سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: اقتصادي انصاف

باب: --

صفحو : 9

226. انهيءَ مان ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪيترا ماڻهو، جي عام طرح دولتمند سمجهيا وڃن ٿا، اهي سچ پچ پنهنجي مضبوط ٽجوڙين جي ڪلفن کان وڌيڪ دولتمند نه آهن؛ اهي فطري طور ۽ ازل کان دولت جي قابل ئي نه آهن؛ اهي قوم جي واسطي، اقتصادي نقطه نگاهه کان، ائين ٿا عمل ڪن جيئن بيٺل پاڻيءَ جا دُٻا ۽ وهندڙ پاڻيءَ جا ڪُن (جي جيستائين نهر وهندڙ آهي تيستائين بيڪار آهن، يا فقط ماڻهن کي ٻورڻ جو ڪم ٿا ڪن، پر نهر جي سُڪي وڃڻ تي اُهي گندي پاڻيءَ جي صورت ۾ برابر هڪ وڏي اهميت حاصل ڪري بيهن ٿا)؛ يا ڪنهن نهر جا بند، جن جي آخري فائدي جو مدار بندن تي نه پر انهيءَ جانڊهه واري تي رهي ٿو جيڪو بندن تي نه پر انهيءَ جانڊهه واري تي رهي ٿو جيڪو بندن تي جانڊهه هلائي ٿو، يا وري هڪ قسم جون رنڊڪون ۽ رڪاوٽون، جيڪي دولت جو منفعتي عمل نه پر وچڙندڙ بيماريءَ جو مهلڪ عمل ڏيکاريندي، چوطرف پنهنجي ارد گرد فقط تباهي ۽ بربادي ئي پکيڙينديون رهن ٿيون، يا آخر ۾ اُهي نه رڳو ڪو ڪم ڪو نه ٿا ڪن، پر رڳو تاخيه ۽ دير مدار جون چُرندڙ پرندڙ ڳٺڙيون آهن (ڇاڪاڻ ته جيستائين سندن موت اچي تيستائين جيڪي ڪجهه وٽن آهي، اُن جو ڪوبه استعمال ممڪن ڪونهي)، پر جنهن پوئينءَ صورت ۾، بهرحال، هو اڪثر ڪارائتا به ٿين ٿا اُهو هيئن، جو جيڪڏهن ڪا قوم حد کان زياده ۽ آپي کان ٻاهر تيز رفتاريءَ ڏانهن مائل آهي، ته هو ان کي مٿي ڀر سٽجي ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ جهل ۽ روڪ جو ڪم ڏين ٿا.

227. انهي حقيقت جي مدنظر، سياسي اقتصاديات جي حقيقي سائنس جي اڳيان رڳو اها مشڪلات نه آهي ته مادي قدر جي نبير ۽ نباهه لاءِ جيڪو مردانه ڪردار لازمي آهي، اُهو پيدا ڪيو ۽ اُڀاريو وڃي، پر دراصل ان جي اڳيان مشڪلات هيءَ آهي ته اگرچه مردانه ڪردار ۽ مادي قدر ٻنهي جي گڏجڻ سان ئي دولت ٺهي ٿي، پر ٻئي طرف انهن ٻنهي جو عمل انهن جي باهمي تباهيءَ جو باعث پڻ رهي ٿو. ڇاڪاڻ ته مردانه ڪردار هميشه مادي قدر ڏانهن بيرخيءَ جي روش اختيار ڪرڻ يا ان کي مرڳوئي پٺن پويان اڇلائي ڇڏڻ تي آماده رهي ٿو: جنهن سلسلي ۾ ئي پوپ چيو آهي ته:

”تحقيق، اهي صفتون جيڪي واقعي ساراه لائق آهن، انهن مان اڪثر ”نصيبن“ کي ٺاهڻ بدران ڊاهڻ جو ڪم ڪن ٿيون.“

228. ۽ ٻئي پاسي مادي قدر ۾ وري مردانه ڪردار کي هيڻي ڪرڻ جي خصلت موجود رهي ٿي؛ انهيءَ ڪري، نتيجي طور، اسان لاءِ اهو لازمي آهي ته دولت جون ان جي مالڪ جي ذهن تي ڪهڙو اثر ٿئي ٿو، ان لاءِ جيڪي ثابتيون اسان کي ملي سگهن، انهن جي تپاس ڪريون، هيءُ پڻ ڏسون ته اهو ڪهڙي قسم جو شخص آهي جيڪو اڪثر دولت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ۽ ان ۾ ڪامياب ٿئي ٿو؛ ۽ هي به معلوم ڪريون ته دراصل اخلاقي اثر، يا مکيه مال ۽ اسباب، ايجادن ۽ عملي پيشقدمين لاءِ، دنيا زياده شاهوڪارن جي زير احسان آهي يا غريب ماڻهن جي.

229. بهرحال، هتي آءٌ ان باري ۾ اڳتي ايندڙ بحث جي نتيجن کي صرف هيتريقدر ظاهر ڪري ڇڏيان ٿو ته اُها قوم، جنهن جو نظام صرف طلب ۽ رسد جي قانونن تي مبني آهي، ۽ جنهن ۾ عام ماڻهو کلئي تشدد جي ڪارستانين کان محفوظ هجن، ان لاءِ، عام طور، ائين چئي سگهجي ٿو ته ان ۾ جيڪي شخص محنتي، پختي ارادي وارا، ايماني، حريص، چست، ڍنگائتا، هوشيار، تخيل کان عاري، بيحس ۽ جاهل آهن، اهي ئي شاهوڪار بنجن ٿا. ۽ غريب اهي ئي شخص رهن ٿا، جيڪي صريحاً بيوقوف، صريحاً ڏاها، ڪاهل، جهل نه ڏيندڙ ۽طوفاني قسم جا، حليم، ويچاريندڙ، موڳا، تخيلاتي، حساس، پورا ڄاڻو، بي احتياط، وقتي ۽ جلد باز، اناڙي، بدمعاش، ڏٺا وائٺا چور، ۽ اُهي جيڪي صريحاً رحمدل، منصف مزاج ۽ الله لوڪ آهن.

230. دولت لاءِ بس ايتروئي چوڻو هوم. ان کان پوءِ اسان کي ”قيمت“ جي نوعيت کي سڃاڻڻو آهي. جنهن کي ”مٽاسٽا جو قدر“ سڏجي ٿو ۽ سڪي جي صورت ۾ ان جي اظهار ۽ عمل کي جاچڻو آهي.

231. مٽاسٽا متعلق پهرين هيءَ ڳالهه خيال ۾ رکو ته ان ۾ ڪو به نفعو نٿو ٿي سگهي. نفعو  (Profit)فقط پورهيي ۾ ٿي سگهي ٿو _ جنهن (انگريزي) لفظ جي معنيٰ ئي آهي ”واڌو ڏيڻ“ يا ”فائدي ۾ ڏيڻ.“ مٽاسٽا ۾ فقط سهولت (Advantage) آهي، يعني ان سان مٽاسٽا ڪندڙ ماڻهن کي ڀَرُ (Advantage) يا طاقت ملي ٿي.

232. چناچه، هڪڙو ماڻهو پوکڻ ۽ لُڻڻ وسيلي اَن جي هڪ ماڻ مان به ماڻ ٺاهي ٿو وٺي، اهو نفعو آهي. ٻيو ماڻهو کوٽيندي ۽ ٺپيندي هڪڙي بيلچي مان ٻه بيلچا ٺاهي ٿو وٺي، اهو نفعو آهي. پر اهو ماڻهو جنهن کي ٻه ماڻ اَن جا آهن، اُن کي ڪڏهن ڪڏهن کاٽي کڻڻي يا کڻائڻي پوي ٿي، ۽ اُهو ماڻهو جنهن وٽ ٻه بيلچا آهن، تنهن کي وري ڪڏهن ڪڏهن کاڌو به کائڻو پوي ٿو: اهي پوءِ واڌو حاصل ڪيل اَن ۽ واڌو حاصل ڪيل بيلچي جي هڪٻئي ۾ مٽاسٽا ڪن ٿا؛ ۽ ان وسيلي ٻنهي جي بهتري ٿئي ٿي، جيتوڻيڪ سودي مان ڪافي سهولت پيدا ٿي؛ پر ان ۾ ڪو نفعو واقع ڪونه ٿيو. ڪا به شئي ڪانه جڙي، ۽ نه پيدا ٿيندي. فقط اها شئي، جيڪا اڳ جڙي چڪي هئي، سا انهيءَ ماڻهوءَ کي ڏني ويئي، جيڪو ان کي استعمال ڪري سگهي ٿو.

233. جيڪڏهن مٽاسٽا کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ پورهيي جي ضرورت آهي، ته اهو پورهيو به درحقيقت پيداواري آهي، ۽ هڪٻئي پورهيي وانگر اُهو به نفعو پيدا ڪري ٿو. شين جي جڙڻ، ۽ انهن جي کڻڻ پائڻ ۾ جيڪو به تعداد ماڻهن جو مشعول آهي، انهن جو ان نفعي ۾ حصو آهي، پر خالص مٽاسٽا نه شين جي جوڙيندڙ کي نه انهن جي کڻڻ پائڻ کي چئي ٿو سگهجي، ۽ خود هن خالص مٽاسٽا ۾ ڪوبه نفعو ڪونهي.

234. مٽاسٽا ۾، بهرحال، حاصلات ٿي سگهي ٿي؛ جيڪا هڪ بلڪل علحدي ڳالهه آهي. جيڪڏهن مٽاسٽا ۾ هڪڙو ماڻهو اهڙي شئي ڏئي ٿو، جنهن ۾ هن جي ڪا خاص محنت صرف ٿيل نه آهي، ۽ ان جي عيوض ٻيو ماڻهو کيس اهڙي شئي ڏئي ٿو، جنهن تي هن جي ڪافي محنت صرف ٿيل آهي، ته پوءِ ائين چئبو ته پهريون ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جي محنت جي پيداوار جي ڪنهن حصي کي ” حاصل ٿو ڪري“، ۽ جو ڪجهه به هو حاصل ڪري ٿو، اهوئي ٻيو ماڻهو وڃائي ٿو. تجارتي محاوري ۾، اهو ماڻهو، جيڪو ائين ”حاصل ڪري ٿو“، ان بابت عام طور چيو وڃي ٿو ته هُن ”نفعو ٺاهيو“، ۽ مون کي يقين آهي ته اسان جا ڪيترائي واپاري پوريءَ خاطريءَ سان هن خيال جا آهن ته هن نموني ڪنهن نه ڪنهن طرح نفعو ٺاهڻ هر هڪ ماڻهوءَ لاءِ ممڪن آهي. پر اسان جنهن دنيا ۾ رهون ٿا، تنهن جي اَڀاڳيءَ سٽاءَ هيٺ، ماده ۽ ان جي حرڪات ۽ سڪنات جا جيڪي قانون آهن، تن ههڙي قسم جي هم گير حاصلات کي پوريءَ طرح ممنوع بنائي ڇڏيو آهي.

235. نفعو، يا مادي فائدو، فقط تعمير ۽ ايجاد سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿو؛ نه مٽاسٽا سان. جڏهن به مٽاسٽا جي نتيجي ۾ مادي فائدو پيدا ٿو ٿئي، تڏهن هر هڪ ”واڌو“ لاءِ پوريءَ طور ان جيترو ”ڪاٽو“ پڻ پيدا ٿئي ٿو.

236. اقتصاديا ت جي ترقيءَ جي هيءَ بد بختي آهي جو اها ”واڌو“ جي نشاني، يا- جي مون کي انهيءَ لفظ جي بيڍنگي جمع ٺاهڻ جي آزادي ڏني وڃي _ اهي ”واڌُن“ جون نشانيون هن دنيا ۾ ڏاڍيون اهم ۽ معزز نظر اچن ٿيون، ايتريقدر جو هر انسان اهڙي سائنس، جيڪا اهڙا شاندار نتيجا پيدا ڪري ٿي، تنهن جي سکڻ لاءِ بيچين ۽ مشتاق آهي ۽ ٻئي پاسي، ”ڪاٽو“ نشانيون آهن؛ جي ان جي برعڪس، ويران ۽ سنسان گهٽين ۾، ۽ اونداهين جاين ۾، لڪڻ تي مجبور آهن، يا دنيا کي هميشه لاءِ خيرباد چئي، اڳي- پوءِ وڃيو قبر داخل ٿين ٿيون: جيڪا صورتحال هِن سائنس جي آلجبرا کي بنهه عجيب ۽ غريب بنائي ٿي وجهي ۽ ان جي مشڪلات کي صاف ۽ چٽو ڪريو آڻيو اڳيان ٿي بيهاري، حساب _ ڪتاب رکڻ وارو ان جي ”ڪاٽو“ نشانين جي وڏي تعداد کي هڪ قسم جي ڳاڙهيءَ مس ۾ لکي ٿو، جنهن مس کي فاقه ڪشي ڳاريو بنهه پاڻي جي صورت ۾ آڻيو ڇڏي، ۽ ان جو رنگ بدلائي پيلو ڪيو ڇڏي، ايتريقدر جو اڄڪلهه اها مرڳوئي اهڙي مس بنجي چڪي آهي، پوري نظر به ڪانه ٿي اچي سگهي.

237. هيءَ مٽاسٽا جي سائنس يا ”نفعه گير سائنس“ _ جيئن مون ٻڌو آهي ته اهو ان جو نالو تجويز ڪيو ويو آهي _ جيڪڏهن نفعه گيريءَ جي خيال کان ان کي ڏٺو وڃي ته اها هڪ بلڪل بيڪار ۽ غلط سائنس ڏسڻ ۾ ايندي، پر جيڪڏهن ان کي ”حاصلات جي سائنس“ طور ڏٺو وڃي ته اها هڪ عجيب سائنس آهي، جيڪا ٻيءَ هر ڪنهن ڄاتل سڃاتل سائنس کان اصول توڙي مواد ۾ صريحاً مختلف آهي.

238. مثال طور: جيڪڏهن آءُ هڪ جهنگلي ماڻهوءَ کي سئي ڏيئي، ان جي عيوض هن کان هيرو وٺي سگهان ٿو، ته اُها منهنجي انهيءَ عمل جي طاقت تي منحصر آهي. يورپ جي سماجي حالتن کان ان جهنگليءَ جي جهالت تي، يا هن ڳالهه تي ته هو اُنهن حالتن مان فائدي وٺڻ جي طاقت نٿو رکي، ورنه ظاهر آهي ته اهو ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ کي اهو هيرو وڪڻي، کائنس وڌيڪ شيون وٺي سگهيو ٿي. تنهن کان به وڌيڪ، جيڪڏهن آءٌ هي سودو هر ممڪن حد تائين خالق پنهنجي حق ۾ ڪرڻ گهران ٿو ۽ ان جهنگليءَ کي عيوض ۾ سئي به بنان پاکي واري ٿو ڏيان ( ۽ ائين پيروي ڪريان ٿو ۽ آءٌ هن نفعه گير سائنس جي دستور جي گويا مڪمل پيروي ڪريان ٿو) ته اهو سمورو مفت جو يا هڪ طرفو سودو، جو مون ڪيو، تنهن جو دارومدار ان ماڻهوءَ جي جهالت، مجبوريءَ يا بيتوجهيءَ تي آهي. انه ڳالهين کي ختم ڪريو، ته هيءَ مفت جي نفعه خوري هڪدم ناممڪن بنجي وڃي.

239. تنهنڪري جيتريقدر مٽاسٽا جي سائنس فقط هڪڙيءَ ڌر جي سهولت يا نفعه گيريءَ سان واسطو رکي ٿي، ته ان حالت ۾ ان جو دارومدار فقط سامهونءَ واريءَ ڌر جي جهالت يا بيوسيءَ تي رهي ٿو. جتي اهي شيون عدم موجود آهن، اُتي هيءَ نفعه گيري به عدم موجود آهي. تنهنڪري چئبو ته اها سائنس يا اهو علم بيعلميءَ ۽ جهالت تي ۽ اهو هنر بي هنريءَ تي بيٺل آهي. پر هن سائنس کان سواءِ ٻين سڀني سائنسن يا علمن ۽ هنرن جو مقصد سندن ضد يعني جهالت ۽ بي هنريءَ کي دور ڪرڻ جو آهي. سڀني علمن مان فقط اهوئي علم آهي، جو لازمي طرح ۽ هر ممڪن طريقي سان پنهنجي ضد يعني جهل کي ترقي وٺائي ٿو، ۽ ان جي تبليغ ڪري ٿو، ٻيءَ حالت ۾ انهيءَ علم يا انهيءَ سائنس جو وجود ئي ناممڪن آهي.

240. تنهنڪري، پنهنجي خاص انداز ۾ اهائي ۽ فقط اهائي سائنس آهي، جا تاريڪي ۽ جهل جي سائنس آهي؛ غالباً اها هڪڙي بد اصل سائنس آهي _ بهرحال، اها الاهي علمن جي نسل مان نه آهي، اها ڪنهن ٻئي پيءُ (84) جي پيدائش آهي _ اهو پيءُ، جيڪو پنهنجي پٽن کي اها تلقين ڪري ٿو ته هو پٿرن کي بدلائي روٽي بنائين، پر پاڻ روٽيءَ کي بدلائي پٿرن بنائڻ ۾ مصروف آهي ۽ جنهن کان جيڪڏهن مڇيءَ جي طلب ڪئي وڃي (سندس جاگير ۾ مڇي، جا پيدا ئي ڪانه ٿي ٿئي!)، ته هو گهلي نانگ کڻي هٿن ۾ ڏيئي سگهي ٿو.

241. مطلب ته منصفانه يا اقتصادي مٽاسٽا جو عام قانون صرف هيءُ آهي ته مٽاسٽا ڪندڙ ٻنهي ڌرين کي سهولت حاصل ٿيڻ گهرجي (يا جيڪڏهن فقط هڪڙيءَ ڌر کي سهولت حاصل ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻيءَ ڌر کي ضرر نه رسي)؛ ۽ اهو ماڻهو وچوارو ٿي ڪم ڪري (جيڪو عام طرح ”واپاري سڏجي ٿو)، تنهن کي اهڙي سودي کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ سندس وقت، فهم ۽ محنت جو مناسب معاوضو ادا ٿئي: ۽ سود ي ۾ ٻنهي ڌرين کي جيڪا به سهولت پهچڻ واري هجي ۽ وچواري ماڻهوءَ کي جو ڪجهه معاوضو ادا ٿيڻو هجي، تنهن کان سڀئي ڌيون پوريءَ طور باخبر هجن. انهيءَ ۾ لڪ لڪوٽيءَ جي هر ڪوشش جو مطلب هيءُ ٿيندو ته ان ۾ منصفانه مٽاسٽا جي سائنس جي نه پر ان جي مخالف سائنس. يا غير الاهي سائنس، جي ڪنهن عمل جو دخل آهي. انهيءَ ئي سلسلي ۾ هُن يهودي واپاريءَ جو ٻيو مقولو آهي ته ”جيئن ڪو ڪو ٻن پٿرن جي سنڌن ۾ سخت کُپي بيهي ٿو، تيئن ئي گناهه خريداري ۽ وڪري (85) جي وچ ۾ کتل ٿو رهي.“

242. ماڻهن جي باهمي ڏي وٺ جي سرشتي جي سلسلي ۾، پٿرن يا ڪاٺ ۾ ڪوڪي جي روٽ ٿي وڃڻ جي هيءَ مخصوص ڳالهه وري ٻيهر انهيءَ گهر جي مثال ۾ آندي ويئي آهي، جيڪو پنهنجن سمورن ”پٿرن ۽ ڪاٺ“ سميت نيٺ برباد ٿي ويو، جڏهن زڪريا جي ”صحيفي“ جو (86)، جنهن مان مراد غالباً ”تيز ۽ وريل تلاور“ آهي ان تي ڀرپور وار ٿيو: ”هيءُ ئي عذاب آهي، جيڪو سڄيءَ ڌرتيءَ تي هر انهيءَ شخص تي نازل ٿئي ٿو، جيڪو چوري ڪري ٿو ۽ پاڻ کي بيگناهه ٿو چوائي“، جنهن کان هڪدم پوءِ انهيءَ عظيم ماڻ جو ذڪر آيل آهي _ اُهو ماڻ، جيڪو ”سڄي ڌرتيءَ تي انهن جي سڃاڻپ لاءِ آهي. جيڪي بي انصاف آهن“، يعني هيءُ ته سندن سر تي هڪڙي پيتي ڌريل آهي، جيڪا شيهي جي ڇپ سان ڍڪيل آهي، ۽ منجهس هڪڙي ڏائڻ ويٺي آهي، جيڪا پاپ جو مجسمو آهي؛ اُهو پاپ، جيڪو سدائين موڳائپ جي غلاف ۾ ويڙهيل رهي ٿو، ۽ جنهن جو ظاهري روپ سدائين دنيا ۾ ظلم ۽ تشدد جي صورت ۾ قائم آهي. ”اُهائي (پاپ جي) پيتي، بابل جي سرزمين ۾، سندس پوريءَ جاءِ تي آڻي“ رکي ويندي.“[1]

243. هيستائين، مٽاسٽا بابت ڳالهائيندي مون ڪوشش ڪري لفظ ”سهولت“ کي ئي پئي استعمال ڪيو آهي؛ پر ان لفظ ۾ ٻه خيال سمايل آهن: جنهن جي اسان کي ”گهرج“ آهي، انهيءَ جي حاصل ٿيڻ جي سهولت، ۽ جيڪي اسين ”طلبيون ٿا“، ان جي حاصل ٿيڻ جي سهولت. دنيا ۾ جيڪي به طلبون ڪيون وڃن ٿيون، تن جون ٽي ڀاڱي چار طلبون رومانوي انداز جون آهن، جيڪي ڏورانهن خوابن، آدرشن، اميدن ۽ رغبتن تي مبني آهن؛ کيسي جي خرچ جو ضابطو دراصل پنهنجي دل ۽ پنهنجن خيالن جي ئي ضابطي جو ٻيو نالو آهي.

244. تنهنڪري ”قيمت“ جي صحيح تشريح هڪ انتهائي مابعدالطبيعاتي ۽ نفسياتي مسئلو آهي، جنهن جو حل ڪڏهن ڪڏهن فقط اهڙي جذباتي نموني ۾ ٿي سگهي ٿو، جهڙي نموني حضرت دائود، بيت الحم جي دروازي واري کوهه جي پاڻيءَ جي قيمت ڪَٿي هئي (87)، پر اُن جا اولين شرط هي آهن: هر شئي جي قيمت ان جي چاهنا رکندڙ شخص جي محنت جي مقدار جي برابر آهي، جيڪا اهو شخص ان شئي کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ صرف ڪري ٿو.

245. انهيءَ قيمت جو دارومدار چئن گهٽ وڌ ٿيندڙ مقدارن تي آهي. الف. خواهش جو اهو مقدار، جو خريد ڪندڙ کي ڪنهن شيءِ لاءِ دل ۾ هجي، بالمقابل الف. خواهش جي انهيءَ مقدار جي، جو وڪڻندڙ جي دل ۾ ان شيءِ کي پاڻ وٽ جهلڻ لاءِ هجي. ب. محنت جو اهو مقدار، جو خريد ڪندڙ ڪنهن شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ خرچ ڪري سگهي؛ بالمقابل ب. محنت جي انهيءَ مقدار جي، جو وڪڻندڙءَ ڪنهن شيءِ کي پاڻ وٽ جهلڻ واسطي قربان ڪري سگهي. هي مقدار فقط تڏهن پنهنجو اثر ڏيکارين ٿا، جڏهن اُهي واڌو آهن، يعني (الف) خواهش جي مقدار جو مطلب آهي ته اُهو ڪنهن خاص شيءِ جي لاءِ، ٻين شين جي مقابلي ۾ واڌو آهي، ۽ (ب) محنت جي مقدار جو مطلب آهي؛ ته اُهو ٻين شين جي مقابلي ۾ ڪنهن خاص شئي واسطي وڌيڪ آسانيءَ سان خرچ ڪري سگهجي ٿو.

246. انهيءَ ڪري، قيمت جا مظهر نهايت پيچيدا عجيب ۽ دلچسپ آهن _ اهي بهرحال، ايترا ته پيچيدا آهن، جو هن منزل تي اهي تپاسجي نٿا سگهن، انهن مان جيڪڏهن ڪنهن به مظهر جِي ان جي بنياد تائين نشان پيمائي ڪبي، ته ڏسڻ ۾ ايندو ته آخرڪار ان ۾ ”اڻهوند وارن جي گهرج“ هڪ لازمي جزي طور ڪارفرما نظر ايندي. ”جيڪڏه تون ٺيڪ (ضروري) ٿو سمجهين، ته مون کي منهنجي قيمت ڏي، ورنه صبر ڪر“ _ زڪريا 11. 12؛ پر جيئن ته هر شئي جي قيمت آخري صورت ۾ محنت ۽ پورهيي جي ماڻ ۾ ئي ڪٿڻي آهي، تنهنڪري اهو ضروري آهي ته انهيءَ ماڻ جي نوعيت جي توصيف ڪئي وڃي.

247. محنت دراصل ”مخالف قوت سان انساني زندگيءَ جي مقابلي“ جو ٻيو نالو آهي؛ لفظ ”زندگيءَ ۾ انسان جو ذهن، روح ۽ جسماني طاقت اچي وڃن ٿا، جيڪو مسئلن، مشڪلاتن، آزمائشن، يا مادي قوت سان مقابلي ۾ مصروف آهي.

248. جيتريقدر محنت ۽ زندگيءَ جا ٽيئي ذڪر ڪيل عنصر گهٽ يا وڌ شامل آهن، اوتريقدر ئي محنت ادنيٰ يا اعليٰ درجي جي شمار ٿئي ٿي. ۽ هر قسم جي اعليٰ محنت ۾ ايتريقدر ذهن ۽ جذبو شامل رهن ٿا، جيتريقدر اُهي ٽئين عنصر، يعني جسماني طاقت، کان پوريءَ طور ۽ خوشگوار طريي سان ڪم وٺي سگهن.

249. جيئن سون ۽ چانديءَ جي معيار جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، تيئن محنت جي قدر ۽ قيمت جي ذڪر ڪرڻ وقت، ضروري آهي ته هميشه ان جي درجي ۽ ڪيفيت کي سمجهيو وڃي. ادنيٰ (يعني، ناتجربيڪاريءَ ۽ بي سمجهيءَ واري) محنت جو ڪڏهن به قدر ٿي نٿو سگهي، اُها اُنهيءَ سون وانگر آهي، جيڪو خالص نه آهي يا جنهن ۾ لوهه جي ملاوت موجود آهي.[2]

250. جيڪڏهن محنت جو قسم ۽ خاصيت ساڳيا آهن، ته ان جو قدر، ٻين قدر ڀرين شين وانگر، ساڳيو رهندو ۽ ان ۾ ڪابه ڦير گهير ڪانه ايندي. پر ان جو مقدار جيڪو ٻين شين لاءِ ڏيڻ ضروري آهي، سو ڦرندڙ گهرندڙ آهي: ۽ انهيءَ ڦير _ ڦار جي تخميني ڪرڻ ۾، ٻين شين جي قيمت هميشه محنت جي مقدار مطابق شمار ڪرڻ گهرجي؛ ۽ نه ائين ته محنت جي قيمت ٻين شين جي مقدار مطابق شمار ڪجي.

251. مثال طور، جيڪڏهن اسان صوف جو ٻوٽو پٿريليءَ زمين تي پوکڻ چاهينداسون ته اهو ٻن ڪلاڪن جو پورهيو کائي ويندو؛ ۽ جيڪڏهن نرم زمين ۾ ته شايد رڳو اڌ ڪلاڪ کائي. سمجهو ته ٻنهي حالتن ۾ زمين هڪجهڙي ڀلي آهي. انهيءَ حالت ۾ ٻن ڪلاڪن جي محنت سان پوکيل ٻوٽي جو قدر ڪنهن به حالت ۾ اڌ ڪلاڪ جي محنت سان پوکيل ٻوٽي جي قدر کان وڌيڪ نه آهي. هڪڙو انهن مان ٻئي کان وڌيڪ ميوو ڪونه جهليندو. ساڳئي وقت، ائين به آهي ته ڪم جو هڪڙو اڌ ڪلاڪ اوتري ئي قدر جو حامل آهي جيتري جو ٻيو اڌ ڪلاڪ؛ بهرحال هڪڙي ٻوٽي پوکڻ ۾ چار اهڙا اڌ ڪلاڪ ورتا، ۽ ٻئي فقط هڪڙو.

252. هاڻي، هن صورتحال جو صحيح بيان هيءُ نه آهي ته محنت جيڪا سخت زمين تي ڪئي ويئي، سا نرم زمين واريءَ محنت کان وڌيڪ سستي آهي، پر هيءُ آهي ته سخت زمين ۾ پوکيل وڻ جي قيمت وڌيڪ مهانگي آهي. اِن حالت ۾، مٽاسٽا جو قدر، اڳتي هلي، ممڪن آهي ته انهيءَ حقيقت تي مدار رکي، يا نه به رکي. جيڪڏهن ٻين ماڻهن کي پوکڻ واسطي ڪافي نرم زمين موجود آهي ته هو جڏهن اسان جي پٿريلي زمين واري ٻوٽي جي قيمت آڇيندا، ته ڪنهن به حالت ۾ هو اسان جي ٻن ڪلاڪن واري پورهيي جو ويچار ڪونه ڪندا. جيڪڏهن هن نباتاتي سائنس جي ڄاڻ جي ڪوتاهيءَ ڪري اسان صوف جي بدران ”اُپاس“ جو وڻ (86) پوکي وڌو آهي، ته پوءِ اسان جي مٽاسٽا جو قدر منفي مقدار ۾ بدلجي ويندو، ۽ خرچ ڪيل محنت جي مناسبت ۾ اڃا به گهٽ وڃي بيهندو.

253. تنهنڪري، جنهن کي عام طرح ”محنت جي سستائي“ سڏيو وڃي ٿو، تنهن جي درحقيقت هيءَ معنيٰ آهي ته اُن کي ڪيترين ئي مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن تي قبضو ڪرڻو پوي ٿو، جنهنڪري مختصر نتيجي يا ٿورڙي ڦل پيدا ڪرڻ لاءِ گهڻي محنت ڪرڻي ٿي پوي. پر انهيءَ کي ڪڏهن به محنت جي سستائي سڏڻ نه گهرجي، مگر اُن کي انهيءَ شئي جي مهانگائي سڏڻ گهرجي، جنهن جي پيداوار تي اُها محنت ڪيئ ويئي آهي. ان سلسلي ۾، هيءُ چوڻ به ايتروئي معقول ٿيندو ته ”گهمڻ سستو آهي، ڇاڪاڻ ته مانيءَ کائڻ واسطي اسان کي ڏهه ميل پنڌ ڪري گهر وڃڻو پوي ٿو“. جيترو هيءُ چوڻ ته ”محنت سستي آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي ان مانيءَ جي ڪمائڻ لاءِ ڏهن ڪلاڪن جو ڪم ڪرڻو ٿو پوي.

254. هاڻي، اسان کي آخر ۾ ”پيداوار“ لفظ جي توصيف ڪرڻي آهي.

255. مون هن کان اڳ هر ڪنهن قسم جي محنت کي ”نفعي بخش محنت“ ڪري بيان ڪيو آهي؛ ڇاڪاڻ ته هڪڙي موضوع هيڍ محنت جي ڪيفيت يا قدر ۽ ان جي مقصد تي گڏي ويچار ڪرڻ ناممڪن آهي. پر اعليٰ ڪيفيت جي محنت پنهنجي مقصد ۾ مختلف ٿي سگهي ٿي. اها تعميري (”ٺاهيندڙ“ _ لفظ ”عمارت“ مان) ٿي سگهي ٿي، جيئن زراعت؛ بي معنيٰ ۽ ناڪام ٿي سگهي ٿي، جيئن جواهر تراشي؛ يا تخريبي (”ڊاهيندڙ“_ لفظ ”خراب“ مان) به ٿي سگهي ٿي، جيئن جگ. البت محنت، جا ظاهري طرح بي معنيٰ ۽ ناڪام نظر اچي ٿي، ان کي واقعي ائين ثابت ڪرڻ هر حالت ۾ آسان نه آهي[3] بهرحال، عام طراح ان لاءِ قاعدو هيءُ آهي:

”اُهو، جيڪو جوڙي نٿو، سو ڊاهي ٿو“، اهڙيءَ طرح جوهريءَ جو فن غالباً ڏاڍو نقصانڪار آهي، انهيءَ لاءِ جو اهو ڪُجسي ۽ فضول اَڀمان ۽ وڏائيءَ کي ئي اَڀاري ٿو.

256. چنانچه، آخر ۾ منهنجو اعتقاد هيءُ آهي ته هر قسم جي محنت کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: اثباتي محنت، يعني اُها جا زندگي بخش آهي ۽ منفي محنت، جا آخر موت آڻي ٿي. سڌي سنئين منفي محنت مارڻ يا قتل ڪرڻ آهي انهيءَ ڪري ائين چئبو ته ڪاهليءَ جي نفيءَ پاسي جيترو قتل نفرت جي قابل آهي، بلڪل اوترو ڪاهليءَ جي اثباتي پاسي اولاد جي پرورش تعريف لائق آهي.

257. انهيءَ ئي سبب ڪري، ۽ پن جيڪو شرف اولاد جي پرورش[4] ۾ آهي، انهيءَ ڪارڻ، جتي عورت کي تمثيل طور ”انگور جي ول“ (مسرت آڻڻ لاءِ) (91)  سڏيو ويو آهي، اُتي ٻارن کي فخر ۽ ثنا خار ”زيتون جي ٽاري، سڏيو ويو آهي، نه رڳو فخر ۽ ثنا خاطر، پر امن خاطر (ڇاڪاڻ ته وسيع ڪٽنب فقط امن جي وقت ۾ پرورش پائي سگهن ٿا): جيتوڻيڪ هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ سڀني طرفين پکڙندي ۽ هلندي ڦرندي طاقت هٿ ڪندا ۽ پکيڙيندا رهن ٿا، تنهنڪري هو ملڪ لاءِ اها طاقت آهن، جيئن ڪنهن ديو جي هٿ ۾ تير، جيڪي هو هيڏانهن ۽ هوڏانهن، پري ۽ تيئن پري، زور سان اڇلائيندو رهندو هجي.

258. چنانچه، محنت ڇاڪاڻ ته پنهنجن نتيجن ۾ ايڏي گوناگون آهي، تنهنڪري ڪنهن قوم جي خوشحالي بلڪل اوتري ئي ممڪن آهي، جيتري مقدار يا انداز جي محنت هوءَ زندگيءَ جي ذريعن جي حاصل ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ تي خرچ ڪري ٿي. غور ڪريو _ آءٌ چوان ٿو ”حاصل ڪرڻ تي ۽ استعمال ڪرڻ تي“، تنهن جي معنيٰ هيءَ ٿي ته نه فقط عقلمنديءَ سان پيدا ڪرڻ تي، پر عقلمنديءَ سان پيداوار کي تقسيم ڪرڻ ۽ خرچ ڪرڻ تي. سياسي اقتصاديات جا ماهر اڪثر ائين ظاهر ڪندا آهن، ڄڻ ته مطلق کپت* ۾ ڪابه ڀلائي ڪانهي. نه فقط هيءَ حقيقت آهي، پر برعڪس مقصديت آهي ۽ عقلمندانه کپت، عقلمندانه کپت، عقلمندانه پيداوار کان گهڻو گهڻو مشڪل فن آهي. ويهه ماڻهو پئسا ڪمائي سگهن ٿا، جن کي هڪڙو ماڻهو کپائي سگهي ٿو، فرد يا قوم لاءِ اهم مسئلو اهو نه آهي ته ”اهي ڪيترو ڪمائين ٿا“، پر اهو آهي ته ”هو ڪهڙي مقصد سان خرچ ڪن ٿا.“


[1] *زڪريا 5. 11. هن سلسلي ۾ فقري 264 جو حاشيو ڏسو.

[2] *محنت جا صريحاً اعليٰ قسم جي آهي؛ يا ائين چئجي ته اثرائتي، يا قابلڪار آهي، تنهن کي يونانين ”وزنائتي“ محنت سڏيو، جنهن لفظ جو ترجمو اڪثر ”لائق“ ڪيو ويو آهي، ۽ ڇاڪاڻ ته اها وزندار ۽ حقيقي هئي، تنهنڪري هنن ان جي قيمت کي ”مان وارو تخمينو“ يا ”معزز محنتاڻو“ سڏيو: هيءُ لفظ انهيءَ تصور تي مبني آهي ته محنت هڪ اهڙي حقيقي شئي آهي، جنهن کي پاڪ يا خدائي شئي ڪوٺي سگهجي ٿو، ۽ جنهن جو درجو يا منزل ايتري ته مان لائق آهي، جو اها عزت فقط ديوتائن کي جڳائي؛ مگر ڪوڙي محنت يا اُها محنت، جيڪا زندگيءَ کان دور وٺي ٿي ويئي، تنهن جي قيمت عزت نه پر انتقام هو، جنهن لاءِ انهن هڪ ٻيو لفظ مقرر ڪيو؛ جنهن ”قيمت“ جي وصول ڪرڻ جو ڪم هنن هڪ مخصوص ديويءَ جي سپرد سمجهيو، جنهن جو نالو (88) ”ٽسيفون“ هو ۽ جنهن کي ”موت جي ليکي چُڪائيندڙ (حساب وٺندڙ)“ ديوي تصور ڪندا هئا؛ ان ديويءَ بابت هو ائين سمجهندا هئا ته هوءَ رياضيءَ جي علم ۾ ماهر هئي ۽ پنهنجي ڪاروبار ۾ ڏاڍي پختي ۽ سخت هئي؛ هن ئي ديويءَ سان ڏسجي ٿو ته اڄوڪي زماني ۾ به ماڻهن پنهنجا پختا ڪاروباري ناتا رکيا آهن ۽ کاتا کرڙا کوليا آهن.

[3] واقعي ناڪام ۾ ناڪام پورهيو اهو آهي، جنهن سان مقصد پورو نه ٿئي، ۽ مقصد پوري ڪرڻ لاءِ وري ٻيهر محنت ڪرڻ جي ضرورت باقي رهي. ۽ پڻ اها محنت ناڪام آهي، جنهن جي ناڪامي عدم تعاون ڪري واقع ٿئي ٿي. ”بيلزونا“ (90) جي ڀرسان هڪڙي ننڍري ڳوٺ جي پادريءَ، جنهن وٽ مون انهيءَ ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪيو ته اتان جي هارين ڪيئن ٽسينو نديءَ کي ڇڏي ٿي ڏنو ته سيلاب ۾ سندن فصل کي ٻوڙيندي رهي، مون کي جواب مليو ته هو هڪڙي مضبوط ۽ اتانهين بند ٻڌڻ لاءِ پاڻ ۾ متفق نٿا ٿين ، جو منجهانئن هر هڪ ائين ٿو چوي ته ”اهو بند ته جيترو مون لاءِ ڪارائتو ٿيندو، اوترو منهنجي سڀني پاڙيسرين لاءِ به ٿيندو!“ تنهنڪري هر هڪ هاريءَ هڪڙو ننڍڙو ٽڪر بند جو پنهنجي ٻنيءَ جي چوڌاري ٿي ٻڌو، ۽ جيئن ئي ٽسينو ۾ پاڻيءَ جو زور وڌيو ٿي، تيئن اُهو اُنهن بندڙن کي ٻهاري ٿي ويو ۽ سڀني جا فصل ٻوڙي ناس ڪري ٿي ڇڏيائين.

[4] غور ڪريو ته آءٌ ”ڄڻڻ“ ڪونه ٿو چوان، پر ”پرورش“ ٿو چوان. زياده تعريف لائق جيڪا موسم آهي، سا ميوي ڏيڻ واري موسم آهي؛ نه ٻج ڇٽن واري، نه پوکڻ واري. اها هڪڙي عجيب ڳالهه آهي ته ماڻهو هميشه اهڙي ماڻهوءَ جي وڏي اتساهڪ انداز ۾ ساراهه ڪندا آهن، جنهن محض ٿوريءَ ڪوشش سان ڪنهن جي ”حياتي بچائي هجي“؛ پر انهيءَ ماڻهوءَ جي ساراهه ڪرڻ ۾ ڏاڍي پس و پيش ڪندا آهن، جو سالن جا سال محنت ۽ ايثار سان ”زندگي پيدا ٿو ڪري“. اسين حياتي بچائڻ واسطي تمغا ڏيون ٿا؛ ”زندگيءَ جي پيدا ڪرڻ“ مان منهنجي مراد روحاني توڙي جسماني طور مڪمل زندگيءَ جو پيدا ڪرڻ آهي. تحقيق انگلنڊ وٽ هن ٻنهي اعليٰ ڪارنامن جي قدرافزائيءَ لاءِ تمغن جو قحط ڪونه اچي پيو آهي! جڏهن مسٽر مل فائديمند يا سودمند کپت جو بيان ٿو ڪري، تڏهن ان مان هن جي مراد فقط اهڙي کپت آهي، جنهن مان سرمايو يا مادي دولت پيدا ٿئي. 4. ڏسو I, iii 5… I iii.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org