سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: اقتصادي انصاف

باب: --

صفحو : 13

 

53. اقتصاديات

رسڪن انهيءَ ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته حقيقي سياسي اقتصايات اها آهي، جنهن کي سماجي اقتصاديات سڏجي ۽ جنهن کي ان وقت سياسي اقتصاديات سڏيو ويو ٿي، سا حقيقت ۾ محض تجارتي اقتصاديات هئي. ان کي وڌيڪ هيٺيان لفظ چٽو ڪن ٿا، جي لفظ رسڪن ”منيرا پلويرس“ ڪتاب ۾ چيا آهن: ”جيئن گهرو اقتصاديات گهر جي رواجن، رسمن ۽ عادتن کي سنواري ٺيڪ ڪري ٿي، اهڙي نموني سان سياسي اقتصاديات پيداوار جي ذريعن جي مطالعي سان گڏ سماج يا مملڪت جي رسمن رواجن کي پڻ سنواري ۽ ٺيڪ ڪري ٿي. ويجهڙائيءَ ۾ جنهن علم جي مطالعي کي سياسي اقتصاديات جو مطالعو شمار ڪيو وڃي ٿو، سو درحقيقت محض جديد تجارتي ڪاروبار جي اتفاقي پيدا ٿيل حالتن جي تپاس آهي.

 

54. گهربل انداز کان . . . موجود آهي

دولت جو اثر غريبن ۽ شاهوڪارن تي آهي عليحده آهي. مسڪين ماڻهن وٽ پئسو ڪونه ٿو رهي، تنهنڪري هنن کي شيون انهيءَ اگهه ۾ ملن ٿيون، جيڪو بازار جو اگهه آهي. شاهوڪار جي حالت ۾ ته ڪابه شئي اڻلڀ نٿي ٿئي. هو هر حالت ۾ شئي جي قيمت اڻ ڦرندڙ ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان شئي جو مالڪ به پاڻ آهي ۽ اگهه کي وڌائيندڙ به پاڻ آهي. تنهنڪري دولت جو برو اثر غريب تي پوي ٿو، ۽ شاهوڪار تي نٿو پوي.

 

 

 

 

55. مڪوءَ جو ٻوٽو

هي اهي زهريلا ٻوٽا آهن، جن جي استعمال ڪرڻ سان اهڙي ته گهري ننڊ اچي ٿي وڃي، جنهن جي انتها فقط موت ذريعي ٿئي ٿي.

 

56. درا جي ميدانن

ڪتاب ”عدهالعتيق“ جي دانيال واري ڀاڱي جي بابت ٽئين، فقري پهرين مان مٿيون ٽڪرو ورتل آهي. نيبلو ڪئنزر بادشاهه هڪ سون جو پتلو بابل جي علائقي ۾ کڙو ڪيو ۽ حڪم جاري ڪيائين ته جيڪو به ماڻهو انهيءَ بوتي جي پوڄا نه ڪندو، ان کي درا جي ستوڻي اونهي باهه جي کوري ۾ وجهي، جلايو ويندو. انهيءَ علائقي جي گورنرن ۽ وڏن عهدي وارن حڪم جي تعميل ڪئي. باقي ٽن خدا پرست يهودين حڪم جي تعميل ڪرڻ کان انڪار ڪيو. بادشاهه گرم ٿي ويو ۽ انهن کي چيائين ته ”تعميل ڪريو، نه ته اوهان جو خدا اوهان کي باهه جي سيڪ کان بچائي نه سگهندو.“ هنن هن دڙڪي ملڻ بعد به تعميل نه ڪئي. تنهنڪري کين ٻڌي، درا جي ميدان واري سخت گرم کوري ۾ اڇليو ويو. چون ٿا ته جن ماڻهن انهن کي کوري ۾ اڇليو، اهي به گرميءَ جي تو تي سڙي مري ويا، مگر هي باهه جي اندر گهمندا ڦرندا رهيا ۽ خوشيءَ وچان خدا جي ساراهه جا گيت ڳائيندا رهيا.

 

57. خسيس رقم

”ڪنڀر جو زمينون“ (Potter’s Fields) اکر، انجيل متي جي باب 28، فقري 7 مان ورتل آهن. جڊاز (Judas) نالي هڪ ماڻهوءَ حضرت عيسيٰ کي ٺڳي، چانديءَ جي ٽيهن سِڪن عيوض آڻي ٻاون جي حوالي ڪيو. ٻاون حضرت عيسيٰ کي ٻڌي وڃي گورنر جي حوالي ڪيو. جڏهن جڊاز ڏاڍو خوار خراب ٿيو، تڏهن بيحد پڇتايائين ۽ چانديءَ جا ٽيهه سِڪا آڻي ٻاون جي سردار کي ڏنائين، ۽ چيائين ته ”مون وڏو گناهه ڪيو آهي، جو معصوم کي ٺڳيو اٿم.“ ٻاون جواب ڏنو ته ”ان ۾ اسان جو ڇا ويو!“ اهو ٻڌي، هن چانديءَ جا سِڪا ”مڙهيءَ“ ۾ اڇلي، ٻاهر وڃي، ڦاهو کاڌو. ٻاون اهي سِڪا ميڙي چونڊي پاڻ وٽ محفوظ رکيا ۽ اظهار ڪيائون ته ”هي پئسا مڙهيءَ جي خزاني ۾ جمع نه ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته اهي رت جي قيمت جا آهن.“ پوءِ هنن اهو فيصلو ڪيو ته انهن چانديءَ جي سِڪن مان ”ڪنڀر جو زمينون“ خريد ڪبيون، جن ۾ اصلي رهندڙن توڙي مسافرن کي دفنايو ويندو. انهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انهن زمينن کي ”رت جا ميدان“ ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو.

 

58. ڦرلٽ يا قتل غارت

رسڪن پنهنجي ڪتاب ”فارس ڪليويجيرا، جي 84 صفحي تي، هن لفظ کي وڌيڪ زوردار نموني ۾ وسيع ۽ چٽو ڪيو آهي. مزورن جي ڦرلٽ جيڪي سست ۽ عياش ماڻهو ڪن ٿا، انهيءَ جو نتيجو آهي سامجي بدڪاريون ۽ ديني گناهه. هڪڙو زميندار پنهنهجي سڌي سنئين طاقت سان ڌاڙو هڻي ٿو. هو مزورن جي زمين کسي پنهنجي قبضي ڪري ٿو ۽ مزورن کي چوي ٿو ته ”تون فاني انسان آهين ۽ هن زمين تي هميشه لاءِ نه رهندين. تون پنهنجي محبت جو ميوو منهنجي حوالي ڪر. توکي ته ائين ئي بلڪل رواجي طرح گذارڻو آهي. هڪ فوجي عملدار ڪاشتگارن کي مجبور ڪري، جنگ ۾ وٺي ٿو وڃي ۽ کيس، انهن کي موت جي منهن ۾ وجهڻ عيوض پئسا حاصل ٿين ٿا. هڪ وڪيل جي ڦرلٽ يا ڌاڙو انهيءَ ۾ سمايل آهي، جو هو ٻن ڌرين جي جهيڙي جو فيصلو انگهائي ڊگهو ٿو ڪري، ۽ هڪ پادريءَ جو ڌاڙو انهيءَ ڳالهه ۾ مضمر آهي جو هو پنهنجي اصولن جو وڪرو ڪري ٿو.

 

59. بزنطيني سنج

قديم بزنطين (قسطنطنيه) جا مشهور ۽ تاريخ ۾ آيل گهوڙي جا سنج.

بزنط، بزنين يعني قسطنطنيه جا سونا سِڪا، جيڪي ڏهين صدي عيسويءَ کان چوڏهين صدي عيسويءَ تائين انگلنڊ توڙي سڄي يورپ جا رائج الوقت سِڪا ٿي ڪم ايندا هئا. شڪل ۾ گول هوندا هئا، مٿن مسيح جي تصوير اُڪريل هوندي هئي ۽ قيمت ۾ هر هڪ تقريباً هاڻوڪي هڪ پائونڊ جي برابر هو.

 

60. دولت جون . . . رڳون

”دولت جون رڳون“ ٻئي نمبر مقالي جو سرو ۽ تت آهي. ”فارس ڪليويجيرا“ ۾ رسڪن پنهنجي سماجي نظريي جو بنيادي اصول هيٺين لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: ”ڪنهن به ملڪ جا سٺا مرد ۽ زالون ان ملڪ جي سچي پچي دولت آهن، جيئن انگلنڊ جي دولت سٺا انگريز آهن، اسڪاٽلنڊ جي دولت سٺا اسڪاٽ آهن ۽ آئرلنڊ جي دولت سٺا آئرش ماڻهو آهن.

 

61. سنڌو نديءَ جي واري ۽ گولڪنڊا جو سخت پٿر

سنڌو نديءَ جي واريءَ مان سون مراد ورتو ويو آهي ۽ گولڪنڊا جي پٿرن مان هيرن ۽ جواهرن جو مفهوم ورتو ويو آهي.

 

62. ڪافر ماءُ

ليوڪريشا، ٽائبريس ۽ ڪايس گرئڪس جي ماءُ هئي، اهي ٻيئي ڄڻا رومن ڪاشگارن جي بغاوت ۾ سختيءَ سان ماريا ويا. هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته هڪڙي رومن عورت، هنن ٻن ڇوڪرن جي ماءُ وٽ ويئي ۽ وڃي پنهنجي نقدي دولت تي فخر ظاهر ڪيائين. جڏهن مذڪور ڇوڪرا اسڪول کان موٽيا ته سندن ماءُ انهن ٻنهي ڏانهن اشارو ڪري هن عورت کي ٻڌايو ته ”منهنجا هيرا هي آهن.“ اها ماءُ ڪرسچن مذهب جي نه هئي، پر ڪافر هئي.

 

63. يهودي واپاري

يهودي واپاري، سليمان، عيسوي سن کان 993 سال اڳ ڄائو هو ۽ 953 سال اڳ گذاري ويو. رسڪن جي زماني ۾ انهن چوڻين جو مصنف مذڪور واپاري کي قرار ڏنو ويو آهي.

 

 

64. انتخاب

انجيل متي جي ٻٽيهين باب ۾، هنن لفظن جو اشارو انهيءَ ڳالهه ڏانهن آهي ته جڏهن پائليٽ نالي روم جي گورنر ماڻهن کي حضرت عيسيٰ عليه السلام ۽ بئراباس ڌاڙيل متعلق موقعو ڏنو ته انهن ٻنهي مان جنهن لاءِ چون، ان کي قيد مان آزاد ڪيو وڃي، تڏهن جواب ۾ يهودين، ٻاون ۽ پنهنجن وڏن جي اشاري تي، چيو ته حضرت عيسيٰ يعني امن جي علمبردار کي صليب تي چاڙهيو وڃي ۽ بئراباس ڌاڙيل کي آزاد ڪيو وڃي.

 

65. آب حيات

هي لفظ انجيل جي وحي (Revelation) واري ڀاڱي جي باب 21 جي ڇهين فقري ۾ آيل آهن، جنهن ۾ خدا تعاليٰ موت بعد، انسان کي جيڪي زندگي بخشيندو، ان جو ذڪر ڪيل آهي. آب حيات جي آزاد استعمال جي تسلي ڏنل آهي ۽ چيل آهي ته هي اهو پاڻي آهي، جو هميشه واري زندگي بخشيندو.

 

 

66. آب مرح

مرح جي پاڻيءَ جو، ڪتاب ”عهدالعتيق“ جي ”هجرت“ واري باب ۾ ذڪر آيل آهي. جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلام بني اسرائيلن کي ڳاڙهي سمنڊ کان هٽائي ڪڍيو هو ”سور“ جي رڻ پٽ ڏانهن هليا ويا. ٻن _ ٽن ڏينهن جي تلاش بعد به هنن کي پاڻي نصيب نه ٿيو. آخرڪار مرح جي چشمي جو پاڻي هٿ آين. پر اهو به ذائقي ۾ ايترو ته ڪڙو هو، جو استعمال ڪري نه سگهيا.

 

67. ڊانٽي

ڊانٽي اٽليءَ جو هڪ نامور شاعر ٿي گذريو آهي. 1265ع ۾ ڄائو ۽ 1321ع ۾ وفات ڪيائين. ”انصاف جي حڪومت“ لفظن جو اشارو سندس ڪتاب ”ڊائوينا ڪميڊا“ ۽ پئرا ڊائزو“ ڏانهن آهي.

 

68. پئسن

رائج الوقت سِڪو هڪ تسليم شده اقرار نامو آهي، جنهن جي عيوض طلب تي گهربل محنت جو انداز، ڪنهن به وقت حاصل ٿي سگهي ٿو.

 

69. سترهن آنا

”ڪارن هل“ مخزن ۾ جيڪي به مضمون ڇپيا هئا، انهن مضمونن کي سواءِ ڪنهن ڦير گهير جي بعد ۾ ڪتاب جي صورت ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو ويو هو. مصنف جي ديباچي جي ٽئين فقري ۾ ڏيکاريل آهي، ته فقط هڪ لفظ جي تبديلي ڪئي ويئي آهي، سو اهو اصل لفظ ”تيرهن“ هو، جنهن کي بدلائي ”سترهن“ ڪيو ويو آهي.

 

 

 

70. سمٿ ايلڊر ائنڊ ڪو

”سمٿ ايلڊر ائنڊ ڪو“، هڪ ڪمپني، 1871ع تائين، رسڪن جا ڪتاب ڇاپيندي آئي. ان بعد، هن پنهنجن ڪتابن جي ڇپائڻ جو ڪم جارج ائيلين (George Allen) جي حوالي ڪيو.

 

71. پنجٽيهه يا چاليهه سيڪڙو

ڪيترين شين تي ٽئڪس پوڻ ڪري، انهن جو قيمتون وڌي ويون هيون. شاهوڪار ماڻهن کان غريب ماڻهو شين جو وڌيڪ استعمال ڪن ٿا، تنهنڪري وڌيڪ ٽئڪس جي مصيبت به غريبن تي ئي پوي ٿي. انهيءَ مان اهو مطلب نڪتو ته محصولن جي زيادتي ڪري، غريب ماڻهوءَ جي ڪمائيءَ جو اڪثر حصو، اڻسڌن محصولن ۾ ڳري ٿي ويو.

 

72. اَناج جا قانون . . . منسوخ ٿيڻ

سن 1773ع ۾ برڪ، ٻاهران ايندڙ ان تي محصول (ڊيوٽي) وڌايو. انهيءَ جو نتيجو اهو ونڪتو، جو ان جي قيمت ملڪ ۾ وڌي ويئي. سن 1815ع ۾ ان جي قيمت تمام چوٽ چڙهي ويئي. سن 1849ع ۾ اهي قاعدا نيٺ منسوخ ڪيا ويا.

 

73. اشتراڪيت

رسڪن جي اشتراڪيت، جيڪا هن پنهنجي تحريرن ۾ ظاهر ڪئي آهي يا جهڙي نموني سان سينٽ جارج جي ڪمپنيءَ ۾ تجربا ڪيا اٿس، تنهن مان ائين ظاهر آهي ته سندس اشتراڪي اصولن مان هن جو مطلب هيءُ هو ته هر هڪ فرد مملڪت جو زيردست هجي ۽ نه ڪن خانگي ماڻهن جو. هو مزورن کي سهولتن وٺي ڏيڻ ۽ انهن جي بچاءُ جي قاعدن قانونن پاس ڪرائڻ جو حامي هو، پر سندس راءِ ۾ مساوات جو حاصل ڪرڻ ناممڪن هو. بادشاهي، مذهبي ۽ سڀ کان زياده موروثي ملڪيت جي اصولن کي برقرار رکڻ جي سفارش ڪئي اٿس ۽ عام طرح جيڪو اشتراڪيت جو ملڪيت ورهائڻ وارو اصول آهي، ان جي حمايت نه ڪئي اٿس، ڇاڪاڻ ته هن جي نظر ۾ ملڪيت جي ورهاست وارو اصول قوم جي تباهيءَ جو ڪارڻ آهي. وڌيڪ تفصيل هن ڪتاب جي فقري 281 جي حاشيي مان معلوم ٿي سگهندو. خود جديد زماني جي اشتراڪيت جا شيدائي، ائين نٿا چون ته ڪي سڀ ماڻهو هڪجهڙا آهن. اهي چون ٿا ته سڀني ماڻهن کي هڪجيترو موقعو ڏنو وڃي ته هو پنهنجي طاقتن جو واڌارو ڪري، زندگيءَ جو لطف حاصل ڪري سگهن.

 

74. هر جي مٺيي جهلڻ وارا سپاهي ۽ تلوار جي مٺيي جهلڻ وارا سپاهي

”سولجرس آف دي سورڊ ۽ پلوشيئر“ ماڻهن جو اهو طبقو آهي، جيڪو صنعت ۽ زراعت کي اهڙيءَ جوابدارانه ۽ منتظمانه نموني سان چهٽي ٿو، جيئن لشڪر جي ماڻهن کي جنگ جي ميدان ۾ ڏسبو آهي.

 

 

 

75. دولت جي محبت

هنن لفظن جو مفهوم انجيل جي ڪيترن حصن ۾ اچي چڪو آهي. ”ٽمٿيءَ“ جي ڇهين باب جي ڏهين فقري ۾ ڄاڻايل آهي ته پئسن جو پيار هر ڪنهن بدڪاريءَ جو بنياد آهي. ۽ انجيل لوڪا جي باب سورهين، فقري تيرهن ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪوبه شخص ٻن مالڪن جي خدمت ڪري نٿو سگهي. يا هو هڪڙي کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندو ۽ ٻئي کي پيار ڪندو يا هو فقط هڪ جي عبادت ڪندو ۽ ٻئي کي ڇڏي ڏيندو. بهرحال، خدا ۽ دولت جي ديوتا جي ساڳئي وقت ڪوبه پوڄا ڪري ڪو نه سگهندو.

 

76. مسٽر هيلپ

هيلپ کي پهريائين ”مسٽر“ جي لقب سان سڏيو ويندو هو. بعد ۾ هو ”سر آرٿر هليپ“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. هن ”فرينڊس ان ڪائونسل“ (Friends on Council) جي سري سان هڪ ڪتاب لکيو آهي. ڄاڻايل اشارو انهيءَ ڪتاب جي پهرئين جلد جي ٻئي فقري ۾ آيل آهي.

 

77. عام ماڻهو (Demos)

شيڪسپيئر جي ڪتاب ”ٽيمنگ آف دي شريو“ (Taming of the Shrew) ۾، جيڪا مکيه ڳالهه ڏنل آهي سا صرف رڇن جي پاليندڙ ٽنڪر (Tinker) کي، جو شرابي پڻ هو، خوش ڪرڻ لاءِ لکيل آهي. اُها هيءَ آهي ته ڪرسٽافر سلاءِ کي هڪ امير شرابيءَ جي حالت ۾ ڏسي ٿو. هو پنهنجي نوڪرن کي حڪم ٿو ڪري ته هن کي کڻي سندس جاءِ تي پهچايو وڃي ۽ هن جي ائين خدمت ڪئي وڃي، جيئن هڪ امير جي. هو جڏهن جاڳي ٿو، تڏهن ڏسي ٿو ته پاڻ اميراڻي پوشاڪ ۾ ملبوس آهي. کيس ماحول به اميراڻو نظر اچي ٿو. جڏهن کانئس پڇيو وڃي ٿو ته کيس ائڊونس جي تصوير، جا وهندڙ نهر جي ڀرسان نڪتل آهي، اها ڏيکاري وڃي، يا ٻيون به ڪن حسين ڇوڪرين جون تصويرون ڏيکاريون وڃن؟ تڏهن سلاءِ جواب ڏئي ٿو ته انهن عورتن جو ن تصويرون ڀلي منهنجي اڳيان پيش ڪيون وڃن، پر ان کان اڳ مون کي شراب جو ننڍڙو پيالو گهرجي. هتي ڪرسٽافر سلاءِ کي انهيءَ وقت جي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو مثال ڪري پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جون خواهشون اڻوڻندڙ ۽ بيڪار هجن. هن مان اها مراد آهي، ته ائڊونس حسن جي ديوي آهي پر ڪرسٽافر کي ان جي طلب نه آهي، پر شراب جي طلب آهي، تنهنڪري هو ان کر هر شئي مٿان ترجيع ڏئي ٿو. اهڙيءَ طرح ڏسبو ته پسند ۽ ذوق انساني مزاج ۽ استعداد تي مدار رکن ٿا.

 

78. جيڪڏهن ٻارن وانگر. . .

انهن لفظن استعمال ڪرڻ مان رسڪن جو اهو مطلب آهي ته ڪنهن به قوم جي اقتصادي زندگيءَ جو معيار انهن لياقتن جي امتياز مان معلوم ڪري سگهجي ٿو، جن لياقتن سان انسان ڀلائيءَ جا ڪم ڪن . مثال طور جيڪڏهن ڪا قوم موتين، هيرن ۽ جواهرن جو ايترو ته قدر ڪري ٿي، جو انهن جي ڳولا ۾ پنهنجي ساري محنت صرف ڪري ٿي، جا جيڪر گهر جوڙڻ، شهري سڌاري ۽ عوام لاءِ باغن وغيره تي استعمال ڪري ها ته بهتر ٿئي ها، ته ان قوم جي هنن افعالن مان ثابت ٿئي ٿو ته ان قوم جي سمجهه اڃا ٻاراڻي منزل تي آهي.

 

79. اشارو

رومي سلطنت جي دور ۾، اهو دستور هوندو هو ته جيڪڏهن ڪنهن قيديءَ ٻانهي يا ڪنهن سخت ڏوهاريءَ کي سزا ڏيڻي هوندي هئي، ته انهن کي ماڻهن جي وندر خاطر گول تماشي گاهه ۾ تماشبينن اڳيان جانورن يا ڪن ماڻهن سان مقابلو ڪرايو ويندو هو. اهڙيءَ نمائش کي ”گلئڊيئيٽريل“ ڪري سڏيندا هئا. اهڙين نمائشن جو رواج ايترو ته وڌي ويو هو، جو هڪڙي ئي وقت ڏهن هزارن جو مقابلو ٿيندو هو. اهڙن تماشن ۾ ماڻهو ڏاڍي دلچسپي وٺندا هئا. جڏهن ڪو به ماڻهو يا جانور ڦٽجي پوندو هو، ته انهن جي زنگي يا موت تماشبينن جي فيصلي تي ڇڏيل هوندو هو. هو جيڪو به اشارو ڏيندا هئا ته ان تي عمل ڪيو ويندو هو. جيڪڏهن آڱوٺن کي مٿي ڪندا هئا ته ان جو مطلب هو ته ان کي جيئدان ڏنو وڃي، ۽ جيڪڏهن اڱوٺن جو اشارو هيٺ ڪندا هئا ۽ ان سان گڏ ”هيبت“ (Habet) لفظ جو استعمال ڪندا هئا ته ان جو مطلب هو ته ان کي ماريو وڃي. هتي رسڪن هي تشبيه انهيءَ مقصد سان استعمال ڪري ٿو ته ٻين جاندار شين جو مقابلو ٿئي ٿو، پر ”گلڊيئيٽر“ جو موت تيستائين عمل ۾ نٿو اچي، جيستائين پبلڪ وٽان اجازت ملي. اها لڙائي به ڪنهن ڪار جي نه ٿي، جنهن ۾ انتها آڻڻ جي طاقت فاتح جي وس نه هجي.

 

80. بسئڪس (Bsuhcas) ديوتا

”شراب جي ديوتا“ کي ”ڊايونيشس“ به ڪري چوندا آهن. رسڪن هن لفظ جي استعمال مان اها مراد ورتي ته اهو ساڳيو شراب راحت بخشي ٿو، ۽ اهو ساڳيو شراب زحمت جو باعث بڻجي ٿو. هتي اهو مطلب آهي ته دولت خود اهڙن ٻنهي نمونن ۾ استعمال ٿي سگهي ٿي.

 

81. احمقانه

يوناني ”پرائيويٽ“ انهيءَ ماڻهوءَ کي سڏيندا هئا؛ جيڪو ماڻهو عوام جي ڳالهين ۾ دلچسپي ڪونه وٺندو هو، رڳو پنهنجو پاڻ ۾ محو هوندو هو. اهڙي ماڻهوءَ کي ”احمق“ (Idiot) پڻ سڏيندا آهن.

 

82. شين جو قبضو

هتي دولت جي وصف اهائي پيش ڪئي ويئي آهي، جا زينوفن يوناني ٻوليءَ ۾ ۽ هوريس لاطيني ٻوليءَ ۾ ڏني آهي. زينوفن پنهنجي ڪتاب ”اوڪاناميڪس“ ۾ ڄاڻايو آهي ته جيڪو ماڻهو جن شين کي استعمال ڪري ڄاڻي، ته اهي شيون انهيءَ لاءِ دولت آهن. ۽ جيڪو ماڻهو جن شين کي استعمال ڪري نٿو ڄاڻي، ته اهي شيون انهيءَ لاءِ دولت نه آهن.“ هوريس پنهنجي طنزيه ڪتاب ۾ چيو آهي ته ”اهو ماڻهو جيڪو بئنسريون تمام وڏي انداز ۾ ڪٺيون ڪري ٿو پر پاڻ نه بئنسريون تمام وڏي انداز ۾ ڪٺيون ڪري ٿو پر پاڻ نه بئنسري وڄائي ڄاڻي نه وري سريلو ئي آهي، ٻيو چم ڪٺو ڪري ٿو پر موچي نه آهي، ٽيون جهاز گڏ ڪري ٿو، پر تجارت کان غير واقف آهي ته اهڙي ماڻهوءَ کي سڀ ماڻهو سودائي ۽ چريو ڪري ڪوٺيندا- ۽ حقيقت ڪري آهي به ائين.“

 

83. ٻيو پيءُ

ٻئي پيءُ جو مطلب آهي شيطان، جنهن کي ”ڪوڙ جو ابو“ ڪري سڏجي ٿو. هن حضرت عيسيٰ کي برغلائي، پنهنجي قبضي م آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. چون ٿا ته حضرت عيسيٰ چاليهه ڏينهن روزو رکيو هو ۽ هن ان کي چيو ته ”جيڪڏهن تون خدا جو پٽ آهين ته پوءِ پنهنجي حڪم سان هن پٿرن کي مانيءَ ۾ تبديل ڪري ڏيکار.“ حضرت عيسيٰ ماڻهن کان سوال پڇيو ته ”اوهان مان اهو ڪهڙو ماڻهو آهي، جنهن کان خدا جو پٽ مانيءَ جي طلب ڪري ته ان کي پٿر ڏئي ۽ جيڪڏهن مڇيءَ جي طلب ڪري ته ان کي نانگ ڏئي!“ ان مان اهومطلب آهي ته شيطان حضرت عيسيٰ کي مانيءَ جي گُهر تي پٿرن جي آڇ ڪئي ۽ مڇيءَ جي طلب تي نانگ بنجي حضرت آدم جو زوال آندو.

 

84. خريداري ۽ وڪرو

انجيل ۾ اشارو ڏنل آهي ته جڏهن خريدار ۽ وڪڻندڙ جا ارادا مختلف آهن ته گناهه انهن سان ائين ڳنڍيو بيٺو آهي، جيئن ڪن پٿرن جي ٻن ڀتين جي وچ ۾ ڪاٺ جو ٽڪرو ڪوڪي سان مضبوط ڪيل هجي ۽ اهي ٻيئي ڀتيون پاڻ ۾ جڪڙيون پيون هجن.

 

 

85. صحيفي جو

حضرت زڪريا عليه السلام مٿي نهاريو ته ڏٺائين ته هڪڙي شئي آهي، جنهن کي کنڀ آهن، پڇيائين ته ”اهو مون ڇا ڏٺو؟“ جواب مليو ته ”اهو هڪ صحيفو آهي جو سڄيءَ دنيا مٿان هلي پيو ۽ انهيءَ جي ذريعي ئي چور جي چوريءَ، ٺڳ جي ٺڳيءَ ۽ گنهگار جي گناهه جو اندازو معلوم ڪري سگهجي ٿو. اهو صحيفو چور، ٺڳ يا انهيءَ ماڻهو جي گهر کي چنبڙي پوندو، جو منهنجي (خدا) نالي کي بدنام ڪندو ۽ تيستائين انهيءَ گهر جي مٿان انهيءَ جو بار هوندو، جيستائين ان جي پٿرن ۽ ڪات کي ڀڃي، ساري گهر کي تباهه ڪري ڇڏيندو. هتي انهيءَ صحيفي مان مراد آهي خدائي قهر. وري به ملائڪ حضرت زڪريا وٽ پهتو ۽ چيائين ته ”تنهنجي مٿان هڪڙي شئي جو نزول ٿيو آهي.“ حضرت زڪريا پڇيو ته ”اهو ڇا آهي؟“ جواب مليس ته ”اهو ڳرو ماڻ آهي. اها ٻي ڪابه شي نه آهي پر اهو يهودين جو گناهه آهي.“ لاطيني ٻوليءَ ۾ جيڪو ترجمو ٿيل آهي، ان موجب ”گناهه“ جي جاءِ تي ”اکين“ جو لفظ استعمال ٿيل آهي. جڏهن هن ان جو ڍڪ کنيو ته هن کي هڪڙي عورت ڏسڻ ۾ آئي، جا ان ۾ ويٺل هئي. پڇيو ويو ته ”هن جو نالو ڇا آهي؟“ جواب مليو ته ”هن جو نالو پاپ آهي.“ ائين چئي، هن وري به ان کي ساڳئي ماڻ ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ ان جو ڍڪ زور سان بند ڪري ڇڏيائين. وري ٻئي ڀيري حضرت زڪريا مٿي نهاريو ته کيس ٻه زالون ڏسڻ ۾ آيون. هنن کي عقاب جي کنڀن جهڙا مضبوط کنڀ هئا ۽ ان ماڻ کي زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ کڻي هليو ويون. جڏهن هن کان پڇيو ويو ته ”ان کي ڪيڏانهن کڻي ويون.“ جواب مليو ته ”ان کي عراق جي طرف کڻي ويون ۽ ان جي جيڪا جاءِ ٺهيل آهي، انهيءَ تي ان کي رکيو ويندو......“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org