28. اڳئين مثال مطابق، جيڪڏهن هي آفيسر به هڪ
دانشمند ۽ مستقل مزاج شخص آهي، ته يقيناً هو هڪ
ڪمزور نامعقول مهربان آفيسر کان وڌيڪ ڪارآمد ۽
ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿو؛ پر فرض ڪري وٺو ته ٻنهي جي
حالت ۾ دانشمندي ۽ مستقل مزاجي هڪجيتري آهي _
اهڙيءَ حالت هيٺ، لازمي ڳالهه آهي ته جنهن سالار
جا پنهنجن ماڻهن سان ذاتي تعلقات هوندا، جنهن کي
سندن مفاد جي زياده چنتا هوندي، جنهن کي سندن
حياتين لاءِ زياده قدر ۽ قيمت جو احساس هوندو ته
اهوئي انهن جي طاقت ۽ ذوق جي زياده ترقيءَ ۽ اظهار
جو باعث ٿي سگهندو. هن جي شخصيت لاءِ منجهن پيار ۽
هن جي اخلاق ۾ سندن ڀروسو ايتريقدر پيدا ٿي پوندو،
جو ڪنهن به ٻيءَ ڪوشش سان هرگز هرگز منجهن پيدا ٿي
ڪين سگهندو. جيئن ماڻهن جو تعداد گهڻو، تيئن مٿيون
اصول يا ڪُلي قاعدو زياده صهيح ۽ مفيد ٿابت ٿيندو
_ هڪڙي يا ٻه يلغارون اڪثر ڪامياب به ٿي وڃن،
جيتوڻيڪ پلٽڻ جا ماڻهو پنهنجن آفيسرن کي نفرت جي
نگاهن سان ڏسندا هجن؛ پر پوري جي پوري جنگ ڪا مشڪل
سان ڪامياب ٿي آهي، جيڪڏهن فوج کي پنهنجي سپه
سالار لاءِ دل ۾ عزت ۽ پيار نه آهي.
29. هنن رواجي مثالن ڏيڻ کان پوءِ، جيڪڏهن اسين ڪارخانيدار ۽
سندس مزورن جي باهمي لاڳاپن کي خيال ۾ آڻينداسين،
جيڪي لاڳاپا مالڪ ۽ ملازم جي تعلقات جا پيچيده ۽
مشڪل مثال آهن، ته پهريائين اسان کي ڪي عجيب
دشواريون درپيش اينديون، جي ظاهر ظهور صرف اخلاقي
ڳالهين ڏانهن ڌرين جي بيتوجھيءَ جو نتيجو آهن.
30. لشڪر جي سپاهين جو پنهنجي سپه سالار لاءِ سرگرم محبت هجڻ جو
امڪان آسانيءَ سان ذهن ۾ اچي سگهي ٿو، پر هڪ ڪپڙي
جي ڪارخاني جي مالڪ لاءِ سُٽ ڪتيندڙ مزورن جي دل ۾
پرجوش پيار جي وجود جو امڪان ايتريءَ آسانيءَ سان
تصور ۾ نٿو اچي سگهي. ڦورن ۽ ڌاڙيلن جو ٽولو، ٻيءَ
ڳالهه لاءِ نه، ته به ڪم از ڪم ڦرلٽ ڪرڻ جي نيت
سان، اڄ به باهمي محبت ۽ اعتماد جي جذبي ماتحت
(قديم راهزن ۽ قزاق قبيلن وانگر) سرگرم عمل نظر
اچي سگهندو _ ان ٽولي جو هر هڪ فرد پنهنجي سردار
(44) جر زندگيءَ خاطر پنهنجي حياتي قربان ڪرڻ لاءِ
هر وقت تيار رهي سگهي ٿو؛ پر انساني جماعت جا اهي
ماڻهو، جي اڄ جائز پيداوار ۽ مال جي فراوانيءَ جي
واسطي پاڻ ۾ شريڪ آهن، تن ۾، افسوس آهي، جو اڪثر
ڪري اهڙي جذبي جو ڪال آهي- ۽ منجهانئن ڪوبه ماڻهو،
ڪنهن به صورت ۾، پنهنجي جان پنهنجي مالڪ تان صدقي
ڪرڻ لاءِ هرگز تيار نه آهي.
31. اڄ اسان جي سامهون نه فقط اخلاقي معاملن ۾ هي نمايان تضاد
موجود آهي، پر ان سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي ان جهڙن
ٻين تضادن سان، انتظامي معاملن ۾، اڄ اسين دوچار
آهيون. ڇاڪاڻ ته هڪ (گهرو) ملازم ۽ هڪ سپاهي اڄ به
اجوري جي مقرر شده نرخ تي ۽ طي ٿيل ميعاد لاءِ
مقرر ڪيا وڃن ٿا، پربر خلاف ان جي، ڪارخاني جي هڪ
مزور کي عام روزگار جي هر گهڙيءَ ڦرندڙ گهرندڙ
حالتن مطابق، گهٽ يا وڌ اجوري تي مقرر ڪيو وڃي ٿو،
۽ ساڳئي وقت، هن کي اهوبه انديشو رهي ٿو، ته واپار
جي لاهن _ چاڙهن جي اثر هيٺ، ڪنهن به وقت ملازمت
مان ٿڏيو وڃي. جنهن صورت ۾ هنن غير يقيني حالتن
هيٺ؛ روزمره جي ڪم ڪار جي دائري ۾، محبت ۽ اعتماد
جي ڪا صورت پيدا نٿي ٿي سگهي. پر الٽو خلاف محبت ۽
عدم اعتماد ججا پُر خطر روپ ئي ظاهر ٿي سگهن ٿا _
انهي صورت ۾ سوچڻ ويچارڻ لاءِ هڪڙا ٻه اهم نُڪتا
اسان جي سامهون اچي ٿا پيدا ٿين.
32. پهريون هيءُ ته ڪيتريقدر محنت جي اجرت يا مزوريءَ جا نرخ
مرتبڪيا وڃن، جو اهي، عام روزگار جي حالتن يعني
محنت ۽ پورهيي جي عام کاپي جي نسبت سان، وقت بوقت
تبديل ٿي نه سگهن.
33. ٻيو هيءُ ته ڪيتريقدر اها ڳالهه ممڪن ٿي سگهي ٿي ته پورهيتن
يا مزورن جي ٻارين کي، سندن تعداد گهٽائڻ يا وڌائڻ
کان سواءِ، هڪ ئي مقرر اجرت تي مقرر ڪيو وڃي (پوءِ
متعلقه تجارت، صنعت يا ملازمت جي دائري جي ڪهڙي به
ڪيفيت هجي) ، تان ته منجهن پنهنجي پنهنجي اداري يا
روزگار جي مرڪز لاءِ دائمي دلچسپي ۽ چاهه اهڙيءَ
طرح پيدا ٿئي، جهڙيءَ طرح هڪ پراڻي گهرو نوڪر جي
دل ۾ پنهنجائپ جو احساس پنهنجي مالڪن لاءِ هوندو
آهي، يا جهڙيءَ طرح هڪ جانباز فوجي دستي جي فردن ۾
رقابت جو جذبو پنهنجي هر فوجي عمل ۾ موجود هوندو
آهي.
34. يعني، آءُ چوان ٿو ته پهريون سوال هي اهي ته محنت جي في
الواقع کاپي کي خيال ۾ رکڻ کان سواءِ ان جي اجرت
جو هڪ ئي نرخ مقرر مقرر ڪرن ممڪن آهي يا نه؟ جي
آهي، ته ڪيتريقدر؟
35. انسان کان جيڪي غلطيون سرزد ٿيون آهن، انهن جهڙي ئي هيءَ هڪ
غلطي آهي، جو عام سياسي اقتصاديات جا ماهر هن
ڳالهه کان صاف انڪار ٿا ڪن ته اجرت جو اهڙيءَ طرح
ٻَڌجڻ يا مقرر ٿيڻ ممڪن آهي؛ هالانڪه دنيا ۾ محنت
جي سڀني اهم صورتن، ۽ پڻ ان جي اڪثر غير اهم صورتن
لاءِ، اهڙي قسم جي مقرر اجرت جو انتظام اڳيئي مروج
۽ مستعمل آهي.
36. اسين ڪڏهن به پنهنجي وزارت عظميٰ جو ڊچ نيلام
(Dutch auction)
ذريعي (45) وڪرو ڪونه ٿا ڪريون، وڏي پادريءَ جي
فوت ٿيڻ تي، سائمن
(Simon)
(46) وانگر فائدي حاصل ڪرڻ جي خيال کان، اهو رتبو
اسان اهڙي پادريءَ کي (اڃا ته) ڪونه ٿا آڇيون،
جيڪو ان نظام سنڀالڻ جو ٺيڪو اسان کان گهٽ ۾ گهٽ
اگهه تي کڻي! اسين تحقيق ۽ هي پڻ سياسي اقتصاديات
جي معامله فهميءَ جو ڪرشمو آهي!) جنگي عهدا (47)
فروخت ڪريون ٿا، پر وري به سپه سالاريون اهڙي
کليءَ طرح ڪونه ٿا وڪڻون، بيماريءَ جي حالت ۾،
اسين ڪڏهن به اهڙي ڊاڪٽر جي طلب ڪونه ٿا ڪريون،
جيڪو پنهنجي في هڪ گنيءَ کان گهٽ وٺي، مقدمي جي
حالت ۾ ، ڪڏهن به ڇهن شلنگن _ اٺن پينسن
(Six- and eight pence)
بدران چئن شلنگن _ ڇهن پينسن
(Four- and- six pence) (48) جو خيال ڪو نه ڪندا آهيون، رستي تي برسات ۾ گهيرجي
وڃڻ وقت بيهي اهو ويچار ڪونه ڪندا آهيو ته ڪهڙو
گاڏيءَ وارو اسان کان ڇهه پينس
(Six- pence)
في ميل جي حساب کان گهٽ ڀاڙو طلب ڪندو.
37. اها حقيقت آهي ته مذڪوره حالتن ۾ ٻيءَ به هر اهڙيءَ حالت ۾
جيڪا تصور ۾ اچي سگهي ٿي، ڪم جي دشواري توڙي ان جي
ڄاڻڻ جي موجوده تعداد کي خيال ۾ رکيو وڃي ٿو ۽
لازمي طرح خيال ۾ رکڻو ئي پوي ٿو (49). جيڪڏهن
ائين تصور ڪيو وڃي ته هڪ سٺي ڊاڪٽر بنجڻ لاءِ جيڪا
ضروري تڪليف ڪرڻي پوي ٿي، ان کي برداشت ڪرڻ لاءِ
شاگردن جو ڪافي انداز، صرف اڌ گني فيءَ جي اميد ۽
آسري تي آماده ٿي سگهندو، ته پوءِ عام خلق ترت ئي
ٻيءَ غير ضروري اڌ گنيءَ کي پاڻ وٽ جهلي ڇڏيندي، ۽
صرف اڌ گني ئي ڊاڪٽرن جي مناسب في تسليم ٿي ويندي.
تحقيق، انهيءَ لحاظ سان، آخرين طور محنت جي قيمت
محنت جي کاپي جي مناسبت تي ئي مقرر ڪئي ٿي وڃي؛ پر
جيڪڏهن هن معاملي جو عملي ۽ ڪارآمد انتطام ويچار
هيٺ ٿو آڻجي، ته معلوم ٿو ٿئي ته اعليٰ حيثيت
واريءَ محنت جي اجرت هميشه هڪئي مقرر ٿيل نرخ
مطابق ادا ٿيندي رهي آهي، ۽ ادا ٿيندي رهي ٿي- ۽
ساڳيءَ ريت هر نوع جي ٻيءَ محنت لاءِ پڻ اجرت جي
ادائگي ائين ئي ٿيڻ گهرجي.
38. پڙهندڙ شايد حيرت ۾ اچي، هي سوال پڇي ته ”ڇا، سٺي ڪاريگر ۽
خراب ڪاريگر، ٻنهي کي هڪجيتري اُجرت ڏني وڃي؟
39. يقيناً ڪليسا جي هڪڙي امام ۽ سندس جاءِ نشين جي خطبي جي وچ
۾- يا هڪ ڊاڪٽر ۽ ٻئي ڊاڪٽر جي رايي جي وچ ۾-
پنهنجي پنهنجي مخصوص ذهني پس منظر، توڙي اوهان
لاءِ ذاتي طور جيڪي انهن مان نتيجا رونما ٿي سگهن
ٿا، تن جي لحاظ کان جيڪو نمايان فرق موجود آهي،
تنهن جي اهميت ظاهر آهي ته ٻن سِر بندن، ڄاڻو ۽
غير ڄاڻوءَ جي وچ ۾ جيڪو فرق ممڪن ٿي سگهي ٿو،
تنهن کان گهڻي وڌيڪ آهي (جيتوڻيڪ هن پوئين فرق جي
اهميت به پنهنجي جاءِ تي ڪافي آهي، جنهن کان اڪثر
ماڻهو واقت ڪين آهن) تنهن هوندي به، توهان پنهنجي
رضا خوشيءَ سان پنهنجن انهن روحاني معمارن (ڪليسا
جي پادرين)، توڙي جسماني معمارن (ڊاڪٽرن) کي،
بلالحاظ سندن قابليت جي، هڪجيتري في ڀري ٿا ڏيو؛
بلڪل ساڳيءَ طرح، منهنجي خيال موجب، اوهان پنهنجي
گهرن جي معمارن (سِر بندن ۽ رازن) کي، بلالحاظ
سندن ڄاڻو يا اڻڄاڻو هئڻ جي، جيڪڏهن هڪجيتري اجرت
ڪندا، ته ان ۾ ڪو خاص اهم ڪونه آهي.
40. ”نه، پر آءٌ ڏسي وائسي، پنهنجي ڊاڪٽر ۽ (؟) پنهنجي پادريءَ
جو انتخاب ڪندو آهيان، جنهن مان ظاهر آهي ته سندن
لياقت ۽ عدم لياقت جو سوال منهنجي سامهون رهي ٿو.“
جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ ڀل اوهان کي پنهنجي سِر
بند ۽ رازي جو به انتخاب ڪرڻ گهرجي؛ هڪ قابل ۽
ڄاڻو ڪم ڪندڙ واسطي اهوئي صحيح انعام آهي . . . ته
واقعي هن کي ئي منتخب ڪيو وڃي. دراصل صحيح ۽ فطري
سرشتو هر پورهيي جي اجرت جو اهوئي آهي ته اها
هڪجيتري ۽ مقرر نرخ مطابق ادا ڪئي وڃي، پر هر حالت
۾ لائق مزور کي ملازمت ۾ رکيو وڃي ۽ اڻ لائق کي نه
رکيو وڃي. برعڪس ان جي باطل، غير فطري ۽ تباهه ڪن
دستور اهو آهي، جو هڪ بيڪار مزور لاءِ موقعا پيدا
ڪيا وڃن ته هو پاڻ کي گهٽ اجرت تي ملازمت لاءِ پيش
ڪندو رهي، تان ته هو هڪڙي ڪارائتي مزور کي بيدخل
ڪري، وڃي ان جي جاءِ والاري، يا وري اهڙيون
چٽاڀيٽيءَ جون حالتون پيدا ٿي وڃن، جو اهو لائق ۽
ڪارائتو مزور اڌوري معاوضي تيڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي
وڃي.
41. تنهنڪري، اسان جو پهريون مقصد آهي ته پورهيي لاءِ هڪجيتريءَ
اجرت مقرر ڪرڻ واسطي ڪو سڌو سنئون رستو ايجاد
ڪريون. اسان جو ٻيو مقصد اِهو آهي ته مزورن جا
مستقل تعداد باروزگار رهن، بغير هن لحاظ جي ته جن
شين جي ٺاهڻ ۾ هو لڳل آهن، تن جي طلب يا کپت بازار
۾ اتفاق سان وڌيل آهي يا گهٽيل.
42. منهنجو اهو قوي اعتقاد آهي ته کاپي جي سلسلي ۾ جيڪي وڏيون ۽
اتفاقي ڦيريون گهيريون هڪ ذي حيات قوم جي تجارتي
ڪارگذارين جي دائري ۾ پيدا ٿين ٿيون، سي ئي اسان
جي واسطي واحد مشڪلاتون آهن، جن کي سر ڪرڻ سا ئي
پورهيي جي منصفانه انتظام جو قيام ممڪن ٿي سگهي
ٿو. زير بحث موضوع مان ڪيترا ئي قابل غور مسئلا پيدا ٿي پون ٿا، جن سڀني جو مطالعو هتي ممڪن
نٿو ٿي سگهي، پر هيٺيون عام حقيقتون، جن جو سڌيءَ
طرح تعلق هن موضوع سان آهي، تن کي البت پوريءَ طرح
ڌيان ۾ آڻڻ ضروري آهي.
43. جيڪڏهن مزور سان هروقت ملازمت جي ختم ٿيڻ جو خطرو لاڳوآهي
۽هن جي ملازمت لاڳيتي ملازمت نه آهي، ته ان حالت ۾
هن جي اجرت، جنهن تي سندس گذارو ممڪن ٿي سگهي،
لازمي طور انهيءَ اجرت کان ڳري ٿيڻي آهي،جيڪا سندس
ملازمت جي دائمي ۽ مستقل هئڻ جي حالتن ۾،هنن لاءِ
ڪافي ٿي سگهي ٿي ۽ پورهيي جي چٽاڀيٽيءَ جي ڪهڙي به
شديد صورتحال درپيش اچي ته به هن عام قانون جو
لاڳاپو هر حالت ۾ لازمي ۽ اٽل آهي ته جيڪڏهن
سراسري طرح روزگار جا فقط ٽي ڏينهن هفتي ۾ شمار
ڪيا وڃن، ته ان حالت ۾ مزور پنهنجي اجرت هر صورت ۾
انهيءَ اجرت کان زياده گهرندا، جيڪا هفتي ۾ ڇهن
ڏينهن جي روزگار ميسر هجڻ جي حالت ۾ هو طلبيندا.
سمجهو ته هڪڙي ماڻهوءَ جو روزانو گذران بهرحال هڪ
شلنگ
(A shilling)
کان سواءِ ٿي نٿو سگهي، ته
پوءِ ظاهر آهي ته هو پنهنجي هفتي جا گهربل ست شلنگ
مجبوراً ٽن ڏينهن جي محنت سان، يا دستوري ڇهن
ڏينهن جي پورهيي دوران _ مطلب ته هر صورت ۾، حاصل
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
44. هر جديد تجارتي ڪاروبار جو ظاهر ظهور رجحان هيءُ آهي ته
اجرت ۽ واپار، ٻيئي هڪ ئي گڏيل ”صورتيءَ جي چڪر“ ۾
داخل ڪيا وڃن ٿا، جنهن جو نتيجو هيءُ ٿو نڪري ته
مزور جي اجرت جو دارومدار هن جي مذڪوره غير مسلسل
روزگار تي، ۽ مالڪ جي نفعي جو محض اٽڪلبازيءَ سان
هٿ ڪيل موقعي جي استعمال تي ئي رهي ٿو.
45. آءٌ هتي ٻيهر به هيءَ ڳالهه دهرايان ٿو ته ڪيتريءَ حد تائين
مذڪوره طريقي ڪار جديد تجارتي ڪاروبار جي تقاضائن
مطابق ضروري آهي _ ان مسئلي جي اُپٽار هتي آءُ ڪو
نه ٿو ڪريان. آءُ هتي فقط هن حقيقت جي اظهار تي ئي
اڪتفا ڪرڻ مناسب ۽ ڪافي ٿو سمجهان ته تجارتي
ڪاروبار جو اهو طريقي ڪار پنهنجي مهلڪ ترين صورتن
۾ بلاشبه فضول ۽ غير ضروري آهي، ۽ در حقيقت مالڪن
جي حالت ۾ محض نادانيءَ ۽ عياشيءَ جو ئي نتيجو
آهي. مالڪ ڪنهن به حالت ۾ جيڪڏهن ٿوري نفعي جي
جهلڪ ڏسن ٿا، ته اهڙي موقعي کي وسان وڃائڻ برداشت
نٿا ڪن ۽ ان ڪري بد حواس ٿي، نصيب جي سبز باغ جي
هر غنچي ۽ گل کي پٽڻ جي ڪوشش ڪن ٿا- انهيءَ تمنا
سان ته هو اڃا به زياده شاهوڪار ٿين، ۽ ائين ڪندي
حرص جي انڌ ۾ تباهيءَ جي هر ممڪن جوکم کي پنهنجي
هٿان عائد ڪن ٿا. ٻئي طرف مزور وري ٽن ڏينهن جي
سخت ڪم ۽ ٽن ڏينهن جي شرابخوريءَ جي بدمستيءَ کي
ڇهن ڏينهن جي معتدل پورهيي ۽ هڪ ڏينهن جي معقول
آرام کان زياده پسند ڪن ٿا.
46. اهي مالڪ، جي دل سان مزورن جي مدد ڪرڻ چاهين
ٿا، انهن لاءِ ٻيو ڪو به اثرائتو طريقو ڪونهي،
سواءِ انهيءَ جي، جو هو پنهنجي ۽ مزورن جي مذڪور
بڇڙاين کي قبضي هيٺ آڻين (50)، کين پنهنجو ڪاروبار
اهڙي پيماني تي هلائڻ گهرجي، جو پنهنجي ڌنڌي کي
بنان ڪنهن خطري جي سنڀالي سگهن ۽ قياسي نفعي جي
لالچ اڳيان نه جهڪي پون، ۽ ساڳئي وقت پنهنجي مزور
کي ريتائتي محنت ڪرڻ ۽ معقول زندگي گذارڻ جو قائل
بنائين، ۽ کين آماده ڪن ته هو هڪ مستقل هلڪي
تنخواهه کي غير مستقل ڳريءَ اجرت تي ترجيح ڏين،
ڇاڪاڻ ته، پوئين حالت هيٺ کين ملازمت مان تڙجي
نڪرڻ جو هر وقت انديشو درپيش آهي، مگر جيڪڏهن ائين
ناممڪن هجي ته پوءِ نالي ماتر ڳريءَ اجرت وارن
ڏينهن تي سخت پورهيي ڪرڻ جي رواج کي، جيئن پوءِ
تيئن گهٽائين، ۽ پنهنجن ماڻهن جي انهيءَ ڏس ۾
رهنمائي ڪن ته هو مستقل، مسلسل ۽ معتدل محنت لاءِ
ٿوري تنخواههه قبول ڪرڻ لاءِ آماده ٿين.
47. هن قسم جي بنيادي ڦيرين گهيرين کي عمل ۾ آڻڻ واريءَ تحريڪ
جا باني لاشڪ اهم نقصان ۽ خدمتون پنهنجي سر تي
کڻندا، پر اها به حقيقت آهي ته آسانيءَ سان ۽ بنان
هبح جي ٿي ويندڙ ڳالهه ڪڏهن به اهڙي ڳالهه نٿي ٿي
سگهي، جنهن جو ڪارڻ انسان لاءِ بهرحال ضروري هجي،
جنهن جي بهر صورت پوري ڪرڻ جو فرض انسان مٿان
لازمي طور عائد ٿيل سمجهي سگهجي.
48. هن کان اڳ، مون ٻن قسمن جي انساني جماعتن جي باهمي امتياز
جو اشارتاً ذڪر ڪيو آهي _ منجهانئن هڪ جماعت جي
باهمي شرڪت تشدد جي ڪارواين لاءِ آهي، ۽ ٻيءَ جي،
ڪارخانيداريءَ جي مقصدن لاءِ؛ ان سلسلي ۾ ڏٺو ويو
ته انهن ٻنهي مان پهرين جماعت (فوج) خود قربانيءَ
جي جذبي جي حامل آهي، ۽ ٻي جماعت بلڪل نه: ۽ اهائي
واحد حقيقت آهي ڇا فوجي پيشي جي مقابلي ۾، تجارتي
پيشي جي عزت کي پست ڪرڻ جو سبب بني آهي. فلسفانه
روشنيءَ ۾ پهرينءَ ڳالهه معقول نظر نٿي اچي (ڪيترن
منصفن ان کي صريحاً نامعقول ثابت ڪري ڏيکارڻ جي
ڪوشش پڻ ڪئي آهي) ته هڪ صلح پسند ۽ شائسته ماڻهو
جنهن جو شغل خريد ۽ فروخت ڪرڻ آهي، سو هڪ زورآور
غير سمجهدار ۽ غير شائسته ماڻهوءَ کان، جنهن جو
ڌنڌو خونريزي آهي، عزت ۾ گهٽ ٿي سگهي ٿو، تاهم،
فيلسوفن جي برعڪس، عوام هميشه اتفاق راءِ سان
سپاهيءَ کي واپاريءَ مٿان ڏٺي وائٺي ترجيع ڏني
آهي.
49. ۽ اهو بلڪل صحيح آهي.
50. ڇاڪاڻ ته هڪ سپاهيءَ جو ڌنڌو، دراصل ۽ لازمي طرح، قتل ڪرڻ
ڪونهي، پر قتل ٿيڻ آهي. دنيا هن ڳالهه کي چڱيءَ
طرح سمجهڻ کان سواءِ به صرف انهيءَ ڳالهه سبب ئي
هن ڌنڌي جي ايتري عزت ڪري ٿي.
51. هڪ خونخوار ماڻهوءَ جو ڌنڌو خونريزي آهي، پر دنيا ڪڏهن به
خونين کي واپارين کان وڌيڪ عزت نه ڏني آهي.
سپاهيءَ کي عزت جي نگاهن سان انهيءَ ڪري ڏٺو وڃي
ٿو، جو هو پنهنجي زندگي ملڪ جي خدمت ۾ قربان ڪري
ٿو.
52. سپاهي ڪيترو به بيباڪ ۽ بي احتياط هجي، لذت ۽ عيش عشرت جو
شائق هجي؛ اهو جو کائتو ڪم ڪهڙن به خسيس مقصدن ۽
نيچ اثرات جي ڪري انتخاب ڪيو هجيس، ۽ هن جي
روزمرهه جي زندگيءَ جا حرڪات (هر ظاهري صورت ۾)
کڻي اهي ئي مقصد ۽ ارادا هجن، ته به اسان جي راءِ
سندس متعلق فقط مذڪور بنيادي اصول تي ئي ٻڌل آهي _
۽ ان جي پختگيءَ ۾ اسان کي ڪافي يقين پڻ آهي : هڪ
طرف، مثلاً هن کي قلعي جي بچاءَ لاءِ هڪ چونڪيءَ
تي بيهاري ڇڏيو، پوءِ کڻي سڄي دنيا جي لذت ۽ مزي
جو سامان پوئتان پکڙيو پيو هجيس، ۽ ٻئي طرف محض
فرض ادائي ۽ موت ئي هن جي سامهون هجن ته به هي
پنهنجو رخ هميشه جنگي محاذ جي طرف رکندو. هن کي
خبر آهي ته اهڙي قسم جي امتحاني مهم ڪنهن به
گهڙيءَ سندس سپرد ڪئي ويندي، بلڪه هن اڳيئي اهڙين
گهڙين جو تجربو ڪري ڇڏيو آهي _ عملي طور اهڙا
تجربا هر گهڙيءَ هو ڪندو ئي رهي ٿو، جنهن جو مطلب
هيءُ ٿيو ته موت ۽ حياتيءَ جي هيءَ راند، دورحقيقت
هو هر روز کيڏندو ٿو رهي.
53. وڪيل ۽ طبيب کي پڻ اسان گهٽ عزت نٿا ڏيون، ڇاڪاڻ ته سندن ڪم
به خود قرباني جي اصول تي مدار رکي ٿو. ڪنهن به
وڏي وڪيل کي هونئن کڻي علم ۽ هوشياريءَ جو ڪيڏو به
درجو حاصل هجي، پر اسان جي دل ۾ هن لاءِ عزت فقط
انهيءَ اعتقاد تي مدار رکي ٿي ته کيس جيڪڏهن هڪ
منصف جي مسند تي ويهڻ جو موقعو ملندو ته هو هر
حالت ۾ نتيجن کان بنهه بي پرواهه، خالص انصاف روءِ
تي فيصلن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. جيڪڏهن اسان کي انهيءَ
ڳالهه جو انديشو رهي ته هو رشوت وٺندو ۽ پنهنجي
تيزفهمي ۽ قاعديداني استعمال ڪري غير منصفانه
فيصلن کي ظاهري انصاف جو رنگ ڏيندو، ته پوءِ خاطري
ڪريو ته هن جي علمي ۽ قانوني ڄاڻ جي ڪيتري به حد
هجي، ته به اسان جي طرفان هو قطعاً عزت حاصل ڪري
نه سگهندو. اسان جي عزت ۽ اعتماد صرف اهڙي وڪيل کي
حاصل ٿي سگهي ٿو، جنهن جي زندگيءَ جي اهم
ڪارگذارين جو اولين مقصد، اسان جي پنهنجي اعتقاد
موجب، انصاف ۽ صرف انصاف هجي، ۽ بعد ۾ سندس ذاتي
مفاد.
54. طبيب جي حالت ۾، تعظيم لاءِ اسان وٽ جيڪو دليل آهي، سو ذڪر
ڪيل مٿئين دليل کان به وڌيڪ ظاهر آهي، سندس
سائنسداني ڪيڏي به هجي، پر جيڪڏهن اسان کي خبر پوي
ته هو مريضن کي محض تجربي جون شيون ڪري تصور ٿو
ڪري، ته خوف ۽ نفرت وچان، اسين کانئس هوند ڪوهين
پري ڀڄي وڃون، انهيءَ کان وڌيڪ، جيڪڏهن اسان کي
اها خبر پوي ته جيڪي سندس مريضن جي خاتمي جا
مشتاق آهن، تن کان رشوتون وٺي، هي (طبيب) مريضن کي
دوا جي صورت ۾ دير اثر زهر پياري ٿو ڇڏي، ته هن
کان نفرت ۽ خوف جي اسان جي دلين ۾ هوند ڪا حد ئي
نه رهي.
55. آخر ۾ مذهبي پيشوائن متعلق ته اهو اصول نهايت واضع آهي. هڪ
ڊاڪٽر جيڪڏهن پنهنجي سائنس ۾ اڻڄاڻ آهي، ۽ هڪ وڪيل
۾ جيڪڏهن معامله فهميءَ جو ڪال آهي، ته هوڪيترا به
نيڪ هجن ۽ ڪيتريقدر به نيڪيءَ جو برتاءُ ڪندا هجن،
تڏهن به سندن اها جهالت ۽ ڪمفهمي ڪڏهن به قابل
معافي ٿي نٿي سگهي. پر هڪ پادريءَ جي حالت ۾
جيتوڻيڪ سندس ذهني صلاحيت ڪيتري به مختصر هجي، هن
جي عزت ۽ عقيدتمندي اصولاً صرف هن جي لاطمعيءَ ۽
خدمتگاريءَ جي جذبن سبب ئي ڪئي وڃي ٿي.
56. هن ۾ ته ڪنهن اختلاف جي گنجائش ڪانهي ته تجارتي ڪاروبار کي
ڪاميابيءَ سان هلائڻ لاءِ، جنهن حرفت، احتياط،
ثابت قدميءَ ۽ ٻين ذهني طاقتن جي ضرورت آهي، تن جو
مقابلو جيڪڏهن هڪ وڏي وڪيل، فوجي سپه سالار يا
روحاني پيشوا جي صلاحيتن سان نٿو ٿي سگهي، ته به
اهي بهرحال، ڪنهن جهاز يا فوجي دستي جي نائب
آفيسرن، يا ٻهراڙيءَ جي ڪنهن ننڍي پادريءَ جي
صلاحيتن ۽ قابليتن سان ته آسانيءَ سان ڀيٽي سگهجن
ٿيون. تنهنڪري جيڪڏهن انهن سڀني نام نهاد وسيع
المشرب ڌنڌن جا سڀ ننڍا وڏا با اختيار آفيسر اڃا
تائين عوام جي نظرن ۾ هڪ تجارتي اداري جي مختار
اعليٰ کان وڌيڪ معزز آهن، ۽ کين بهرصورت هن تي
ترجيع ڏني ٿي وڃي، ته ان جو سبب ظاهر آهي ته سندن
ذهني صلاحيتن ۽ تجرباتي لياقتن جي موازني تي نه،
پر ٻيءَ ڪنهن زياده بنيادي ڳالهه تي مدار ٿو رکي.
57. انهيءَ ترجيع يا قدر افزائيءَ جو اصلي سبب انهيءَ حقيقت ۾
سمايل نظر ٿو اچي ته هڪ تاجر لاءِ هر ڪنهن کي
هميشه اهو گمان رهي ٿو ته هن جي روش خود غرضيءَ
کان خالي ڪانهي. هن جو ڪم قوم جي واسطي ڪيترو به
کڻي ضروري هجي، پر ان جو پوئواريءَ ۾ هن جي نيت،
ائين سمجهيو وڃي ٿو، ته محض ذاتي مفاد جو حصول ئي
آهي.
58. تاجر جو پهريون مقصد (عوام جي اعتقاد موجب) لازمي طرح اهوئي
آهي ته پنهنجي لاءِ جيترو به گهڻو نفعو هٿ ڪري
سگهي اوترو حاصل ڪري، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ (يا
گراهڪ) لاءِ جيترو به گهٽ ممڪن ٿي سگهي، اوترو گهٽ
بچائي پوئتي ڇڏي. تجارت جي هن طريقي ڪار کي سياسي
قانون جي صورت ڏيئي، ان جي عمل پيرائيءَ کي تاجر
لاءِ گويا لازمي ٺهرائي ڇڏڻ، هر موقعي تي انهيءَ
طريقي ڪار تي ئي عمل ڪرڻ جي هن کي سفارش ڪرڻ، ۽
موٽ ۾ خود پاڻ به ان تي سختيءَ سان عمل پيرا رهي،
وڏي وات اهو عام اعلان ڪندو رهڻ ته عالمي اصول
هيءٌ آهي ته خريدار جو ڪم آهي ته سستائي ڳولي ۽
وڪڻندڙ جو ڪم آهي ته ساڻس ٺڳي ڪري _ انهن سڀني
ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ، اهو ساڳيو عوام وري به تاجر
کي ئي گنهگار ٺهرائي ٿو، جنهن جو گناهه دراصل صرف
هيءٌ آهي ته هو سندن ئي تجويز ڪيل انهن مٿين اصولن
۽ طريقن تي عمل ڪندو ٿو رهي ... ۽ پوءِ ان گناهه
جي سزا ۾ هن تي هميشه لاءِ اهو ٺپو لڳايو ٿو وڃي
ته هو نوع انسانيءَ جي هڪ بنهه کوٽي ۽ قابل نفرت
جنس آهي.
59. جيڪڏهن کين (عوام کي) انهيءَ نُڪتي جو پتو پئجي وڃي، ته
هوند اها روش هڪدم ڇڏي ڏين. کين ”خود غرضيءَ“ کي
ڌڪارڻ هرگز بند ڪرڻ نه کپي، پر سندن ڪم آهي ته
اهڙي قسم جي تجارت ايجاد ڪن، جا محض خود غرضيءَ تي
ٻڌل نه هجي. ٻين لفظن ۾، کين معلوم ڪرڻوئي پوندو
ته صحيح معنيٰ ۾ اُن کان علاوه ٻي تجارت، نه اڳ
قائم هئي ۽ نه ٿي سگهي ٿي؛ ۽ جنهن کي اڄ هو تجارت
سڏين ٿا، اها تجارت نه آهي، پر محض فريب يا ٺڳي
آهي، ”صحيح معنيٰ ۾ تاجر“ جي وچ ۾ ايتروئي امتياز
آهي، جيترو ”ايڪسڪرشن“
(Excursion)
جي سورمي (51) ۽ آٽوليڪس
(Autolycus)
(52) نالي ڳنڍڙيڇوڙ جي وچ ۾ هو.
60. پوءِ کين نيٽ ائين ڏسڻ ۾ ايندو ته اُها نيڪ تجارت هڪ اهڙو
ڌنڌو آهي، جنهن ۾ نيڪ ۽ شريف انسان شرڪت ڪرڻ جي
روزبروز زياده ضرورت محسوس ڪندا رهندا _ برعڪس ان
جي، جو هو ماڻهن کي ”وعظ ڪرڻ“ يا ”قتل ڪرڻ“ جي
ڌنڌن ۾ وڃي شرڪت ڪن؛ هو اهو پڻ محسوس ڪندا ته
جهڙيءَ طرح حقيقي تبليغ ۽ لڙائيءَ ۾، تهڙيءَ طرح
تجارت ۾ پڻ لازمي طرح ڪڏهن ڪڏهن نقصان سهڻا پون
ٿا، _ ڇهن پينسن جي قرباني، توڙي حياتين جي
قرباني، فرض ادائيءَ جي ميدان ۾ بهرحال ڏيڻي ئي
آهي. ڪليسا جي منبر تي، توڙي مارڪيٽ ۾، ٻنهي هنڌ
ممڪن آهي ته شهادت جا درجا حاصل ڪري سگهجن، ۽
تجارت جي ميدان توڙي جنگ جي ميدان، ٻنهي ۾ شجاعت
جي ڪارنامن جي گنجائش ۽ ضرورت ممڪن آهي ته وقت
موجود ئي هجي.
61. ”ممڪن آهي“ _ آخري صورت ۾، بنهه لازمي آهي- ۽ جيڪڏهن هيل
تائين ائين نه ٿيو آهي ته صرف انهيءَ ڪري، جو
باهمت ۽ بلند حوصلي وارا انسان، جوانيءَ ۾ ئي
زندگيءَ جي ٻين ميدانن ڏانهن گمراهه ٿي گهلجي وڃن
ٿا- سواءِ انهيءَ ڳالهه سمجھڻ جي ته تجارت جو
ميدان، هن زماني ۾، غالباً زندگيءَ جو زياده اهم
ميدان آهي، جنهن جو نتيجو هي ٿو نڪري ته مقدس
انجيل جي تبليغ ڪندي ڪيترائي جوشيلا شخص پنهنجيون
”جانيون“ قربان ڪري ٿا ڇڏين، پر ان جي هڪڙي اصول
تي عمل ڪندي هڪ سئو ”پائونڊن“ جي نقصان برداشت ڪرڻ
لاءِ ڪي قليل شخص ئي تيار ٿي سگهن ٿا.
62. حقيقت اها آهي ته ماڻهن ڪڏهن به هڪ تاجر جا سچا پچا فرض، جي
هن کي ٻين ماڻهن جي بنسبت پورا ڪرڻا آهن، نه
سمجهيا آهن. آءٌ چاهيان ٿو ته پڙهندڙ انهيءَ مسئلي
کان چٽيءَ طرح واقف ٿين.
63. پنج دماغي پيشا، جيڪي روزمره جي ضروريات زندگيءَ سان تعلق
رکن ٿا _ جن مان ٽن جو وجود هر صورت ۾ لازمي آهي _
سي اڄ ڏينهن تائين هر سڌريل قوم وٽ موجود رهيا
آهن:
سپاهيءَ جو پيشو آهي قوم جي حفاظت ڪرڻ، پادريءَ يا عالم جو پيشو
آهي قوم کي تعليم ڏيڻ.
طبيب جو پيشو آهي قوم جي صحت بحال رکڻ.
وڪيل جو پيشو آهي قوم ۾ عدل ۽ انصاف کي قائم رکڻ.
تاجر جو پيشو آهي قوم لاءِ سامان مهيا ڪرڻ. ۽ هنن سڀني ماڻهن جو
فرض آهي قوم تان، ضرورت وقت مري قربان ٿيڻ.
64. ”ضرورت وقت“ جي معنيٰ:
سپاهيءَ لاءِ آهي ته مري وڃي، پر هلنديءَ جنگ ۾ سپرد ٿيل جاءِ
تان نه هٽي.
طبيب لاءِ آهي ته مري وڃي، پر وبا جي زماني ۾ سپرد ڪيل فرض تان
دستبردار نه ٿئي. پادريءَ لاءِ آهي ته مري وڃي پر
ڪوڙ نه سيکاري.
وڪيل لاءِ آهي ته مري وڃي، پر بي انصافي برداشت نه ڪري.
تاجر _ هن جي مري وڃڻ لاءِ ”ضرورت جو وقت“ ڪهڙو آهي؟ اهو سوال
خود تاجر لاءِ، توڙي اسان سڀني لاءِ هڪ اهم سوال
آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪو ماڻهو نٿو ڄاڻي ته ڪهڙي موقعي
تي کيس مرڻ گهرجي، سو جيئڻ جي وري ڪهڙي شناس رکي
ٿو سگهي؟
65. غور ڪريو: هڪ تاجر (يا ڪارخانيدار _ لفظ ”تاجر“ جنهن وسيع
مفهوم سان هتي استعمال ڪيو ويو آهي، ان ۾ ٻيئي
مطلب سمايل آهن) جو حڪم آهي قوم لاءِ سامان مهيا
ڪرڻ. هن جو اهو ڪم نه آهي ته ان سامان مهيا ڪرڻ جي
عمل ذريعي پاڻ لاءِ نفعو حاصل ڪري _ بلڪل ائين
جيئن هڪ پادريءَ جو اهو ڪم نه آهي ته پنهنجو وظيفو
ئي وصول ڪري. پادريءَ لاءِ وظيفو هڪ واجبي ۽
ضروري، پر ساڳئي وقت هڪ ثانوي چيز آهي _ وظيفو هن
جي زندگيءَ جو مقصد نه آهي، بشرطيڪه صحيح معنيٰ ۾
هو پادري آهي ته، عين اهڙيءَ طرح جهڙيءَ طرح هڪ
طبيب جي زندگيءَ جو مول مقصد في (يا پاکر-
(or honorarium
جي وصولي نه آهي. ساڳيءَ طرح هڪ صحيح ۽ سالم تاجر
لاءِ نفعي جو حاصل ڪرڻ زندگيءَ جو مول مقصد هئڻ نه
گهرجي.
66. انهن ٽنهي شخصن کي، بشرطيڪه هو صحيح معنيٰ ۾ اهي ئي آهن
جنهن جي دعوا ڪن ٿا، ته فيءَ جي وصوليءَ يا آغير
وصوليءَ جي خيال کان سواءِ _ بلڪ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه
پنهنجي هڙان ڏيئي به، پنهنجو پنهنجو مخصوص ٿيل ڪم
پورو ڪرڻو آهي، يعني پادريءَ کي تعليم ۽ هدايت
ڏيڻي آهي، طبيب کي بيماري دفع ڪرڻي آهي، ۽ تاجر
کي، جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان، سامان مهيا ڪرڻو
آهي. ان جي معنيٰ هيءَ ٿي ته جنهن به قسم جي سامان
جو هو ڪاروبار ڪري ٿو، تنهن جي هر خصوصيت کان
بنيادي طرح ۽ ان جي پيداوار ۽ حاصلات جي ذريعن
وغيره کان هر صورت ۾، کيس واقت ۽ باخبر رهڻو آهي.
هن کي پنهنجي ڪلي طاقت ۽ فهم استعمال ڪرڻا آهن، ته
جيئن ان سامان جي پيداوار يا حاصلات نج ۽ خالص
صورت ۾ ميسر اچي سگهي ۽ ساڳئي وقت ان جي ورهاست،
امڪان جي حدن اندر، سستي ۾ سستي اگهه ۾، ضرورت
وارين جاين تي، آسانيءَ سان عمل ۾ اچي سگهي.
67. ڇاڪاڻ ته هر جنس جي پيداوار ۽ حصول ۾، گهڻن انسانن جو واسطو
رهي ٿو، ان حالت ۾ تاجر کي، پنهنجي ڌنڌي جي انهن
مخصوص تقاضائن سبب، ديول جي پادريءَ يا لشڪر جي
سپه سالار جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ سڌيءَ طرح _ مگر ظاهري
طور ان جي اعتراف ڪئي بغير _ ماڻهن جي وي هجوم جي
مالڪ۽ مهندار جي حيثيت حاصل رهي ٿي، ۽ انهيءَ
حيثيت سبب مٿس انهن ماڻهن جي معيار زندگيءَ ۽
رهائش جي طور طريقي جي جوابداري به اوتروئي وڌيڪ
عائد ٿئي ٿي. مٿس اهو به فرض عائد ٿئي ٿو ته نه
صرف پنهنجي سامان جي خالص ۽ نج پيداوار ۽ ان جي
سستي ۾ سستي نيڪال جو خيال ڪري، پر ان سان گڏ اهو
به ويچار ڪري ته ان جي پيداوار ۽ ورهاست لاءِ جنهن
جنهن قسم جي پورهيي يا محنت جي ضرورت رهي ٿي،
ڪهڙيءَ ڪهڙيءَ صورت ۾ ۽ ڪهڙن ڪهڙن طريقن سان اهو
پورهيو سندس ملازمن ۽ مزورن لاءِ زياده ۾ زياده
وندرائيندڙ ۽ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.
68. ۽ جيئن ته هڪ تاجر انهن ٻنهي ڪمن پٺيان، ڇاڪاڻ ته اهي سندس
انتهائي عقل، حرفت، صبر ۽ شفقت کانئس گهرن ٿا،
پنهنجيون سموريون قوتون صرف ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهن،
تنهنڪري انهن جي مڪمل ۽ بهترين سرانجاميءَ لاءِ،
هو هڪ سولجر يا هڪ طبيب وانگر، اڻٽر ضرورت جي وقت،
جنهن به نموني حالتن جي تقاضا هجي تنهن نموني،
پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻ لاءِ پڻ ٻڌل آهي.
69. سامان مهيا ڪرڻ واري ڪم جي دائري ۾، تاجر کي هر وقت ٻن
ڳالهين جو خيالو رکڻو آهي. پهرين ڳالهه، پنهنجا
اقرارناما (اقرارنامن جي بجا آوري تجارت جي تمام
ممڪنات جي جڙ آهي)، ۽ ٻي ڳالهه، مهيا ڪيل جنس جي
بهترين ۽ خالص صورت، ايتريقدر جو ڪنهن اقرارنامي
جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کان اڳ يا پنهنجي ڪنهن جنس ۾
اوڻائيءَ، ملاوت يا بيجا مهانگائيءَ جي واقعي ٿيڻ
کان اڳ، جيڪڏهن مٿين ٻن ڳالهين تي محڪم ۽ اٽل رهڻ
جي ڪوشش ڪندي، هن کي انتهائي محنت، غربت، يا ٻيءَ
ڪنهن وڏي ۾ وڏيءَ مصيبت سان به دوچار ٿيڻو پوي، ته
هو مردانه وار ۽ آخري دم تائين، ان کي منهن ڏين
لاءِ ٻڌل آهي.
70. ساڳئي وقت، پنهنجن مزورن ۽ ملازمن جي حاڪم هئڻ جي حيثيت ۾،
هڪ تاجر يا ڪارخانيدار کي، هڪ خاص انداز ۾، والدين
جهڙا اختيار ذميواريون حاصل رهن ٿيون.
71. اڪثر حالتن ۾، هڪ نوجوان مزور، تجارتي اداري يا ڪارخاني ۾
داخل ٿيڻ بعد، گهر جي ماحول لان يڪسر ڪٽجي ٿو وڃي،
هن جي مالڪ لاءِ لازمي آهي ته هو سندس والد ٿي
رهي، ٻيءَ حالت ۾ ان نوجوان جي قدم بقدم ۽ عملي
رهبريءَ لاءِ والد جهڙو ٻيو ڪو به مستقل ۽ ڀروسي
جهڙو وسيلو ميسر نٿو رهي. هر حالت ۾ خود مالڪ جو
اختيار، ۽ ڪارخاني جي عام ماحول ۽ ڌنڌي جي مخصوص
فضا سان گڏ، جن ماڻهن سان ان نوجوان کي ڪم جي
دوران ۾ گڏجي گذارڻو پوي ٿو، تن جي چال چلگت، اٿڻ
ويهڻ وغيره، هن جي زندگيءَ تي، پنهنجي گهرو ماحول
کان زياده ترت ۽ نتيجه خيز نموني ۾، اثرانداز رهن
ٿا _ بلڪه ڪافي حد تائين، هن جي گهرو اثر کي مفيد
يا مضر انداز ۾ بي اثر ۽ بي طاقت ڪري ڇڏين ٿا؛
اُنهن ملازمن سان انصاف ڀري روش اختيار ڪرڻ لاءِ
فقط هڪ ئي رستو وڃي ٿو رهي ته هو سختيءَ سان پاڻ
کان پڇي ته ”ڇا، سندس روش پنهنجن زيردستن سان اها
ساڳي آهي، جيڪا پنهنجي سڳي پٽ سان هوند هو اختيار
ڪري، جيڪڏهن حالتن جي مجبوريءَ هيٺ وٽس ائين هڪ
مزور يا ملازم جي حيثيت ۾ اچي ڪڏهن ڪم تي بيهي!“
72. سمجهو ته هڪ جهاز جو ڪپتان، خود بخود يا حالتن کان مجبور
ٿي، پنهنجي پٽ کي هڪ رواجي خلاصيءَ جي حيثيت ۾ پاڻ
وٽ جهاز ۾ ڀرتي ٿو ڪري؛ ظاهر آهي ته جيڪا روش هر
حالت ۾ هو پنهنجي پٽ سان اختيار ڪندو، بلڪل اهڙي
ئي سلوڪ پنهنجن ماڻهن سان اختيار ڪرڻ لاءِ هر وقت
هو ٻڌل آهي. اهو ئي موثر، صحيح ۽ عملي قانون آهي،
جو سياسي اقتصاديات جي انهيءَ مسئلي متعلق واقعي
پيش ڪري سگهجي ٿو.
73. ۽ جيئن جهاز جو ڪپتان، جهاز جي تباهيءَ وقت، سڀني خلاصين
کان پوءِ ئي جهاز کي ڇڏيندو آهي، ۽ جهاز ۾ سامان
جي اڻاٺ جي موقعي تي پنهنجن خلاصين سان پڇاڙيءَ جو
بچيل مانيءَ ٽڪر به ونڊي کائيندو آهي. بلڪل انهيءَ
طرح هڪ ڪارخانيدار، ڪنهن به تجارتي بحران يا
مشڪلات جي وقت، پنهنجي مزورن سان مشڪلات ۾ ڀاڱي
ڀائيوار ٿيڻ لاءِ به اهڙوئي ٻڌل آهي _ نه فقط
ايترو، پر هو، جهاز جي ڪپتان وانگر، پنهنجن ماڻهن
کي مشڪلات کان بچائڻ لاءِ، انهن کان وڌيڪ مشڪلات
پنهنجي سر تي کڻڻ لاءِ پڻ ساڳيءَ طرح ٻڌل آهي؛
بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن هڪ پيءُ، ڏڪر ۾، جهاز جي
غرقابيءَ وقت، يا لڙائيءَ ۾، پٽ تان پاڻ کي قربان
ڪري ڇڏيندو آهي.
74. هي سڀ ڳالهيون عجيب نظر اچن ٿيون: عجب جي چيز انهن ۾
بهرحال، فقط هيءَ آهي ته اهي عجيب نظر ٿيون اچن.
ڇاڪاڻ ته اهي سڀ ڳالهيون صحيح آهن، نه محض
اڌوگابرو يا نظرياتي طور، پر عملاً ۽ دائمي طرح:
ترقي پسند قومي زندگي جي تقاضائن جي روشنيءَ ۾
سواءِ هنن جي ٻيا سڀ اصول، جن جي سياسي مسئلن سان
واسطيداري آهي، مقصد ۾ باطل، نتيجن ۾ نامعقول ۽
عمل ۾ ناممڪن آهن، هڪ قوم جي حيثيت ۾ جيڪا زندگي
هن وقت اسان کي ميسر آهي، تنهن سڀ جو وجود فقط
تڏهن ممڪن ٿي سگهيو آهي، جو انهن باطل اقتصادي
اصولن جو، جن جي تعليم بدقسمتيءَ سان بيشمار ماڻهن
۾ پکيڙي ويئي آهي، ڪي چند باهمت وسيع نظر رکڻ وارا
۽ ايماندار شخص، قولاً، ۽ عملاً، هميشه انڪار ڪندا
آيا آهن ۽ ڪندا رهن ٿا. اهي ئي باطل اصول آهن،
جيڪي جنهن به حد تائين قبول ڪجن ٿا، ان حد تائين
اهي قوم کي سڌو تباهيءَ ۽ برباديءَ ڏانهن وٺي ٿا
وڃن.
75. تباهيءَ جي جن قسمن ۽ طريقن ڏانهن اهي باطل اصول اسان کي
وٺي وڃن ٿا، ۽ ٻئي طرف مذڪوره صحيح ۽ صحت بخش
اصولن جون عملي صورتون ڪهڙيون ٿي سگهن ٿيون _ انهن
ٻنهي ڳالهين جو ذڪر اميد ٻٽي مقالي ۾ پيش ڪندس.
|