سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سير ۽ سفر

غلام مصطفيٰ شاه

صفحو :6

(5)

 

        بس. ڇا ٻڌايان! تقريباً ٻن مهينن کان مٿي ڏينهن ٿيا آهن.  ته اچي هن ماڻهن جي جهنگ ۾ پيو آهيان. پنهنجي ملڪ جي ڪابه خبر ڪانه اٿم. ڪي دوست، ۽ عزيز خط لکن ٿا، مگر ان هوندي به بيخبر رهان ٿو. پاڪستان ۽ سنڌ جي وڻندڙ زندگيءَ کان پري آهيان. اڳئين خط ۾ مون هتان جي هڪڙي اخبار جو ذڪر ڪيو آهي، مگر ايڏيءَ ساريءَ اخبار ۾ اسان جي ملڪ جي ڪابه خبر نٿي ملي. اچو ته اوهان کي ٻڌايان ته هن وقت تائين پاڪستان جون ڪهڙيون خبرون پڙهيون اٿم. گناهه ثواب معاف! غلطي اخبار جي، آئون فقط راوي آهيان. ”هڪ بيگم صاحبه جواهرن سان جڙيل، جهونا ڳڙهه واري پاڪستان ۾ ڇٽي وئي.“ ٻي خبر ته هوائي جهاز ڪريو، ٽي خبر ته ”چوڌري محمد  ظفر الله جي خلاف احتجاج ٿيو ۽ ماڻهو قيد ڪيا ويا.“ بس خبرون ختم!

        معاف ڪجو  هڪ ٻي به خبر پڙهي اٿم ته پاڪستان مان هڪ ماستر غلام مصطفيٰ، آمريڪا ۾ نازل ٿيو آهي ۽ ساڻس گڏ فوٽو به ڏنو ويو آهي.، ٻي به گهڻي پٽاڙ ٿيل هئي، جا نٿو لکان، ڇو ته اسين غريب ماستر، توهان اخبارن وارن کان ٿورو ڊڄون ٿا. هجون سياستدان ته توهان جو مقابو ڪريون. غريب درويش جي لاءِ ”مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ“. مگر متان اهڙيءَ طرح سمجهيو اٿوَ، وقت تي اسين خبر نه آهي ته ڇا ڇا ٿا ڪري سگهون. اسان جا ڪرشما ڏٺا اٿو؟

        مگر سائين مون سان هڪڙو ظلم ۽ ويل آهي: بقول مرحوم مولانا عبيدالله سنڌي، مٿو اگهاڙو ڪري گهوڙا گهوڙا ڪيان. پر زڪام جو ڊپ ٿو ٿئيم. ڇا ٿا پڇو، ڇا ٻڌايان! جتي وڃان ٿو اُتي اڃا اسلام ۽ پاڪستان جو نالو ٿو وٺان، ته شهزادو علي خان، سندس والد بزرگوار هزهائينس آغا خان ۽ شهزادي ريٽاهيورٿ اچيو ٿا منهن ڪڍن. آغا خان  اسلام جو سردار ۽ سرڪردو. اسلام ۽ پاڪستان کي سجهڻ لاءِ علي خان جي حياتي ۽ هزهائينس جي مائٽن ڪارلو جي حياتي ڪافي آهي. جتي ڪٿي ۽ خاص ڪري بيگمات وٽان ان بابت سوال ڪيا وڃن ٿا. منهنجي انڪار تي کين حيرت ٿي لڳي. چون: ”هو توهان جو سردار ۽ رهبر، ۽ توهان انڪار ٿا ڪريو.“ بس سائين، انڪار ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان. اسلام ۽ پاڪستان کي آمريڪا جي هن حصي وارا علي خان ۽ آغا خان جي حياتيءَ ۽ عمل مان پرکين ٿا. بس ڇا ٻڌايان! اسلام بابت واقفيت جو هڪ ٻيو مثال به ٻڌايان ٿو. پروفيسرن ۽ عالمن جي مجلسن ۾ هڪ ڏينهن چيم ته اسلامي  تاريخ ۾ عورتن وڏا ڪم ڪيا آهن، ته يڪدم هڪ محترمه چيو: ”جي، ها برابر، مثلاً: قلوپطره“. بس زبان کڻي ڏندن ۾ جهليم. اسان جي ڪن پاڪستاني عيوضين به اسلام ۽ پاڪستان جو چڱو نالو موکيو آهي.

        مون اهڙا پاڪستاني به ڏٺا، جيڪي رسول اڪرم  صه کي چون ’محمت‘ ۽ قرآن جي نالو ’ڇڙو ڪتاب‘. ماٺ ٿو ڪريان، نه ته  چوندا ته ’غلام مصطفيٰ مست آهي.‘ سائين، واهه جي ماسترن کي مستي آهي رڳيون فقيرياڻيون ڳالهيون ياد نه اٿم، بلڪ اميراڻا ٽوٽڪا به ڪافي هٿ ڪيا اٿم، ڳالهيون ٿينديون.

        مون اڳئين دفعي مذهب جو ڪجهه ذڪر ڪيو آهي. آمريڪا ۾ ماڻهو هڪ عجيب حيراني ۾ مبتلا آهن. ڊالرن ڪمائڻ، مزي ۽ عيش کان پوءِ مذهب کي فقط هڪ رسم ڪري رکيو اچن ٿا. سندن زندگي بي روح آهي. جڏهن نشي کان  ڇٽن، ته دلي تسڪين جي ڳولا ٿا ڪن، مگر اُها ڪٿي ٿي ملي! ڀلا، اُها ديول ۾ هڪ ڏينهن وڃڻ سان ڪٿي ٿي نصيب ٿئي! انهن حالتن جي ماتحت آمريڪا ۾ ٻن گروهن جو مڪو متل آهي: هڪ يهودي ٻيا رومن ڪئٿولڪ مذهب وارا. آمريڪا ۾ رومن ڪئٿولڪ جو اثر ڏاڍو وڌندڙ آهي. جيئن ته رومن ڪئٿولڪ مذهب کي هڪ انداز ۾  ڏٺو وڃي ٿو، ۽ ان کان سواءِ ان ۾ پادرين جو رعب به داخل آهي. ان ڪري ان ۾ دلي تسڪين جي تلاش ڪئي وڃي ٿي. رومن ڪئٿولڪ ۽ يهودين جي جيڪا اسلام ۽ اسلامي ملڪن سان تاريخي همدردي  رهي آهي. ان کان  ته توهان واقف آهيو. آمريڪا اسلام کي پيش ڪرڻ وارا وري يهودي ۽ رومن ڪئٿولڪ! اُهي وري ڳالهيون ڪن آغا خان، علي خان، فاروق، ترڪيءَ جي سلطان ۽ عرب ملڪن جي خانه جنگين جون، ۽ وري  اسان جي  اسلامي ملڪن جا عالم تقريرن ۾ چون ’محمت‘ (Mohamat) ته پوءِ ٻين کي ڇا چئجي؟ اچو ته ٻيون ڳالهيون ڪريون.

        آمريڪا ۾ رهي، مون تي هڪ ڳالهه جو عجيب انڪشاف ٿيو آهي؛ آمريڪا ۾ انفراديت جو غلبو آهي. آمريڪا ۾ قوميت به ڪافي اثر رکندڙ آهي، مگر اُها مڪمل  نه آهي. اجتماعي زندگي بلڪل مفقود آهي. هر آمريڪي فرد، انفرادي حيثيت سان گڏوگڏ قوميت کي سڃاڻندڙ آهي. مگر انساني رواداري، يا انسانيت جو ربط، يا اجتماعي احساسات بلڪل گم آهن. انفراديت کان قوميت تائين هڪ ٽپو آهي، جو اجتماعيت تان ڇلانگ  ڏني ويئي آهي. هن احساس جي ان موجودگيءَ جي ڪري سڀ اجتماعي خرابيون ۽ بدڪرداريون موجود آهن، ان لاءِ ڪي سبب آهن، جن جو هت مختصر ذڪر ڪيان ٿو.

          توهان کي خبر آهي، ته آمريڪا جا اصلي باشندا ريڊ انڊين (Red Indian) آهن. مگر اُهي ويچارا وڃن ٿا ماضيءَ جي تاريڪين ۾ گُم ٿيندا، ۽ تاريخ جي ورقن ۾ ڇُپندا. ايتري قدر جو ٿورن سالن کان پوءِ، سندن هڏا به ڪونه لڀندا، (آئون شيدين جو ذڪر جيڪڏهن توهان اصرار ڪندا، تڏهن به هن وقت نه ڪندس) آمريڪي جيڪي اسين ڏسون ٿا، اُهي سڀ مهاجر آهن، جي ڌار ڌار ملڪن کان آيا آهن ۽ هر سال هزارين پيا اچن. هجرت جي هن لهر، ملڪ ۾ انفراديت کي هوا ڏني آهي. ماڻهن ۾ اقتصادي بداخلاقي ڪري ڪٽنبن ۽ گروهن آمريڪا جي سرزمين تي پاڙون پختيون نه ڪيون آهن. عارضي انساني تعلقات، خوف جي اختلاط، زبان جي اختلاط ۽ تهذيب جي اختلاط، اجتماعي زندگيءَ کي وڌڻ ۽ ويجهڻ کان محروم رکيو آهي. ٻن نسلن تائين ڪي به ماڻهو هڪ هنڌ رهيا آهن، ساڳيو پيشو نه رهيو اٿن ۽ ساڳين ماڻهن سان سندن تعلقات نه رهيا آهن. ان کانسواءِ، هر هڪ انسان، زندگيءَ جي جدا جدا منزلن تي ڌار ڌار تعلقات پيدا ڪيا آهن. ايامِ طفلگيءَ جا واقف هڪڙا، بلوغت جي زماني جا ٻيا جوانيءَ جا ٽيان ته ٻڍاپي جا چوٿان! انسانن ۾ هڪ اجنبيت نظر ايندي، جنهن جو توهان اندازو به نه لڳائي سگهندا. ڇو ته ڪنهن جي به ماضيءَ جي ڪنهن کي به خبر نه آهي، ۽ حال مان  تمام ٿورا واقف آهن، ان ڪري اجتماعي رابطا ۽ ذاتي قوتون ختم ٿيل آهن. آمريڪا هڪ نئون ملڪ آهي، کيس پنهنجي تاريخ نه آهي ۽ اهي ڪمزوريون سندس طفلانه قومي پاليسيءَ جو بنياد آهن. کيس اجتماعي زندگي نه آهي، بدويت ۽ جهالت جو تصور سندس زندگيءَ تي ڇانيل آهي. بلڪل اهڙيءَ طرح جهڙيءَ طرح ڪو انسان جهنگلن ۾ رهندڙ هجي. هي ماڻهو ڪارخانن ۽ بازارين جي دنيا ۾ آهن، ته هو تاريخي انسان، ٻيلن ۽ جبلن ۾ رهن ٿا. ڪيفيت ٻنهي جي هڪڙي آهي. آمريڪا ۾ جيڪي مهاجر يورپ کان اچن ٿا،. اُنهن عجيب اجتماعي حالت پيدا  ڪئي آهي. يعني اُهي حرڪتون جيڪي اسان ڄاڻ سڃاڻ ۽ مٽن مائٽڻ جي  نسلي واقفيت ۽ ۽ ماڻهن جي چوٻول ۾ هوند نه ڪري سگهون، سي بلڪل آسان ٿي پيون آهن، ڪير به نٿو سڃاڻي ته فلاڻو ڪير آهي، جنهن ڪري شرم، حيا ۽ ننگ ناموس جا اثرات ختم ٿيل آهن!

        اهي اجتماعي  حالتون جيڪي چور تي ذاتي اثر ڪن ٿيون، اهي موجود نه آهن. اها اجتماعي روڪ جا ماڻهن جي فعل ۽ ڪردار لاءِ جوابدار آهي، سا اصل نه ملندي. اولاد کي خبر نه آهي ته مائٽ ڪٿي، ته مائٽ وري اولاد کان بيخبر آهن. اڄ هتي گهر، ته سڀاڻي ٻئي هنڌ، ڄائو هتي، پڙهيو هُتي ته ڪمايائين وري ٽئين هنڌ، شاديءَ کان پوءِ وري مڪان ئي ٻيو، ٻُڍاپو اڃا ٻي هنڌ ته موت وري ٽينءَ جڳهه تي. نه ڄمڻ جا واقف نه موت جا، عجيب  حالت آهي! آئون هي ذڪر هتي ختم ڪيان ٿو. آمريڪا جي قوميت به ا‎ڃا برقرار ۽ پوري نه ٿي آهي. قوميت جي تاريخ ۾ به پختگي پيدا نه ٿي آهي. هن جو وڌيڪ ذڪر واپس اچڻ تي ڪندس. هن مسئلي جو آمريڪا جي خارجه پاليسيءَ سان گهرو ڳانڍاپو آهي، ۽ آئون اُن ۾ هن وقت نه ويندس. اهي واپسيءَ جون ڳالهيون آهن. هن فضا ۾ آمريڪي تعليمي نظام ۽ تعليمي ڪوششون ڪهڙو ڪم ڪري رهيون آهن، انهن جو ذڪر خاص مضمون ۾ ڪندس، اهو احوال اڃا ڪجهه وقت کان پوءِ ڪندس، ۽ خاص ڪري جڏهن ڪئناڊا کان موٽندس، آمريڪا تهذيبي، تمدني ۽ فني بدويت جو ملڪ آهي.،

        مان پنهنجي هنن خطن جو سلسلو ڳچ وقت تائين جاري رکندس ۽ تيستائين جيستائين توهان اجازت ڏيندا، آئون هتي هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو:

        آئون يورپ ۾ ٻيو دفعو، ۽ آمريڪا ۾ پهريون دفعو آيو آهيان. آئون جڏهن انگلينڊ ۾ پڙهڻ آيو هوس، تڏهن ڪافي ملڪ ڏٺا هئم، مگر طالب علميءَ جي حالت ۾ هوس، ڪي گهرو حالتون، ڪي پئسي جون تڪليفون، امتحان جي دماغ تي گرمي، ڪجهه ناپاس وغيره جو انتظار ۽ واپسيءَ تي آئندي ذريعي معاش جو فڪر موجود هو. ڪجهه جواني به هئي، مگر دل ۽ دماغ تي تعليم، امتحان، پاس، ناپاس ۽ مستقبل جي حالتن جو عجيب خوف ڇانيل هو.  شخصيتن جو رعب هو. حالت ۽ ڳالهين کي پنهنجي سر منهن ڏيڻ جي اڃا همت نه هئي. ماڻهن وٽ زندگيءَ جي مجبورين ڪمزور بنايو ٿي. اگر صلاحيتون هيون به، تڏهن به انهن جو ڪنهن کي به  علم نه هو. گهرو ۽ اقتصادي حالتون سازگار نه هيون. مطلب ته خوشيءَ سان گڏ دل تي ٻوجهه ۽ هيجان هو. الله تبارڪ و تعاليٰ جي مهربانيءَ سان هن وقت ٻي حالت ۾ آيو آهيان. مائٽن ڪا ايڏي ملڪيت نه ڇڏي، پنهنجيءَ محنت جو پورهيو کاوان ٿو. بزرگن، عزيزن ۽ دوستن جون مهربانيون آهن. زندگي محنت، اخلاص ۽ جوابداريءَ ۾ گذري ٿي. امتحان جو ڊپ نه اٿم. توبهه! جيڪي به امتحان پهرين درجي کان وٺي ڏنا اٿم، اگر هن وقت وري ڏيان ته جيڪر هر هڪ ۾ بنا شبهي فيل ٿيان. خدا امتحانن کان جند آزاد ڪئي آهي. تونگر نه آهيان، مگر مفلسيءَ کان به خدا پناهه ڏني اٿم. اها حاجتمندي جيڪا بداخلاقين ۽ ڪمزورين جو باعث آهي، ان کان خدا پناهه ڏني آهي، ۽ پيشو اهڙو هٿ ڪيو اٿم، جو هروڀرو همدم گاريون ڪونه ڏيندا، نه وري اهڙو ڪم ڪنداسون، جو گارين جا مستحق ٿيون، غريب ماستر پنهنجيءَ ۾ پورا.

        هن ڀيري ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ مهل هڪ خاص مقصد دل ۾ رکيم ته ملڪ ڏسي، حالتون سمجهي، ڪجهه لکندس، ۽ پنهنجي اخلاقي جوابداري پوري ڪندس. اسان جا لک پتي جاگيردار، وڏيرا صاحب ۽ واپاري ٻاهر وڃن گهمڻ، سير ڪرڻ ۽ فرحتون وٺڻ. مگر مان ان وقت به تدريس ۾ مشغول آهيان. پاڙهيان ته پگهار وٺان، ڪم نه ڪريان ته بک مران ۽ سڌي واپسيءَ جي ٽڪيٽ وٺائين. ايترو ۽ فقط ايترو خيال اٿم ته زندگي ڪشادگيءَ سان گذاريان ۽ ڪجهه ڏسي وائسي سگهان. آئون پنهجي وقت جو مالڪ پڻ آهيان، محتاجين ۽ ڪمزورين جو شڪار نه آهيان. ان  حالت ۾ اهو خيال ڪري نڪتس، ته جيتري قدر ٿي سگهي، اوتري قدر ملڪ ۽  ماڻهو ڏسان. ايترا پئسا نه اٿم جو هر روز هنن چڪرن تي ڀڳو بيٺو هجان. آمريڪا سرڪار جي مهرباني، جو دعوت ملي ۽ هتي آيو آهيان. نه ته سائين، رڳو لاهور جي ٽڪيٽ وٺڻ به مون لاءِ مشڪل آهي. ان حالت ۾ ارادو ڪيو اٿم ته يورپ جا سڀ ملڪ ڏسندو اچان، پاڻ کي ۽ ٻين کي تنگ ڪريان، ۽ مٿي ۾ سور وجهان!

        اها به خوشي اٿم ته آئون پهريون وچولي درجي جو سنڌي آهيان، جنهن کي هي خوش قسمتي نصيب ٿي آهي. الله تبارڪ وتعاليٰ ٻين کي به اهڙو خوش نصيب ڪري! سفر به عجيب تعليم آهي. جن کي پئسو آهي، خدا شل تن کي علم ۽ تعليم لاءِ صلاحيت ڏئي. اُميد اها ڪري نڪتس، ته هن طرح سان نه فقط سير ٿيندو، بلڪ سنڌ لاءِ به ڪافي علمي ذخيرو هٿ ڪندس. عزت ۽ مقبوليت سان گڏ ڪجهه خدمت جو موقعو به ملندو. سياستدان آئون نه آهيان، نه وزير آهيان نه حاڪم، ڪيترن بزرگن جي مهربانين سان هتي آيو آهيان. چوندا آهن ته روز ڏاڏاڻو ڏينهن نه آهي. اُميد ته هن سير ۽ سفر جو علم ۽ تجربو سنڌ کي ڪم ايندو. هام ته وڏي ٿو هڻان، خدا ڪامياب ڪندو! ڪمزور انسان جي ڇا مجال آهي! اُميد ته هي سلسلو قبول پوندو.

        منهنجو هي سفر تشويش کان خالي نه آهي، ڪم جون تقاضائون آهن، اولاد ياد اچي ٿو، عزيز ۽ دوست ياد پون ٿا.  بيمارين سيمارين جو خيال اچي ٿو، سفر جي خطرن جو فڪر ٿئي ٿو. زندگيءَ جي متعدد معاملات جو خيال ٿئي ٿو. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به ٻاهر وڃڻ جو خيال ٿيو ۽ دعوت قبول ڪيم.  هي موقعو هڪ ويچاري ماستر ۽ استاد جي زندگيءَ ۾ خوشيءَ جو سبب آهي. هن موقعي کي شخصي ۽ قومي، ملڪي ۽ اقتصادي نقطئه نظر کان به وڃائڻ نه گهريم، ۽ اجهو هتي آهيان.

        هن دفعي دماغ ڪافي ڪمزورين ۽ فڪرات کان خالي آهي. ان ڪري ڏسڻ، سوچڻ ۽ لکڻ جو ڪافي موقعو آهي. توهان جڏهن مضمونن لکڻ جي دعوت ڏني، ته يڪدم قبول ڪيم، جا توهان جي مهرباني آهي.  توهان مون کي زبان ڏني، توهان کي ۽ مون کي خبر آهي، ته سنڌ ۾ علم سان پئسي وارن جي ڪيتري دلچسپي آهي. اسان جا مصنف، شاعر، اديب ۽ عالم فاضل ڪتاب لکن ٿا، پر وٺڻ وارو ڪوبه نه آهي، اُلٽو ڇپائيءَ جو خرچ ڳچيءَ ۾. جن وٽ پئسو، اُنهن کي نه پڙهڻ اچي نه پڙهڻ سان دلچسپي اٿن. جن کي علم سان دلچسپي آهي، سي محتاجين ۽ ڪمزورين ۾ مبتلا! هاڻ نالا نٿا وٺون، مگر مصنفن سان ويل آهي. ڇپايل ڪتاب بنا ٻهاريل ڪوٺين جي ڪنڊن ۾ ڪئا پيا کائين. ڪي گستاخانه الفاظ نڪرن ته معاف ڪندا. پر اسان ماسترن جو توهان، ۽ اسان جي حاڪمن ۽ اميرن کي ايترو چوڻ، حق آهي ۽ توهان اُن کي ضرور ٻڌو، توهان ڪريو يا نه ڪريو، سا نيت توهان جي. اُميد اٿم ته هي مضمون قبول پوندا ۽ ڪجهه اثر رکندا. جيڪڏهن اُهوئي ڳن ۽ اهوئي ڪهاڙو ته وري گهر کان ٻاهر پيربه ڪونه رکندس. هي آواز به اُنهن استادن ۽ ماسترن جو آهي، جن کي اڄ تائين ڪنهن به نه ٻڌو آهي. هن هوائي جهاز جي پني جا ڏهه صفحا روزانو لکندو آهيان ۽ اڄ ٻارهن لکيا اٿم. بند ٿو ڪريان، متان رپيو ٽڪليءَ جو وڌيڪ لڳي. اوهان کان وري ملندو ٽڪو به ڪونه. ”قهر درويش برجان درويش“ توهان کي خط لکڻ سان گڏ کيسي جو به خيال رکڻو آهي. دعا ڪندا.

(”الوحيد، 19- مارچ 1953ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org