ۽ يورپ جا شيدائي اسان
جي مسجدن ۾ غاليچا، هوٽلون، ريڊيا ۽ هر قسم جي
فيشن کي ڏسڻ گهرن ٿا، ۽ وري اُن کي سڏين مذهبي
ارتقا، خدا پناهه ۾ رکي! هن حالت کي ڏسي پروردگار
کان دعا گهرو ته اُهو وقت نه اچي، جو اسان جي جدت
پسندي ان حالت کي پهچي، جو اسان ٺاهه ٺوهه سان
مسجدن ۾ اچون. انڪساريءَ ۽ خشوع جي عيوض، باري
تعاليٰ جي درگاهه ۾ تڪبر، غرور ۽ سرڪشيءَ سان
اچون! مسجدون شل انسان جي مراتب موافق نه ٿين، جو
هڪ مسجد امير جي ته ٻي غريب جي! اسان جون مسجدون
شل مخصوصيت کان بچن! هن مضمون تي انشاءَ الله
ڪنهن وقت وڌيڪ تبصرو ڪندس.
آمريڪا هنر ۽ فني ڪمالات جو ملڪ آهي ۽
اُهي فطري حالتون ۽ حرڪتون سڀ موجود آهن، جي هنر ۽
فن جي بلنديءَ لاءِ لازمي آهي. مگر هت انسان جو
انسان سان ربط، خود غرضيءَ سان ڀريل، عارضي ۽ ڪنهن
مقصد پٺيان آهي. انساني حالتون جنهن ۾ دل ڇڪي ڏئي،
انسان انسان سان همدردي ڪري. پاڙيسريءَ سان محبت
هجي، اُهي چيزون موجود نه آهن. توهان کي ٻڌي حيرت
ٿيندي، ته هڪ ڪاليج جي پروفيسر حضرت عيسيٰ عليه
السلام جو هن طرح مذاق ڪيو: انجيل ۾ آهي ته
”پاڙيسريءَ سان اهڙيءَ طرح محبت ڪيو، جهڙيءَ طرح
پاڻ سان محبت ڪريو ٿا.“ اهو ٻڌندي شرط چيائين ته،
”خدا (يعني حضرت عيسيٰ عليه السلام) اهي لفظ نشي
جي حالت ۾ چيا هوندا.“
مطلب ته هن دنيا جو هر انسان زندگيءَ جي
هر حالت ۾ پئسي ڪمائڻ‘ طاقت هٿ ڪرڻ ۽ ٻين کي ڦري،
پاڻ کي ورسائڻ ۾ مصروف ۽ مشغول آهي. اهو جذبو
ايتري قدر ته وڌيل آهي، جو والدين اولاد کي به
وساريو ڇڏين. اسان جا مغربيت پسند مستانه ۽ تعليم
يافته اسان ۾ اهي جانوري صفت ۽ حالتون پيدا ڪري
رهيا آهن. اهو ڪنهن وقت واپس اچڻ کانپوءِ لکندس ته
آمريڪا جي تعليم خصوصاً ۽ يورپ جي عموماً ڪهڙيءَ
طرح اسان جي نوجوانن تي اثرانداز ٿي رهي آهي ۽
ڪهڙيءَ طرح، ڪهڙي قسم جي ۽ ڪهڙيءَ عمر ۾ هيءَ
تعليم اسان جي ملڪ ۾ اسلامي زندگيءَ لاءِ ڪارگر ٿي
سگهي ٿي. حقيقت ۾ ڇوڪرن کي ٻاهر تعليم وٺڻ لاءِ
ڪجه دورانديشيءَ ۽ ٻاهرين ملڪن جي حالات جي
واقفيت رکڻ نهايت ئي ضروري آهي – خير.
ڪنهن ٻئي وقت هڪ مسئلو يعني ”آمريڪا جو
اسلامي ملڪن ۽ اسلام سان تعلق“ متعلق لکندس. هن
مسئلي جي ماهيت ۽ پيچيدگي سمجهڻ اسان لاءِ تمام
ضروري آهي. مون کي ان لاءِ ڪافي غور جي ضرورت
پوندي، ان لاءِ ڪجهه وقت ترسندس.
اڄ هڪ ڳالهه ذرا دل ۾ تشويش پيدا ڪئي آهي،
توهان سان ۽ ڪمپازيٽرن سان ظلم هوندو! اگر خراب
اکرن لاءِ انعام ڏنو وڃي، ته مون کي يقيناً
پهريون نمبر ملندو. خط ۾ ڪافي غلطيون هونديون، از
خود جرئت ڪري پنهنجو خط نه پڙهندو آهيان، جو شايد
مون کي به تڪليف ڏئي.، اسين آهيون درويش ماستر، سو
پنهجيون غلطيون ۽ ڪمزوريون مڃيندا آهيون.
هن مهيني جي 25-تاريخ (مارچ 1953)، آئون
ڪئناڊا وڃي رهيو آهيان. مون کي مئڪ ماستر
يونيورسٽي هئملٽن، ٽورنٽو يونيورسٽي، مئڪگل
يونيورسٽي مانٽريل مان دعوتون آيون آهن، اميد ته
ڪئبيڪ به ويندس، ۽ واپسيءَ ۾ ڪجهه ڏينهن اوٽاوا ۾
رهندس ۽ رستي ۾ آمريڪا جو هڪ وڏو ادارو ”ڪارنيل
يونيورسٽي“ ڏسندس. اميد ته وڃڻ کان اڳي توهان کي
هڪ ٻيو خط به لکندس. دعا ڪندا! توهان کي ۽
پڙهندڙن کي سلام.
(”الوحيد“ 13- مارچ 1953ع) |