259. پڙهندڙ کي شايد عجب لڳندو هوندو ته مون
هيستائين ”سرمايي ۽ ان جي ڪارج ڏانهن صرف ڪي
معمولي اشارا پئي ڪيا آهن. هتي هاڻي، ان جي توصيف
ڪرڻ موقعي واري ٿيندي.
260. سرمايي مان مراد آهي، ”بنياد، سرچشمو، يا مکيه مواد“ _ هي
اُهو مواد آهي، جنهن مان ڪو ٻيو نڪرندڙ يا ثانوي
سامان پيدا ڪيو وڃي. اهو حقيقي سرمايو فقط تڏهن
آهي، جڏهن اُهو پنهنجي پاڻ کي ڪي ڪجهه مختلف صورت
۾ پيدا ڪندو رهي. سرمايو اها پار آهي، جا تيستائين
ڪنهن به اصلي ڪم ۾ مصروف نٿي ٿئي، جيستائين پاڙ
کان علاوه ٻي ڪا شئي پيدا نه ڪري، يعني ڦل. اهو ڦل
ڪجهه وقت کان پوءِ وري پاڙون پيدا ڪندو، تنهنڪري
سڀ جاندار سرمايو آخرڪار نئون سرمايو موجود ۾ آڻي
ٿو، پر اهو سرمايو، جو محض سرمايو پيد اڪري ٿو، سو
ان پاڙ مثال آهي، جا محض پاڙ پيد اڪري ٿي؛ ان ڍڍي
مثال آهي، جيڪو ڍڍو ئي پيدا ڪري ٿو ۽ سنگ نٿو پيدا
ڪري؛ ۽ ان ٻج مثال آهي، جيڪو ٻج ئي پيدا ڪري ٿو ۽
روٽي پيدا نٿو ڪري.
261. يورپ جي سياسي اقتصاديات هن کان اڳ پنهنجو ڌيان فقط ڍڍن کي
وڌائڻ، يا (ان کان به گهٽ) رڳو انهن جي جمع ڪرڻ تي
پئي ڏنو آهي. ان جي ڪڏهن به سنگ تي نظر نه پئي آهي
۽ نه وري ان جي تصور ۾ ئي اُهو ڪڏهن آيو آهي. رڳو
اهي اُٻاريل ڍڍا آهن، جي شيشي جي بلبن يا ”شهزادي
ريوپرٽ جي ڦڙن“ (92) جي صورت ۾ نيٺ ڀُري اٽو ٿي
وڃن ٿا اها به غنيمت آهي ته اُهي شيشي جو اٽو ٿين
ٿا، نه باروت جو اٽو). جمع ڪرڻ جي قاعدن جي توصيف
ڪندي، اقتصادياتي ماهرن جي سامهون ان کان سواءِ
ٻيو ڪو مطلب يا مقصد شايد ئي ڪو هو. هاڻي اسان
انهن جمع ڪرڻ جي قاعدن کي وڌيڪ واضع نموني ۾
جاچينداسين.
262. بهترين ۽ سادي ۾ سادو عام قسم جو سرمايو هَرَ جي سُٺي
گهڙيل چوني آهي. هاڻي، جيڪڏهن چوني ٻيو ڪجھ نه ڪري
پر سئو پيريءَ وانگر پنهنجي پاڻ مان رڳو ٻيون
چونيون پيئي ڪڍي، ته اُها سئو پيرڙي چونِي کڻي
ڪيترو به- تڙڪي ۾ پيئي چمڪي ۽ تجلا ڏئي، پر ظاهر
آهي ته سمجهبو ائين ئي ته پنهنجي سرمايي جو ڪارج
ان وڃائي ڇڏيو آهي. اُها حقيقي سرمايو فقط تڏهن
آهي، جڏهن اُها ٻنيءَ جي اوڙن ۾ وهندي، اڪيلي ئي
اڪيلي، چمڪندي ۽ چهڪندي رهي؛ نه فقط ايترو، پر
تڏهن، جڏهن اُها هڪ هنڌ ويهي وڌڻ ۽ ويجهڻ بدران،
پاڻ اوڙن ۾ پنهنجيءَ شانائتيءَ گاٺ پيٺ ۾ اڳي کان
سسندي ۽ گهٽجندي رهي.
263. تنهنڪري، حقيقي سوال، هر سرمائيدار ۽ هر قوم لاءِ، اهو نه
آهي ته ”تو وٽ ڪيترا هَرَ آهن؟“ پر هيءُ آهي ته
”تنهنجي کيڙيل ٻني ڪٿي آهي؟“ _ اهو نه آهي ته
”هيءُ يا هو سرمايو ڪيترو جلد وڌي ٻيڻو، چوڻو يا
ڏهوڻو ٿيندو؟“ پر هي آهي ته ائين وڌندي اهو ڪهڙو
ڪارج سرانجام ٿو ڏئي؟ ڪهڙو مواد ٿو اُهو مهيا ڪري
_ زندگيءَ لاءِ مفيد؟ ڪهڙي ڪم جي تعمير ٿو ڪري_
زندگيءَ جي حفاظت جي؟ جيڪڏهن اهڙو ڪو ڪم اهو ڪونه
ٿو ڪري ته پوءِ ان جو پنهنجي پاڻ کي وڌائي ٻيڻو
چؤڻو ڪرڻ بيسود آهي؛ جيڪڏهن ڪجهه نه ڪرڻ کان به
بدتر ٻي ڪا چيز ٿو ڪري (ڇاڪاڻ ته سرمايو زندگيءَ
لاءِ سهارو به ٿي سگهي ٿو، ۽ ان لاءِ آزار به بنجي
ٿو سگهي)، ته پوءِ اهو بيسود کان به بدتر آهي.
264. ڪنهن به صورت ۾ بهرحال، اُن کي نفعو نٿو سڏي سگهجي، جيئن
قديم ماڻهن صحيح طور ڏٺو ۽ سمجهيو، ۽ ”اگزين“ (93)
جي مثال ثابت ڪري ڏيکاريو؛ ڇاڪاڻ ته سرمايو دولت
جو مُنڍ _ سائو مُنڍ _ سرچشمو آهي، جيئن ڪڪر بارش
جو سائو مُنڍ آهن: پر جيڪڏهن جيئن ڪڪر پاڻيءَ کان
خالي هجن، ۽ پاڻ مان فقط جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ڪڪر
پيدا ڪندا رهن، ته اُن حالت ۾ اُهي بارش بدران
گجگوڙ جو غصو ۽ آباديءَ جي بدران برباديءَ جي وڄ
بنجي نڪرندا ۽ مٿي چڙهندا. چنانچه، ”اِگزين“ متعلق
چيو ويو اهي ته پهريائين اُن پنهنجي مجلس ۾ مهمانن
کي دعوت ڏيئي گهرايو، ۽ پوءِ انهن کي جهلي هڪ باهه
سان ڀريل کڏ (کوري) ۾ وجهائي ڇڏيائن؛ ۽ اهوئي
شاهوڪاريءَ جي حرص جو مثال آهي، جو نيٺ چوڦيرو
عذاب بنجي ظاهر ٿئي ٿو _ جنهن کي ئي تتل کوي (يا
ڊيماس جي چانديءَ جي کاڻ) (94) جو عذاب ٿو سڏجي،
ان کان پوءِ ڪيئن شاهوڪاريءَ جو ڪروڌ ڀريو حرص عيش
جي هوس کان وڌي طاقت جي هوَس جي صورت اختيار ڪري
ٿو _ طاقت به اها جنهن کي پوريءَ ريت سمجهيوئي
ڪونه ٿو وڃي- تنهن جي مثال ڏيڻ خاطر، ”اِگزين“
متعلق چيو ويو آهي ته هُن ”جُون“ (95) ۾ مدي نظر
وڌي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي سڌ ڪئي، پر بجاءِ ”جُون“
جي هُن وڃي دونهين (شرير جسم) کي ٻَک وڌو، جنهن
مان هن کي اڌ انسان ۽ اڌ حيوان جهڙا ٻچا پيدا ٿيا؛
ساڳيءَ طرح محض دولت جي طاقت پڻ اهڙي ئي هڪ پاڇولي
جي ٻک برابر آهي، جنهن ٻک ۾ ڪابه فرحت ڪانهي، ڪا
به خوشي ڪانهي (جيئن انجيل ۾ آهي ته ”ايفريم“ هوا
کائي ٿو ۽ هوا جي پٺيان ڀڄندو رهي ٿو“، يا ”ڇا،
تون انهيءَ ڏانهن ڏسندو رهندين، جيڪا موجود ئي
ڪانهي؟ ڇاڪاڻ ته دولت کي ته کنڀ آهن!“ _ مثال
5. X X III
۽ جيئن ”ڊانٽي“ جو پيش ڪيل ”گيريان“ (96) هٻڇي
مڪار جو هڪ مثال آهي، جيڪو جيئن مٿي اڏامندو ٿي
ويو، تيئن پنهنجي مڙندن چنبن ۾ ٺلي هوا جهٽيندو ٿي
ويو[1])،
پر جنهن جي اولاد جي سرشت اڌ انساني ۽ اڌ حيواني
آهي: عقل جي موجود هئڻ سبب انساني _جيئن هو پنهنجي
تير سان گڏ پنهنجو ذهن استعمال ڪري ٿو؛ ۽ بدني
بناوت ۽ تيزکُرن جي موجود هئڻ سبب حيواني_ جن سان
هو هر شئي کي هڙپ ڪندو ۽ چٿيندو رهي ٿو.
265. جنهن گناهه جي عيوض ”اِگزين“ کي آخرڪار هڪ چهنبياري ۽
ٻرندڙ ڦيٿي سان ٻڌي قابو ڪيو ويو، جو هميشه هوا ۾
ڦرندو ٿي رهيو؛ اهوئي انساني محنت جو مثال آهي،
جڏهن اُها خود غرض ۽ بي ثمر آهي (تاريخ جا وچورا
زمانا اهڙي ئي پنهنجي نصيب جي ڦيٿي ۾ جڪڙيل هئا)
هيءُ اُهو ڦيٿو آهي، جنهن ۾ ڪو به ساهه يا روح نه
آهي، ۽ اُهو هرگز پنهنجي پورالي انداز ۾ * اتفاقيه
ڦرندو ٿو رهي، ان جي برعڪس هر سچيءَ محنت متعلق
”از ڪيل“ (97) جو لڌل خواب پورو ۽ صحيح آهي ته
”ڦيٿن ۾ زنده جسم و روح موجود آهي، ۽ جيڏانهن
ملائڪ وڃن ٿا، انهن سان گڏ ڦيٿا پڻ هلن ٿا، ٻي
صورت ۾ اُهي هڪ هنڌ بيٺا ئي رهن ٿا.
266. سرمايي جي اها صحيح نوعيت آهي، جنهن مان اهو مطلب نڪتو ته
پيداوار جا ٻه قسم آهن، جيڪي هڪ جاندار سماج ۾
هميشه عمل ۾ ايندا رهن ٿا: هڪ ٻج جي پيداوار ۽ ٻي
خوراڪ جي پيداوار“ يا هڪ پيداوار، زمين لاءِ ۽ ٻي
پيٽ لاءِ، هٻڇي ۽ حريص ماڻهو ائين سمجهندا آهن ته
پيداوار جا هي ٻيئي قسم سندن ڀانڊن ڀرڻ لاءِ آهن،
حالانڪه ڀانڊن جو مقصد به محض درمياني ۽ حفاظتي
آهي، جنهن جي تڪميل وري تقسيم ۾ آهي، ٻي حالت ۾
ڀانڊن ۾ رکيل پيداوار جي پڇاڙي اها آهي، جو رکئي
رکئي ڦٽي پوي ۽ ڪُئن ۽ ڪيئن جو کاڄ ٿي وڃي، ۽
ڇاڪاڻ ته زمين لاءِ پيداوار به فقط انهيءَ ڪري
ڪارآمد ۽ مفيد آهي، جو اڳتي ان سان وري به لاباري
جي اميد وابسته آهي، تنهنڪري هر ڪا حقيقي پيداوار
پيٽ لاءِ ئي آهي، ۽ آخري طور ان جي تور ماپ پيٽ جي
ئي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي؛ تنهنڪري، جيئن آءٌ مٿي
چئي آيو آهيان، استعمال يا کپت ئي پيداوار جو اصل
۽ اعليٰ مقصد آهي، ۽ هڪ قوم جي دولت جو اندازو فقط
ان جي کپت مان لڳائي ٿو سگهجي.
267. انهيءَ حقيقت کان پوريءَ ريت باخبر نه هئڻ سياسي اقتصاديات
جي ماهرن جي بنيادي غلطي آهي، جنهن جي نتيجي طور
هو ٻين ڪيترن ئي غلطين جا شڪار ٿي وڃن ٿا. هنن جو
ذهن هر وقت ”زر جي نفعي“ ۾ لڳو رهي ٿو، نه ”پيٽ جي
نفعي“ ۾، ۽ پوءِ جيئن پکي ماريءَ جي آئيني ڏيکارن
تي لاچار ٿي پوندا آهن (98)، تيئن زر جي چمڪ هنن
جي اکين تي پڻ انڌاري آڻي ٿي ڇڏي ۽ هو هر قسم جي
ڄار توڙي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي پون ٿا، يا اُن کان به
بهتر مثال انهن جو هيءُ آهي (ڇاڪاڻ ته منجهن پکين
جي انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪا صفت موجود ڪانهي) ته هو
بنهه ٻار آهن، جيڪي ٽپ ڏيئي، پنهنجي ئي پاڇولي جي
مٿي تي بيهڻ گهرن ٿا، ڇاڪاڻ ته ”زر جو نفعو“ حقيقي
نفعي جو فقط پاڇولو آهي ۽ حقيقي نفعي مان مراد
انسانيت جو نفعو آهي.
268. سياسي اقتصاديات جو آخرين مقصد، تنهنڪري، اهو آهي ته کپت
جو نيڪ طريقو هٿ ڪيو وڃي ۽ کپت جو وڏو مقدار هٿ
ڪيو وڃي: ٻين لفظن ۾ هيءُ ته هرڪا شئي استعمال ۾
آندي وڃي: ۽ بهترين استعمال ۾ آندي وڃي، پوءِ اُها
مادي شئي هجي، خدمت هجي يا خدمت جيڪا مادي شئي کي
مڪمل ڪري اُها هجي.
269. مسٽر مل جي سڄيءَ تصنيف ۾ هڪڙي سڀ کان عجيب غلطي هيءَ آهي
(جا پهريائين رڪارڊو هن لاءِ پيدا ڪئي) ته هو سڌي
ءَ ۽ اڻسڌيءَ خدمت جي وچ ۾ فرق معلوم ڪرڻ جي ڪوشش
ڪري ٿو ۽ نتيجي طور اها دعوا ٿو ڪري ته جنس جي طلب
محنت جي طلب نه آهي
(I .V .9).
هن جي نظر ۾ جيڪي مزور بخمل اُڻڻ ۾ لڳايا وڃن ٿا ۽
اُهي جيڪي سبزگاهه واري باغيچي کي سنوارڻ ۾ لڳايا
وڃن ٿا، تن جي وچ ۾ وڏو فرق آهي ان سلسلي ۾ هو چوي
ٿو ته مزور طبقي لاءِ اها ڳالهه بنيادي فرق پيدا
ٿي ڪري ته هڪ سرمائيدار مذڪور ٻن طريقن مان ڪهڙي
هڪڙي طريقي تي پئسا خرچ ٿو ڪري؛ پو ته باغائين کي
ڪم ۾ لڳائڻ محنت جي طلب آهي، پر بخمل جي خريدي
محنت جي طلب نه آهي.[2]
270. اها غلطي بيحد عجيب به آهي ۽ انتهائي عظيم پڻ. هڪ مزور
لاءِ تحقيق هنن ٻن ڳالهين ۾ وڏو فرق سمايل آهي ته
کيس بهار جي پرڪيف هوائن ۾ رنبي هلائڻ لاءِ چئون
ٿا، يا بند ڪمري جي زهريليءَ هوا ۾ آڏاڻي هلائڻ
لاءِ ٿا چئون؛ پري جيتريقدر سندس کيسي جو سوال آهي
ته هن لاءِ ان ۾ تر جيترو به فرق نه آهي ته اسين
هن کي ٻج ۽ رنبي سان سائي بخمل (گاهه) لڳائڻ جو
حڪم ٿا ڪريون يا ريشم ۽ ڪئنچيءَ سان ڳاڙهي بخمل
بنائڻ جو. ساڻس ڪنهن به ريت هن ڳالهه جو به واسطو
نه آهي ته بخمل تيار ٿيڻ کان پوءِ اين ان جو ڪهڙو
استعمال ٿا ڪريون _ آيا ان جي مٿان پنڌ ٿا ڪريون
يا ان کي پوشاڪ طور پهريون ٿا- بشرطيڪه ان جو
استعمال اسان جي پنهنجي ذات تائين ئي محدود هجي.
پر جيڪڏهن اسان جو استعمال ڪنهن به ريت ذاتي نه پر
سماجي نوعيت جو آهي ته ان حالت ۾ نه فقط گهربل شين
جي استعمال جو طريقو پر ان استعمال لاءِ گهربل شين
جو قسم پڻ هن لاءِ واقعي وڏيءَ اهميت واريون
ڳالهيون بنجي پون ٿيون.
271. مثلاً، ههڙيءَ طرح (ٿوريءَ گهڙيءَ لاءِ وري مسٽر مل جي
لوهي سامان واري وڏي نظريي کي ياد ٿا ڪريون[3]):
جيستائين مزور جي ترت فائدي جو واسطو آهي، ته هن
لاءِ ان ۾ ڪوڙيءَ پائيءَ جو به فرق نه آهي ته آءٌ
هن کي نارنگين جي وڻن پوکڻ لاءِ پاڻ وٽ ملازمت ۾
رکان ٿو يا بمن ٺاهڻ لاءِ؛ پر انهن شين کي آءٌ
ائين استعمال ڪندس، اها ڳالهه سا هُن لاءِ برابر
وڏي اهميت رکي ٿي. سمجهو ته ٻنهي حالتن ۾ منهنجو
استعمال ”بيغرض“ واقع ٿيڻو آهي ته مزور لاءِ اها
ڳالهه بنهه آخرين ۽ فيصله ڪُن صورت وٺي بيهندي ته
جڏهن هن جو ٻار بيمار آهي ته آءٌ هن جي جهوپڙيءَ ۾
وڃي ان کي هٿ ۾ نارنگي ٿو ڏيان، يا هن جي جهوپڙيءَ
جي بخاري منجهان هڪڙو بم اڇلائي هن جي گهر جي ڇت
کي اڏائي ٿو ڇڏيان.
272. هاريءَ لاءِ سڀ کان بري ڳالهه ته هيءَ آهي ته
هن عين ممڪن آهي ته سرمائيدار جو استعمال نارنگين
جي حالت بنهه ذاتي ۽ بم جي حالت ۾ بنهه عام ٿي ٿئي[4].
بهرحال، هيءَ هڪ صاف ۽ مڃيل حقيقت آهي ته تجارتي
اصولن جي عمل پٽاندڙ بم جي پڇاڙي لازمي طور ڪنهن
نه ڪنهن جي ڇت جي اُڏامي وڃڻ جي صورت ۾ ئي ٿيڻي
آهي. تون ڀلي پنهنجي مرضي موجب پنهنجي پاڙيسريءَ
لاءِ انگور پوک يا باروت ٺاهه، هو به ظاهر آهي ته
جواب ۾ تو لاءِ انگور پوکيندو يا باروت ٺاهيندو ۽
توهان مان هرڪو اُهوئي لڻندو جيڪو اوهان پوکيو
هوندو.
273. تنهنڪري کپت جو مقصد ۽ طريقو ئي آهن، جيڪي پيداوار جي صحيح
ڪسوٽي آهن. ”پيداوار“ هيءَ نه آهي ته سخت محنت سان
شيون ٺهن، پر هيءَ آهي ته فائديمند کپت ۾ اچڻ
جهڙيو شيون ٺهن، ۽ قوم جي اڳيان اهو سوال نه آهي
ته اُها ڪيترا مزور ڪم ۾ لڳائي ٿي. پر هيءَ آهي ته
اهوءَ ڪيتري زندگي پيدا ڪري ٿي. ڇاڪاڻ ته جيئن
پيداوار جو اصل ۽ آخرين مقصد کپت آهي، تيئن کپت جو
اصل ۽ آخرين مقصد وري زندگي آهي.
274. ٻه مهينا اڳ مون هيءُ سوال پڙهندڙ جي ويچار واسطي رکيو هو
ته هو ان سوال کي پنهنجي ليکي پاڻ طي ڪري ۽ سمجهي،
بجاءِ هن جي، جو هو اُهو کيس بيان ڪري ٻڌايو وڃي.
پر هاڻي، جيئن ته بنيادي ڳالهيون واضع ڪيون ويون
آهن (۽ جن مسئلن کي هتي ڇيڙيو ويو آهي، تن جا
تفصيل ايترا ته پيچيده آهن، جو انهن جي تشريح جي
هڪ رسالي جي صفحن ۾ گنجائش نٿي نڪري سگهي، ۽ ان
لاءِ ڪنهن ٻئي موقعي لاءِ ترسڻو پوندو)، تنهنڪري
آءٌ چاهيان ٿو ته هنن ابتدائي مضمونن جي آخر ۾ هن
هڪڙيءَ اهم حقيقت کاي بلڪل چٽيءَ طرح واضع ڪري
ڇڏيان.
275. دنيا ۾ ٻي ڪابه دولت ڪانهي _ زندگي ئي دولت آهي. محبت،
مسرت ۽ ذوق جي سمورين قوتن سان ڀرپور زندگي.
اُهوئي ملڪ حقيقت ۾ سڀ کان زياده شاهوڪار آهي،
جنهن ۾ شريف ۽ بامسرت انسانن جو وڏي ۾ وڏو تعداد
پرورش پائي ٿو، اُهوئي ماڻهو شاهوڪار ۾ شاهوڪار
آهي، جيڪو پنهنجي زندگيءَ جي ڪارج کي هر ممڪن حد
تائين پايهء تڪميل تائين پهچائيندي، ذاتي طور توڙي
پنهنجي مالي وسيلن ذريعي ٻين جي زندگين لاءِ همت
افزائيءَ ۽ حمايت جو باعث ٿئي ٿو.
276. هيءَ واقعي هڪ عجيب سياسي اقتصاديات آهي، تاهم هي ئي آهي،
جيڪا اڳي ڪڏهن صحيح اقتصاديات هئي يا اڳتي ٿي سگهي
ٿي. ٻي ڪا سياسي اقتصاديات جنهن جو بنياد مفاد
پرستيءَ تي[5]
اَڏيل آهي، سا انهيءَ اقتصاديات جي ئي تعميل آهي،
جنهن هڪ ڀيري فرشتن جي نظام ۾ تفرقو (98) آندو ۽
بهشت جي ٺهيل ٺڪيل جوڙجڪ کي تباهه ۽ برباد ڪري
ڇڏيو.
277. ”شريف ۽ بامسرت انسانن جو وڏي ۾ وڏو تعداد.“ پر شرافت ۽
تعداد جو ڪڏهن باهمي رابطو ممڪن به آهي؟ هائو، نه
فقط باهمي رابطو منجهن ممڪن آهي، پر شرافت تعداد
لاءِ لازمي پڻ آهي، گهڻي ۾ گهڻيءَ زندگيءَ تائين
فقط گهڻي ۾ گهڻيءَ نيڪيءَ جي وسيلي ئي پهچي سگهي
ٿو. انهيءَ نقطهء نگاهه کان انساني زندگيءَ جو
قانون حيواني زندگيءَ جي قانون کان بلڪل مختلف
آهي. حيوانن جي واڌ فقط کاڌي جي قلت ۽ نسلن جي
باهمي مقاليبازيءَ سبب رڪجي ٿي، مَکي جي واڌ کي
روڪڻ لاءِ ابابيل جي ڀک ذميدار آهي ۽ مکي جي قلت
ابابيل جي قلت جو باعث بنجي ٿي.
278. جڏهن انسان کي حيوان ڪري تصور ٿو ڪجي ته واقعي سندس واڌ تي
پڻ اهڙن ئي قانونن يا اصولن جي روڪ ظاهر ڏسجي ٿي،
بک يا وبا يا جنگ انساني واڌ کي روڪڻ جا ضروري ۽
واحد ذريعا آهن. اهي ئي هيلتائين ان جي روڪڻ جا
اثرائتا ذريعا رهيا آهن _ ڇاڪاڻ ته انسان جي
سامهون درحقيقت مطالعي جو مکيه ۾ مکيه موضوع اهوئي
رهندو پئي آيو آهي ته ڪين هو پاڻ کي ۽ پنهنجي
رهائش جي جاين کي ٿوري کان ٿوري وقت ۾ تباهه ڪري
سگهي، ۽ سندس زياده ۾ زياده ڪاريگريءَ جو مقصد
هيءُ ئي پئي رهيو آهي ته ڪيئن ڏڪار جو دائرو وڌايو
وڃي، وبا جو ٻج چوڌاري ڇٽيو وڃي ۽ تلوار کي مهارت
سان هر طرف ڦيرايو وڃي. پر جڏهن انسان کي حيوان
کان الڳ تصور ڪجي ٿو، تڏهن هُن جي واڌ انهن قانونن
جي روڪ کان آزاد نظر اچي ٿي. اُها فقط سندس همت ۽
سندس محبت جي حدن تائين محدود آهي. انهن ٻنهي کي
پنهنجون پنهنجون حدون آهن، ۽ هئڻ گهرجن. سندس نسل
جون پڻ حدون آهن، پر اهي حدون اڃا پهچجي ڪين
سگهيون آهن، نڪي آئيندي ڪيترن زمانن ۾ ئي پهچجي
سگهبيون.
279. انساني فڪر جي رسائي جا جيڪي به دائرا آهن، تن مان مون کي
ٻيو ڪو به اهڙو اندوهناڪ نظر نه آيو، جهڙو سياسي
اقتصاديات جي ماهرن جا اُهي هوائي خيال، جيڪي هو
آدمشماريءَ جي مسئلي متعلق اُڏائيندا رهن ٿا.
280. جڏهن اها رٿ پيش ٿي ڪجي ته مزور جي حالت کي سڌارڻ لاءِ
سندس اُجرت ۾ اضافو آندو وڃي ته سياسي اقتصاديات
جو ماهر هڪدم چوي ٿو، ”نه نه، جيڪڏهن سندس اُجرت ۾
اضافو آڻيندا، ته هو يا ته گهڻا ٻار ڄڻي، مالي طور
ساڳئيءَ مفلسيءَ کي پهچي ويندو، جنهن ۾ هو
پهريائين هو، يا وري اوهان جي وڌايل اُجرت منجهان
شراب پي، ان کي ائين ئي برباد ڪري ڇڏيندو.“برابر
ائين ڪندو. مون کي اها خبر آهي. پر ائين ڪرڻ جا
ارادا ۽ خيال هو ڪٿان سکيو؟ سمجهو ته هن معاملي ۾
اوهان پنهنجي پٽ جو ذڪر ڪري رهيا آهيو، ۽ مون کي
ٻڌايو ٿا ته اوهان کي همت ئي ڪانه ٿي ٿئي ته هن کي
پنهنجي ڪارخاني ۾ داخل ڪريو يا کيس سندس مزوريءَ
جي واجبي اجرت ڏيو. ڇاڪاڻ ته اوهان کي خوف آهي ته
جيڪڏهن اوهان ائين ڪندا ته هو پوءِ شراب پي پي،
نيٺ مري ويندو، ۽ ٻار ڄڻي ڄڻي، نيٺ اڌ ڪوڙي ٻارن
جي ڪنهن خيراتي گهر حوالي ڪري ويندو. پر اوهان کان
پڇي سگهان ٿو ته اوهان جي پٽ کي اهڙا لاڙا ۽
اهڙيون عادتون ڪنهن ڏنيون؟ اهي هُن ورثي ۾ حاصل
ڪيون يا تعليم ذريعي؟ بهرحال ٻنهي ذريعن مان ڪنهن
به ذريعي اهي حاصل ٿي سگهن ٿيون، ۽ جهڙيءَ طرح
سندس حالت ۾، ساڳيءَ طرح غريبن جي حالت ۾ پڻ ائين
ئي ٿئي ٿو.
281. هي غريب ماڻهو يا ته اسان جي نسل کان بلڪل الڳ ڪنهن ٻئي
نسل جي پيدائش آهن ۽ بنهه ناقابل اصلاح آهن (ائين،
بهرحال، مون ڪنهن کي به کليو کلايو چوندي ڪونه ٻڌو
آهي _ ممڪن آهي ته ڪن جي دل ۾ اهي خيال هجن، ڪيترن
جو عمل پڻ سندن انهن خيالن جو مظهر هجي) يا ته
اسين انهن کي تربيت ۽ تعليم وسيلي پاڻ جهڙو مستقل
مزاج ۽ معتدل طبع _ پاڻ جهڙو سنجيده ۽ عقلمند _
بنائي سگهو ٿا، ايتريقدر جو اهي اهڙا مثالي شخص
بنجي پون، جن کي ڏسي، ٻيا انهن وانگر بنجڻ جي ڪوشش
ڪن. انهيءَ تي وري جواب هيءُ ٿو ملي: ”پر، هو ته
تعليم پرائي ئي نٿا سگهن؟“ ڇو نٿا پرائي سگهن؟
دراصل اهوئي ته مسئلو قابل غور آهي. مخير انسانن
جو خيال آهي ته شاهوڪارن جي وڏي ۾ وڏي خطا هيءَ
آهي، جو هو ماڻهن کي روٽي ڏيڻ کان انڪار ٿا ڪن، ۽
ماڻهو پنهنجي روٽيءَ لاءِ خلق جي ڌڻيءَ*[6]
کي ٻاڏائين ٿا، جنهن کان کين مڪر ۽ فريب ذريعي
محروم رکيو ٿو وڃي. افسوس، ماڻهن کي روٽيءَ کان
محروم رکڻ يا اهڙي ڪنهن ٻئي جائز کان جائز حق کان
محروم رکڻ وري به ايترو ظالمانه عمل نه آهي. زندگي
روٽيءَ کان بارها بهتر آهي.
282. شاهوڪار غريبن کي صرف کاڌي کان محروم ڪونه ٿا رکن؛ هو کين
عقل کان محروم رکن ٿا، اخلاق کان محروم رکن ٿا، هر
قسم جي نجات کان محروم رکن ٿا. اي بيواها گگدامو!
اوهان تي سبز چراگاهن جا دروازا ئي بند نه ڪيا ويا
آهن، پر خود ڌنار کان به اوهان کي محروم ڪيو ويو
آهي. کاڌو! شايد ان تي پنهنجي دعوا اوهين ثابت ڪري
سگهو ٿا، پر جن لاءِ اوهان کي پنهنجي دعوا پهرين
پيش ڪرڻ گهرجي، اُهي ٻيا حق آهن. تحقيق، جي اوهان
چاهيو، ته اوهان دسترخوان تان مانيءَ جا ڀور طلبي
سگهو ٿا، پر اهي انسان جي اولاد وانگر طلبيو، ۽ نه
ڪتن جيان، بيشڪ پنهنجو پيٽ ڀرڻ جو حق طلبيو؛ پر ان
کلان وڌيڪ زور سان پنهنجي واسطي پاڪ، ڪامل ۽ بيداغ
بنجڻ جي حق جي طلب ڪريو.
283. پورهيتن متعلق هي گفتا واقعي عجيب آهن: ”ڇا! پاڪ، ڊگهن
چوغن، مراقبي ۽ ذڪر کان سواءِ هي ڳوڻين جهڙي کهري
پوشاڪ پهريل ۽ ان کان به زياده زبان جا کهرا شخص،
جيڪي نالي نه وٺڻ جهڙا نيچ چاڪريءَ جا ڪم اسان
لاءِ ڪن ٿا؟ ڪامل!_ هي، جن جون اکيون جهانوريون،
ڳڍڙين پيل عضوا ۽ دماغ موڳا آهن؟ بيداغ!_ هي، جن
جون خواهشون شهواني ۽ خيال پست پيل؛ جيڪي بدن جا
ههڙا گدلا ۽ روح جا ههڙا گندا آهن؟“ برابر، ائين
هجي به کڻي: تاهم، جهڙا به آهن، اڄ دنيا ۾ سڀ کان
زياده پاڪ، ڪامل ترين ۽ سڀ کان زياده بيداغ جيڪڏهن
ڪي ماڻهو آهن ته اهي ئي آهن. ممڪن آهي ته اهي
واقعي اهڙا به هجن، جيئن اوهان انهن کي بيان ڪيو،
پر ان حالت ۾ پڻ هو اسان کان وڌيڪ پاڪ ۽ سڳورا
آهن، جن کين ان حالت ۾ ائين ڇڏي ڏنو آهي.
284. پر انهن لاءِ ڪري به ڇا ٿو سگهجي؟ ڪير انهن جو انگ ڍڪيندو؟
ڪير کين تعليم ڏيندو ۽ ڪير انهن جي واڌ کي
روڪيندو؟ آخرڪار انهن جي انتها ڪهڙي ٿي سگهندي،
سواءِ انهيءَ جي، جو هو هڪٻئي کي خود ختم ڪري
ڇڏين؟
285. مون کي اُنهن جي انتها متعلق ٻئي قسم جي اميد آهي، جيتوڻيڪ
اها سندن واڌ جي خلاف اقتصادي ماهرن جي ٻڌايل ٽن
علاجن مان ڪنهن هڪ جو به نتيجو تصور نٿي ڪري
سگهجي.
286. ٿورن لفظن ۾ ماهرن جا ٻڌايل اُهي علاج هي آهن: بيٺڪون قائم
ڪرڻ، غير آباد زمينون آباديءَ هيٺ آڻڻ، يا شاديءَ
جي خلاف تحريڪ هلائڻ.
287. مٿين تدبيرن مان پهرين تدبير توڙي بي هن سوال کي حل ڪونه
ٿي ڪري، بلڪ ان کان رڳو ٿوريءَ دير لاءِ جند ڇڏائڻ
يا ان کي محض هٽائي ڇڏڻ جو ڪم ڏئي ٿي. سڄيءَ دنيا
۾ بيٺڪون قائم ٿين ۽ سڄيءَ ڌرتيءَ جا بيابان آباد
ٿين، تنهن لاءِ طويل عرصو گهرجي. بنيادي سوال اهو
نه آهي ته دنيا ۾ ڪيتري زمين انساني بستيءَ جي
قابل آهي، پر هيءُ آهي ته بستيءَ جي لائق زمين جي
هڪ ٽُڪري تي آخر ڪيترا ماڻهو آباد ڪرڻ گهرجن.
دولت جو حرص عقل کي ڪيئن ختم ٿو ڪري، ”ڊانٽي“
ان جو مثال پنهنجي ڪتاب ۾ ”پليوٽس“ جي ڪردار ۾
پيش ڪيو آهي جيڪو جهنم جي رهواسين مان هڪڙو ئي
آهي، جو رڳو صاف به ڳالهائي نه ٿو سگهي؛ ۽
جيڪو سڀ کان زياده گيدي ۽ بزدل پڻ آهي،
ايتريقدر جو رڳو هڪ لفظ ڪڇڻ تي نه رڳو ڳالهائڻ
بند ٿيو وڃيس پر مورڳوئي بيهوش ٿيو ٿو وڃي؛
دولتمند جي هراس ۽ بدحواسيءَ جو بيان هيٺئين
مختصر استعاري ۾ پڻ آندو ويو آهي: ”جيئن
ٻيڙيءَ جي مُهري جي ڀڄي پوڻ سان، هوا سان
ڦوڪيل سِڙهن هڪدم ڪري پوندو آهي.“
مٿين فقرن ۾ ڪچي مال جي قيمت کي خيال ۾ ڪونه
رکيو ويو آهي، جيڪا قيمت تحقيق محنت جي قيمت
مان ٻنهي صورتن ۾ ڪاٽي ويندي؛ مسٽر مِل انهيءَ
مغالطي ۾ محض انهيءَ ڪري پيو آهي. جو ٻنهي
صورتن ۾ وچوين کي جيڪي اجرتون ادا ٿينديون،
انهن جي مقابلي نتيجن کي هُن ويچار ۾ رکيو
آهي. هو چوي ٿو __ ”(بخمل) استعمال ڪندڙ
پنهنجن پئسن مان ڪوريءَ کي سندس ڏينهن جي محنت
جي اُجرت ادا ڪونه ٿو ڪري.“ مسٽر مل کان آءٌ
معافي ٿو گهران؛ پر، بخمل استعمال ڪندڙ پنهنجن
پئسن مان ڪوريءَ کي به ايتريقدر ئي اجرت ڏئي
ٿو جيتريقدر هو باغائيءَ کي ڏئي ٿو. هو غالباً
وچويي جهاز جي مالڪ، بخمل جي واپاريءَ ۽
دڪاندار کي به ڏئي ٿو؛ هو کڻاڻيءَ، دڪان جي
مسواڙ، گاٺ پيٺ جي نقصان، وقت جي سيڙپ ۽
نگهداشت جي عيوضي طور به ڪجهه ڏئي ٿو. هو اهي
سڀ ادائگيون بخمل جي اصل قيمت ان عليحد ۽
بالائي آهن (اهڙيءَ ريت جيئن وڏي باغائيءَ جي
اجرت سبزگاهه جي قيمت کان عليحده ۽ بالائي
آهي)؛ پر بخمل جي پيداوار ايتريقدر ئي ان جي
استعمال ڪندڙ جي موڙيءَ سان عمل ۾ اچي ٿي،
جيتوڻيڪ هو ان جي قيمت ان جي پيداوار کان ڇهه
مهينا پوءِ ئي ادا ڪري ٿو، جيتريقدر گاهه جي
پيداوار سندس موڙيءَ سان عمل ۾ اچي ٿي،
جيتوڻيڪ ان جي لڻندڙ ۽ ٻڌندڙ جي اجرت هو سومر
جي ڏينهن بدران ايندڙ ڇنڇر ڏينهن ادا ڪري ٿو،
آءٌ چئي نٿو سگهان ته مسٽر مل جو اهو خيال ته
”خريدار نظرانداز ٿي سگهن ٿا، پر موڙي ڪڏهن به
نظر انداز نٿي ٿي سگهي“ (ص 98)، شهر ۾ اڃا
ڪنهن وڏي پيماني تي عمل ۾ آندو ويو آهي يا نه!
يورپ ۾ دولت جي عمل جو هڪ نهايت خطرناڪ روپ
هيءُ آهي ته اها سرمائيدار جي دولت ئي آهي، جا
بي سبب ۽ ظالمانه جنگين کي پستي ڏئي ٿي.
انصافي جنگين جي پشتيءَ لاءِ پئسي جي ايتري
گهرج ئي ڪانه ٿيندي آهي؛ ڇاڪاڻ ته اُهي ماڻهو
جيڪي اهڙيو واجبي ۽ جائز لڙايون لڙن ٿا، تن
مان اڪثر اُهي مفت لڙندا آهن؛ پر هڪ بي انصافي
جنگ لاءِ ماڻهن جا جسم ۽ روح خريد ڪرڻا ٿا
پون؛ ۽ انهن کان سواءِ ڳري کان ڳرا جملي هٿيار
پڻ؛ جن سببن ڪري اهڙيون جنگيو بيحد مهانگيون
ثابت ٿين ٿيون؛ دلين ۾ ذلت آميز خوف ۽ ڪروڌ
ڀرئي شڪ شبهي جو تاوان ان کان سواءِ آهي، جيڪو
قومن کي ڀرڻو پوي ٿو. جن جي ڪثير عوام ۾ ايتري
به فضيلت ۽ اخلاص ڪونهي، جنهن سان اُهي قومون
رڳو هڪ ڪلاڪ لاءِ به دل جو سڪون ۽ آرام خريد
ڪري سگهن: جيئن اڄڪلهه، فرانس ۽ انگلنڊ هر سال
هڪٻئي کان ڏهه لک پائونڊن جي قيمت جو ”خوف ۽
هراس“ خريد ڪري رهيا آهن (بيشڪ اهو هڪ ڀرپور
فصل آهي، جنهن ۾ اڌو اڌ ڪنڊا ۽ زهر ڀريا پيا
آهن، جي جديد سياسي اقتصاديات جي ماهرن جي
انهيءَ ”سائنس“، پوکي ۽ لڻي ۽ انبار ڪري رکيا
آهن، جيڪا اسان کي حق بدران حرص ۽ حسد جو سبق
ڏيندي ٿي رهي). هر بي انصافي جنگ جي خرچ جي
پورائي، جيڪڏهن دشمن جي مال غنيمت مان نه، ته
محض سرمائيدار جي قرضن منجهان ئي ٿئي ٿي، جن
جي ادائگي پوءِ وري عام ماڻهن تي ڳاٽي ٽوڙ
محصول. مڙهئ ڪئي وڃي ٿي، جن عام ماڻهن جي راءِ
کي ان جنگ جي شروع ڪرڻ ۾، نه هلائڻ ۾ ئي ڪو
دخل آهي. سرمائيدار جي خواهش ئي ان جنگ جي تهه
۾ موجود رهي ٿي؛ بلڪ ان جي حقيقي پاڙ آهي؛ ڇو
ته سڄيءَ قوم جو اِهو حرص ئي آهي، جنهن کي
ايمان، صاف گوئيءَ ۽ انصاف جي جذبن کان بنهه
محروم رکيو ويو آهي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ آخرڪار
هر هڪ فرد کي ذاتي عيوضي طور خساري ۽ نقصان جو
منهن ڏسڻو پوي ٿو.
* ”(ڦرندڙ گهرندڙ) قيمت متعلق هر بحث مباحثِ ۾
هيءَ شرط بهرحال سامهون رکڻ گهرجي: ”فرض ڪريو
ته سڀني واسطيدار ڌرين کي پنهنجي پنهنجي مفاد
جو ئي اونو آهي.“
_مل،
.c .i iii
غور ڪريو ته هن بيانن ۾ آءٌ ڪنهن به ريت دولت
جي اشتراڪي تقسيم جي تخيل جو ڪوبه ذڪر ڪونه ٿو
ڪريان؛ دولت جي تقسيم دولت جي تباهي آهي؛ ۽ ان
سان گڏ حوصلي، محنت ۽ انصاف جي تباهي آهي؛ اهو
ته بنهه هڪ انتشار آهي_ اُهو انتشار جنهن
ڏانهن خود اسان جا جديد سياسي اقتصاديات جا
معتقد اسان کي نيئي رهيا آهن، ۽ جنهن کان آءٌ
کين بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. شاهوڪار
ماڻهو، پنهنجي دولت بچائڻ پاڻ وٽ محفوظ رکندي
نه، پر اُن جي غلط استعمال دوران غريب کي
روٽيءَ کان محروم ٿو رکي، دولت ته هڪ قسم جي
طاقت آهي؛ ۽ طاقتور ماڻهو پنهنجي طاقت پاڻ وٽ
محفوظ رکڻ سان ٻئي کي ڪونه ٿو ڏکوئي پر انهيءَ
طاقت جي ناجائز استعمال سان ئي ٻين کي ڏکوئي
ٿو. هڪ اشتراڪيت پسند جڏهن ڪنهن طاقتور کي ڏسي
ٿو ته هو هڪ ڪمزور کي ستائي رهيو آهي، ته هڪدم
هو دانهن ٿو ڪري: ”انهيءَ طاقتور جون ٻانهون
ڀڃي ڇڏيو!“ پر آءٌ چوان ٿو ته ”بجاءِ ٻانهن
ڀڃڻ جي هن کي سيکارڻ گهرجي ته اُهي ٻانهون هو
ڪيئن ڪنهن مفيد مقصد لاءِ استعمال ڪري.“
هوشياري ۽ استقلال، جن سان دولت حاصل ٿي سگهي
ٿي سي انهن جي ڏيندڙ طرفان انهي لاءِ ڪونه ڏنا
ويا آهن ته دولت کي ائين حاصل ڪري، پوءِ بيڪار
اڇلي ڇڏجي، پر انهيءَ لاءِ عطا ڪيا ويا آهن ته
انهن معرفت حاصل ڪيل دولت کي انسانذات جي خدمت
۾ صرف ڪجي؛ ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ان کي
خطاڪار جي نجات ۽ ضعيف جي مدد لاءِ استعمال
ڪجي؛ جنهن لاءِ پهريون ڪم آهي دولت حاصل ڪرڻ ۽
پوءِ اُهو پاڪ ۽ ڀلارو موقعو
(Sabbtah)
هٿ ڪرڻ، جنهن ۾ ان کي صرف ڪجي _ اهڙو ڀلارو
موقعو، جنهن جو قانون اهو ئي آهي ته زندگيءَ
جو بچاءُ ڪيو ۽ نه ان جي بربادي. حقيقت ۾
غريبن جو غريب ٿيڻ اهڙي ئي غلطي آهي جهڙي هڪ
ٻار جي، جو ڪنهن تلاءُ ۾ ڪري ٿو پوي ۽ هڪ اهڙي
پنگلي جي، جيڪو چوسول تي ٿاٻو کائي ڪري ٿو
پوي؛ پر باوجود سندن انهيءَ خطا جي، اڪثر رستي
ويندڙ اهڙي ٻار کي ڊوڙ پائي تلاءُ مان ڪڍڻ جي
ڪوشش ڪندا ۽ اُنهيءَ پنگلي کي هٿ وڌائي سهارو
ڏيندا. هاڻي زياده ۾ زياده ائين ئي سمجهو ته
اُهي جيڪي غريب آهن، سي به انهن خود سر ٻارن
يا انهن غافل پنگلن ئي مثل آهن ۽ ٻئي پاسي
دنيا جا سڀ شاهوڪار سياڻا ۽ سگهارا آهن _
اهڙيءَ طرح اوهان هڪدم ڏسند اته نڪي هڪ
اشتراڪيت پسند پاڻ وانگر ٻئي هر ڪنهن کي غريب،
بيوس ۽ بيوقوف بنائڻ جي خواهش رکڻ ۾ درست آهي،
۽ نه وري هڪ شاهوڪار ئي انهيءَ ۾ صحيح آهي، ته
ٻارن کي ڌٻڻ ۾ گپندو ڏسي، ڇڏي ڏجي ته ٿيندي
ٿيندي ڀل ان ۾ غرق ٿي وڃن.
|