سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: اقتصادي انصاف

باب: --

صفحو : 11

 

288. ويچار ڪريو، آءٌ چوان ٿو ته ڪيترا ماڻهو ”آباد ڪرڻ گهرجن“؟ ۽ نه ڪه ”آباد ڪري سگهبا.“ رڪارڊو”فطري اُجرت جي نرخ“ جي وصف ڪندي، پنهنجي عاد تي غلط اندازي مطابق لکي ٿو ته اهو نرخ هيءُ آهي _ ”جنهن مان هڪ مزور پلجي سگهي.“ پلجي سگهي! هائو، پر ڪيئن؟- اهو سوال هڪدم مون کان هڪڙيءَ مزور ڇوڪريءَ پڇيو هو، جڏهن مون کيس رڪارڊو جي ڪتاب منجهان اهو ٽڪرو پڙهي ٻڌايو هو: هتي اُن ڇوڪريءَ جي انهيءَ سوال جي آءٌ ڪجھ تشريح ڪندس.

289. ”پلجي سگهي، پر ڪيئن؟“ پهرين ڳالهه هيءَ ته هو ڪيتريءَ عمر تائين پلجي سگهي! پلجندڙ ماڻهن جي هڪڙي تعداد مان گهڻن کي پيري تائين رسڻو آهي گهڻن کي جوانيءَ تائين! تنهن جي معنيٰ ته اوهان انهن جي پلجڻ جو اهڙو ڪو بندوبست رکندا ڇا، جو هو ترت ئي مري وڃن- مثلاً، بيمار ۽ ڪمزور ٻارن جي موت سميت سراسري طور هو رڳو ٽيهن يا پنجيتالهين سالن تائين ئي جي سگهن؟- يا اهڙو ڪو بندبست رکندا، جو هو پنهنجي زندگي پنهنجي فطري موت تائين گذاري سگهن؟ پهرينءَ حالت ۾ توهان هڪٻئي پٺيان ماڻهن جي زياده تعداد کي پالي سگهندا،[1] پر ٻيءَ صورت ۾ جنهن تعداد کي پالي سگهندا، اُهي شايد وڌيڪ بامسرت زندگي گذاري سگهندا: هاڻي، مسٽر رڪارڊو کان سوال پڇڻو آهي ته هن جو ”فطري حالت“ متعلق ڪهڙو رايو آهي. ۽ ”فطري اجرت“ مان سندس ڇا مراد آهي؟

290. وري: هڪ زمين جو ٽڪرو، جو فقط ڏهن ڪاهل، فضول خرچ ۽ جاهل شخصن کي پالي سگهندو، سو يقيناً هوشيار ۽ محنتي ماڻهن جي حالت ۾ ٽيهن يا چاليهن کي پالي سگهندو. هاڻي، ٻڌايو ته ٻنهي حالتن مان ماڻهوءَ جي فطري حالت ڪهڙي آهي، ۽ منجھائن ڪهڙيءَ ڌر کي اُجرت فطري نرخ مطابق حاصل آهي؟

291. وري: جيڪڏهن هڪ زمين جو ٽڪرو چاليهن ماڻهن کي پالي ٿو، جيڪي محض جاهل پورهيت آهن ۽ پوءِ جيڪڏهن هو پنهنجي جهالت مان تنگ اچي، پاڻ منجھان ڏهن کي پورهيي کان فارغ ڪري ڇڏين ٿا، انهيءَ لاءِ ته هو ويهي مخروطي شين جي صفتن ۽ تارن جي ميڙن متعلق تحقيقات ڪن ته هنن ڏهن جو پورهيو، جو زمين تي گهٽجي ويو ته ان حالت ۾ يا ته ڪنهن طرح کاڌي جي پيداوار ۾ اضافو آيو اچڻ گهرجي، يا ته جيڪي ڏهه شخص پورهيي تان هٽي محض مخروطي شين ۽ تارن جي تپاس ۾ لڳي ويا آهن، تن کي بک ۾ پاهه ٿيڻو پوندو يا سندن عيوض ڪن ٻين کي بک ڪاٽڻي  پوندي. هاڻي انهن هن سائنسي شخصن جي اُجرت جو فطري نرخ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، يا باقي رهيل ٽيهن شخصن جي پورهيي جي پيداوار ۾ جو اضافو آيو، تنهن سان ان نرخ جو ڪهڙو تعلق ٿي سگهي ٿو؟

292. وري: سمجهو ته هڪڙي زمين جي ٽڪر تي پهريائين چاليهه مزور پلجي رهيا آهن، جيڪي نهايت ئي پرامن ۽ بااخلاق شخص آهن، پر ٿورن ئي سالن ۾ هو ايترا ته جهيڙاڪ ۽ بدڪار ٿي پون ٿا، جو کين پاڻ منجھان پنج شخص انهيءَ لاءِ مقرر ڪرڻا پون ٿا ته اُهي سندن جهڳڙن ۽ اخلاقن جا فيصلا ڪندا رهن، ٻيا ڏهه کين انهيءَ لاءِ مقرر ڪرڻا پون ٿا ته اُهي قيمت هٿيار پنوهار پاڻ وٽ رکن ۽ انهن فيصلن کي عمل ۾ آڻيندا رهن ۽ پنج ٻيا انهيءَ لاءِ کين مقرر ڪرڻا پون ٿا ته اُهي کين هر وقت وڏي ۽ اثرائتي آواز ۾ خدا جي وجود کان واقف ڪندا رهن، ته پوءِ اُن صورتحال ۾ سندن پيداوار جي عام طاقت تي ڪهرو اثر پوندو ۽ منجھانئن اُهي جيڪي فيصلن ڪندڙ، فيصلن تي عمل ڪرائيندڙ ۽ خدا جا نالي وٺندڙ پورهيت آهن، انهن جي اُجرت جو فطري نرخ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟

293. اِهي سوال هاڻي آءٌ مسٽر رڪارڊو جي پوئلڳن واسطي ڇڏيان ٿو ته هو ڀلي اُنهن تي ويچار ڪن، يا جي چاهين ته انهن کي پري اڇلائي ڇڏين، هاڻي آءٌ اُهي مکيه حقيقتون بيان ڪريان ٿو، جن جو واسطو مزور طبقي جي انهيءَ ممڪن مستقبل سان آهي، جنهن تي مسٽر مل قدري نظر ڦيرائي آهي. سندس ڪتاب جو اُهو باب ۽ ان کان اڳيون باب عام سياسي اقتصادياتي ماهرن جي لکيتن کان مختلف ڏسجن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ قدرتي صورتحال جي اهميت کي ڪنهن قدر تسليم ڪيو ويو آهي ۽ صنعتي دور ۾ قدرتي نظارن جي تباهيءَ جي امڪان تي افسوس جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي.

294. بهرحال، اسان کي هن (قدرتي نظارن جي موضوع متعلق جا تشويش آهي، اُن کي ترڪ ڪرڻ گهرجي. ظاهر آهي ته ماڻهو نڪي ٻاڦ پي سگهندا، نڪي پٿر کائي سگهندا. هڪ زمين جي ٽڪري تي وڌ ۾ وڌ تعداد ۾ ماڻهن جي رهڻ مان مطلب آهي ته اُتي ڀاڄيون ۽ گاهه به نسبتاً اوتري ئي وڌ ۾ وڌ انداز ۾ هجن، جي ماڻهو ۽ چوپايا استعمال ڪري سگهن، اُتي نسبتاً اوتروئي وڌ ۾ وڌ صاف پاڻي ۽ ايتري ئي وڌ ۾ وڌ صاف هوا جو هئڻ به ضروري آهي. انهيءَ کان سواءِ، انهيءَ حصي تي نسبتاً اوترا ئي وڌ ۾ وڌ وڻ به هئڻ گهرجن؛ جي هوا کي بدلائي صاف ڪن، نسبتاً اوترا ئي وڌ ۾ وڌ لاهيءَ وارا ميدان پڻ هئڻ گهرجن، جن تي وڻ ۽ ٻوٽا به اڀريل هجن، جي سج جي گرميءَ کان اُن کي بچايو بيٺا هجن ۽ جن تان پاڻيءَ جا آبشار ۽ نهرون وهي وڃي ندين ۽ دريائن ۾ پون.

295. جيڪڏهن انگلنڊ چاهي ته ڀلي سڄي جو سڄو بنهه هڪ ”ڪارخانن جو شهر“ بنجي پوي ۽ انگريز ڀلي ته عام ماڻهن جي ڀلي خاطر پاڻ کي قربان ڪندي، اوندهه، گوڙ گهمسان ۽ مشينن جي موتمار دونهين جي وچ ۾ وقت گذاري، پنهنجون زندگيون گهٽائين. پر ساري دنيا نڪي ته ڪو يڪو ڪارخانو، نڪي ته ڪا يڪي کاڻ بنجي ٿي سگهي. ڪا به انساني قابليت هزارن ۽ لکن ماڻهن واسطي لوهه کي هاضمي لائق ڪانه بنائيندي، نڪي هائڊروجن کي شراب جي جاءِ تي ڪارآمد ثابت ڪندي. ماڻهن جو لوڀ ۽ سندن غصو به کين ڪڏهن خوراڪ جو ڪم ڪونه ڏيئي سگهندا ۽ سودم جي صوفن، گامرا جي انگورن (99) وانگر ماڻهن جي دسترخوانن تي کڻي ڪيتريون ڦلهيار مان ٺهيل مٺايون ۽ زهر سان چڪايل شراب رکيا وڃن _ بهرحال، جيستائين انسانن جو گذران مانيءَ تي آهي تيستائين اهي هر هنڌ پري کان نظر ايندڙ ماٿريون خداوند تعاليٰ جي چمڪندڙ سون (100) سان وڇايون ئي رهنديون ۽ ائين هميشه کلنديون ۽ ٻهڪنديون رهنديون، ۽ انسانن جي پر مسرت انبوهن جا رسيلا آواز انگورن مان رس ڪڍندڙ مشينن ۽ کوهن جي چوگرد هميشه ئي ائين ٻڌبا رهبا.

296. نڪي وري اسان جي وڌيڪ جذباتي اقتصاديات کان ڊڄڻ گهرجي. هوشور ماڻهن جي آبادين سان هيءَ ئي اميد وابسته ٿي سگهي ٿي ته هو نه فقط کاڌي جي پرمسرت جي پڻ تلاش ۾ رهندا، ۽ نه وري ڪا قوم تيستائين وڌ ۾ وڌ تعداد کي پهچي سگهندي، جيستائين منجهس اهو فهم ۽ شعور موجود نه آهي، جنهن ۾ آباد دنيا منجهان لطف اندوز ٿيڻ جي صلاحيت موجود هوندي آهي. دنيا ۾ بيابانن جي به پنهنجي پنهنجي اهميت ۽ پنهنجو پنهنجو سونپيل ڪارج آهي، اُها عظيم اَبدي ڪَل، جنهن جي نگاهه زمين جي گولي جي سرائي آهي، جنهن جي دل جي ڌڙڪ ان جو سال آهي ۽ جنهن جي ساهه جي ڇڪ ان جا مهاساگر آهن، سا پنهنجيون برق ۽ باهه جو ن طاقتون انهن وسين ۽ لامحدود ميدانن ۾ تقسيم ڪندي ئي رهندي، جن تي اهي پٿرن ۽ واريءَ ي سڃاڻپ جا عظيم نشان موجود رهن ٿا. بهرصورت، ڌرتي ماتا جا اُهي حصا جيڪي انهن نشانن جي وچ ۾ واقعي آهن، ۽ جيڪي آباد آهن، سي اُن آباديءَ سبب ئي هميشه حسين ترين نظر ايندا آهن ۽ دل کي وڻندا آهن.

297. جنهن شئي کي دل گهرندي آهي، اُها اک کي به وڻندي آهي. ڪو به نظارو لاڳيتو ۽ دائمي طور دل کي نه وڻندو آهي، سواءِ ان جي جنهن کي انسان جي خوشيءَ ڀريءَ محنت سڌاريو ۽ سنواريو هوندو: مثلاً، هڪ ساريڪا کيت، ساوا سهڻا باغيچا، ميويدار باغ، صاف سٿرا وسندڙ گهر، جن ۾ ڀرپور زندگيءَ  جا دلبهار نغما بُرندا رهندا هجن. ٻوساٽيل فضا ۾ سرهائي ۽ سرهاڻ ڪانه ٿيندي، فضا جي دلبري ۽ دلفريبي انهيءَ ۾ آهي ته اها راحت بخش جهيڻن آوازن سان پر هجي، جنهن ۾ پکين جون لاتيون، جيتن جون جهڻڪارون، انسانن جا آلاپ ۽ ٻارن جون ٻاتڙيون ٻوليون ٻڌڻ ۾ اچن.

298. جيئن جيئن زندگيءَ جو فن سکيو ٿو رهجي، تيئن تيئن آخر هي معلوم ٿيندو ٿو وڃي ته سڀ حسين شيون ساڳئي وقت ضروري شيون پڻ آهن. جهڙا رستي لڳ قدرتي ڄاول گل، تهڙا هٿ سان پوکيل فصل، ۽ جهڙا جهنگلي پکي ۽ جانور، اهڙوئي پاليل چوپايو مال، ڇاڪاڻ ته انسان رڳو روٽيءَ تي گذر ڪونه ٿو ڪري، پر کيس بيابانن جي ”من وسلوا“ پڻ گهرجي ۽ سندس جياپي جو مدار قدرت جي هر حيرت افزا ڪلمي ۽ قدرت جي هر اڻڄاتل ڪرشمي تي پڻ آهي. هو مسرور ۽ مطمئن آهي __ انهيءَ لاءِ پڻ، جو هو هن کان بيخبر آهي، ۽ سندس ابا- ڏاڏا پڻ ان کان بيخبر هئا، ۽ پڻ انهيءَ لاءِ، جو پوءِ به سندس وجود جو عظيم معجزو، جيڪو سندس ذات سان ئي وابسته آهي، اُهو ساڳئي وقت، اڳتي وڌي، مڪان ۽ زمان جي لامحدود وسعتن کي ڇهندو ٿو رهي.

299. آخر ۾، اوهان هن ڳالهه کي خيال ۾ رکو ته انسانذات جي حقيقي مسرت ڏانهن جيڪو به اثرائتو قدم کڄي ٿو، سو انفرادي ڪوشش جو نتيجو آهي، ۽ نه عام ڪوشش جو. ڪي عام قاعدا، ڪي سڌاريل قانون ان طرف وڌڻ لاءِ رهنمائي ڪري سگهن ٿا ۽ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا؛ پر ان لاءِ جيڪو به قاعدو ۽ جيڪو به قانون سڀ کان اول ٺاهڻو ۽ عمل ۾ آڻڻو آهي، ان جو دائرو هر ماڻهوءَ جي پنهنجي گهر تائين ئي محدود رهڻ گهرجي. هي اسين هميشه ٻُڌندا رهندا آهيون ته سياڻا ماڻهو پنهنجن دانهُن ڪندڙ پاڙيسرين کي (جيڪي زندگيءَ ۾ کانئن گهٽ جڳهه تي بيٺل هوندا آهن) هر وقت هيءَ صلاح ڏيندا رهندا آهن ته ”زندگيءَ ۾ جنهن مقام تي قدرت کين رکيو آهي. تنهن کي کين راضي رهڻ گهرجي.“

300. زندگي ۾ شايد ڪي حالتون اهڙيون به پيش اچن ٿيون، جو قدرت نٿي چاهي ته ماڻهن کي انهن تي راضي ٿي ”ويهي رهڻ گهرجي“. باوجود ان جي، مٿيون اصول مجموعي طور هڪ چڱو اصول آهي. پر اُهو گهريلو استعمال لاءِ ئي مخصوص آهي. اوهان جو پاڙيسري ”پنهنجي“ حال تي راضي رهي ٿو يا نٿو رهي، ان سان اوهان جو ڪو واسطو ڪونهي؛ پر هن ڳالهه سان اوهان جو تمام گهڻو واسطو آهي ته اوهان پنهنجي حال تي راضي رهو.

301. اڄ انگلنڊ ۾ جنهن ڳالهه جي خاص ضرورت آهي، سا هيءَ آهي ته اُهو مسرت جو انداز تجويز ڪيو وڃي، جيڪو وچولي قسم جي پڌريءَ ۽ پورهيي سان حاصل ڪيل آمدنيءَ کي جائز طريقي سان خرچ ڪندي حاصل ڪري سگهجي. اسان کي اهڙا مثالي ماڻهو گهرجن، جيڪي اها ڳالهه خدا جي فيصلي تي ڇڏيندي ته هو دنيا ۾ مٿي چڙهندا يا نه، پنهنجي لاءِ پاڻ هي فيصلو ڪن ته هو بهرحال، ان ۾ خوش گذاريندا ۽ جن اهو پڪو ارادو ڪيو هجي ته هو گهڻي کان گهڻيءَ دولت جي نه، پر سادي کان ساديءَ خوشيءَ جي تلاس ۾ رهندا؛ اوچي درجي کي نه، پر گهري قلبي سڪون کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا؛ ڪنهن ملڪيت تي قبضي ڪرڻ جي سلسلي ۾ پهريائين پنهنجي پاڻ تي قبضو حاصل ڪندا، ۽ بيضرر خودداريءَ ۽ صلح جو مشغلن دوران ئي پنهنجو پاڻ کي عزت بخشيندا ۽ احترام جي قابل بنائيندا.

302. جن ماٺيڻن، صلح جو مشغلن متعلق لکيل آهي ته انهن ۾ ”اَمن ۽ انصاف، ”وڌي اچي“، هڪٻئي کي چُميو آهي“؛ ۽ پڻ لکيل آهي ته ”انصاف جو ڦل امن جي صورت ۾ انهن کي ميسر آهي، جيڪي امن پيدا ڪن ٿا“؛ اُهي نه ، جن لاءِ عام طور چيو ويندو آهي ته ”امن ڪرائين ٿا“، يعني جهيڙا نبيرين ٿا_ جيتوڻيڪ اُهو ڪم پڻ ان ٻئي عظيم تر ڪم جي نتيجي ۾ ئي ممڪن ٿئي ٿو)؛ پر اُهي جيڪي امن جا خالق ۽ سڪون جا بخشيندڙ آهن ۽ اها نعمت پهريائين اوهان پاڻ حاصل ڪرڻ کان اڳ بخشي يا ڏيئي نٿا سگهو؛ نڪي وري هيءَ نعمت اهڙي آهي جيڪا، جيئن عام طور چيو ويندو آهي، هِن يا هُن خاص ڪاروبار جي اختيار ڪرڻ تي خاطريءَ سان حاصل ٿي سگهندي.

303. حاصلات يا نفعي جي ڪابه ٻي صورت ان کان زياده بي ڀروسي نه آهي، ڇاڪاڻ ته هر ڪاروبار دراصل ڦرڻو گهرڻو- ۽ غالباً ظابطي کان ٻاهر _ آهي؛ جنهن جو رخ به، جيئن ڳجهه ڍونڍ تي رڳو هيڏانهن هوڏانهن لامارا پيئي ڏيندي آهي، تيئن ڪڏهن به هڪ جاءِ يا هڪ طرف ڏانهن مائل نه هوندو آهي؛ برخلاف ان جي ”زيتون کائيندڙ“ پکي جيڪي آکيري ۾ ٻچن کي پاليندا آهن، اُهي ڦري گهري، وري به آکيري ۾ ئي پنهنجو آرام ۽ سُک ڳولين ٿا. انهيءَ سبب ئي ڏاهپ متعلق چيو ويو آهي ته ان ” ٽُڪي _ ٽُڪي پنهنجي لاءِ ست ٿنڀا ٺاهيا آهن، ۽ پنهنجو قيامگاهه تعمير ڪيو آهي“؛ ۽ جي ڪنهن به موقعي تي ان کي اتان نڪري ٻاهر وڃڻو پوي ٿو ته پهريائين ته اها دروازن وٽ ڪافي دير ترسي بيهي ٿي رهي ۽ ٻيءَ صورت ۾ به سندس رستا سڀ نيڪيءَ ۽ امن جا رستا آهن.

304. اسان لاءِ ته بهرحال، ان جو عمل لازمي طور دروازن کان ئي شروع ٿيڻ گهرجي: تحقيق صحيح اقتصاديات آهي ئي ”گهر جو قاعدو“. ان قاعدي کي ڪوشش ڪري پختو، آسان ۽ فياضانه بنايو: ڪجهه به ضايع نه ڪريو ۽ ڪجھ به ڪُرڪي پوئتي نه جهليو. پئسي ميڙڻ جي اون نه رکو، پراون اها رکو ته ڪيئن ان پئسي مان گهڻي کان گهڻو فائدو حاصل ٿئي. هر حالت ۾ هيءَ عظيم، قطعي ۽ بنيادي حقيقت ياد رکو _ جيڪا هر اقتصاد جو قانون ۽ بنياد آهي- ته جيڪي هڪ شخص وٽ آهي، اُهو ساڳئي وقت ٻئي شخص وٽ ٿي نٿو سگهي؛ ۽ هر شئي جي ذري ذري تي، پوءِ اها ڪهڙي به قسم جي هجي ۽ ڪيئن به استعمال ٿئي، انسان پنهنجي زندگي ڏني آهي؛ جيڪا شئي جو ذرو جيڪڏهن حياتيءَ جي بچائڻ يا ان جي وڌائڻ ۾ ڪم آيو ته چئبو ته مڦلو ٿيو، پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته چئبو ته ان اوتريءَ انساني زندگيءَ کي روڪيو يا ان جو خون ڪيو.

305. هر خريداريءَ وقت، پهريائين هيءُ ويچار ڪيو ته جو ڪجهه اوهان خريد ڪري رهيا آهيو، ان جا پيدا ڪندڙ، اوهان جي خريدڻ لاءِ ان شئي کي پيدا ڪندي، ڪهڙيءَ حالت ۾ پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن؛ ان کان پوءِ ٻيو هي ويچار ڪيو ته جيڪا رقم اوهان ان شئي لاءِ ادا ڪئي آهي، ڇا اها ان جي پيدا ڪندڙ لاءِ انصاف ڀري آهي، ۽ ڇا، اُها پوريءَ مناسب سان هُن جي هٿن ۾ پهچي ٿي[2]، ٽيون هيءُ ويچار ڪيو ته جو ڪجهه اوهان خريد ڪيو آهي،  ان کي سنئون سڌو کاڌي، علم يا مسرت جي ڪيتري ڪارج ۾ اوهان آڻي سگهو ٿا، چوٿون هيءُ ته اُها شئي ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن ۾ * ڪهڙي ڪهڙي نموني جلد ۾ جلد ۽ افاديت جي لحاظ سان تقسيم ٿي سگهي ٿي: هر قسم جي ڏيتيءَ ليتيءَ ۾، بهرحال مڪمل صداقت ۽ پوري پوري وعده وفائي اختيار ڪرڻ اولين شرط آهي، خاص طرح قابل فروخت شين جي سٺي ۽ خالص هئڻ متعلق: ساڳئي وقت انهن سڀني طريقن کي پڻ خيال ۾ رکڻ ضروري آهي، جن جي وسيلي خالص خوشيءَ جي ماڻڻ جي صلاحيت حاصل ڪري يا سکي سگهجي ٿي ۽ جن جي معرفت شين مان هر ممڪن مسرت ۽ سک حاصل ڪري سگهجي ٿو _ ياد رکڻ جهڙن ڳالهه هيءَ آهي ته سک ۽ مسرت جي انداز جو انحصار انهيءَ تي نه آهي ته ڪيتريون شيون استعمال لاءِ ميسر آهن يا استعمال ڪيون وڃن ٿيون، پر انهيءَ تي آهي ته ماڻهوءَ جو ذوق ڪيتريقدر باخبر ۽ بردبار آهي.

306. ۽ جيڪڏهن هنن ڳالهين تي ايماندارانه ۽ پوري ويچار ڪرڻ سان ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته قياس طور توڙي حق طلبيءَ جي جواب ۾، جنهن قسم جي زندگي عام ماڻهن لاءِ هن وقت ميسر ٿي سگهي ٿي، اُها، ڪم از ڪم آئيندي ڪجهه عرصي لاءِ باعيش ۽ پرمسرت زندگي نٿي ٿي سگهي، ته پوءِ غور ڪريو ته آيا، اسان مان ڪوبه شخص اهڙو عيش ماڻڻ، جيڪو کڻي فرض ڪجي ته بيگناهه به آهي، پسند ڪندو، جيڪڏهن ان سان گڏ دنيا ۾ جيڪو ظاهر ظهور دک ۽ عذاب موجود آهي، اهو پنهنجي بنهه اکين اڳيان صاف صاف اسان کي ڏسڻ ۾ پيو ايندو هجي! عيش تحقيق ممڪن آهي _ معصومانه ۽ لطيف عيش _ پر مستقبل ۾، سڀني لاءِ عيش ۽ سڀني جي مدد سان، پر هن وقت عيش فقط اهي ماڻي سگهن ٿا، جيڪي جاهل آهن، اڃ ته ڪٺور کان ڪٺور ماڻهو به پنهنجي پر تڪلف دسترخوان تي پنهنجي اکين تي پٽيءَ ٻڌڻ کان سواءِ ويهي نٿو سگهي.

307. تون همت ڪري پنهنجي اکين تان پٽي هٽاءِ، روشنيءَ ڏانهن نهار، ۽ جيڪڏهن اک جي روشني اڃا به ڳوڙهن دوران ۽ جسم جي روشني اڃا به کٿي اوڙهڻ سان ميسر ٿيڻي آهي؟ پوءِ نيڪيءَ جو املهه تخم سيني ۾ سانڍيندو، ۽ ڳوڙها ڳاڙيندو اڳتي وڌ، جيستائين اهو ڏينهن اچي ۽ اها بادشاهت اچي، جڏهن مسيحي نان جو تحفو ۽ امن جي ميراث، جهڙي توکي تهڙي ”هن ٻئي کي“، جيڪو بنهه آخر ۾ آيو آهي“، مرحمت ڪئي ويندي، ۽ جڏهن ڌرتيءَ جي رٺل انبون _ ڌاڍن ۽ هيڻن _ جي وچ ۾ بنديخاني جي فيصلي کان وڌيڪ پاڪيزه پرچاءُ عمل ۾ ايندو ۽ امن جي اقتصاديات جو راڄ شروع ٿيندو، جتي ڏاڍا ۽ ظالم تڪليف کان نه، پر تڪليف ڏيڻ کان محفوظ رهندا- ۽ جيڪي هيڻا ۽ ٿڪل ٽٽل آهن، سي ٿڪ ۽ ضعف کان آزاد ٿي، مطمئن زندگي گذاريندا.


[1] زندگيءَ جو مقدار ٻنهي حالتن ۾ هڪجيترو آهي، پر ان جي تقسيم مختلف نمونن سان ڏيکاري ويئي آهي.

[2]  مال پيدا ڪندڙ جي منصفانه اجرت جي مسئلي تي انهيءَ کان وڌيڪ آءُ ڪجهه چوان، تنهن کان اڳ اهو بلڪل ضروري آهي ته انهن وچوين، مثلاً اوورسيئرن يا بااختيار مزورن، مال پڄائيندڙن (تاجرن، خلاصين، ريزڪين، واپارين وغيره) ۽ گماشتن (فوخت ڪارن) جي حقيقي فرائض جو مطالعو ڪيو وڃي. پر مون ان بابت هنن ابتدائي مقالن ۾ ڪو به ذڪر ڪونه ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي بڇڙايون انهن وچوين جي اجائي هلت جي نتيجي طور پيدا ٿين ٿيون، سي جديد اقتصاديات جي اصولن جي پوئيواري، ڪري نه، پر رڳو لاغرضائيءَ ۽ حق شناسيءَ ڪري آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org