مقالو چوٿون
قدر بابت
185. اڳئين مقالي ۾ اسان ڏٺو ته پورهيي جي منصفانه اُجرت پئسن
جي اها رقم آهي، جنهن ساڻ تقريباً اوتروئي پورهيو
آئندي ڪنهن وقت حاصل ڪري سگهجي. هاڻي اسان کي انهن
ذريعن تي سوچڻو آهي، جن سان اُجرت ۽ پورهيي جي اها
مطابقت ۽ برابري حاصل ٿي سگهي. هن سوال جي حل لاءِ
پهريائين ”قدر“، ”دولت“، ”قيمت“ ۽ ”پيداوار“ جي
وصفن تي سوچڻ ضروري آهي.
186. هنن محاورن مان اڃا تائين ڪنهن هڪ جي به اهڙي وصف بيان ٿيل
ڪانه آهي، جو عام ماڻهو ان کي سمجهي سگهن. پر
پوئين محاوري، يعني ”پيداوار“ جي وصف، جنهن کي عام
طور سمجهيو وڃي ٿو ته سڀ کان زياده صاف آهي، اُها
عملي طور وري سڀ کان وڌيڪ مونجهاري جو باعث آهي،
هن محاوري جو موجوده استعمال ۾ جيڪو مونجهارو
درپيش آهي، اول ان جي تپاس ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ان
جي مدد سان ٻين ڳالهين کي سمجهڻ ۾ وڏي آساني پيدا
ٿيندي.
187. مسٽر جي. ايس. مل، پنهنجن ڪتاب جي ”سرمايي“ واري باب[1]
۾، هڪڙي اوهي صنعتڪار کي هڪ سرمائيدار جو مثال ڪري
پيش ڪري ٿو، جيڪو پنهنجي ڪاروبار جي آمدنيءَ جو
هڪڙو حصو سون چانديءَ جي سامان ۽ جواهرات جي
خريداريءَ ۾ خرچ ڪرڻ جو خيال ڪري، وري پنهنجو
ارادو ڦيرائي ڇڏي ٿو، ۽ ”اهو حصو هو پوءِ پنهنجن
زياده مزورن کي اجرت طور ادا ڪرڻ ۾ صرف ٿو ڪري.“
جنهن جو اثر، مسٽل مل جي چوڻ موجب، هيءَ ٿو ٿئي ته
پيداواري مزورن جي استعمال لاءِ وڌيڪ خوراڪ ميسر
ٿئي ٿي.
188. هاڻي، مون کي هن تي هيءُ سوال ڪرڻو ڪونهي، جيتوڻيڪ جيڪڏهن
اهو فقرو آءٌ لکان ها ته يقيناً مون کان اهو سوال
ڪيو وڃي ها ته ”انهن سونارن ۽ جوهرين جو ڇا حال
ٿيندو؟“ جيڪڏهن هو واقعي غير پيداواري شخص آهن، ته
اسان کي انهن جي ختم ٿي وڃڻ تي اعتراض ڪونه رهندو.
۽ جيتوڻيڪ ان سان فقري جي ٻئي حصي ۾ لوهي صنعتڪار
متعلق هيءُ به فرض ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجن ڪجهه
نوڪرن کي ملازمت مان خارج ڪري ٿو ڇڏي، جن جي
”خوراڪ پڻ انهيءَ ريت پيداواري مقصدن لاءِ واندي
ٿي پوي ٿي“، ان هوندي به آءٌ انهيءَ ڳالهه ۾ وڃڻ
نٿو گهران ته انهيءَ خوراڪ جي بچت جو انهن نوڪرن
تي، دک ڀريو يا ٻئي ڪنهن نموني جو ڪهڙو اثر پوندو.
189. پر، آءٌ نهايت سنجيدگيءَ سان هيءٌ سوال ڪريان ٿو ته ڇو
لوهي سامان پيداوار آهي، ۽ سون چانديءَ جو سامان
نه؟ ائين چوڻ ته واپاري هڪڙي سامان کي استعمال ۾
آڻي ٿو ۽ ٻئي کي وڪڻي ٿو _ اهو بهرحال ڪو خاص
تفاوت ڪونهي، جيستائين ڪه هيءُ ثابت نه ڪيو وڃي (۽
آءٌ سمجهان ٿو ته تحقيق واپارين جو جيئن پوءِ تيئن
اهو مقصد ٿيندو پيو وڃي ته ائين ئي ثابت ڪن) ته
شيون وڪڻڻ لاءِ ٺاهيون وڃن ٿيون ۽ نه استعمال
لاءِ. واپاري برابر انهن ٻن حالتن مان هڪڙيءَ ۾
استعمال لاءِ سامان پهچائي ڏيڻ جو هڪ وسيلو آهي، ۽
ٻيءَ ۾ پاڻ ان جو استعمال ڪندڙ آهي: پر مزورن ته
بهرحال ٻنهي حالتن ۾ پيداواري محنت ڪئي ڇاڪاڻ ته
جيڪڏهن لوهي سامان ۽ سون چانديءَ جو سامان ٻيئي
سامان آهن، ته هُنن ته هڪجهڙيءَ قيمت جا ئي هي
سامان تيار ڪيا آهن.
190. پوءِ ڪهڙو فرق آهي، جنهن جي ڪري هي ٻيئي سامان هڪٻئي کان
جدا سمجهيا وڃن ٿا؟ اهو تحقيق ممڪن آهي ته
”اخلاقيات جي صاحب جي نسبتي تور تڪ“ موجب، جنهن
سان مسٽر مل جو چوڻ آهي ته سياسي اقتصاديات جو
ڪوبه واسطو نه آهي ((III.
i. 2
هڪ لوهي ڪانٽو چانديءَ جاي ڪانٽي کان وڌيڪ اهم
پيداوار آهي:اسين هيءَ ڳالهه به کڻي تسليم ڪريون
ته ڇريون ڪانٽن کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ مفيد نه
آهن، ۽ ڏاٽا ۽ هر جا گهوٻا پڻ ڪارآمد شيون آهن.
191. پر، سنگينون ڪهڙي قسم جون شيون آهن؟ سمجهو ته لوهي
صنعتڪار، پنهنجن نوڪرن ۽ پڻ سوناري جي ”خوراڪ جي
بچت ڪري“ ، مذڪور شين جو وڏي پيماني تي وڪرو وڌائي
ٿو _ ڇا اُن کي، اُن حالت ۾ به هو پيداواري مزوزن
کي، يا انهن مزورن کي، جيڪي مسٽر مل جي لفظن ۾
”دائمي لطف اندوزيءَ جي سامانن ۾ اضافو آڻين ٿا“
(I. iii 4)
، مهيا ڪري، ته پوءِ ڇا خود هنن پر زور پيداواري
شين (جن مان هر هڪ جي قيمت ڏهه پائونڊ آهي)[2]
جي پوريءَ ۽ آخرين ”لطف اندوزيءَ“ جو انحصار سندن
”لطف ڪاري“ جي وقت ۽ جاءِ جي مناسب انتخاب تي نه
آهي؛ يعني اهو انتخاب، جنهن جو وري انهن فلسفانه
ويچارن تي انحصار آهي، جن سان چيو وڃي ٿو ته سياسي
اقتصاديات جو ڪوبه واسطو ڪو نه آهي؟[3]
192. مسٽر مل جي تصنيف ۾ ڪنهن تضاد کي ائين ظاهر ڪندي افسوس ٿو
ٿئيم، پر حقيقت هيءَ آهي ته سندس تصنيف جي سڄي
افاديت ان جي هنن تضادن منجهان ئي نروار ٿئي ٿي.
اقتصاديات جي ماهرن ۾ هو وڏيءَ عزت جو حقدار آهي،
جو اڻڄاڻائيءَ ۾ هو پنهنجي بيان ڪيل اصولن تان
دستبردار ٿي پنهنجي تصنيف ۾ چپ چاپ آهي اخلاقي
ويچار پيش ڪري ڇڏي ٿو، جن متعلق سندس دعوا آهي ته
انهن جو سندس اقتصادي سائنس مان ڪو تعلق ڪونهي. ۽
انهيءَ سبب ، سندس ڪتاب جا ڪيترائي باب صحيح ۽
ڪارآمد آهن؛ مون کي فقط سندس انهن نتيجن سان
اختلاف آهي، جيڪي سندس بنيادي تعميمن تي مبني آهن.
193. اهڙيءَ طرح، جنهن فقري جي اسين هينئر تپاس ڪري رهيا آهيون
تنهن جي تهه ۾ جيڪو خيال لِڪل آهي، سو بلڪل صحيح
آهي _ يعني هيءُ ته اُهو پورهيو، جيڪو عيش جي
سامان جي پيداوار ۾ صرف ٿئي ٿو، سو ايترن ماڻهن کي
گذر معاش مهيا ڪري ڪونه ڏيندو، جيترو اهو پورهيو،
جيڪو ڪارآمد ۽ مفيد شين جي پيداوار ۾ صرف ٿئي ٿو؛
ان لاءِ جيڪو هن مثال پيش ڪيو آهي، سو ناڪام آهي _
۽ ان جي ناڪامي سڀني پاسن کان ظاهر آهي _ ڇاڪاڻ ته
مسٽر مل لفظ ”افاديت“ جي حقيقي مطلب جي وصف پيش
ڪانه ڪئي آهي.
194. ان جي وصف جيڪا هن پيش ڪئي آهي _ يعني ”خواهش جي راضي ڪرڻ
يا مقصد جي پوري ڪرڻ جي صلاحيت“
(III I, 2.)
_ اها جهڙي لوهه سان تهڙي سون چانديءَ سان لڳي اچي
ٿي؛ حالانڪه انجي حقيقي وصف _ جيڪا هن ڏني ڪانهي،
پر بهرحال سندس غلط لفظي وصف جي تهه ۾ موجود آهي،
۽ اتفاق سان هڪ _ ٻه ڀيرو کانئس ظاهر به ٿي وڃي ٿي
(مثلاً سندس هنن لفظن ۾: ”زندگيءَ جي ڪابه ٽيڪ يا
قوت،
(I. i. 5)
اها لوهه جي ڪن شين سان لاڳو ٿئي ٿي، پر ڪن سان
نه، ۽ سون چانديءَ جي ڪن شين سان لاڳو ٿئي ٿي، پر
ڪن سان نه. اها هَر جي گهوٻن سان لاڳو ٿئي ٿي، پر
سنگينن سان ڪانه ٿي ٿئي؛ ڪانٽن سان ٿئي ٿي، پر
ٽڪسال*[4]
سان نه.
195. ”افاديت“ جي حقيقي ۽ صحيح وصف منجهان اسان کي پنهنجي
پهرئين سوال _ ”قدر“ ڇا آهي؟_ جو جواب حاصل ٿي
سگهندو. پر پهريائين بهرحال اسان کي ان متعلق
مقبول عام ۽ مروج بيانن ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو.
196. ”جڏهن لفظ ”قدر“ پنهنجي اضافي واسطن کان سوا3 ڪم آڻجي ٿو،
ته ان جي، سياسي اقتصاديات ۾، هميشه معنيٰ ”مٽاسٽا
جو قدر“ ورتي وڃي ٿي“
(III I. 3).
چناچه جيڪڏهن ٻه جهاز پنهنجن سُکاڻن جي مٽاسٽا نٿا
ڪري سگهن، ته سياسي اقتصاديات جي ٻوليءَ ۾، انهن
لاءِ سندن سُکاڻ ڪنهن به قدر جا حامل نه آهن.
197. پر ”سياسي اقتصاديات جو موضوع دولت آهي.“ _ (ابتدائي
رمارڪ، ص 1).
198. ۽ دولت ”انهن سڀني مفيد ۽ خوشگوار شين تي مشتمل آهي، جيڪي
”مٽاستا جي قدر“ جون حامل آهن.“ ابتدائي رمارڪ، ص.
10)
199. ان مان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مسٽر مِل جي خيال مطابق مٽاسٽا جي
قدر جو انحصار افاديت ۽ خوشگواريءَ تي آهي ۽ جڏهن
ڪنهن شئي ۾ انهن جي موجود هئڻ جي خاطري ٿئي، تڏهن
ئي اُها شئي دولت ۾ شمار ٿي سگهي ٿي.
200. هاڻي، هڪ شئي جي اقتصادي افاديت جو انحصار نه فقط ان جي
پنهنجي خاصيت يا فطرت تي نه آهي، پر هن تي آهي ته
ڪيترا ماڻهو ان جو استعمال ڪري سگهن ٿا ۽ ڪن ٿا.
جيڪڏهن ڪو گهوڙي تي سواري نٿو ڪري سگهي، ته گهوڙو
بيڪار آهي ۽ تنهنڪري هر گز وڪري لائق نه آهي؛
جيڪڏهن ترار کي ڪو هلائي نٿو سگهي ۽ گوشت کي ڪو
کائي نٿو سگهي، ته ترار ۽ گوشت بيڪار آهن. مطلب ته
هر ڪنهن مادي افاديت جو انحصار نسبتاً ان جي ماڻڻ
لاءِ انساني لياقت ۽ استعداد تي آهي.
201. ساڳيءَ طرح: هڪ شئي جي خوشگواريءَ جو انحصار فقط ان جي
پسنديده هجڻ تي نه آهي، پر هِن تي آهي ته ڪيترا
ماڻهو ان کي پسند ڪري سگهن ٿا ۽ ڪن ٿا. ”شراب جي
ننڍ ي۾ ننڍي پيالي“ ۽ ”وهندڙ نهر جي ڪناري تي ويٺل
آئڊونيس جي تصوير“ جي پسنديده ۽ قابل فروخت هجڻ جو
انحصار، ”ڪرسٽافر سلاءِ“
(Chirstopher Sly) جي روپ ۾، عام ماڻهن
(Demos)
(78) جي راءِ تي آهي. تنهن جو مطلب ته هڪ شئي جي
پسنديدگيءَ ۽ مقبوليت جو انحصار نسبتاً ان متعلق
انساني طبيعت جي ميلان[5]
تي آهي. تنهنڪري سياسي اقتصاديات، دولت جي سائنس
هئڻ جي حيثيت ۾، لازمي طور انساني لياقتن ۽ انساني
طبيعت جي ميلانن جي سائنس آهي. پر ”اخلاقياتي
ويچارن جو سياسي اقتصاديات سان ڪو واسطو ڪونهي“
(III. i. 2)
تنهنڪري، اخلاقي ويچارن جو انساني لياقتن ۽ انساني
طبيعت جي ميلانن سان ڪو واسطو ڪونهي!
202. مسٽر مل جي ڳالهين مان نڪرندڙ هيءُ سڄي جو سڄو نتيجو مون
کي هرگز ڪونه ٿو وڻي: هاڻي اچو ته مسٽر رڪارڊو جي
ڳالهين کي آزمائي ڏسون.
203. ”افاديت ڪنهن به شيءِ جي مٽاسٽا جي قدر جو ماڻ نه آهي،
جيتوڻيڪ ان لاءِ مطلقاً لازمي ضرور آهي.“ _ (باب
1، ڀاڱو 1) ڪيتريءَ حد تائين لازمي، مسٽر رڪارڊو؟
افاديت جون گهٽ ۽ وڌ حدون ٿي سگهن ٿيون. مثال
طور، گوشت ايترو سٺو ٿي سگهي ٿو، جو هر ڪنهن جي
کائڻ لائق هجي، يا ايترو خراب هجي. سٺائيءَ جي اها
پوري پوري حد ڪهڙي آهي، ان جو ”ماڻ“ نه آهي؟ گوشت
کي ڪيترو سٺو هجڻ کپي، جو اُهو ڪنهن مٽاسٽا جي قدر
جو حامل ٿي سگهي؛ ۽ ڪيترو خراب هجڻ کپي _ (ڪاش،
لنڊن جي مارڪيٽن ۾ ان ڳالهه جو ڪو فيصلو ٿيل هجي)
_ جو اُن ۾ اهڙو ڪو به قدر موجود نه رهي؟
204. آءٌ سمجهان ٿو ته مسٽر رڪارڊو جي اصولن ۾ عملي طور ڪا
مڙيوئي ڪِٿي رڪاوٽ موجود آهي؛ پر ڀلي هو پنهنجي
طرفان ڪو مثال پيش ڪري. ”سمجهو ته سماج جي اوائلي
دورن ۾ شڪاريءَ جون ڪمانون ۽ تير، قيمت ۾ ماهيگير
جي ڄارن ۽ رڇن جي برابر هئا. انهن حالتن ۾، هرڻ جي
قيمت، جيڪو شڪاريءَ جي هڪ ڏينهن جي پورهيي جي
پيداوار آهي. بلڪل برابر ٿيندي مڇيءَ جي قيمت جي،
جيڪا ماهيگير جي هڪ ڏينهن جي پورهيي جي پيداوار
آهي. مڇيءَ ۽ شڪار جي نسبتي قيمت، مڪمل طور منحصر
رهندي. هن ڳالهه تي ته هر هڪ جي پورهيي جو ڪيترو
اندازو صرف ٿيو آهي.“ (رڪارڊو، باب
III- قيمت متعلق.)
205. تحقيق! تنهنڪري، جيڪڏهن ماهيگير هڪڙو کڳو ڦاسائي ٿو ۽
شڪاري هڪڙو هرڻ ٿو ماري، ته ان حالت ۾ هڪڙو کڳو
قيمت ۾ برابر ٿيندو هڪ هرڻ جي، پر جيڪڏهن ڪو
ماهيگير ڪو کڳو ڦاسائي ئي ڪونه ٿو، ۽ شڪاري ٻه هرڻ
ٿو ماري، ته ان حالت ۾ ڇا ڪوئي- به کڳو- نه، قيمت
۾، ٻن هرڻن جي برابر ٿيندو؟
206. هرگز نه؛ پر، مسٽر رڪارڊو جا حامي شايد ائين چون ته هن جي
مراد سراسري ڏيکارڻ جي آهي، جيڪڏهن ماهيگير ۽
شڪاريءَ جي هڪ ڏينهن جي سراسري پيداوار هڪ مڇي ۽
هڪ هرڻ آهي، ته پوءِ هڪ مڇي هر حالت ۾ هڪ هرڻ جي
قيمت جي برابر ٿيندي.
207. اُن حالت ۾، ڇا آءٌ مڇيءَ قسمن بابت پڇي سگهان ٿو؟ ڪهڙي
مڇي؟ مانگرمڇ يا ڪُرڙي؟[6]
208. سچ پچ، هنن ناقص ويچارن ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيڻ وقت جو زيان
آهي؛ اسين حقيقي ۽ صحيح وصف جي تلاش ڪنداسون.
209. صدين کان، اسان جي ڪلاسيڪي انگريزي تعليم جي فائديمند هجڻ
تي وڏو فخر ورتو ويو آهي.
اُن مان اميد ڪري سگهجي ٿي ته اسان جا تعليم يافته واپاري ڪم از
ڪم هيترو ته پنهنجي لاطيني مطالعي مان ياد رکي
سگهندا ته لفظ
Valorem
(قدر) (جنهن سان هو اڳيئي ڪافي واقف آهن) فاعلي
صورت لفظ
Valor
(قدرت، حوصلو) آهي. لفظ
Valer جو ڌاتو
Valore
آهي، جنهن جي معنيٰ آهي طاقت رکڻ، قدرت رکڻ، حوصلو
رکڻ _ زندگيءَ جو حوصلو رکڻ (انسان جي حالت ۾)، يا
Valurble (قدر جو حامل) هجڻ.
Valuable
(قدر جو حامل هجڻ) لفظ جو انهيءَ ڪري مطلب ٿيو
”زندگيءَ جي حق ۾ قادر هجڻ يا مفيد هجڻ.“ صحيح
طور، صرف اهائي چيز مفيد ۽ ڪارآمد سڏي سگهجي ٿي،
جيڪا پنهنجي جامع اوصافن ۾ زندگي بخش هجي يا سندس
اوصافن ۾ هيڻائي يا ڪمي واقع ٿئي ٿي، اوتري انداز
۾ اُها جيئن پوءِ تيئن گهٽ قدر جي حامل يا گهٽ
مفيد آهي، جيتري به انداز ۾ اُها زندگي بخش نه آهي
جيتري انداز ۾ اُها زندگي گير آهي، اوتري انداز ۾
اها قدر کان خالي (غير مفيد) يا ضررناڪ آهي.
210. تنهنڪري ڪنهن به شئي جو قدر راءِ ۽ انداز يا تعداد جو
محتاج نه آهي. ڪنهن به شئي جي قدر متعلق اوهان
ڪيترو به ويچار ڪيو يا ان مان ڪيترو نفعو به حاصل
ڪيو، ان شئي جو اصلي قدر بهرحال ان ڪري نه گهٽبو
نه وڌندو. ڇاڪاڻ ته اها شئي يا دائمي فائديمند آهي
يا فائديمند نه آهي، جيڪا طاقت چيزن ۽ انسانن جي
خلقيندڙ ان کي بخشي آهي، تنهن کي نه ڪنهن قسم جي
تعريف وڌائي سگهي ٿي، نه ڪنهن قسم جي تعريف گهٽائي
سگهجي ٿي.
211. سياسي اقتصاديات جي حقيقي سائنس، جنهن کي باطل سائنس کان
الڳ ٿي چڪو آهي يا علم هئيت نجوم کان... اها اڃا
پنهنجي امتيازي مقام تي پهچڻو آهي __ سائنس قومن
کي هدايت ٿي ڪري ته هو انهن شين لاءِ ذوق رکن ۽
انهن شين جي حاصلات لاءِ پورهيو ڪن، جيڪي زندگي
بخشين ٿيون، ۽ اها کين هيءَ به سيکاري ٿي ته هو
انهن شين کي ڌڪارين ۽ ختم ڪن، جيڪي کين تباهيءَ ۽
برباديءَ ڏانهن وٺي وڃن ٿيون.
212. پرجيڪڏهن ٻارن وانگر (79) هو بيجا ۽ نامناسب شين، جهڙوڪ سپ
مڇيءَ جي خارج ٿيندڙ مادي، ۽ آسماني ۽ ڳاڙهن پٿرن
کي قيمتي ۽ ڪارآمد شيون سمجهن، ۽ انهن لاءِ ٽٻين
هڻڻ، کوٽاين ڪرڻ ۽ جدا جدا شڪلين ۾ انهن کي ڪپڻ ۽
گهڙڻ ۾ اها محنت صرف ڪن، جيڪا کين زندگيءَ جي
ترقيءَ لاءِ ۽ ان کي شاندار بنائڻ ۾ استعمال ڪرڻ
گهربي هئي يا ٻارن وانگر واقعي قيمتي ۽ ڪارآمد
شين، جهڙوڪ هوا، روشنيءَ ۽ صفائيءَ کي غير مفيد ۽
بي قيمت شيون ڪري سمجهن، يا آخر ۾، جيڪڏهن هو
پنهنجي وجود ۽ هستيءَ جي لازمي اسبابن، جهڙوڪ امن،
اعتماد ۽ محبت کي به، جڏهن تجارتي مارڪيٽ ۾ انهن
جا ملهه به کين آڇيا وڃن، سون، لوهه يا ڪوڏين عيوض
وٺڻ ۽ وڪڻڻ شروع ڪن ۽ ان کي پنهنجي ڏاهپ شمار ڪن،
__ ته اهڙين حالتن ۾ سياسي اقتصاديات ئي اُها واحد
۽ عظيم سائنس آهي، جا کين سيکاري ٿي ته محض
ٻاهريون ڏيک ڪهڙي شيءِ آهي ۽ اصليت ڇا آهي؛ ۽ موت
جيڪو زيان ۽ دائمي کوٽ جو ديو آهي، ان جي غلامي ۽
فرمانبرداري ڇا آهي ۽ حڪمت جيڪا بچت ۽ دائمي
فراوانيءَ جي ديوي آهي، ان جي خدمت ۽ اطاعت شعاري
ڇا آهي ۽ هيءَ اُهائي ديوي آهي، جنهن چيو آهي ته
”آءٌ انهن جي آهيان، جيڪي مون سان پيار ڪن ٿا، جن
جي پلئه ئي اصليت پوي ٿي، ۽ آءٌ انهن جا خزانا
ڀرينديس.“
213. هيءَ بچت جي ديوي هر حالت ۾ بچت جي بئنڪ کان وڌيڪ موثر آهي
__ جيتوڻيڪ بئنڪ به هڪ چڱي شئي آهي. هوءَ حقيقي
طور ”مئڊونا ڍيلاسئليسوٽ“ (اسان جي نجات جي ديوي)
__ اسان جي صحتمنديءَ جي ديوي- آهي جنهن کي
جيتوڻيڪ عام طرح دولت کان جداگانه شيءِ سمجهيو وڃي
ٿو، پر دراصل اُها دولت جو هڪ جز آهي. هيءُ ياد
رکڻ گهرجي ته ٻيو لفظ، جنهن جي وصف هاڻي اسان کي
سمجهڻي آهي، سو اهو لفظ ”دولت“ ئي آهي.
214. مسٽر مل جو چوڻ آهي ته ”دولتمند ٿيڻ“ مان مراد آهي ”مفيد
شين جي ذخيري جو مالڪ بنجڻ.“
215. هن وصف جو آءٌ قائل آهيان. اسان کي رڳو گهرجي ته ان کي
پوريءَ ريت سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. منهنجا مخالف
افسوس ڪندا آهن، ته مون وٽ کين پورو منطق ڪونه ٿو
ملي _ مون کي خوف آهي ته هتي آءٌ سندن وڻڻ کان
ڪجهه وڌيڪ منطق پيش ڪندس؛ پر هي سياسي اقتصاديات
جو معاملو ڪو هلڪو معاملو نه آهي ۽ اسان کي واقعي
گهرجي ته هن جي معنيٰ ۾ مبهم اصطلاحن کي هرگز ڪو
دخل نه ڏيون.
216. تنهنڪري اسان کي پهريائين مٿينءَ وصف ۾ اها پڪ ڪرڻي آهي ته
”مالڪيءَ“ مان مراد يا ”قبضي“ جي خصوصيت ڪهڙي آهي.
ان کان پوءِ ڏسڻو آهي ته لفظ ”مفيد“ جي معنيٰ،
”افاديت“ جي نوعيت ڪهڙي آهي.
217. پهريائين ”قبضي کي ٿا تپاسي ڏسون. مِلان شهر جي وڏيءَ ديول
۾ ٽن سَون سالن جي عرصي تائين سينٽ ڪارلو بوروميو
جو لاش مصالحو لڳائي محفوظ رکيو ويو آهي. ان لاش
جي هٿ ۾ هڪ سوني لٺ آهي ۽ زمردن سان جڙيل صليب
سندس ڇاتيءَ تي پيل آهي. سونيءَ لٺ ۽ زمردن کي
مفيد شيون سمجهندي، هيءُ ڏسڻو آهي ته ڇا انهن شين
جو هو ”مالڪ“ آهي؟ ملڪيت متعلق سياسي اقتصاديات جي
مفهوم موجب، ڇا انهن شين کي ان لاش جي ملڪيت سڏي
سگهبو؟ جيڪڏهن نه، ۽ انهيءَ ڪري اسين جيڪڏهن رواجي
طرح انهيءَ نتيجي تي پهچون ته هڪ بيجان شيءِ ڪنهن
به ملڪيت جي مالڪ بنجي نٿي سگهي، ته پوءِ ڏسڻو آهي
ته انسان جي جسم ۾ ڪيتري عرصي ۽ حد اندر پساهه
قائم هجن، جو سندس ٻي ڪنهن شئي تي قبصو ممڪن ٿي
سگهي؟
218. جيئن هيءُ مثال وٺو: ويجهڙائيءَ ۾ هڪ ڪئليفورنيائي جهاز جي
غرقابيءَ وقت هڪ مسافر پنهنجي چيلهه سان جڏهن ترهو
ٻڌو، تڏهن ان ترهي ۾ هن ٻن سون پائونڊن جي وزن جو
سون به وجهي ڇڏيو، ۽ بعد ۾ کيس ان ترهي سوڌو سمنڊ
جي تري ۾ ٻڏل ڏٺو ويو. هاڻي، جڏهن هو ٻڏي رهيو هو،
تڏهن سون هن جي قبضي ۾ هو؟ يا هو پاڻ سون جي قبضي
۾ هو؟
219. ۽ جيڪڏهن سون پنهنجي وزن سبب کيس سمنڊ ۾ ٻورڻ بدران، زور
سان ڪنهن طرح سندس مٿي تي اچي لڳي ها. ۽ ان ڌڪ سان
کيس ڪنهن لاعلاج مرض _ فرض ڪريو فالج يا جنون _ ۾
مبتلا ڪري ڇڏي ها، ته ڇا ان حالت ۾ پهرين صورتحال
کان کيس سون تي ڪا زياده مالڪي حاصل هجي ها؟ اهڙي
طرح سون تي رفتي رفتي وڌندڙ اختيار يا دستترس جا
مثال وٺي (چي جيڪڏهن اڃا به طلبيا وڃن، ته ڏيڻ
لاءِ تيار آهيان)، آءٌ مٿئين دليل کي اڃا به اڳتي
نيئي سگهان ٿو، پر هتي آءُ فرض ڪري ٿو وٺان ته
پڙهندڙ اها ڳالهه قبول ڪندو ته قبضو يا مالڪي ڪا
مطلق چيز ڪانهي، پر اُها صرف درجيوار اختيار جو هڪ
نالو آهي، ۽ اُها رڳو ڪنهن شيءِ جي انداز يا نوعيت
تي نه، پر مالڪ لاءِ ان جي مناسب، ۽ استعمال ۾ آڻڻ
لاءِ مالڪ جو مٿس ڪيترو فعال اختيار موجود آهي،
تنهن تي منحصر آهي.
220. تنهنڪري دولت جي وسيع وصف هاڻي اسان جي هيءَ ٿيندي ته
”انهن مفيد ۽ ڪارآمد شين جو قبضو جيڪي اسين
استعمال ڪري سگهون.“ هيءَ هڪ اهم تبديل آهي. ڇاڪاڻ
ته ان مان ڏسي سگهجي ٿو ته دولت جو انحصار رڳو
”هجڻ“ تي هئڻ بدران ”سگهڻ“ تي آهي. ”گلئڊيئيٽر“
(Gladiator)
جي زندگي ٻين جي ”اِشاري“ (80) جي محتاج، پر
سپاهيءَ جو موت _ هن جي فتح، ملڪ جي نجات _ هن جي
”پنهنجي ڪامل سگهه“ جو ثمر، ۽ جنهن کي اسان محض
مال جي ميڙڻ سان منسوب ٿي ڪيو، اُها هاڻي ظاهر آهي
ته استعداد يا سگهه جي ميڙڻ تي پڻ مدار رکي ٿي.
221. بس، ايتري ڳالهه اسان جي انهيءَ ”سگهڻ“ فعل متعلق. ان کان
پوءِ، پنهنجي هُن ”صفت“ کي ٿا کڻون. لفظ ”ڪارآمد“
جي معنيٰ ڇا آهي؟
222. اسان جي هن مطالعي جو گهرو واسطو انهيءَ پوئين لفظ سان
آهي. ڇاڪاڻ ته اها شيءِ جا ڪن ماڻهن جي هٿن ۾
ڪارآمد آهي، سا ٻين جي هٿن ۾ ان جي بنهه ابتڙ
استعمال ۾ اچي ٿي، جنهن کي عام طرح بيجا يا غلط
استعمال چئجي ٿو. ۽ ان جو دارومدار انهيءَ شيءِ
کان وڌيڪ شيءِ جي ڪم آڻيندڙ تي آهي ته شيءِ جي
صحيح استعمال جي خاصيت يا غلط استعمال جي خاصيت
منجهس اُڀري ٿي. جيئن شراب، جنهن کي يونانين
”بئڪس“
(Bacchus)
ديوتا (81) جي تصور معرفت، صحيح طور، هر جذبي ۽
امنگ جو هڪ مثال شمار ڪيو، ۽ جنهن لاءِ سندن چوڻ
هو ته جڏهن استعمال ڪجي ٿو، تڏهن ”ديوتا ۽ انسان
کي مسرت ٿو بخشي“ (جنهن جي معنيٰ ته اُهو انسان جي
روحاني زندگيءَ- يعني عقل ۽ فهم جي طاقت، ۽ سندس
مادي زندگيءَ يعنيٰ نفساني طاقت- کي زور ٿو وٺائي،
پر اهو ساڳيو شراب، جڏهن ان جو غلط استعمال ٿئي
ٿو، تڏهن بدلجي ”ڊيونومس“ ديو جي خبيث صورت وٺي
ٿو، ۽ خاص طرح انسان جي روحاني عنصر يعني هن جي
عقل لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو.
223. ساڳيءَ ريت خود بدن يا جسم جو سوال آهي، جنهن کي پڻ اوتري
ئي قدر صحيح يا غلط استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو، ۽
جڏهن اهو درست ضابطي هيٺ آهي، تڏهن اُهو ملڪ لاءِ،
لڙائيءَ توڙي پورهئي جي ميدانن ۾، ڪارآمد ثابت ٿئي
ٿو، پر جڏهن ضابطي کان ٻاهر آهي، يا ان کان غلط ڪم
وٺجي ٿو، تڏهن اُهو ملڪ لاءِ فضول ۽ بيڪار ثابت ٿو
ٿئي، ۽ ان صورت ۾ اُهو فقط فرد جي ذاتي يا واحد
وجود جي قائم رکڻ لاءِ (۽ سو به محض نيم جانيءَ جي
صورت ۾) قابل وڃي ٿو رهي _ يوناني اهڙي جسم کي
احمقانه (82) جسم يا ”ذاتي جسم“ سڏيندا هئا، يعني
اهو ماڻهو، جنهن جي مصروفيت ملڪ لاءِ ڪنهن به طرح
براءِ راست مفيد نه هجي، جنهن مان آخرين طور اسان
جي لفظ
“Idiot”
(احمق) جي معنيٰ ”پاڻ ۾ پورو“ يا ”پاڻ هُر تڙيو“
اچي بيٺي آهي، يعني اهو ماڻهو جيڪو مڪمل طور صرف
پنهنجن معاملن ۾ ئي مشغول رهندو هجي.
224. تنهنڪري انهيءَ مان اهو مطلب نڪري ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن شيءِ
کي مفيد ۽ ڪارآمد ٿيڻو آهي، ته نه فقط اُها پاڻ
صالح ۽ افادي نوعيت جي هئڻ کپي، پر ان کي صالح ۽
افادي هٿن ۾ هئڻ گهرجي. يا، پورن لفظن ۾ هيئن چئجي
ته حوصله مند هٿن ۾ ئي افاديت قدر شمار ٿي سگهي
ٿي، تنهنڪري جيئن اسان مٿي ڏٺو، دولت جي سائنس کي
جڏهن ”ميڙڻ يا گڏ ڪرڻ جي سائنس“ ليکجي ٿو، تڏهن
اُها نه صرف مال گڏ ڪرڻ جي پر لياقت ۽ صلاحيت جي
گڏ ڪرڻ جي سائنس به آهي: ساڳيءَ طرح جڏهن ان کي
”تقسيم يا ورهاست جي سائنس“ جي حيثيت ۾ ڏسجي ٿو،
تڏهن اها مطلق تقسيم جي نه پر امتيازي تقسيم جي
سائنس آهي ان جي تقسيم اها نه آهي ته هر ڪنهن
ماڻهوءَ کي هر ڪا شيءِ ملي، پر اها آهي ته صحيح
ماڻهوءَ کي صحيح شيءِ ملي. هيءَ هڪ مشڪل سائنس
آهي، جنهن جو مدار ”رياضيءَ“ کان وڌيڪ ڪنهن ٻيءَ
ڳالهه تي آهي.
225. انهيءَ ڪري دولت جي وصف هيءَ آهي: ”حوصله مند هٿن ۾ قدر
ڀرين شين جو قبضو“ (83)، ۽ ان کي هڪ طاقت شمار
ڪندي، جيڪا قوم ۾ موجود رهي ٿي، ان جي انهن ٻن
عنصرن _ شيءِ جي قدر ۽ ان جي مالڪ جي حوصلي- جو
لازمي طور گڏوگڏ اندازو ڪرڻ گهرجي.
*ڪتاب (جلد)، باب چوٿون، فقرو 1. جاءِ بچائڻ
جي خيال کان مسٽر مل جي ڪتاب مان آئندي سڀ
حوالا فقط انگن ۾ پيش ڪندس، مثلاً هن حالت ۾،
I. Iv. I._
ڇاپو ٻن جلدن ۾ پارڪر، 1848ع.
هن ۾ مسٽر هيلپ
(Mr. Help)
(VV)
جو تخمينو سندس ”جنگ“ واري مضمون مان وٺان ٿو.
پڻ جڏهن چانديءَ جا اسپيني برتن اسان جي
محصولي آفيسرن ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيا، ڇاڪاڻ
ته چانديءَ يا سون جون سرون محصول کان سواءِ
ملڪ ۾ درآمد ٿي سگهن ٿيون، پر دماغ ۽ عقل نٿا
ٿي سگهن _ ڇا اهڙيءَ حالت ۾ اهو ڪهاڙو جنهن
انهن برتنن کي ڀڳو، سو پيداواري ڪهاڙو هو، ۽
اهو ڪاريگر ۽ فنڪار جنهن انهن کي جوڙيو سو غير
پيداواري هو؟ يا وري هيءُ ٻيو مثال وٺو.
جيڪڏهن ڪاٺير جو ڪهاڙو پيداواري آهي، ته پوءِ
جلاد جو ڪهاڙو پيداواري ٿي سگهي ٿو ڇا؟ ساڳيءَ
طرح جيڪڏهن بحري تار ۾ ڪم ايندڙ سڻيءَ جي تند
پيداواري آهي، ته پوءِ ڦاسيءَ جي رسي ۾ ڪم
ايندڙ سڻيءَ جي تند جي پيداواريءَ جو مدار ان
جي مادي استعمال کان وڌيڪ ان جي اخلاقي
استعمال تي مدار نه ٿو رکي ڇا؟
”ٽڪسال“ منجهان مراد اُهو جنسار بازيءَ جو
سامان آهي، جنهن ۾ عام طرح رڳو گهڻ ۽
پيچداريءَ جو دخل رهي ٿو، ۽ نه فن جو.
هي بيان مختصر حالت ۾ ڏاڍا ڪَچا لڳن ٿا. پر
جڏهن انهن تي غور ڪبو تڏهن بيحد اهم نظر
ايندا. اهڙي نموني سان، مٿئين مثال ۾،
اقتصاديات جي ماهرن ڪڏهن به هيءَ ڳالهه محسوس
نه ڪئي آهي ته خريد ڪرڻ جو لاڙو، طلب جو هڪ
اخلاقياتي عنصر آهي. انهيءَ جو اهو مطلب آهي
ته جيڪڏهن تون ڪنهن به ماڻهوءَ کي هڪ آڌيو ڏين
ته اهو هن جي طبيعت تي منحصر آهي ته هو ان جي
بدولت فائدو حاصل ڪري ٿو يا نقصان هيٺ ٿو اچي
_ انهيءَ سان هو پاڻ لاءِ مرض، تباهي ۽ حقارت
خريدي ٿو يا صحت، ترقي ۽ گهرو پيار. انهيءَ
ڪري ڪنهن به جنس جي خوشگواريءَ يا مٽاسٽا جو
قدر نه فقط ان جنس جي پنهنجي پيداوار تي مدار
رکي ٿو، پر ان جي خريدارن جي پيداوار تي به؛
يعني خريدارن جي تعليم ۽ تربيت تي ۽ انهن سڀني
اخلاقياتي عنصرن تي، جن جي زير اثر سندن طبيعت
جي لاڙي جي هن شئي يا هُن شئي جي خريدڻ متعلق
تربيت ٿي آهي.
مسٽر رڪارڊو جي وڌيڪ حمايت ۾ شايد ائين چيو
وڃي ته هن جي اها مراد هئي ته ”جيڪڏهن افاديت
ساڳي آهي ته قيمت پورهيي جي انداز مطابق بدلجي
ٿي.“ جيڪڏهن واقعي هن جي اها مراد هجي ها ته
هو انهيءَ ڳالهه کي واضع ڪري ها؛ ۽ جيڪڏهن هن
جي واقعي مراد اها هجي ها ته پوءِ هن جي نگاهه
کان هي نتيجو پوشيده نه رهي ها ته قيمت جو
هڪڙو ماڻ افاديت آهي (جنهن جي مڃڻ کان هن
قطعاً انڪار ڪيو آهي)؛ ۽ ڪنهن به شئي جي وڪري
لائق هجڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ کيس اُن ۾ مقرر
انداز افاديت ۽ خاص انداز محنت جو موجود هئڻ
ثابت ڪرڻو پوي ها: مثال طور، پنهنجي پيش ڪيل
مثال مي کيس ثابت ڪرڻو پوي ها ته هڪ مڇي ۽ هڪ
هرڻ ماڻهن جي ساڳئي تعداد لاءِ ساڳئي وقت جو
کاڌو مهيا ڪري سگهن ٿا ۽ ٻنهي ۾ لذت به ساڳي
نوعيت جي سمايل آهي. حقيقت اها آهي ته خود کيس
به پتو ڪونه هو ته سندس مطلب ڇا هو، تجارتي
تجربي مان هن جيڪو هڪڙو رواجي خيال سواءِ ڪنهن
تور تڪ ڪرڻ جي کڻي اخذ ڪيو هو، سو اِهو هو ته
جڏهن طلب مستقل آهي ته قيمت پيداوار لاءِ
گهربل محنت جي انداز مطابق وڌي ۽ گهٽجي ٿي؛ يا
اڳئين مقابلي ۾ منهنجي پيش ڪيل قاعدي کي ويچار
۾ آڻبو ته ائين چئي سگهبو ته جڏهن د مستقل آهي
ته ج
x
د ائين گهٽ وڌ ٿئي ٿو جيئن ج. پر طلب نڪي
مستقل آهي نڪي ڪڏهن مستقل ٿي سگهندي، جيڪڏهن ج
نمايان طور گهٽبو ۽ وڌندو ٿو رهي؛ ڇاڪاڻ ته
جيئن قيمت وڌندي رهندي ته خريدار گهٽبا رهندا؛
۽ جڏهن به هڪهٽي پيدا ٿئي ٿي (۽ هر قسم جي قلت
هڪهٽيءَ جو ٻيو روپ آهي؛ جنهنڪري هر ڪا جنس
انهيءَ قلت جي رنگ ۾ اڪثر رڱجي وڃي ٿي)، تڏهن
د قيمت جو بيحد اثرائتو عنصر بنجيو ٿو پوي.
مثال طور، تصوير جي قيمت ان جي سٺائيءَ تي
ايترو مدار نٿي رکي جيترو هن تي ته پبلڪ ان ۾
ڪيتري دلچسپي ٿي وٺي؛ ڳائڻ جي قيمت ڳائڻي جي
محنت کان وڌيڪ ماڻهن جي تعداد تي مدار رکي ٿي،
جيڪي ان جي ٻڌڻ جي خواهش ٿا رکن؛ ۽ سون جي
قيمت ان جي قلت تي ايترو مدار نٿي رکي جيترو
ان جي شمسي چمڪ ۽ اڻمٽجندڙ اصليت تي، جن جي
وسيلي اُهو ماڻهن جي پسند ۽ اعتماد کي پاڻ
ڏانهن ڇڪي ٿو.
اها ڳالهه دل ۾ رکڻ گهرجي ته آءُ ”طلب“ لفظ جو
استعمال انهيءَ نموني ۾ نٿو ڪريا، جنهن نموني
۾ عام اقتصادي ماهر ان کي استعمال ڪن ٿا. هنن
جو انهيءَ مان مفهوم آهي ”وڪري ڪيل شئي جو
تعداد“. منهنجي انهيءَ مان مراد ”خريدار جي دل
۾ ان کي خريدڻ جي عملي ۽ اصل خواهش“ آهي. ائين
کڻي چئجي ته ”طلب“ لفظ جو مفهوم آهي ته خريدار
ڪهڙي شئي گهري رهيو آهي ۽ نه ته هن کي ڪهڙي
شئي ملي رهي آهي.
اقتصاديات جا ماهر اها ڳالهه ويچار ۾ نٿا آڻين
ته شين جو قدر انهن جي مطلق مقدار ۽ تور جر
آڌار تي نٿو ڪيو وڃي، پر ايتري مقدار ۽ تور
تي، جيڪا انهن کي ڪارائتي بنائڻ لاءِ ضروري
هجي. مثال طور، هو چون ٿا ته مارڪيٽ ۾ پاڻيءَ
کي ڪا قيمت ڪانهي. اها ڳالهه برابر صحيح آهي
ته پاڻيءَ جي هڪڙي ڀريل پيالي کي ڪا قيمت
ڪانهي، پر ڍنڍ کي قيمت آهي؛ جيئن مٽيءَ جي مُٺ
ي قيمت ڪانهي، پر مٽيءَ جي ايڪڙ کي قيمت آهي.
۽ جيڪڏهن خود پاڻيءَ جي پيالي يا مُٺ مٽيءَ جي
ملڪيت کي دائمي بنائڻ ممڪن ٿي سگهي (يعني انهن
جي جمع ڪرڻ جي ڪا جاءِ ميسر ٿي سگهي)، ته پوءِ
زمين ۽ سمنڊ جو وڪرو به مُٺين ۽ پيالن جي ماپن
سان عمل ۾ اچڻ شروع ٿي وڃي.
|