تشريحات
1. ”ڪارن هل“
هن مخزن جو شايع ڪندڙ جارج سمٿ
(George Smith) هو. ان جو ايڊيٽر وليم ميڪ پيس ٺيڪري
(William Makepeace Thackary)
هو. ان ۾ هن ڪتاب وارا مقالا 1860ع ۾ ڇپجي پڌرا
ٿيا. پر جيئن ته اهي مضمون سماجي تنقيد سان ڀرپور
هئا، تنهنڪري مخزن جي اڪثر پڙهندڙن کي پسند نه
پيا. ٽئين مقالي جي ڇپجڻ کان پوءِ رسڪن کي مخزن جي
اداري طرفان چيو ويو ته هو وڌيڪ مضمون اشاعت لاءِ
ڏانهن نه موڪلي؛ سواءِ هڪ آخرين مضمون جي، جو
بهرحال قبول ڪيو ويندو.
2. مذمت
ڪيترن مخالفن توڙي موافقن طرفان رسڪن جي هنن مضمونن جي مذمت ٿي
هئي. سڀ کان زياده مذمت سئٽرڊي ريويو
(Saturday Review) اخبار ڪئي. فقط ڪارلائل
(Carlyle)
اهڙي قسم جي مذمت ۾ حصو نه ورتو. پر هيءُ ڪتاب،
جنهن جو شروع ۾ ڪو پڇڻ وارو ئي ڪونه هو، نيٺ مزور
طبقي جي ماڻهن جو گويا هڪ مذهبي ڪتاب بنجي پيو. سن
1906ع ۾، هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل اصولن کي خود
پارليامينٽ به تسليم ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي.
3. بلند ترين
رسڪن، ”سسيم ائنڊ لليز“
(Sesame and Lilies) ڪتاب ۾ اظهار ڪيو آهي ته ”هي اهو ڪتاب آهي، جنهن کي آءٌ صحيح
معنيٰ ۾ ڪتاب سڏي سگهان ٿو. جيستائين دنيا باقي
آهي، تيستائين هيءُ ڪتاب به باقي رهندو.“
4. خاص ڪشالا
رسڪن هن مقالي تي خاص ڪشالا انهيءَ ڪري ڪڍيا آهن، جو هن ڄاتو ٿي
ته ان مقالي ان پوءِ کيس ٻئي مقالي جي ڇپجڻ جي
سهولت نه ملندي.
5. وقت
رسڪن چيو آهي ته ”مون هنن مقالن تي ڏاڍي محنت ڪئي آهي ۽ انهن
مضمونن ۾ منهنجن ٻين مضمونن کان وڌيڪ اهم حقيقتون
سمايل آهن. تنهنڪري مون پڪو ارادو ڪيو آهي ته
منهنجي زندگيءَ جو مرڪزي اصول اهو رهندو ته آئيندي
آءٌ هن ڪتاب جي ابتدائي مذاڪرن کي وڌيڪ چٽو ڪندو
رهندس. هن پوءِ ”منرا پلويرس“
(Munera Pulvoris)
۽ ”ٽائيم اينڊ ٽائيڊ“
(Time and Tide)
ڪتاب لکيا، جن جو لاڳاپو، موضوع جي لحاظ کان، هن
ڪتاب جي ئي مضمونن سان آهي.
6. تور
اصلوڪي مضمون ۾ تيرهن آنا وزن ڏيکاريل آهي، ۽ بعد ۾ ان کي درست
ڪري، سترهن آنا ڪيو ويو آهي.
7. انگريزي ......... پيش ڪريان
هن کان اڳ چارلس ڪنگسلي
(Charles Kingsley)، ايف. ڊي. مارس
(F. D. Maurce) ۽ ڊي. آر. فرنيوال
(D. R. Farniwall)
جي اثر هيٺ، مزورن لاءِ ڪاليج برپا ٿيا، جن ۾ خود
رسڪن به خدمت ڪرڻ لاءِ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو. ساڳئي
سال، يعني 1854ع ۾، چارلس ڊڪنس
(Charles Dickins)، ”هارڊ ٽائيمس“
(Hard Times) جي عنوان سان ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ هن مالدارن طرفان
جيڪو ڏنڊي جي زور سان انسانيت ۽ سماجي قدرن جو خون
ٿي رهيو هو، ان جي مذمت ڪئي. پر رسڪن ئي پهريون
شخص هو جنهن انهيءَ نام نهاد سياسي اقتصاديت
واريءَ سائنس جي بنيادن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي، ۽ ان سان
گڏ دولت جي صحيح وصف پيش ڪئي.
8. افلاطون
(Plato)
عيسوي سن کان 429 سال اڳ پيدا ٿيو ۽ 347 سال اڳ وفات ڪيائين. هو
عيني، عقلي ۽ معنوي علمن جو ماهر ۽ فيلسوف هو. هي
سقراط جو شاگرد هو. هن سياسي اقتصاديات کي قاعدي ۽
قانون جي صورت ڏني، ۽ ان کي ٻين ڪمن ۾ استعمال
ڪيو.
9. زينوفن
(Xenophen)
عيسوي سن ان شايد 445 سال اڳ ڄائو ۽ 359 سال اڳ وفات ڪيائين. هو
اٿينس جي لشڪر ۾ سپه سالار هو ۽ ان کان سواءِ
تاريخ جو ماهر ۽ فيلسوف پڻ هو. چيو وڃي ٿو ته هي
به سقراط جو شاگرد هو، جنهن سقراط جي هڪ ڀيري جنگ
۾ جان بچائي هئي. هن جي سياسي فلاصافيءَ وارين
تصنيفن ۾ ”ميموريسليل“
(Memorasilil)،
”سائرو پيڊين“
(Cyropaedin)،
”اوڪاناميڪس“
(Occonomicus)
قابل ذڪر آهن. اُنهن مان پويون ڪتاب انگريزيءَ ۾
ترجمو ٿيو ۽ رسڪن ان ۾ ڄاڻايل دولت جي وصف کي مڪمل
وصف تسليم ڪيو. هن پنهنجي پوئين مقالي ۾، انهيءَ
وصف کي هنن اکرن ۾ ظاهر ڪيو آهي ته ”ڪارگر شين جو
قبضو مردانه صفت ماڻهن جي حوالي هجي“
(The possession of the valuable by the valiant)
10. سسرو
(Cicero)
هيءُ روم ملڪ جو وڏو فصيح ۽ بليغ تقرير ڪندڙ ٿي گذريو آهي. هي
فيلسوف پڻ هو. رسڪن کي هن جا ”قاعدا“ ۽ ”مملڪت“ جي
نالن وارا ڪتاب خيال ۾ آيا آهن، جن جو اشارو چوٿين
مقالي جي فقري نمبر 301 ۾ ٿيل آهي. هن جي پيدائشي
تاريخ عيسوي سن کان 106 سال اڳ ۽ وفات جي تاريخ
عيسوي سن کان 43 سال اڳ آهي.
11. هوريس
(Horace)
عيسوي سن کان 65 سال اڳ پيدا ٿيو ۽ 8 سال اڳ گذاري ويو. هي روم
جي آگسٽس بادشاهه جي زماني جو وڏو هِجِو گو شاعر
هو. هن جي ڪيترين هِجِون کي ”پوپ“ پنهنجي تصنيفن
جو خاڪو ڪري ورتو هو. پوپ جون تصنيفون رسڪن لاءِ
ننڍي هوندي کان وٺي رهبريءَ جو سامان ثابت ٿيون
هيون.
12. جان اسٽوئرٽ مل
(Jhon Stuart Mill)
هن صاحب 1806ع ۾ جنم ورتو. هن ”پرنسپلس آف پوليٽيڪل ايڪانامي“
(Principles of Political Ecnomy)
نالي هڪ ڪتاب 1848ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان سال کي
لنڊن جي چارٽسٽ
(Chartist)
تحريڪ جو وڏي ۾ وڏو سال ڪري ليکجي ٿو. فرينچ
ريووليوشن ڪري جي تشويشناڪ حالتون پيدا ٿيون هيون،
انهن جي بحث مباحثي ۾ ۽ انگلنڊ جي پهرئين سڌاري
واري بل جي ڳالهين ۾ هن صاحب ڪافي بهرو ورتو هو.
13. ”گهر جو قانون“
(House Law)
هن جي حقيقي معنيٰ آهي اقتصاديات.
14. سيارا
هي تارا آهن، جيڪي هڪڙيءَ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ ڏانهن وڌندا رهن
ٿا ۽ هڪ جاءِ تي نٿا بيهن.
15. تارا
هي تارا آهن، جي هڪ ئي جاءِ تي بيٺل نظر اچن ٿا.
16. روشن دولت
(Wealth Radiant)
اها دولت آهي، جا مالڪ توڙي ٻين کي فائدو پهچائي.
17. عڪسي دولت
(Wealth Reflective)
اها دولت آهي، جا فقط مالڪ کي فائدو پهچائي ٿي.
18. ”. . . پسنديده ڪم ڪري شمار ڪجي.“
هي اکر اليگزينڊر پوپ جي مشهور معروف شعر ”آئن ايسي مئن“(An
Essay on Man) ۾ چيل آهن. پوپ 1686ع ۾ ڄائو ۽ 1744ع ۾ وفات ڪري ويو.
19. ويلٿ آف نيشنس
(Wealth of Nations)
هي ڪتاب آدم سمٿ
(Adam Smith)
جو لکيل آهي. آدم سمٿ کي سياسي اقتصاديات جو ابو
ڪري ڪوٺيندا آهن. هن کي ڇوٽ واپار جو پڻ حامي شمار
ڪيو وڃي ٿو.
20. ملازمت مان نڪرڻ جو ڊپ
رسڪن جي زماني ۾ مزورن کي نڪي مستقل طرح ڪم تي رکيو ويندو هو ۽
نه وري کين مقرر ٿيل اجرتون ئي ڏنيون وينديون
هيون. جيڪڏهن واپار جو چاڙهو هوندو هو ته مزورن کي
ڪم ۾ رکيو ويندو هو. جيڪڏهن واپار جون حالتون ڪري
پونديون هيون ته مزورن کي ڪم کان عليحده ڪيو ويندو
هو. ان کان سواءِ، مقرر اُجرتن جو رواج ڪو نه هو:
جيڪو به ماڻهو گهٽ اجرت قبول ڪندو هو، ان کي ڪم تي
رکيو ويندو هو. اهڙين حالتن هيٺ، مزور هر وقت
ملازمت مان نڪرڻ جي خطري ۾ هوندو ئي هوندو هو.
21. اسڪول
ڊبليو. اي. فارسٽر
(W. E Farster)
جي ايڊوڪيشن ائڪٽ موجب 1873ع ۾ مملڪت کي بنيادي
تعليم جي سهولتن مهيا ڪرڻ لاءِ ذميوار بنايو ويو.
رسڪن اهڙي تجويز ۽ پروگرام پنهنجي ڪتاب ”پوليٽيڪل
ايڪانامي آف آرٽ“
(Political Economy of Art)
۾ شامل ڪئي هئي ۽ اهو ڪتاب 1857ع ۾ شايع ٿيو هو.
22. محتاج ۽ پيرسن
پيرسن ۽ محتاجن جي وظيفن واسطي جوسف چيمبرلين
(Joseph Chamberlain)
پارليامينٽ ۾ رٿ پيش ڪئي، ۽ هن وقت اها عمل ۾ آهي.
اصل ۾ ان رٿ جو باني رسڪن هو. جنهن وقت اهو قاعدو
عمل ۾ آيو، تنهن وقت پنجاسي لک ماڻهن انهيءَ
پروگرام مان فائدو ورتو، منجھانئن چوڏهن لک ماڻهن
کي محتاجخانن ۾ رهڻ لاءِ بندوبست ڪري ڏنو ويو.
23. پوليٽيڪل ايڪانامي آف آرٽ
”پوليٽيڪل ايڪانامي آف آرٽ“
(Political Economy of Art) جي سري سان 1857ع ۾، رسڪن مئنچيسٽر ۾ هڪ تقرير ڪئي هئي،
جا بعد ۾ ”اي جاءِ فار ايور“
(A Joy For Ever)، ڪتاب ۾ شامل ڪئي ويئي. هيءَ تقرير سماجي سڌاري جو هڪ کليو
کلايو اعلان هئي.
24. لئوي
(Livy)
هي عيسوي سن کان 59 سال اڳ ڄائو هو ۽ 17ع ۾ وفات ڪري ويو. آگسٽس
شهنشاهه جي زماني جو وڏو رومن تاريخ نويس هو۽ روم
جي شروعاتي مملڪتي ڳالهين لاءِ هيءُ هڪ سَند هو.
25. نام نهاد
اوڻيهينءَ صديءَ جي سياسي اقتصاديات واريءَ سائنس کي ”نام نهاد
سائنس“ ڪري ڪوٺيو ويندو هو. ڪارلائل ان سائنس کي
”هولناڪ سائنس“ ڪري سڏيو آهي. انهيءَ سائنس جي شرح
يا خوبي بيان ڪرڻ وارا جان اسٽوئرٽ مل، ٿامس رابرٽ
مئلٿس ۽ ڊيوڊ رڪارڊو آهن، جن مان پوين ٻن جو بيان
هيٺ ڏجي ٿو:
الف: ٿامس رابرٽ مئلٿس
(Thomas Robert Malthus) 1786ع ۾ ڄائو ۽ 1824ع ۾ وفات ڪيائين. هو ڪئمبرج جي جيزس
(Jesus)
ڪاليج جو فيلو هو. هن 1798ع ۾ پنهنجا مضمون،
”انسان جي آدمشماريءَ جا اصول“
Essay on the principles of population as it affects the
future improvement of society.
جي سري سان ڇپي پڌرا ڪيا. انهن مضمونن ۾ آدمذات جا کاڌ ۽ خوراڪ
جي ذريعن سان جي تعلقات آهن، انهن تي بحث ٿيل آهي.
انهيءَ ۾ اهو دليل پيش ٿيل آهي ته انساني نسل جي
واڌ فطري طرح کاڌي جي ذريعن کان وڌيڪ آهي. تنهن
مان اهو مطلب نڪتو ته انسان جيڪڏهن پنهنجي سڌاري
لاءِ موت جي رفتار کي جهڪو ڪندو ته اهي حالتون کيس
وڏي جوکي ۾ وجهنديون.
ب. ڊيوڊ رڪارڊو
(David Ricardo)
سال 1772ع ۾ ڄائو هو ۽ سال 1822ع ۾ وفات ڪيائين.
هو سياسي اقتصاديات جو ماهر ۽ پارليامينٽ جو ميمبر
هو. سن 1817ع ۾ جڏهن هو اسٽاڪ ايڪسچينج جو ميمبر
هو، تڏهن پنهنجو مکيه مضمون ”آن دي پرنسپلس اف
پوليٽيڪل ايڪانامي ائنڊ ٽئڪسيشن“ لکيو.
26. نائٽروجن
هيءَ اها گئس آهي جنهن کي نه رنگ آهي نه ذائقو ۽ نه بوءِ. هن
گئس جو هوا جي بناوت ۾ چار ڀاڱي پنج حصو آهي. هيءَ
آڪسيجن کي ڇڊو ڪري ٿي. جيڪڏهن هوا فقط آڪسيجن جي
ٺهيل هجي ته ڪوبه ساهه کڻي ڪونه سگهي ۽ سڄي دنيا
ناس ٿي وڃي.
27. ڪلورائيڊ
هيءَ پيلي ميرانجهڙي رنگ جي شئي آهي. رواجي گرمائش تي ڦاٽي
پوندي آهي. فاسفورن جي ملاوت پڻ ڦاٽي پوندي آهي.
انهيءَ جي ٻاڦ اکين ۽ نڪ جي واسطي ڏاڍي نقصانڪار
آهي.
28. هڙتال
هيءَ هڙتال سن 1859ع ۾، لنڊن بلڊنگ ٽريڊس ۾ ٿي. هن ڪتاب جو
بنيادي سبب به هيءَ ئي هڙتال آهي. هيءَ ڳالهه
معلوم ڪرڻ جهڙي آهي ته ڪامبينيشن ائڪٽ، جنهن مطابق
مزور پنهنجي ذاتي مفادن جي حفاظت ڪري سگهيا ٿي، سو
سن 1825ع ۾ منسوخ ٿي ويو. ان کان پوءِ سن 1926ع
واريءَ عام هڙتال جي جواب ۾، هڙتال ڪرڻ جي حق تي
مردار ڌر واريءَ حڪومت طرفان سخت پابنديون وڌيو
وييون.
29. محبت . . . دل ۾ هجي
پيار هڪ قرض موافق آهي. جيڪڏهن هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کي پيار
ڏئي ٿو ته اهو ڏنل پيار ان کي واپس ڪرڻو آهي.
30. بدتر کاڌو ۽ بندوبست برداشت ڪري نه سگهندا
مالڪ ملازمن کي اهڙو ته خراب کاڌو کارائيندا هئا ۽ انهن لاءِ
اهڙو ته گهٽ درجي جو بندوبست رکندا هئا، جو هو فقط
بک سبب مجبور ٿي، ڪڇندا ڪونه هئا. مزورن جي کاڌي
جي گهٽتائيءَ جي حد اها هئي، جو جيڪڏهن ان کان تر
جيتروبه بندوبست ڪسو ٿي پوندو هو ته انسان ته ٺهيو
پر جانور به انهيءَ کاڌي کي ڪين کائيندا هئا، ۽
پوءِ ملازمن کي لاچار ٿي نوڪري ڇڏڻي پوندي هئي.
31. سياسي اقتصاديات جو نظريو
هن موجب بازار جي بها زياده ۾ زياده حاصل ٿي سگهي ٿي ۽ ان جو
مدار طلب جي زياده زور ۽ رسد جي کوٽ تي هو. ساڳئي
نموني سان مزوريءَ جي بها (اجرت) ڪم ۾ رکندڙ جي
طلب تي ۽ مزورن جي انداز تي مدار رکيو ٿي.
32. ڇٽيهه مڻي
هن کي انگريزيءَ ۾ ”ڪالڊران“ چوندا آهن. هن ۾ هڪ ئي وقت ڇٽيهه
مڻن جيترا اڱر پون ٿا.
33. ”بليڪ هائوس“
(Black House)
هي هڪ ناول آهي، جو ڊڪنس جو لکيل آهي. هن صاحب اهو ناول سن
1852ع ۾ لکيو.
هي لفظ انجيل (متي) جي 6 اباب جي، 52 فقري مان ورتل آهي.
34. ايسٿر سمرسن
ڊڪنس جي ڪتاب ”بليڪ هائوس“ ۾ جيڪو ماڻهو آکاڻي جو حصو بيان ڪري
ٿو، سو ايسٿر سمرسن آهي.
35. چارلي
(Charlie)
هيءَ ان ايسٿر سمرسن جي دل واري نوڪرياڻي آهي.
36. ماسٽر همفيز ڪلاڪ
هيءَ هڪ آکاڻي آهي.
37. مس براس
سئمپسن بلس جي ڀيڻ هئي:
38. مارڪيونيس
هيءَ هڪ ڇوڪري هئي، جا تمام گهڻو ڪم ڪندي هئي، پر هميشه اڌ
بکايل هوندي هئي. هيءَ سئمپسن بلس ۽ ان جي ڀيڻ مس
سئلي براس جي نوڪري ڪندي هئي. هوءَ تمام گهڻي موڳي
۽ اٻاڻڪي هوندي هئي.
39. ڊڪنس
هيءُ انگريزي ناول نويس هو. سن 1812ع ۾ ڄائو هو. هن جو پيءُ
دريائي لشڪر ۾ ڪلارڪ هو. هن 1836ع ۾ شادي ڪئي. هن
ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جن مان ڪافي پئسو
ڪمايائين. سياسي اقتصاديات جي قهر کي پنهنجي نامي
گرامي مذاحيه طرز ۾ بيان ڪيو اٿس ۽ واپاري طبقي جي
ماڻهن جون تصويرون تمام قبيح نموني ۾ چٽيون اٿس.
40. هارڊ ٽائيمس
هي ڊڪنس جو مشهور ڪتاب آهي، جنهن ۾ سياسي اقتصاديات جي قهر جو
بيان، ناٽڪي رنگ ۾ ڏنل آهي.
41. بائونڊربي
هيءُ هڪ تمام ڏاڍيان ڳالهائيندڙ ماڻهو هو. هن کي پنهنجي مشين
هئي. هن گرئڊ گرائيڊ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. هن جي
شخصيت ڊڪنس ”هارڊ ٽائيمس“ ۾ هڪ راڪاس جي ڪري چٽي
آهي. هن کي انسانذات لاءِ ذري جيترو به احساس ڪو
نه هو، ۽ هو دولت جو وڏو پوڄاري هو.
42. اسٽيفن بليڪ پول
هي ”هارڊ ٽائيمس“ ۾ هڪ ملازم جي شخصيت ڪري چٽيو ويو آهي، ۽ مکيه
اداڪار آهي. هن پنهنجي شرافت، وفاداريءَ ۽ انسانيت
جو ثبوت پيش ڪيو آهي.
43. سردار
هر ڪنهن قوم جو پنهنجي سردار ڏانهن وفادار رهڻ هڪ مشهور معروف
حقيقت آهي. شهزادي چارلس جو ڪلوڊين جي جنگ کان
پوءِ اسڪاٽلنڊ مان اڇين ڪڇين ڀڄي نڪرڻ، ڏانهنس قوم
جي وفاداريءَ جو ڪافي ثبوت آهي. شهزادي جي سر
واسطي ٽيهه هزار پائونڊ انعام رکيل هو. مٿانهين
درجي جي ماڻهن جي حالت به نهايت سقيم هئي. هو پئسن
جي لالچ جي اثر هيٺ اچي، شهزادي جو سر ڪپي انعام
حاصل ڪن ها، پر هنن ائين نه ڪيو.
44. ڊچ نيلام ذريعي
ڊچ نيلام
(Dutch auction)
اهو نيلام آهي، جنهن ۾ واڪ ڏيندڙ ڳريءَ قيمت سان
واڪ شروع ڪري ٿو ۽ رفتي رفتي لهندو هيٺ اچي ٿو،
جيستائين گهٽ ۾ گهٽ واڪ وارو ماڻهو هٿ اچي سگهي.
45. سائمن
انجيل ”عهد جديد“ جي ائڪٽ واري اٺين باب ۾ ڏيکاريل آهي ته سائمن
نالي هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جادوءَ ذريعي سمريا جي
شهر ۾ ڏاڍو اثر پيدا ڪيو هو. ماڻهو کيس خدا جي وڏي
طاقت ڪري ڀائيندا هئا. فلپس
(Philips)،
حضرت عيسيٰ عليه السلام جي اصولن جي تبليغ شروع
ڪئي ۽ پنهنجي معجزي سان ڪيترن بيمارن کي شفا بخشي،
ان بعد، پيٽر ۽ يوحنا ان شهر ۾ آيا ۽ اچي دعا
گهريائون ته انهيءَ شهر جي ماڻهن کي پاڪ روح جو
ديدار نصيب ٿئي. انهن پوءِ پنهنجا هٿ انهن ماڻهن
تي رکيا، ته کين پاڪ روح جو ديدار نصيب ٿيو. جڏهن
سائمن ڏٺو ته هنن جي هٿن رکڻ سان پاڪ روحن جو
ديدار نصيب ٿو ٿئي ته هن انهن کي پئسا آڇيا ته مون
کي به اهڙي طاقت بخشيو ته جنهن ماڻهوءَ تي آءٌ به
هٿ رکان ته انهيءَ کي به پاڪ روح جو ديدار نصيب
ٿئي. پيٽر هن کي جواب ڏنو ته ”تنهنجا پئسا توسان
ئي گڏ برباد ٿي وڃن، ڇاڪاڻ ته تون خدا جي نعمت کي
پئسن سان خريد ڪرڻ چاهين ٿو. هن نعمت ۾ نڪو تنهنجو
حصو آهي نڪو نصيب، ڇاڪاڻ ته خدا جي نظرن ۾ تنهنجي
نيت بري آهي، تنهنڪري تون پنهنجي ڪئي تي پڇتاءُ
ڪر، پوءِ امڪان آهي ته خدا توکي بخشي.“ تنهن تي
سائمن عرض ڪيو ته ”خدا کان دعا گهري وڃي ته انهن
مصيبتن کان مون کي بچائي.“
46. جنگي عهدا
اڳئين زماني ۾ ملٽريءَ جي عهدن جو وڪرو ٿيندو هو. رسڪن جي تصنيف
کان پوءِ، انهن جنگي عهدن جي وڪري جو رواج بند ڪيو
ويو.
47. ڇهه پينس
رسڪن جي زماني ۾ مقدمن جي لڙڻ جون فيون اهڙيءَ طرح مقرر ٿيل
هيون، جو جيڪڏهن انهن کي گهٽايو ٿي ويو ته دلگهريو
مطلب حاصل نٿي ٿي سگهيو.
48. اها حقيقت . . .
هر ڪنهن حالت ۾ محنت جي قيمت، ڪم جي ڏکئي يا سکئي هجڻ تي مدار
رکي ٿي. جيڪڏهن ڪم ڏکيو هوندو ته محنت جي قيمت
گهڻي هئڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪم سولو هوندو ته محنت جي
قيمت ان موافق گهٽ ٿيندي.
49. مذڪور بڇڙاين کي قبضي هيٺ آڻين
مالڪ، جي دولت جي هٿ ڪرڻ ۾ هر ڪنهن قسم جي حرفت کان ڪم وٺن ٿا،
۽ هر وقت انهيءَ هَوَس ۾ رهن ٿا ته ڪٿان ڪو نفعو
حاصل ٿئي. وري ملازم ڪجھ ڏينهن پورهيو ڪري، بعد ۾
عيش عشرت ۾ وقت گذارين ٿا. شرابخوريءَ سان پنهنجو
غم غلط ڪن ٿا، وغيره وغيره.
50. اڪيسڪرشن جي سورمي
هي ورڊس ورٿ جو هڪ ڊگهو شعر آهي، جو زندگيءَ متعلق آهي. هي
1814ع ۾ لکيو ويو. هي شعر بلند ۽ نازڪ خياليءَ سان
ڀرپور آهي. انهيءَ شعر ۾ جيڪو مکيه اداڪار ڏيکاريو
ويو آهي. سو هڪ سياح آهي، جو شاعرن سان مذهبي،
اخلاقي ۽ فلسفيانه موضوع تي گفتگو ڪري ٿو.
51. آٽوليڪس
هن کي يوناني ڏند ڪٿا موجب هڪ وڏو ڌاڙيل ۽ بدمعاش ليکيو وڃي ٿو.
هي يوليسيز جو ڏاڏو هو. رسڪن هن جي ڳنڍ ڇوڙڻ يا
جيب ڪترڻ واريءَ عادت ڏانهن اشارو ڪيو آهي. ڇاڪاڻ
ته شيڪسپيئر پنهنجي ناٽڪ ”ونٽرس ٽيل“ ۾، انهيءَ
نالي واري ڪردار کان اهڙي قسم جو ڪم ورتو آهي.
52. اسان جي سائنس
مِل جي راءِ ۾ هيءَ سائنس دولت جي ماهيت ۽ ان جي پيداوار ۽
ورهاست جي قاعدن جي تفتيش ڪري ٿي. |