(20)
اڳيون خط انگلينڊ پهچڻ تي لکيو هوم، جو
اميد ته مليو هوندو. اجهو هيءُ خط انگلينڊ کان
نڪرڻ کان اڳي لکي رهيو آهيان. سڀاڻي ستاويهين جون
صبح جو اٺين بجي هتان نڪرندس ۽ شام جو انشاءَ الله
فنلينڊ پهچندس.
انگلينڊ مون لاءِ ڪو نئون ملڪ نه آهي.
مون هتي پنهنجي تعليم جا پويان ڏينهن گذاريا آهن.
هتي مون تعليمي دور جي پڇاڙيءَ وارو امتحان ڏنو هو
۽ امتحانن کان جند آزاد ڪئي هئي. هتان جي آخري
رسمي امتحان مان واپس اچي هر روز جي امتحان ۾ شريڪ
ٿيس. هتان امتحان ڏئي واپس اچڻ کان پوءِ آيو هوس
۽ ٻه سال گذاريا هئم. تنهن عرصي ۾ ڪافي دوست ۽
واقف پيدا ٿيا هئا. تعليم جي زماني ۾ انگلينڊ،
اسڪاٽلينڊ، ويلس ۽ آئيل آف مين جو سير ڪيو هئم.
ڪافي جايون، شهر ۽ تعليمي ادارا ڏٺا هئم. آئون هتي
هڪ ملٽري جهاز ۾ پهتو هوس. چار هزار سولجر ۽ اسين
مسافر فقط سٺ هئاسون. جهاز نه هو بلڪ هڪ ملٽري
ڪئمپ هئي ۽ اهي سڀ ملٽري ڪئمپ جون تڪليفون ۽ تجربا
حاصل ڪياسون. بيان ڪافي مزيدار آهي، مگر نٿو
ڪريان.
انگلينڊ ۾ چند ڏينهن رهڻ جو خاص مقصد آهي،
نه صرف ان ڪري ته هت استاد، دوست ۽ واقف آهن، بلڪ
ان ڪري به ته آمريڪا، يورپ ۽ دنيا جي حالتن کي
سمجهڻ ۽ ڏسڻ لاءِ انگلينڊ کي به سمجهڻ ضروري آهي.
انگلينڊ پنهنجي تڪليفن ۽ ڪمزورين جي باوجود دنيا
جي قسمت ۾ وڏو اثر رکي ٿو. اڄڪلهه جي دنيا جا
سياسي، اقتصادي، فوجي ۽ هنري جيڪي مسئلا آهن، اهي
سڌيءَ طرح انگلينڊ ۾ پيدا ٿين ٿا. مون کي اهو به
يقين آهي، ته دنيا ۾ ڪجهه سالن تائين اهو رايو
صحيح رهندو ته اگر انگلينڊ کي جنگ ۾ دلچسپي نه
آهي، ته جنگ نه لڳندي. آمريڪا ۽ رشيا ڪڏهن به نه
لڙنندا، جيسين ٻنهي مان ڪنهن کي به انگلينڊ جي
طرفداري يا غير طرفداريءَ جو يقين نه ٿيو آهي.
انگلينڊ جي پاليسين جي خبر هڪ خدا کي ۽ ٻي کين! اڄ
به انگلينڊ دنيا کي حيرانيءَ ۾ رکيو ويٺو آهي.
انگريزن ۾ هزارين قسمن جون قومي صلاحيتون ۽ حرفتون
موجود آهن، هڪ انگريز جي مقابلي ۾ هڪ آمريڪي کي
آني جو به عقل نه آهي. اٽڪل ٽي هفتا منهنجي آمريڪا
مان نڪرڻ کان اڳي هڪ عجب جنگ ائٽلانٽڪ جي ٻنهي
طرفن شروع ٿي وئي هئي. مون کي اهو به يقين آهي ته
آمريڪا کي پنهنجي طاقتور ملڪ هوندي به انگلينڊ جي
مقابلي ۾ پنهنجي بيوسيءَ تي رحم ۽ غصو ٿو رهي.
آمريڪا ۾ انگلينڊ خلاف هڪ عجيب لهر ڦهلجي رهي آهي،
جنهن جو وڏو اثر ويچاري ڪئناڊا تي پيو آهي. ان کان
پوءِ فرانس تي، انگلينڊ کان سواءِ يورپ فوجي ۽
اقتصادي نقطئه نظر کان بيڪار آهي ۽ انگلينڊ کان
سواءِ آمريڪا خود حيران رهندي. اڄڪلهه جيڪي به
مسئلا آمريڪا ۾ پيدا ٿيل دنيا ڏسي رهي آهي. اهي
انگلينڊ جا پيدا ڪيل آهن. مگر انگلينڊ کي ناراض
ڪرڻ، آمريڪا لاءِ نه فقط موت آهي، پر موت کان ٿورو
گهٽ به نه آهي. مون کي اهو به يقين آهي، ته دنيا ۾
ٻه ملڪ جيڪي انگريزن جي خوبين ۽ خرابين کي سمجهن
ٿا، اُهي آهن: هندستان ۽ پاڪستان.
آئون جڏهن اٺ سال اڳ هتي آيو هوس، ته هت
ڏڪار جي حالت هئي. دڪان خالي پئي نظر آيا. ماڻهن
جي لباس ۽ شڪل مان ئي سندن قومي تڪليفن جي خبر ٿي
پيئي.، هاڻي اٺن سالن کان پوءِ حالتون بدليل آهن.
هر قسم جي راشننگ ختم آهي، فقط گوشت تي اڃا راشننگ
آهي، جا به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته جلد ختم ٿي ويندي.
دڪان شين ۽ سامان سان ڀرپور آهن، ملڪ ۾ هر قسم جي
رنگيني پيدا ٿيل آهي، جنهن لاءِ هو ترسيل هئا.
انگريز وري پاڻ ۾، ۽ ملڪ ۾ هڪ قسم جي نئين زندگي
محسوس ڪري رهيو آهي. مگر هڪ ڳالهه کان بيزار آهي –
انگريز جنگ کان متنفر آهي. انگريز کي اهو يقين
آهي، ته هن کان پوءِ ٿيندڙ جنگ آمريڪا ۽ روس جي
آهي ۽ سندس ملڪ وچ ۾ ڇيڀاٽجي ويندو. انگريزن جو
آمريڪا تي لغام آهي ۽ روس کي به ڊپ آهي، نه صرف
اهو، مگر هن وقت تازو راڻيءَ جي تاجپوشيءِ جي جشن،
انگريزن ۾ عجيب نئون روح ڦوڪيو آهي. هن تاجپوشيءَ
جي خوشين انگريز کان سندن قومي افسردگيءَ کي
وسارائي ڇڏيو آهي. انگريز هن وقت پنهنجي ماضيءَ جي
جاهه ۽ بلنديءَ مان روحاني تسڪين ۽ قوت حاصل ڪري
رهيو آهي. انگريز اهو به سمجهي ٿو، ته دنيا ۾ جنگ
۽ امن سندن هٿ ۾ آهي. انگريزن هنن اٺن سالن ۾ جيڪي
ڪيو آهي، سو هڪ ڪرشمو آهي. انهيءَ جو هي سبق آهي،
ته قومن جو اتحاد، قومن جون قربانيون، قومن جي
محنت ۽ جفاڪشي، قومن جي همت، قومن کي بلندين تي
پهچائي ٿي. هن تازو ٿيل تاجپوشيءَ جو اثر آمريڪا
تي گهڻو ٿيو آهي.
توهان کي معلوم هوندو، ته مون آمريڪا کي
ڇهين جون تي ڇڏيو هو. راڻيءَ جي تاجپوشي ٻيءَ جون
تي ٿي هئي. هن واقعي يا رسم جو اثر آمريڪا تي هڪ
قسم جي هيبت ۽ تعجب سان گڏ ٿيو اهي. هن تاجپوشيءَ
آمريڪا کي سندس نظر ۾ ٻار هئڻ جو احساس پيدا ڪرايو
آهي. انگريزن جي هن قسم جي طاقت ۽ جاهه و جلال جي
مظاهري، آمريڪا کي ٻن حالتن سان متاثر ڪيو آهي: هڪ
ته مظاهرن کي هيبت زده انگشت بدندان آهي ۽ ٻيو غصي
۽ تمسخر جي لهر. هيءُ مسئلوڏاڍو دلچسپ ۽ پيچيده
آهي. تنهن ڪري ان تي وڌيڪ طوالت نه ڪندس. ڪئناڊا ۾
حيرت انگيز خوشي هئي. مون تاجپوشيءَ جي آثارن کي
پريسٽوڪ هوائي بندر تي لهڻ شرط ڏٺو. سڄو هوائي
بندر رنگيني۽ گلڪاري سان پر هو. جاين کي تازو رنگ
هو، رستن ۽ گهٽين کي اور نموني سان سجايو ويو هو.
راڻيءَ جو نالو يا فوٽو هر در و ديوار تي نظر ٿي
آيو. بندر تاجپوشيءَ جي روح سان ڀريل هو.
جهاز مان لهڻ کانپوءِ، اسين گلاسڪو آياسون
۽ پوءِ ايڊنبرو. ايڊنبرو کان پوءِ نيوڪاسل، جتان
لهي اسين وٽليبي وياسون. اسين انهن ماڻهن وٽ وڃي
رهياسون، جن وٽ آئون اڳ ٻه سال شاگرديءَ جي زماني
۾ رهي چڪو هوس، پروفيسر مختيار ٻه راتيون کن رهيو
۽ پوءِ لنڊن هليو ويو، ۽ آئون اتي رهي پيس.
مون کي هن ٻئي دفعي اچڻ ۽ پهرين دفعي اچڻ
۾ هر قسم جو فرق نظر آيو. بنيادي ڳالهه هيءَ هئي،
ته هڪ ته آئون شاگرد نه هوس ۽ امتحان ڏيڻ نه آيو
هوس ۽ ٻيو ته آئون قومي ۽ تعليمي تغيرات کي ڏسڻ
لاءِ آيو هوس. مون ۾ به اُها جواني ۽ شاگرديءَ جي
زماني واري مستي ڪانه هئي. حياتي ۽ ان جي مسئلن کي
هاڻي سوچ ۽ مستقبل جي نظر سان ڏسڻو هوم. گفتگو
جيڪا اڳي حجاب، ڊپ ۽ تشويش ۾ رهي ٿي، اها هاڻي
جرئت ۽ خوداعتماديءَ واري هئي. استادن ۽ دوستن جي
ملڻ ۾ فرق نظر آيم. اسان مان ڪوبه پٺتي نه رهيو
هو. هر ڪو سالن جو اثر ڏيکاريندو وڌندو ٿي رهيو.
آئون ڪنگس ڪاليج يونيورسٽي آف ڊرهام ۾
ويس. ڪاليج جي استادن، اراڪين ۽ دوستن دعوتون
ڏنيون، پنهنجي استاد پروفيسر اسٽئنليءَ وٽ به ويس
۽ هڪ ڏينهن سندس گهر ۾ گذاريم. پروفيسر اسٽئنلي
آمريڪا مان ٿي آيو هو ۽ اسان تبادله خيالات ڪري،
پنهنجا پنهنجا خيال ڀيٽيا، ۽ ڪئپٽن ڊڪسن وٽ به هڪ
ڏينهن مهمان ٿي رهيس. ڪئپٽن ڊڪسن سن 1926ع ۾
هندستان ۾ آيو هو. کيس ڪاهن فيلو شپ تي دنيا جي
سير تي موڪليو ويو هو. سندس پيشو انجنيئري آهي ۽
هتي ڪنگس ڪاليج ۾ انجنيئرنگ شعبي ۾ آهي. ٻه ماڻهو
کيس خاص طرح ياد هئا: هڪ مرحوم سيد راس مسعود ۽
ٻيو سيد رضا علي. ٻنهي جي کيس مهماني نصيب ٿي هئي.
سندس زال کي لالا لجپت راءِ پڻ ياد هو. هڪ مزيدار
ڳالهه ٻڌايائين: جڏهن هندستان ۾ قومي تحريڪ جو زور
هو، تڏهن هي ٻئي زال مڙس لاهور ۾ لالا لجپتراءِ کي
ملڻ ويا، جنهن سندن هڪ مهماني ڪئي هئي. دوران
گفتگو ۾ لالا لجپتراءِ انگريزن جي حڪمت کي هڪ سؤ
سٺ گاريون ڏنيون- مسز ڊڪسن جا اسڪاٽلينڊ جي آهي.
اها ٻڌي ٻڌي ٿڪجي پيئي ۽ اوچتو زبان مان نڪتس
”لالا صاحب! تو جهڙو شيطان مون ڪٿي به ڪونه ڏٺو
آهي.“ لالا صاحب جون اکيون ڦاٽي پيون ۽ پنهنجي بي
اعتداليءَ جو اثر هن طرح هٽايائين، ته جڏهن سڀ
مهمان نڪري ويا، ته مسز ڊڪسن کي وٺي ڀاڪر وجهي ۽
مٿي تي چمي ڏئي چيائين ته: ”تون منهنجي ڌيءَ
آهين.“ پوءِ ڪي ٻه – چار شيون ڏئي کيس وڌيڪ خوش
ڪيائين. لارڊ يوسٽيس پرسيءَ (Eustace
Percy)
سان ملڻ ٿيو، جو منهنجي وقت ۾ يونيورسٽيءَ جو
ريڪٽر (Rector)
هو. کيس پاڪستان ڏسڻ جو ڏاڍو خيال هو، مگر عمر ۽
حالتون ساڻس سازگار نه هيون. ڪرنل برائون سان ملڻ
ٿيو، جنهن کي ڏسي، مون کي منهنجو استاد ۽ دوست
عبدالستار ڪوهاٽي ياد آيو- ڪرنل برائون ۽
ڪوهاٽيءَ جا معاملات ۽ مسئلا روحاني ۽ جسماني
سمجهيم ته قريب قريب ساڳيا آهن. منهنجون دعائون
ٻنهي سان شامل حال آهن.
وٽليبي، انگلينڊ جي تمام مزيدار ۽ مشهور
جاين مان آهي، انگلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ جي سرحد تي
آهي ۽ جڏهن سخت گرمي هجي، تڏهن به منجهس، اسان جي
سياري کان وڌيڪ سردي ٿئي ٿي: اتر سمنڊ جون سخت
ٿڌيون هوائون لڳن ٿيون، سمنڊ جي ڪناري تي آهي ۽
لکها ماڻهو پنهنجي موڪل جا ڏينهن هتي گذارڻ ايندا
آهن. هتي مون ٻه سال گذاريا هئا ۽ چند دوستن سان
پڻ ملڻ ٿيو: مسٽر ۽ مسز ڪلارڪ جن وٽ آئون ٻه سال
اڳ رهيو هوس. اچڻ تي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ پنهنجي دوستن
۽ عزيزن کي منهنجي مهماني ۾ مدعو ڪيائون.
مون کي معلوم ٿيو، ته ٻاويهين تاريخ سومر
ڏينهن کان لنڊن ۾ جيڪي ڪجهه تاجپوشيءَ لاءِ انتظام
ڪيو ويو آهي، اهو جلد ختم ڪيو ويندو. لنڊن جي
سينگارڻ جون ڪافي خبرون ملي چڪيون هيون. ان ڪري
ويهين تاريخ ڇنڇر ڏينهن لنڊن پهتس. رستي مان
ايندي، هر شهر ۾ تاجپوشيءَ جي جشن جا آثار ٿي ڏٺم.
لنڊن مست هئي! هن جشن ڪرڻ سان انگلينڊ پنهنجو ڌاڪو
گهڻن ملڪن ۾ ڄمايو آهي. لنڊن ۾ بڪنگهام محلات،
مال، پڪڊلي، آڪسفورڊ اسٽريٽ عجيب شان ۽ شوڪت سان
سينگاريل نظر آيا. هيترو جو خرچ ڪيو ويو هو،ان ۾
به انگريزن جو مقصد رٿيل هو؛ دنيا جي ملڪن جا
تقريباً ڏهه لک ماڻهو هن جشن کي ڏسڻ آيا هئا ۽
انهن انگلينڊ ۾ پئسا کپايا. تاجپوشيءَ جي ڪري
آمدني، خرچ کان پنجوڻي وڌيڪ ٿي، ملڪ جي ماڻهن ۽
ڪاريگرن کي ڪم مليو. ملڪ جي ماڻهن هڪ بهترين
نظارو ڏٺو ۽ خوشي حاصل ٿين. ماڻهن ۾ ڪم ۽ ملڪ
لاءِ جذبات پيدا ٿيا. ڪئين دنيا جا ماڻهو تماشو
ڏسڻ آيا ۽ کيسا ڇنڊيندا ۽ هٿ مهٽيندا خالي هٿين
ويا. انگريزن کي هرڪا خوشي، مسرت ۽ شادماني حاصل
ٿي.
انگلينڊ تمام سرد ملڪ آهي، مگر سرسبز! هتي
پنج ڪروڙ ماڻهو رهن ٿا. سڄو ملڪ ڪارخانن سان ڀريو
پيو آهي. سن 1939ع واري جنگ کان اڳي انگلينڊ فقط
چوٿين حصي جيتري آدمشماري لاءِکاڌو پيدا ڪري ٿي
سگهيو. مگر هن جنگ ۾ ايتري ترقي ڪيائين، جو هن وقت
انگلينڊ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي حصي آدمشماري کي کاڌو پهچايو
وڃي ٿو. ملڪ ڏاڍو خوبصورت آهي. هتي توهان جهنگلن ۾
هليا وڃو، ته توهان کي پاليل پکين کان سواءِ ٻيو
ڪوبه جانور نه ملندو – انهن کان سواءِ باقي ٻيا
پکي توڙي جانور سردي ۽ بک کان مريو وڃن. انگلينڊ ۾
چوڻي آهي ته ؛ ”برسات پوي برف پوي.“
انگريزن ۾ اڃا به ڪيتريون صلاحيتون آهن،
جنهن ڪري دنيا جي سڀني قومن کان هو ممتاز آهن.
جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ جمهوريت آهي، ته اها
هت آهي. دنيا جي ڪنهن به قوم جو فرد پنهنجي
معاشرتي جوابدارين کان ايترو واقف نه آهي، جيترو
انگريز. هتي قانون لاءِ وڏي عزت آهي. جرم ۽
چوريءَ تي جيترو هتي قبضو آهي، ايترو ڪنهن به ملڪ
۾ نه آهي. انگريز، انگلينڊ کان ٻاهر ڪيترو به
حيوان يا شيطان هجي،. پر پنهنجي ملڪ اندر هڪ بلند
پايي جو انسان آهي. انسانيت لاءِ هتي جهڙو قدر
توهان کي ڪٿي به نه ملندو. انفرادي، قومي ۽ معاشري
جي حقن کان باخبر ۽ انهن جي تحفظ رکڻ ۾ انگريزن
کانسواءِ، ٻيو ڪوبه ممتاز رتبو رکندڙ نه لهندو!
ملڪ جي ٻار ٻار تي انسانن جي ڪمال، محنت ۽ جذبي جو
اثر آهي.
توهان جا پڙهندڙ چوندا، ته غلام مصطفيٰ
اسان کي نيويارڪ جو ته سير ڪرايو، مگر لنڊن جو نه
ڪرايائين. اچو ته گهمڻ هلون.
لنڊن کي انگريزن جي تاريخ ۽ قومي حياتيءَ
۾ وڏو دخل آهي.هر انگريز لنڊن کي پنهنجو گهر
سمجهي ٿو. لنڊن جو رهاڪو معنيٰ حب الوطني جو
مجسمو. لنڊن شهر ته آهي، بلڪ انگريزن جي وجود جو
نشان آهي. دنيا جي ملڪن جي گاديءَ جا هنڌ گهڻا،
مگر هن طرح هڪ شهر، قوم جي حياتيءَ تي جو اثر ڪيو
آهي، اهڙا شهر بلڪل ٿورا ملندا. هن شهر سان
متواتر ڏيڍ هزار سال، بادشاهي گهراڻن، ڪاريگرن ۽
هنرمندن، شاعرن ۽ مصنفن، انجنيئرن ۽ سائنسدانن
محنت ڪئي آهي. اهائي انهن جي جذبات ۽ محبت جي
نشاني آهي، جهڙيءَ طرح بادشاهه ۽ راڻي انگلينڊ
آهي. اهڙيءَ طرح انگريزن جي دنيا لنڊن ۽ انگلينڊ
آهي. انگريزن، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سٺيون ۽ بريون
شيون، حلال جون يا حرام جون، حق جون يا چوريءَ
جون، پئسن سا يا ڦرمار سان سڀ آڻي هت جمع ڪيون
آهن: بڪنگهام محلات، مال جي چوڌاري جايون، لنڊن
ميوزم، ڪيو باغ، زير زمين ريل ۽ لنڊن جي جاين جي
بناوت انهيءَ تاريخي ورقن جو ثبوت آهن.
برٽش ميوزيم ۾ دنيا جا عجيب ۽ غريب ڪتاب
موجود آهن. اهي ڪتاب، جي ڪن قومن جي ناخلف اولاد
وڃايا آهن، ته انگريزن اُنهن کي هٿ ڪيو ۽ سنڀاليو
آهي. ڪيو گارڊن ۾، توهان کي دنيا جي هر سرد ملڪ جا
ٻوٽا، وليون ۽ وڻ ملندا. لنڊن ۾ جانورن جي باغ ۾،
دنيا جا جانور ملندا. لنڊن ۾، توهان کي مئڊم ٽاڊ
جي ميڻ ۾ ڪيل محنت ملندي. لنڊن ۾، توهان کي دنيا
جا بهترين بت ٺهيل ملندا. لنڊن ۾ توهان کي دنيا جا
مڻيا، هيرا ۽ جواهر ملندا. انسان جي بڻايل هٿيارن
جي نمائش ڏسڻ ۾ ايندي. لنڊن ۾ توهان کي رانديڪن ۽
کيلن لاءِ بهترين جايون ملنديون. اولمپيا، جتي
دنيا جون رانديون ۽ کيل ٿين ٿا، لارڊز جتي ڪرڪيٽ
جي جاءِ آهي، ملڊن جتي ٽينس جو مڪان آهي. آرلس
ڪورٽ جتي دنيا جي وڏي ۾ وڏي نمائش ٿئي ٿي. ٽاور آف
لنڊن جتي انگريزن جا بادشاهه رهيا ۽ ڦاسيءَ تي
چڙهيا، بگ بين جو دنيا جو قديم ۽ عاليشان گهڙيال
آهي، هائيڊ پارڪ جتي ماڻهن جا انبوهه اچيو گڏ ٿين
۽ جنهن کي جمهوري مڪان هئڻ جو شرف حاصل آهي، ان
کان سواءِ توهان کي هر آچر تي سقيم ۽ ستايل،
بيهودا ۽ بڪواسي، عالم ۽ مدبر، لفاظي ۽ سوچيندڙ،
مذهبي خيالن جا، دهريت جا حامي، ڪميونسٽ ۽ شيدي.
مطلب ته هر نظريي جا ماڻهو کلم کلا تقريرون ڪندي
ملندا. لنڊن جي يونيورسٽي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي
يونيورسٽي آهي. توهان کي اها خبر هئڻ گهرجي، ته
اسان جون توڙي هندستان جون يونيورسٽيون لنڊن
يونيورسٽي جي اصولن تي هلن ٿيون. هن شهر ۾ توهان
کي دنيا جي هر هڪ ملڪ جا هڪ، ٻه نه، مگر هزارين
ماڻهو ملندا. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، ته انگريزن
دنيا ۾ وڏي ۾ وڏيون خرابيون پيدا ڪيون هيون. مگر
سندن چڱاين کي به گذريل ٽن سون سالن ۾ ڪير به نه
پهتو آهي. انگريز، جي گارين ۽ بدعائن جا مستحق
آهن، ته تعريف ۽ دعائن جا به، الله تبارڪ و تعاليٰ
قومن کي مفت ۾ ڪونه نوازيو آهي!
لنڊن ۾ توهان کي اُها جمهوريت جي جاءِ
ملندي، جتي سوچ، تدبر ۽ سچائيءَ سان قانون بنايو
وڃي ٿو. انگريزن، بادشاهت کي قائم رکيو ۽ ان مان
فائدو ورتو. انگريزن، بادشاهن کي گڏو بنائي رکيو
آهي. انگريزن، بادشاهن کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو،
بادشاهن کي حرامي قرار ڏنو، بادشاهن کي ذليل ۽
خوار ڪيو، مگر ان سان گڏوگڏ بادشاهت کي قومي طاقت
لاءِ به استعمال ڪيو آهي. مگر قومن جي عروج ۽ زوال
جا سبب حقيقت ۾ خدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو. انگريز فطرت
جي انهيءَ اصول کان ڪنبي رهيا آهن: ڇو ته ’الله
تبارڪ و تعاليٰ، جي محنتن جو ڦل نصيب ڪري ٿو، ته
گناهن جي سزا به ڏئي ٿو.‘ انگريز پنهنجي بيوسيءَ
تي حيران آهن.
لنڊن، هڪ شهر نه مگر هڪ دنيا آهي. هڪ
ڪروڙ ۽ اٺ لک ماڻهو هتي رهن ٿا. جنهن نظام ۾ هو
رهن ٿا، ان جا مرتب ڪندڙ انگريز ئي ٿي سگهن ٿا.
نيويارڪ جي نظام ۽ وري لنڊن جي نظام کي ڏسي، زمين
۽ آسمان جو فرق نظر آيم. نيويارڪ ۾ دولت جو شان
آهي ۽ لنڊن ۾ محنت جو. انشاء الله جڏهن پئرس ۽
يورپ جا ٻيا شهر ڏسي ختم ڪندس، تڏهن توهان کي هنن
وڏن شهرن جي مشابهت لکي ڏيندس: چند ڳالهيون عجيب ۽
غريب آهن ۽ اهي جي چڱيون سمجهيم ته مشابهت سان ان
جو لکڻ، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ آسان ٿيندو، پراهي
ڳالهيون واپس اچڻ کانپوءِ.
ٽيون ڏينهن، آئون برچ ڪولچيسٽرا بسيڪس ۾
هڪ پراڻي دوست جو هڪ ڏينهن لاءِ مهمان ٿي گهمڻ
ويس. هي دوست مون سان گڏ پڙهندو هو ۽ يونيورسٽي
ڇڏڻ کانپوءِ پنهنجي والد جو پيشو هٿ ڪيو هئائين.
کيس تقريباً پنج سؤ ايڪڙ زمين آهي ۽ جڏهن سندن
فارم تي و يس، ته کيس ٽرئڪٽر تي گاهه وڍيندي ۽ ڪم
ڪندي ڏٺم. سندس والد مسٽر فرئنڪ نارفولڪ مون کي
اسٽيشن تي وٺڻ لاءِ آيو. منهنجي دوست سيسل
نارفولڪ جي نوجوان زال ايم. اي. پاس ڪيل آهي،
مون هن کي به فارم تي ڪم ڪندي ڏٺو، وٽن تقريباً
چار سؤ ڪڪڙيون، پنجاهه بدڪون، اٽڪل پنجٽيهه ڳئون
وڪري لاءِ تيار هيون. ٽي ٽرئڪٽر، ٽي گهوڙا پڻ سندن
فارم تي خوش نظر ٿي لڳا. سندن ٻه ڀينرون پنهنجي
والد جي خدمت ۽ جانورن جي سنڀال ۾ هيون ۽ اهي وقت
سر ٽرئڪٽرن تي ٻج به پوکڻ لاءِ ڍوئين، لابارو به
ڪن ۽ گهر ۾ رڌين پچائين به.، مون توهان کي زراعت
۽ کيتي ’ٻاڙي‘ جو احوال نه ڏنو آهي. انشاءَ الله
اهو احوال به جڏهن مصر جو سير پورو ڪري موٽندس، ته
پوءِ ڏيندس.
مون آمريڪا ۾ به ڪم وڃي ڏٺو آهي ۽ هتي جي
ته اڳيئي ڪافي خبر هيم، باقي يورپ ۽ مصر جي
زراعتي ڪم کي ڏسي، پوءِ احوال لکندس، مون کي
پنهنجي دوست سيسل نارفولڪ جي حياتي ڏسي، پاڻ تي ۽
اسان جي ڪاليج جي شاگردن تي رحم آيو، ته ڇا محنت ۽
ڇا ان جو مزيدار نتيجو کين ٻه موٽرون آهن، جن ۾
زمين جي ڪم ڪار کان واندا ٿي، پوءِ گهمڻ ۾ وقت
گذارين.
هتي انگلينڊ ۾ ٻڌو اٿم ته اٽڪل ٽيهه سنڌي
شاگرد آهن، ڪي اسڪولن ۾ آهن ۽ ڪي يونيورسٽيءَ ۾
آيل آهن. هتي لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ اٽڪل ڏهاڪو سنڌي
شاگردن سان مسٽر خير محمد کٽياڻ جي جاءِ تي مليس.
هنن نوجوانن مان ڪي اسان جي ڪاليج جا شاگرد آهن.
کين ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ هو به مون کي ڏسي ڏاڍو
خوش ٿيا. انگلينڊ ۽ آمريڪا جي تعليم جي اثر متعلق
به پوءِ بيان ڪندس. ڪالهه پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر
مسٽر اصفهانيءَ سان ملڻ ويس. چوڻ لڳو ته: ”غلام
مصطفيٰ جيڪڏهن مون کي اهڙي دعوت ملي ته جيڪي هاءِ
ڪمشنري به ڇڏي ڏيان.“ مون کي يقين هو ته مذاق ٿي
ڪيائين. پر مون کي هاءِ ڪمشنري ملي، ته جيڪر اصل
نه ڇڏيان. ساڻس ڪافي مزيدار گفتگو رهي.
سڀاڻي انشاءَ الله هتان نڪرندس ۽ پنهنجو
يورپ جو سير شروع ڪندس. سڀاڻي ستاويهين تاريخ ڇنڇر
ڏينهن صبح جو اٺين بجي، هتان ڪي. ايل. ايم. جهاز
۾ نڪرندس ۽ ائمسٽرڊم (هالينڊ) ڏهين بجي پهچندس.
وري ائمسٽرڊم مان ساڍي يارهين بجي نڪرندس ۽ ڏيڍ
بجي شام جو ڪوپن هيگن (ڊينمارڪ) پهچندس. اتان وري
رات جو اٺين بجي نڪرندس ۽ ٻارهين بجي هيلسڪي
(فنلينڊ) پهچندس. آئون ڪوپن هيگن اڳي ويو آهيان ۽
هن وقت فقط ڇهه ڪلاڪ گهمڻ لاءِ وقت ملي سگهندو.
انشاءَ الله ٻيو خط توهان کي پئرس مان لکندس. دعا
ڪندا.
(”الوحيد“، 1 جولائي 1953)
(21)
مون کي توهان ڏانهن پئرس پهچڻ کان اڳ خط
لکڻ جو ارادو ڪونه هو. مگر لنڊن ڇڏڻ کان پوءِ ۽
هتي فنلينڊ ۾ وقت گذارڻ کانپوءِ توهان کي هي احوال
موڪلڻ مناسب سمجهيم. مون کي اميد هئي ته ڪو آئون
ايتري قدر ملڪ ۽ ماڻهو ڏسندس ۽ حالتون سمجهندس.
مگر مون کي هتي ڪافي معلومات حاصل ٿي آهي ۽ احوال
لکڻ ۾ پئرس تائين ترسڻ، سمجهيم ته چڱو نه آهي.
پروگرام مطابق ستاويهين جون صبح جو اٺين
بجي مون لنڊن هوائي بندر ڇڏيو. هن هوائي بندر کي
هنسلو بندر به چون. ڇويهين تاريخ جي شام ۽ رات
عجيب حالت ۾ گذري. اسان کي چيو ويو، ته صبح جو
ڇهين بجي ڪي. ايل. ايم آفيس ۾ اچجو، جتان بس
نڪرندي. مون وٽ چند دوست آيل هئا ۽ موزون سمجهيم
ته رات جو يارهين بجي سامان کڻي ڪي. ايل. ايم ۾
وڃي سمهان. يڪدم اچي پهتس ۽ ساري رات هڪ ڪوچ تي
بسر ڪيم. ننڊ مشڪل آئي، جو آفيس ۾ هلچل ۽ چوٻول
سڄي رات رهيو. اڌ- ننڊ ۽ اڌ- جاڳ ۾ رات گذري، من
کي اچي هڪ اهڙي قسم جي ٻي رات ياد پئي. علي ڳڙهه ۾
پڙهندا هجون، هڪ دفعي دهليءَ کان واپس عليڳڙهه وڃڻ
جو ارادو هجي. عليڳڙهه واري گاڏيءَ ۾ بنا ٽڪيٽ جي
چڙهڻ جي جرئت ۽ عادت مون کي ته نه هئي، مگر دير
سان نڪرڻ ڪري ڀڄي ڀڄي جو اسٽيشن تي پهتس، ته گاڏي
هلي وئي. هڪڙي گرمي هجي ۽ ٻيو وري کيسي ۾ پئسا به
معمولي هجن، سو سوچي سوچي رات وڃي دهليءَ جي ڪئنات
پئليس ۾ گذاريم. سڄي رات پيٽي سر هيٺان ڪري بئنچ
تي ليٽيو رهيس ۽ ڏاڍو مزو آيو! جڏهن ڪراچي آيس، ته
ان ڳالهه جو ذڪر پنهنجي دوست محمد انور، خانصاحب
مريد علي خان جي پٽ سان ڪيم. هن جوان کي به اچي جو
جوش سو انهيءَ رات وڃي سعيد منزل جي سامهون بئنچ
تي ستو، صبح جو اُٿي سڌو مون وٽ آيو، چيائين:
”غلام مصطفيٰ ڏاڍو مزو هو. صبح جو اٿي، ته پاڻ کي
ملڪ جو بادشاهه ڏٺم.“ مون کي هن دفعي بادشاهي ته
نصيب ڪانه ٿي، مگر هڪ رات جو لنڊن جي هوٽل ۾ رهڻ
جو ڪرايو بچايم. اهڙن مهلن تي اسين غريب ماستر
پئسن بچائڻ جا استاد آهيون.
ڪي. ايل. ايم. جي جهاز ٻن مشينن واري
ڪنوائير ۾ چڙهي ائمسٽرڊم (هالينڊ) جو رخ رکيوسين ۽
مزي سان اچي ساڍي نائين بجي پهتاسون. اتان وري
ساڍي يارهين بجي، اسڪئنڊينيوين جهاز وئڪنگ ۾
چڙهياسون ۽ ٻي بجي ڪوپن هيگن (ڊينمارڪ) جي هوائي
بدر ڪيسٽاپول تي پهتاسون. مون کي ڊينمارڪ جي ويزا
هئي، جيئن ته اسان جو ٻيو جهاز اٺين بجي نڪرڻو
هو،تنهن ڪري هڪ موٽر ڀاڙي تي ڪيم، ۽ ڪوپن هيگن
گهمڻ ويس. پورا ساڍا چار ڪلاڪ موٽر ڊوڙايم ۽ ڪوپن
هيگن ڏٺم.
ڊئنمارڪ يورپ جو لڪزمبرگ کان پوءِ، ننڍي ۾
ننڍو ملڪ آهي، هي اسڪئنڊينيويا جي چئن ملڪن مان
آهي. اسڪئنڊينيويا، ناروي، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽
فنلينڊ تي مشتمل آهي. فنلينڊ جمهوري ملڪ آهي. باقي
ٽن ملڪن ۾ بادشاهت آهي. مگر سندن بادشاهه، بادشاهي
شان مان نه ڄاڻن. توهان کي راڻيون ۽ بادشاهه گهٽين
۾ ملندا.- سير ڪندي ماڻهن جي انبوهه ۾ ملندا. راڻي
پنهنجا ٻار گاڏيءَ ۾ بندر تي گهمائيندي ملندي.
ماڻهو فقط رسمي سلام چوندا. بس ڊينمارڪ جو سير ٿي
چڪو. هوائي بندر کان لنگهي سامونڊي بندر تي ويس.
مزيدار ڏينهن ۽ هزارين ماڻهو اتي وهنجندي ۽ سير
ڪندي ڏٺم. بادشاهه، ڪرسچن چوٿين جو پٽ ڏٺم، جنهن
ڊينمارڪ کي وڏن بحري ملڪن مان هڪ بڻايو آهي. توهان
کي هي ٻڌي حيرت لڳندي ته جيئن آمريڪا ۾ ڪنهن وٽ
پئسو ٿئي، ته موٽر وٺي، تيئن هنن ملڪن ۾ ڪنهن وٽ
پئسا هجن، ته موٽر ٻيڙي وٺي. هزارها لانچون ۽ موٽر
ٻيڙيون بيٺل ۽ ترنديون ڏٺم. ان کان پوءِ فريڊرڪ
رستو وٺي ٽائون چونڪ ۾ آيس، جتي ماڻهن کي خريد ۽
فروخت ڪندي ڏٺم. ان کان پوءِ گلبٽوٽڪن ميوزيم ڏٺم
۽ ڪانگلي ٿيئٽر جي به جڳهه ڏٺم، پارليامينٽ هائوس
ڏٺم، ان جي اڳيان فريڊرڪ ستين جو پتلو کڙو ٿيل هو.
فريڊرڪ ستين پندرهين صديءَ ۾ ڊينمارڪ کي قانون
ڏنو هو. ان کانپوءِ شهر جي فرينچ رهواسين واري
حصي ۾ ويس. هتي جايون فرانس جي نموني تي ٺهيل
هيون. اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ ڪوپن هيگن يونيورسٽيءَ ۾
گذاريم، جتي پروفيسر جارج ويبر سان به ملاقات ٿي.
ڊينمارڪ ۾ ڪل ٽي يونيورسٽيون آهن، ٻه ڪوپن هيگن ۾،
جن مان هڪ ڪوپن هيگن واري هڪ اهڙي يونيورسٽي آهي،
جنهن کي ٺهي ساڍا ٽي سؤ سال ٿيا آهن ۽ منجهس
تقريباً چار هزار شاگرد آهن. توهان کي خبر هجي، ته
اسڪئنڊينيويا جي سڀني ملڪن ۾ هڪ قسم جا خاص ڳوٺاڻا
يا عوامي اسڪول آهن، جن جي ڄاڻ به حاصل ڪيم. ٻي
هئي هنري يا فني يونيورسٽي، جنهن ۾ اٽڪل هڪ هزار
شاگرد آهن.
ڊينمارڪ جو ملڪ تقريباً سنڌ جي ٻه ڀاڱي ٽي
حصي جيترو آهي، مگر دنيا جي شاهوڪار ملڪن مان هڪ
آهي. مون کي خبر ملي ته ڊينمارڪ ۾ رٻڙ جون موٽرون
جلد تيار ٿينديون، جي سڄي دنيا ۾ وڪيون وينديون.
اُهي موٽرون ڪهڙيون هونديون! اُهو پوءِ ڏٺو ويندو.
ڊينمارڪ جي سياسي حالتن متعلق واپس اچڻ کانپوءِ
لکندس. هن قسم جو احوال اسڪئنڊينيويا جي سڀني ملڪن
سان گڏ لکندس.
توهان کي اها خبر هجي، ته هالينڊ ۽
ڊينمارڪ جي زمين سمنڊ جي سطح کان هيٺ آهي، تنهن
ڪري کين ان حالت ۾ سردي، برسات ۽ طوفانن کان سخت
نقصان پهچندو آهي. ائمسٽرڊم کان وٺي ڪوپن هيگن
تائين جهاز بلڪل هيٺ هلايو ٿي ويو، تنهن ڪري اسان
سڄي ملڪ جو نظارو ڏٺو. واٽ تي دنيا جي مشهور جنگين
جو مرڪز هوليگيولنڊ ٻيٽ ڏٺوسين. هن حصي ۾ دنيا
جون وڏيون بحري ۽ فضائي جنگيون لڳيون آهن.
اٺين بجي رات جو – مگر سج ان وقت وچين تي
هو، اسين ڪوپن هيگن کان نڪتاسون ۽ رات جو ٻارهن
لڳي ويهين منٽن تي هيلزنڪيءَ پهتاسون. اسان سمورو
وقت ڄڻ ڏينهن جو سفر ڪري رهيا هئاسون. جهاز ۾ هڪ
اهڙو وقت آيو، جو اسان سج کي آسمان ۾ نٿي ڏٺو،
مگر سج سمنڊ ۾ نظر پئي آيو. بلڪل اهڙيءَ طرح ڄڻڪ
سج آسمان ڇڏي زمين تي اچي، سمنڊ ۾ غروب ٿي رهيو
آهي.
فنلينڊ ۾ آئون خاص طرح هڪ دوست جي دعوت
تي اچي رهيو هوس. جڏهن مان هيلزنڪيءَ جي هوائي
بندر سيوستلا تي لٿس، ته اهو دوست اچي مليو. مون
کي هن دوست جي اخلاص تي تعجب ٿيو، جو ٻڌايائين ته
پاڻ هڪ لنبو پروگرام ٺاهي تيار ڪيو هئائين، ۽ مون
کي وڏي حيرت هي ٿي، ته مون کي پنهنجي رهائش تي هڪ
پائي به خرچ ڪرڻي نه پئي! هن دوست جو چاچو فنلينڊ
۾ وڏي ۾ وڏي هوٽل واڪنا جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي ۽
منهجي رهڻ جو انتظام به ان هوٽل ۾ ڪيل هو، هوٽل
اٽڪل ٻين بجي صبح جو پهتاسون. قصو مختصر، چانهه
پيئڻ کان پوءِ سمهي پيس پر ائين پئي نظر آيو ڄڻ
ڏينهن جو ننڊ ڪري رهيو آهيان. هنن ويچارن منهنجي
ڪمري ۾ ڳوڙهي آسماني رنگ جا پردا هنيا هئا، متان
مون کي روشنيءَ ۾ ننڊ نه اچي، آئون پردا بند ڪري
سمهي پيس. ٿڪ به ڏاڍو هو، سو سمهي مزيدار ننڊ ڪيم.
(”الوحيد“، 9- جولاءِ، 1953) |