سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سير ۽ سفر

غلام مصطفيٰ شاه

صفحو :7

 

(6)

          سمجهه ۾ ائين ٿو اچي، ته توهان منهنجا خط ڇاپيو پيا. مون کي چند واقف ۽ناواقف دوستن کان خط آيا آهن، ته آئون هي مضمون انگريزيءَ ۽ اڙدوءَ ۾ به لکان ۽ ڪن لکيو آهي، ته انگريزيءَ ۾ اسان کي لکي موڪليو ته اسين سنڌي ۽ اڙدوءَ ۾ ترجمو ڪري ڇاپيون. لکندڙن جي مهرباني! مگر آئون کين اهو عرض ڪندس، ته سنڌيءَ ۾ مضمون لکڻ جو مقصد هي  آهي، ته هڪ ”الوحيد“ جو ارشاد آهي، جو مون قبول ڪيو آهي ۽ ٻيو ته مون سمجهيو ته هي مضمون نه آهي، بلڪ ”الوحيد“ جي پڙهندڙن ۽ سنڌين سان ڳالهيون ۽ رهاڻيون آهن. هن قسم جي احوال جي سنڌ کي اشد ضرورت آهي. ٻين زبانن ۾ هن قسم جا احوال اچي رهيا آهن ۽ مون کي جيئن ته پنهنجي هموطنين جي خدمت جو موقعو مليو  آهي، تنهن ڪري مناسب سمجهيم ته کين بين الاقوامي حالات کان واقف ڪريان، پر جيڪڏهن ڪنهن کي به هنن تحريرن سان دلچسپي آهي، ته بلاشڪ اڙدوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪن.

          مون کي ڪن لکيو آهي، ته توهان بياني احوال لکو ٿا، ڪجهه تنقيدي به لکو. ڏسو سائين، هاڻي ٿا لڙائيءَ ۾ وجهن، حقيقت ۾ هر ڪنهن شيءِ لاءِ وقت ۽ جاءِ مقرر ٿيل آهي، توهان ٿورو صبر کان ڪم وٺو، ته تنقيدي احوال به لکندس.

          توهان کي خبر ناهي يا دل ۾ خيال آهي يا نه، پر مون کي خيال ٿيو ته توهان ضرور دل ۾ چوندا ته اجهو هاڻي هن سجاولي سيد مان ڦاٿاسون. شروع ته ڪيوسين، مگر هاڻي بند ڪيئن ڪريون. هجي ها مختيارڪار، صوبيدار يا ڪو اهڙو ڪامورو ته خوب صفايون ڪريون ها. هجي ها ڪو اسيمبليءَ جو ميمبر يا لوڪل بورڊ لاءِ اميدوار ته خبرون پون ها، ۽ ڏيونس ها ٻئي ٽنگون ”پروڊا“ جي ڪاٺ ۾. پر آئون به ٿي پيس ماستر. آهيان به هروڀرو جاهل مطلق ڪونه. منهنجو استاد سيد حسام الدين شاهه راشدي اٿوَ، منهنجا سمورا ثواب ۽ گناهه سڀ حسام الدين جا. مان سمجهان ٿو ته توهان کي خيال ايندو هوندو ته اگر هن سيد هيءَ جنگ جاري رکي ته ”الوحيد“ ڪو ڪونه پڙهندو، ۽ خريدار به ڇڏي ويندا. مگر هي منهنجو وعدو آهي، ته سڀني زميندارن ۽ جاگيردارن کان اچڻ کان پوءِ معافي وٺندس. اسان کي اڃا به منجهن اميد آهي.

          مون توهان کي اڳئين خط ۾ آمريڪا جي متمدن ۽ مهذب بدويت بابت لکيو آهي. ان جو اصلي ڪارڻ اهو آهي، ته آمريڪا جي تاريخ فقط ٻه سؤ کن سالن جي آهي. حقيقت ۾ اها تاريخ اڃا به گهٽ آهي يعني، هڪ سؤ سال! ٻه سؤ سال جنگ آزاديءَ کان تقريباً جڏهن انگريزن جي چانهه کي باسٽن بندر تي پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪيو هئائون ۽ سؤ سال آمريڪا جي 1960ع واري گهرو لڙائيءَ کان. آمريڪا ۾ هزارين  ماڻهو يورپ کان سڪونت لاءِ اچن ٿا ۽ انهيءَ ڪري اهي تاريخي گهرايون قوم ۾ نمودار نه ٿيون آهن.

          آمريڪا  هڪ نوجوان، متمول ۽ ناخلف اولاد مثل آهي. ملڪيت ۽ دولت جي مستي ۽ نشو، دماغ تي ڇانيل اٿس. هن حالت ۾ علم ۽ فڪر کي ڪابه جاءِ نه آهي. مثل  مشهور آهي ته ’هر نوجوان بيوقوف آهي، جيسين علم ۽ حياتيءَ جي تجربي کيس بلند نه بڻايو آهي.‘ آمريڪا هنر ۽ فن جو ملڪ آهي، جنهن فضا ۾ اهي غير انساني حالتون نمودار ٿين ٿيون. جيئن اسان جو هڪ ملهه وارو هجي يا ڪشتي جو پهلوان، جنهن کان دماغ هميشه لاءِ موڪلائي وڃي ۽ فقط جسماني طاقت تي مست هجي. آمريڪا ۾ سائنسدان ۽ انجنيئر آهن، پر مفڪرن جي شديد قلت آهي. اُهو قومي تدبر نه آهي. اُهي صلاحيتون جيڪي قومن ۾ ربط ۽ يڪجهتي پيدا ڪن، اُهي غير موجود آهن. اُهي دماغي قوتون جيڪي علمي ۽ فڪري فضيلتن جو نتيجو آهن،ا ُهي مفقود آهن، آمريڪا ۾ ماڻهو يا پئسن ڪمائڻ ۾ پورا آهن، يا عيش ۽ تفريح ۾. مون هتي هڪ يونيورسٽيءَ جي جرمن پروفيسر کي چيو ته: ”آمريڪا ۾ علم ۽ فڪر جي ڳالهين کي به عيش ۽ وندر جي نقطئه نظر کان ڏٺو وڃي ٿو.“ بلڪل صحيح آهي. تازو اسين هڪ  مباحثي ۾ وياسون، جتي ڪنفيوشس ۽ افلاطون تي ڳالهيون هيون، ماني کائي ميزن تي ويٺاسون، هڪ طرف شهر جو ميئر صاحب، ٻئي کي طرف پروفيسر هئا. فڪر کي تمسخر جي حالت ۾ ڏٺوسين، حيراني ٿي، اتي تقريباً 150 کن چڱيءَ حيثيت وارا انسان به موجود هئا. اشارتاً هي ڪافي آهي.

          آمريڪا هن وقت هڪ عجيب حالت ۾ آهي. هن قوم تي يڪايڪ ۽ اوچتي ئي ايڏي جوابداري مڙهي وئي آهي، جنهن جي سنڀالڻ لاءِ وٽس ايترو دماغ نه آهي، جنهن  ڪري هي طفلانه (ٻاراڻيون) غلطيون ڪري رهيا آهن. باقي سياسي  حالتون اهڙي نموني مرتب ٿي رهيون آهن، جن جي سمجهڻ لاءِ نه کين وقت مليو آهي، نه تجربو آهي ۽ نه صلاحيت، هتي جيڪي به  ٿورو گهڻو دماغ رکندڙ انسان آهن،اُهي هِن مستيءَ  تي حيران آهن، قومي امور عجيب حالتون اختيار ڪري رهيا آهن. ڪميونزم جي ڀوت آمريڪا کي ارڪانن مان ڪڍي ڇڏيو آهي! حيرت ٿي ٿئي. حقيقت ۾ اهي ڪمزوريون انهن قومن جون آهن، جن کي تاريخ، علم ۽ فڪر جي مدد حاصل نه آهي، هر ڪم هڪ هيجان ۽ مستيءَ ۾ ڪن ٿيون ۽ پوءِ رڳي ”اڙي ئي سرين.“ هن مسئلي کي سمجهڻ لاءِ آئون توهان جي پڙهندڙن کي سن 1914ع  واري لڙائيءَ ڏانهن وٺي ويندس.

          اسان کي خبر آهي ته سن 1914ع واريءَ لڙائيءَ ۾ هڪ طرف انگريز، فرينچ، اٽلي ۽ پوءِ آمريڪا ۽ ٻئي طرف جرمني، آسٽريا ۽ ترڪي هئا. پوءِ جپان انگريزن جو پاسو ورتو. جنگ جي آخر ۾ رشيا جون حالتون بدليون ۽ انقلاب ۾ زار نڪولس ۽ سندس خاندان کي بولشويڪن ختم ڪيو. لينن هڪ نئون نظام قائم ڪيو. آخر ۾ جرمني ۽ سندس دوستن کي شڪست آئي ۽ پئرس ۾ کٽندڙ قومن جي ليڊرن جي ڪانفرنس ٿي. ڪانفرنس ۾ پهريون نمبر فرانس جو ڪليمينسو هوجنهن کي ”چيتو“ سڏيو ٿي ويو، ٻيو لائڊجارج ۽ ٽيون آرنلڊو اٽليءَ جو. آمريڪا جي پريزيڊنٽ وڊرو ولسن کي ڪانفرنس جو صدر ته بڻايو ويو، مگر ويچاري جي ڳالهه ڪنهن به نٿي ٻڌي. ويچاري جو دماغ ڪليمينسو ۽ لائڊ جارج خراب ڪري وڌو. ليگ آف نيشنز جينوا ۾ ٺاهي وئي. مگر ولسن جا سڀ نظام بابت اصول قتل ڪيا ويا. خير ولسن مايوس، دلشڪستو ۽ بدنام ٿي آمريڪا موٽيو، جتي سندس قوم کيس رسوا ڪيو ۽ ويچارو دل ٽٽڻ ڪري مري ويو. ان کان پوءِ ڪليمينسو ۽ لائڊ جارج دنيا کي ورهائڻ ويٺا: جاپان کي ڪافي خوش ڪيائون، جنهن جو نتيجو 25 سالن کان پوءِ ڀوڳيائون. آرنلڊو ڪانفرنس ۾ اوڇنگارون ڏئي روئندو رهيو، ۽ ڪليمينسو ساڻس اهڙي روش اختيار ڪئي، جا هڪ  فقير يا رئندڙ ٻار سان ڪجي. ٻي وڏي لڙائي سن 1939ع ۾ لڳي. هنن ٻنهي جنگين جي وچ ۾ بين الاقوامي حالتن عجيب ڦيرو کاڌو، جرمني وري اُڀري، اٽليءَ ۽ جرمنيءَ ۾ ربط پيدا ٿيو، جاپان سان تعلقات گهاٽا ٿيا. فرانس بداخلاقي ۽ هر قسم جي خرابيءَ جو شڪار ٿيڻ لڳو.انگريزن پنهنجي طاقت کي ڪمزور ڏٺو ۽ ترڪيءَ ۾خلافت اڳ ئي ختم ٿي چڪي هئي، جتي مصطفيٰ ڪمال اتاتُرڪ پنهجو رنگ رچايو هو. رشيا ۾ عجيب طاقت نمودار ٿي ۽ آمريڪا انهيءَ وهم ۽ گمان ۾ هو ته  هو تمام پري آهي، ان ڪري پرائي دنيا جي معاملن کان پري رهڻ لڳو. مگر حقيقت ۾ هن سموري عرصي ۾  فقط ٻن ملڪن جي طاقت ۾ واڌارو ٿيو: هڪ رشيا ۽ ٻيو آمريڪا جو.رشيا  يورپ، آفريقا ۽ ايشيا ۾ خوب حصو ورتو ۽ آمريڪا ان جي برخلاف هميشه  پري رهيو. خير، ٻي جنگ آئي ۽ دنيا جي ڌار ڌار قومن هڪ ٻئي کي گلي ۾ هٿ  وڌا. ليگ آف نيشنز، بک ۽ بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي، خاموشيءَ سان انتقال ڪيو ۽ دفن ڪئي وئي، ايتري قدر جو شايد ”جينوا محلات“ کانسواءِ کيس تاريخ به ياد نه ڪندي. جنگ جي دوران رشيا ۽ آمريڪا عجيب  حالتن ۾ هڪ طرف رهيا ۽ هن زماني ۾ رشيا جي طاقت جو رعب ۽ اثر، انگريزن ۽ آمريڪا تي ويهجي ويو. جرمني، اٽلي ۽ جپان شڪست کائي ويا ۽ هنن قومن لاءِ رشيا هڪ نئون دشمن پيدا ٿيو.، جاپان شڪست کاڌي ۽ ٻئي موقعي جي انتظار ۾رهڻ لڳو.  فرانس ذلت ۾ ڪريو ۽ انگريزن هن حالت مان خوب فائدو ورتو. هن جو پوءِ ذڪر ڪنداسين.

          جنگ ختم ٿيڻ شرط، اهي جنگ ۾ دشمن جي مقابلي وارا دوست يعني رشيا ۽ آمريڪا هڪٻئي کي گارين ڏيڻ  ۾ شروع ٿي ويا. خير، آئون رشيا ۾ ڪونه ويو آهيان، ۽ حالتن جو علم خدا کي، مگر هتي جو ذڪر ٻڌو.

(”الوحيد“  3- اپريل 1953ع)

(7)

 

        آهستي آهستي هنن ۾ سياسي، اقتصادي ۽ فوجي لحاظ کان مادو وڌندو رهيو. رشيا پنهنجي چوڌاري لوهه جو پردو لڳايو، آمريڪا پنهنجا اميگريشن ۽ نيچرلائيزيشن قانون سخت ڪيا. آمريڪا ۾ هڪ ٻي تحريڪ شروع ٿي. جيئن ته ائٽم بم پهريائين آمريڪا ايجاد ڪيو، ان ڪري انهيءَ جي علم کي پاڻ وٽ بخيل وانگر رکيائين. اهو علم انگريزن کي به نه رهيو. جيتوڻيڪ ابتدائي ڪاميابي ائٽامڪ فشن ۾ انگريزن کي حاصل ٿي هئي، مگر ننڍي ملڪ ۽ پئسي نه هئڻ ڪري ڪامياب نه ٿي سگهيا. آمريڪا وٽ هنر، فن ۽ پئسو هو ۽ ائٽم بم تيار ڪيائين. جنهن جو نزلو پهريائين جاپان تي ڪريو ۽ جاپان پيش پيو. خير، اهو ائٽم بم جو  علم هاڻي يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته رشيا وٽ به آهي ۽ انگريز به ڪامياب ٿيا آهن.

        آمريڪا جي باشندن ۽ حڪومت کي هاڻي وڏا خطرا نظر اچڻ لڳا. آمريڪا بلڪل بيخبريءَ ۾ پاڻ کي فوجي، فني ۽ پئسي جو مالڪ ڏٺو، مگر ڪمزوريون ڪيترن ئي قسمن جون هيون. في الحال جيڪي به ڪمزوريون اسان کي نظر اچن ٿيون،اسين انهن جي وجود کي تسليم ڪنداسون.

        اجهو هي رشيا جو خوف  ڪميونزم جو ڊپ، جو هن هنڌ (آمريڪا کنڊ) تائين پهتو آهي، ۽ کين ڪميونزم جون چڱايون به برايون ٿيون لڳن. هڪ عام فهم چڱي  ڳالهه، جا ڪميونسٽ ڪن ٿا، سا اُنهن کي نه ڪرڻ گهرجي. پاليسي،، فڪر عمل، امور جي اصليت ۽ حالت تي نه، بلڪ ڪميونزم جي اختيار ڪيل طريقي تي ضد ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ فضا، آمريڪا ۾ عجيب حالت پيدا ڪئي آهي.  بچاءَ ۽ تحفظ جي نالي ۾ تاريخ شاهد آهي ته حڪومتن، خبر نه آهي ته ڇا ڇا نه ڪيو آهي.

        هن حالت ۾ آمريڪا جي تعليم يافته ۽ ڪجهه فڪر رکندڙ طبقي، دنيا جي تاريخ مان سبق وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. قومن جي ترقي ۽ تنزل جا سبب، جنگ ۽ امن جا سبق هاڻي پڙهيا ۽ سمجهيا وڃن ٿا. تعليم يافته طبقو  سياستدانن جي حرڪتن کي عجيب نموني سان ڏسي رهيو آهي ۽ هڪ خاص تحريڪ نمودار ٿي رهي آهي.

        آمريڪا جي قانون ساز مجلس ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ سينيٽ ۽ ٻي عيوضين جي مجلس، ٻنهي کي گڏي ڪانگريس  چيو ويندو آهي. ڪانگريس جي هڪ ڪميٽي مقرر ڪيل آهي، جنهن کي ’غير آمريڪي ڪاررواين ۽ حرڪتن جي تفتيش ڪاميٽي‘ سڏيو ويندو آهي. هيءَ ڪاميٽي خاص طرح ملڪ ۾ ڪميونزم ۽ ڪميونسٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. هن ڪاميٽيءَ جي ڪاررواين ملڪ ۾ ڪافي چوٻول پيدا ڪيو آهي. هر آمريڪي ڪميونزم جي خلاف خيال رکندڙ آهي، مگر ڪي ٿورڙا هن قسم جي ڪاررواين کي چڱي خيال سان ٿا ڏسن. تازو ڪيترين اخبارن  لکيو ته چڱو ٿيندو، ته ملڪ جي سياستدانن ۽ خاص طرح قانون سازيءَ جي عيوضين لاءِ ڪاليج کوليا وڃن، جتي سياستدانن ۽عيوضين کي سياسي، اخلاقي، اقتصادي، ۽ قانوني ۽ بين الاقوامي حالتن کي سمجهڻ لاءِ تعليم ڏني وڃي ته پنهنجي ذميدارين ۽ جوابدارين کان بخوبي  واقف ٿين. مون کي اهو پڙهي کل آئي ۽ سنڌ دل تي تري آئي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو سنڌ ۾ به هڪ ڪاليج سنڌ، جي اسيمبلي ۽ لوڪل بورڊ ميمبرن لاءِ شيخ عبدالحميد ۽ بروهي صاحب جي نگرانيءَ ۾ کوليو وڃي، ته شايد حالتون سڌري  پون. هن ڪاليج جي نصاب ۾ اسان جي لکيل ڪتاب ”گڏهه“ کي ضرور شامل ڪجي، منهنجو دوست ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڙهائڻ لاءِ موزون ٿيندو. سيد علي محمد شاهه راشديءَ جا ليڪچر هجن، ۽ ان سان گڏ 10 ۽ 15 منٽ چڪي (جنڊ) هلائڻ به لازمي قرار ڏني وڃي، مون کي يقين آهي، ته هن قسم جي پارٽيبازي کان پري، ڪاليج ۾ ملڪ جي ڪافي بهتريءَ جي اميد رکي سگهجي ٿي. ٻڌو اٿم ته لوڪل بورڊ جون چونڊون به رکيون ويون آهن ۽  ممڪن آهي ته اسيمبليءَ جون چونڊون به جلد پيون اچن. خدا خير ڪري! سنڌ جي تندرست بدن ۾ خبر نه آهي ته ڪهڙا ڪهڙا مرض پيدا ٿيندا. خدا اسان جي بزرگن کي ساڃهه ڏئي.

        آمريڪا ۾ اسٽالن جي مرڻ تي جيڪا خوشي ٿي، اُنهيءَ کي ڏسي حيرت وٺي وئي. دنيا جي قومن جون دشمنيون خبر نه آهي ته ڪهڙيءَ حد کي پهچي چڪيون آهن، جي هيءَ رفتار رهي، ته پوءِ هي انسان، خدا جي هن بنايل گولي کي خبر نه آهي ته ڪهڙي حال ۾ ڇڏيندو. آخري انسان جي فنا ٿيڻ تي هيءَ زمين ٿڌو ساهه ڀريندي.

        اسٽالن تازو مئو آهي، ان ڪري وڌيڪ اڃا لکي نٿو سگهان. وڌيڪ يورپ جي سيرت کان پوءِ ڪميونزم ۽  اُن جي ڪاررواين تي لکندس.  باقي اسٽالن جي مرڻ تي مون کي حضرت علي ڪرم الله وجهه ۽ ملحد واري گفتگو ياد آئي. اسٽالن جو خدا ۾ اعتماد نه هو، هاڻي جڏهن باري تعاليٰ جي اڳيان ويو هوندو ته خبر نه آهي، ته مٿس ڇا گذريو هوندو؟ يقيناً اسٽالن،  جو هن دنيا ۾ ملحدن جو بادشاهه هو ۽ هينئر سندس اکيون تيزيءَ سان ڦرنديون هونديون.

        آئون سڀاڻي اڱاري ڏينهن، 25-تاريخ مارچ جي، هڪ وڏي دؤري تي نڪري رهيو آهيان. هيڏانهن اچڻ وقت منهنجي دوست مسٽر ڪرڪ ووڊ، ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر، مون کي ڪئناڊا وڃڻ جي دعوت ڏني هئي، ٿورا ڏينهن ٿيندي ته سندس ڪراچيءَ کان خط آيو آهي، جنهن ۾ ڪئناڊا جي رٿيل پروگرام جو ذڪر ڪيو اٿس.

        آئون هتان 25-تاريخ نڪرندس ۽ سنسناٽي، شڪاگو ۽ ڊٽرائيٽ کان ٿيندو، ونڊسر وٽان ڪئناڊا ۾ داخل ٿيندس. ڪئناڊا ۾ مئڪ ماستر يونيورسٽي، هئملٽن يونيورسٽي، ٽورنٽو يونيورسٽي، مئگل يونيورسٽي ۽ پوءِ مانٽريال ويندس. واپسيءَ ۾ ڪجهه ڏينهن اوٽاوا ۾ گذاريندس، جتي گورنميٽ جي طرفان پروگرام رٿيل آهي. موٽندي دنيا جو مشهور ناياگرا آبشار ڏسندس. بغليو وٽان واپس آمريڪا ۾ داخل ٿيندس. هتان ڪارنيل يونيورسٽي ويندس، جتان دعوت ملي آهي. تنهن کان پوءِ نيويارڪ ۾ چند ڏينهن گذاري، واشنگٽن مان ٿيندو لوئيوائل پهچندس. تقريباً ٽن هفتن جو سفر آهي. واشنگٽن مان خانصاحب شيخ محمد اسلم جي ڀاءُ، ڪرنل شيخ وٽان دعوت آيل آهي. اُميد ته وٽس رهندس. واٽ تان لکڻ جي ڪوشش ڪندس، پر جي نه لکي سگهيس ته معاف ڪندا.

(”الوحيد“ 9- اپريل 1953ع)

       

 (8)

 

        سائين منهنجا، حقيقت هيءَ آهي، ته گهمڻ ۾  ڏاڍو مزو آهي ۽ خاص طرح ان وقت، جڏهن پئسا ڪو ٻيو خرچي! آئون ان جي وڌيڪ تشريح نه ڪندس ۽ ٿورو  لکيو گهڻو سمجهندا.

        سفر ڪرڻ ۾ وڏو سبق آهي، خاص طرح جنهن نموني ۾ مون کي موقعو مليو آهي. مون درويش ۽ غريب ماستر لاءِ خدا جي اها وڏي مهرباني آهي، نه ته اسان کي دنيا ۾ سواءِ گارين، بزرگن جي بي توجهي، عوام جي لاپرواهي ۽ توهان جي ظلم جي ٻيو نصيب ئي ڇا ٿو ٿئي. هن سڄي دؤري ۾ تعليمي ننڍا وڏا درسگاهه ڏسي، مون کي سنڌ مسلم  ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽي ياد آيا آهن. مون توهان کي ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جي ايسوسيئيشن جو بيان ترجمو ڪري موڪليو آهي. جو اُميد ته مليو هوندو. اُهو ترجمو مون توهان کي نيويارڪ مان موڪليو آهي ۽ هيءُ خط به واٽ تي واشنگٽن مان لکان ٿو. هت سنڌ مسلم  ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ياد آئي ۽ سنڌ جي مستقبل بابت ڪجهه خيال پيو، تنهن ڪري مٿيون سٽون لکيون اٿم.

        هتان جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي ڏسي، ۽ اُن سان گڏوگڏ حڪومت ۽ قوم جي تعليم مان دلچسپي ڏسي، اهو خيال پيدا ٿيو ته هي تعليمي رحمتون ۽ برڪتون اسان کي ڪڏهن نصيب نه ٿينديون! ان جو هيءُ جواب سمجهيو اٿم ته جڏهن اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ تعليم کي سياست تي سبقت  ڏينداسون، تڏهن ئي اسان جا بزرگ عوام جي تعليمي خدمتن کي اسيمبليءَ جي ميمبريءَ کان بهتر ۽ اعليٰ خدمت سمجهندا. هن مان منهنجو مطلب آهي، ته جڏهن سياست جو مجنونانه غلبو گهٽبو تڏهن قومي ترقيءَ جي راز جي پروڙ پوندي.

        سياست هڪ مرض آهي ۽ خاص طرح سنڌ جي سياست ته وري هڪ مهلڪ مرض آهي. جن قومن جي حيات ۽ تاريخ ۾ سياست کي قومي زندگيءَ جي بلندي قرار ڏنو ويو آهي. اُنهن جو هلاڪ ٿيڻ فطري آهي. سياست سان دلچسپي ٻي ڳالهه آهي. توهان کي ٻڌي حيرت ٿيندي ته خليق عالم، قوم سان همدردي رکندڙ انسان، خاموش ڪم ڪندڙ ۽ انساني درد رکندڙ انسان، هنن ملڪن ۾ سياست سان ڪابه عملي دلچسپي نٿا رکن. هنن کي يقين آهي ته قومي حياتيءَ ۾ سياسي غلبو قوم جي تنزل جو باعث آهي. مون سوين ماڻهو  ڏٺا آهن. جن کي سواءِ ٿوريءَ جاگرافي حد کان ٻاهر ڪوبه ڪونه سڃاڻي، مگر اُنهن جي خدمتن ۽ واقعن کين سمجهدار طبقن ۾ گهڻي ۾ گهڻو ممتاز بنايو آهي. هو ويچارا فقيرن وانگر اونائڻ، پنڻ ۽ قوم جي خدمت ۾ حياتي بسر ڪن ٿا. سياسي مجلسن جي ميمبريءَ جو هنن کي خيال به نه آهي. هو  سمجهن ٿا ته تعليمي، اخلاقي، اقتصادي ۽ ادبي خدمتون ديرپا ۽ بقادار آهن. سياست هڪ ڏيک ويک جي دنيا آهي، جنهن ۾ سڀ ڪو شان ۽ رعب جو شڪار آهي. حقيقت ۾ قومن جي ترقي ۽ بلنديءَ جو سبب اُهي خاموش ڪم ڪندڙ. دل ۽ دماغ رکندڙ ۽ مستقبل تي سوچيندڙ انسان آهن، جن کي سواءِ چند ماڻهن جي ٻيو ڪوبه نه سڃاڻي. مگر جن جي اُنهن خدمت ڪئي آهي، تن کان هو ڪڏهن به وسري نٿا سگهن، چيو وڃي ٿو ته تاريخ چورن، رهزنن، ظالمن ۽ سياستدانن کي ياد ڪري ٿي. اڄوڪي زماني ۾، تاريخ تمام ذلت کي پهتل آهي ۽ خاص طرح اسان جي ملڪ ۾ سياسي تاريخ بداخلاقيءَ جو سبق آهي. اصلي ابدي ۽ ڪارآمد خدمتون اُنهن انسانن جون آهن، جن کي تاريخ اڄ ياد به نٿي ڪري. توهين ٻڌائيندا ته اڄ ڪيترا ماڻهو مرحوم مولانا عبيدالله سنڌي صاحب، مرحوم نور محمد ۽ مرحوم حسن علي آفنديءَ کي ياد ڪن ٿا؟ سياستدانن جي ياد ۾ قومي خدمتن جي روح جو موت آهي. اسان وٽ لوڪل بورڊ جي ميمبري يا اسيمبليءَ جي ميمبري يا وزارت کي خدمت جي انتها  سمجهي ويندي آهي ۽ جيڪي خدمتون ٿين  پيون ۽ ٿيون آهن، تن جو ذڪر ڪرڻ خاص طرح توهان وٽ فضول  ٿيندو.

        ڇا اسان جو ملڪ ذلت جي انهيءَ حد کي پهتو آهي، جو خاموش مگر ٺوس ڪم ڪندڙن لاءِ ڪو تعريف جو لفظ به نٿو نڪري. اسان ٻڌي ٻڌي ٿڪجي پيا آهيون، ته نوجوان مستقبل جا سردار آهن، مگر جن جي زبان مان اهي لفظ نڪرن ٿا، اُنهن کان اهو  ته پڇو ته اُنهن جوانن جي خراب ڪرڻ ۾ ڪيترو حصو ورتو آهي.

        مون کي هت سچا ۽ ٺوس انسان ڏسي سنڌ يونيورسٽي، ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ياد آيا. آئون پنهنجن بزرگن کان  پڇندس ته سائين منهنجا، توهان سنڌ يونيورسٽي بل پاس ڪرڻ کان  پوءِ ڇا ڪيو آهي؟ سنڌ يونيورسٽي  هن وقت بنا ڪنهن قومي ۽ سياسي مدد جي هلي رهي آهي. ڇا سنڌ يونيورسٽيءَ کي سنڌ جا مخلص، خليق ۽ خاموش ڪم ڪندڙ انسان ڪونه ملندا؟ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪم تي اسان کي فخر ڪرڻ گهرجي. اڄ اسان جي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسان جي سنڌ جو بهترين طبقو ڪم ڪري رهيو آهي.  محترم قاضي صاحب جي اثر هيٺ، اسان جي سنڌ جا بهترين جوان ڪم ڪري رهيا آهن. مون کي جڏهن خبر ملي ته قاضي صاحب وٽ ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، قاضي نبي بخش، سيد جميل  واسطي ۽ قاضي مرتضيٰ ڪم ڪري رهيا آهن. تڏهن دل ۾ سوچيم ته اسين سنڌ جي بزرگن کان پڇون ته هنن کان وڌيڪ علم رکندڙ باقي ٻاهر گهڻا رهيا آهن؟ هو ويچارا رات ڏينهن سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تدريسي حياتيءَ ۾ مصروف آهن. مگر سنڌ جي  سردارن هنن کي نڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي هن بيحسي ۽ لا ابالي اسان کي وڏو نقصان رسايو آهي. مون کي پاڪستان جي سڀني يونيورسٽين جو علم آهي ۽ اُنهن جي سڀني ڪارڪنن کي سڃاڻان. مگر مان بلا مبالغي چئي سگهان ٿو، ته ٺوس ڪم ڪندڙ فقط سنڌ يونيورسٽي ۾ رهيا آهن. مگر سنڌ يونيورسٽي سنڌ جي بيحس بزرگن جي سستيءَ جو شڪار آهي. اسان کي اڃا به اهو احساس نه ٿيو آهي، ته تعليم سان دلچسپيءَ کان سواءِ، اسين ڪنهن به ڪم  جا  نه آهيون.  ڪاش! اسان جا بزرگ  سياسي انهماڪ کان بچي، پئسي جي قرباني، جوش ۽ خروش سان تعليم جي خدمت ڪن. مون کي يقين آهي ته اسان جون سياسي مجلسون ڪيترو به غور۽ فڪر  ڪندڙ هجن،  مگر يونيورسٽيءَ جي ترقي، بلندي ۽ اُن جي مؤثر هئڻ کان سواءِ سنڌ جي باعزت رهڻ ۽ ان جي ترقي ۽ عروج جو ٻيو ڪوبه چاڙهو ڪونه آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ترقي کانسواءِ سنڌ جو مستقبل، مايوس ڪن آهي. اسين نه پنهنجي خدمت ڪري سگهنداسون ۽ نه پاڪستان جي تعليمي سرگرمين ۾ ئي حصو وٺي سگهنداسون. خيالي طرح اسين هن ڳالهه جو اعتراف ڪريون ٿا، مگر علمي طرح اسان هڪ وک به نٿا ڀريون، جا اسان جي اخلاص جو هڪ کليو ثبوت آهي.

        آمريڪا ۽  يورپ جي ترقيءَ جو راز هن ۾ آهي، ته سياست کان ٻاهر رهندڙ انسان کي سياستدانن کان وڌيڪ مقبول ۽  عزت وارو سمجهيو وڃي ٿو. قوم اڃا به مفڪرن کي ٻڌي ٿي. اخلاقي رهبري ۽ خدمت جو معيار سياستدانن جي حوالي نه آهي. قوم جو فڪر سياستدانن کي نه ڏنو ويو آهي. سياستدانن جون لٻاڙون، هتان جي اهليت ۽ سچائيءَ کي نظر انداز  نٿيون ڪري سگهن. مفڪرن،  عالمن ۽ اُستادن کي قوم جي اخلاقي ۽ علمي، صحيح ۽ حقيقي رهنمائي نصيب آهي. اڄوڪي سياست ۾ هڪ سياستدان کي باعزت رهڻ ڏاڍو مشڪل آهي. سياستدانن جي مهارت گارين کائڻ ۽ ڏيڻ ۾ رهي آهي.

        مون کي هت ماڻهن جي قربانين کي ڏسي حيرت وٺي ويئي آهي، هزارها ملڪيتون وقف آهن، ۽ هر هڪ وقف ملڪيت ۾ ڪروڙها پئسا آهن. هزارن استادن، شاگردن، عالمن ۽ سائنسدانن کي علم، تعليمي ۽ فني ڳالهين جي کوجنائن لاءِ امدادون ملن ٿيون. آئون به هڪ وقف جي مدد سان هت آيو آهيان. جنهن نموني هنن وقفن  جو نظام ۽  خرچ هلي ٿو. اُهو حيرت ۾ وجهندڙ آهي. ڪن ماڻهن مرڻ کان پوءِ وقف ڇڏيا آهن، ته ڪن حياتيءَ ۾ وقف بنايا آهن. آمريڪي وقف دنيا ۾ وڏو ڪم ڪري رهيا آهن. اسان جا ماڻهو اولاد لاءِ ملڪيتون گڏ ڪرڻ ۾ پورا آهن ۽ ملڪيت خدا جي وس آهي،. جنهن کي هو نصيب ڪري! مون کي  ته هڪ به مثال ياد نه آهي ته ڪنهن هڪ به نوجوان والدين جي انتقال کانپوءِ، ڇڏيل ملڪيت مان ڪو جائز فائدو ورتو  هجي،. اچو ته توهان کي هڪ مزيدار ڳالهه ٻڌايان. آمريڪا جا وقف پاڪستان ۽ هندستان جي ساليانيءَ بجيٽ کان به وڌيڪ آهن. اها آهي قوم جي فردن جي خدمت! حڪومت جيڪي ڪري ٿي، سو اڃا جدا آهي.

        انڌن، گونگن، لولن، ٻوڙن، بيواهن، ٻڍن، جنگين ۾ زخمين ٿيلن ۽ ٻارن لاءِ جيڪي يونيورسٽين کان سواءِ ادارا مقرر ڪيل آهن سي هڪ نه ٻه، مگر هر هنڌ ۽ هزارن جي تعداد ۾ آهن. شاهوڪار پنهنجي شاهوڪاري قوم جي بدولت سمجهن ٿا، ۽ هنن وقفن کي قائم ڪرڻ سان هو قوم جا منت گذار آهن.

        آمريڪا ڪم ڪندڙن جو ملڪ آهي، توهان کي ڪوبه عادتي بيڪار ڪونه ملندو.، توهان کي ڪوبه اهڙو مزور يا ڪاريگر يا اُستاد ڪونه ملندو، جيڪو وقت تي از خود ڪم نه ڪندو هجي ۽ اهو ڪم وقت تي بند نه ڪندو هجي. توهان کي ڪوبه اهڙو ڪم ڪندڙ نه ملندو، جيڪو بيجا ۽  خواهه مخواهه موڪل وٺڻ ۽ ڪم نه ڪرڻ جي خيال ۾ هجي. هنن انسانن زندگيءَ جي عملي حالتن کي چڱيءَ طرح پروڙيو آهي. جفاڪشي توهان کي غريب   ۽ شاهوڪار ۾ هڪجهڙي ملندي. آمريڪا جي ترقي ۽ بلندي اتان جي ماڻهن جي جفاڪشي، محنت ۽ اخلاص جو نتيجو آهي.

        هتان جي دنيا ۾ اچي توهان ڏسندا ته ڪوبه ڪم دورانديشيءَ جي نظر کان خالي نه آهي. هر هڪ ڪم کي سؤ يا ٻن سونَ سالن جي عرصي جي نقطئه نظر کان ڪيو وڃي ٿو، ۽ ڪوبه ڪم عارضي طرح نٿو ڪيو وڃي. ريل گاڏين جو ٺاهڻ، جاءِ جو ٺاهڻ، درسگاهه، ليبارٽري ۽ ميوزيم جي قائم ڪرڻ ۾ مٿئين اُصول کي پيش رکيو وڃي ٿو. ناڪاميابيون  ڪڏهن به خيال ۾ نٿيون اچن. مستقبل کي ڪاميابيءَ جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو،  ناڪاميابي اگر منهن ڪڍي به ٿي، ته به اُن کي ڪاميابيءَ لاءِ منهن ڏنو وڃي ٿو ۽ حل ڪيو وڃي ٿو. هن ملڪ جي اُمور ۽ شين جو بنياد مستقبل جي حالتن ۽ ضرورتن تي رکيو وڃي ٿو. اهڙي ملڪ ۽ قوم کي ڀلا ڇو نه ترقي ۽ عروج حاصل ٿئي! جن انسانن جي نظر نڪ جي ڦنگيءَ  کان پري نٿي وڃي، اُنهن مان قومي ترقيءَ جي ڇا اُميد رکي سگهجي ٿي! آمريڪا جي ترقي ۽ بلنديءَ جو راز ان ۾  به آهي، ته قومي امور ذاتيات کان پري رکيا وڃن ٿا. هڪ وڦلندڙ شرابي، هڪ رهزن چور، هڪ زبردست خود غرض سياستدان، هڪ وڏو سٽوڙي ۽ رت چوسيندڙ واپاري، ڪنهن طرح به ذاتي فائدي جي اثر هيٺ يا جنون ۾ قومي ترقي ۽ نظام ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ نه گهرندو. قوم جي نالي ۾ هو ذاتي مستانگي ۽ جنون ۾ به قرباني ڪندو. بلند نظري توهان کي هت هر انسان جي فعل ۽ عمل ۾ ملندي.

        آمريڪا بلڪل شاهوڪار ملڪ آهي. هڪ معمولي مزور يا ڪلارڪ، مرد خواهه عورت، ڏيڍ هزار يا ٻه هزار رپيا مهيني ۾ ڪمائي ٿو. هن ملڪ ۾ فضول خرچي ۽ افراط زر به ڏاڍو آهي. مون کي پنهنجي بزرگ اُستاد پروفيسر حبيب جا آمريڪا متعلق لفظ ياد ٿا اچن. آمريڪا جهڙو فضول خرچ ۽ ان سان گڏ انتظامي برجستگيءَ وارو ملڪ دنيا ۾ اصل نه ملندو. پئسو ملڪ ۾ ايڏو ڊوڙي ٿو ۽ اچي ٿو، جو انسان خرچ ڪرڻ ۾ حيران آهن. توهان کي آمريڪا ۾ جنهن حد تائين شاهوڪاري ملندي، بلڪل انهيءَ حد تائين باالفضولي به ملندي. هن ملڪ ۾ بخل جو نالو ئي ڪونهي. مثلاً: جيڪڏهن هڪ شيءِ کي ڦٽائي پوءِ ٺاهڻ يا ٺهرائڻ کان پري آهي!‎ ته اُها خراب ٿي ۽ ڇٽي ۽ وري نئين! انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته پهرين شين جو ٺهرائي هلائڻ گهڻي خرچ ۾ وجهي ٿو ۽ نئين شيءِ سستي ۽ سؤلي آهي. روزمره جي مشين جيڪڏهن ڪافي کان زياده خراب ٿي، ته اُڇلائي وڃي ٿي، ڪيتريون شيون اهڙيون ته سستيون ٺهن ٿيون جيڪڏهن اهي مفت ورهايون وڃن، تڏهن به ڪارخانن کي نقصان ڪونه ٿيندو، آئون توهان کي هڪ مثال ٿو ٻڌايان، جن چيزن مان ڪاغذن جون شيون ۽ ڪاغذ ٺاهيو وڃي ٿو، تن جو ڪجهه اهڙو حصو بيڪار بچي ٿو، جنهن مان ڪاغذ ٺهي نٿو سگهي، ته اُهو اڇلائڻ جي قابل ٿيو پوي.  مگر ان کي اڇلايو نٿو وڃي، بلڪ ان کي هڪ ٻئي نموني ۾ ڪارخانن جي حوالي ڪيو وڃي ٿو. ان مان هٿن کي صاف ڪرڻ جا ڪاغذ ٺاهيا وڃن ٿا، اُهي نهايت ئي سستا پون ٿا. هوٽلن ۾ ٽوالن رکڻ جي بجاءِ اُنهن ڪاغذن کي ڪم آندو وڃي ٿو،.  بس، هٿن صاف ڪرڻ کان پوءِ اُهو ڪاغذ خراب ٿي وڃي ٿو. هن مان ٻيڻا فائدا ٿين ٿا: هڪ ته سنڀالي رکڻ ۾ تڪليف نٿي ٿئي، ۽ ٻيو ٽوالن وانگر صفا ڪرڻ ۽ ڌوئڻ جي ضرورت نٿي پوي. اهڙيءَ طرح پلاسٽڪ جون شيون ٺهن ٿيون، هڪ ڪارخانو ڪا شيءِ تيار ڪري ٿو ۽ ان شيءِ جي تيار ڪرڻ ۾ جو بيڪار حصو بچي ٿو. اُن مان وري ٻي ڪا سستي شيءِ ٺاهي وڃي ٿي. ڪارخانيدارن جو عين نفعو ته پهرينءَ شيءِ مان نڪتو ۽ باقي جي شيون ٺاهيون ويون، اُهي سستيون وڪيون ويون. اهڙيءَ طرح هڪ ڪارخانو ڪيترين ئي شين جي ٺاهڻ ۾ رڌل آهي. ڪيتريون ڪارآمد چيزون انهن بيڪار شين مان ٺاهيون وڃن ٿيون. توهان گلاس مان پاڻي پي اُهو اڇلائي ڇڏيو،تنهن جي معنيٰ ته ڪانچ جي گلاس جي ضرورت نه رهي آهي. آمريڪا ۾ هردم پئسي کي وڌايو وڃي ٿو ۽ هن ۾ غريب ۽ امير ٻيئي ڪوشش وٺندا آهن. هزارها ماڻهو هميشه نين شين جو استعمال ڪندا آهن. جڏهن ضرورت کان وڌيڪ اُن کي ڪم آندو ويندو آهي، ته پوءِ اُن جي عيوض وري ٻي نئين شيءِ.

        هي احوال توهان کي واشنگٽن مان لکي رهيو آهيان، جتي ڪرنل محمد عالم شيخ جو مهمان آهيان. ڪرنل شيخ، شيخ محمد اسلم حيدرآبادي واري جو ڀاءُ آهي ۽ هتي مليٽري اٽئچي آهي. مان بنا مبالغي چوان ٿو ته ڪرنل شيخ سان ملڻ ۽ وٽس رهڻ ڪري، سنڌ جي ياد تازي ٿي آهي. سندس مهمان نوازي تعريف جي لائق آهي ۽ سندس در هر سنڌيءَ لاءِ  کليل آهي. سندس رهائش ۽  دريادلي ڏسي، مون کي حيرت وٺي ويئي. هي اُنهن شخصن مان آهي، جن کي آمريڪا  جي هوا ۽ خوشين، زندگيءَ جي معيار کان اصل پري نه ڪيو آهي! ڪرنل شيخ تي اسان کي ناز آهي. جهڙيءَ طرح هُو پنهنجي اولاد جي تربيت ڪري رهيو آهي،  سا اسان ٻاهرين ملڪن ۾ ويندڙ سنڌين لاءِ هڪ مثال جي حيثيت رکي ٿي. سندن نشست برخاست ۽ خيالات کي ڏسي، مون کي هن ملڪ ۾ ڏاڍي خوشي ٿي. سندس مقابلي ۾ ٻيا ذليل زندگي بسر ڪن ٿا. شيخ صاحب کي مبارڪ هجي. خدا شل ٻاهر ويندڙ سنڌين کي شيخ صاحب جو مثال نصيب ڪري!

        توهان جا پڙهندڙ منهنجي هن نموني لکڻ تي ضرور تنگ  ٿيا هوندا. ممڪن آهي ڪيترا ڪن دلچسپ ڳالهين لاءِ گهر ڪن. سو ايندڙ  خطن ۾ مان توهان کي نيويارڪ ۽ واشنگٽن جو سير ڪرائيندس. شاگردن ۽ نوجوانن جي حالات متعلق  لکندس ۽ راندين ۽ خوشين جو ذڪر ڪندس. معاف ڪجو احوال ڪافي آهي ۽ هاڻي توهان کي جلدي جلدي پيو لکندس.

(”الوحيد“ 25- اپريل 1953ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org