وڏيرو هن بهادر، ارڏي ۽ بي ڊپي نوجوان ڏانهن
حيرانيءَ مان نهارڻ لڳو، جيڪو سندس ئي اوطاق ۾ اچي
کيس نظر انداز ڪري رهيو هو. وڏيري جا ماڻهو اکيون
ڦاڙي کيس حيرانيءَ مان تڪي رهيا هئا سناسي خان وري
به کيس چيو، ”تنهنجا پٽ ڪٿي آهن؟“ وڏيرو سامت ۾
اچي ويو، ”ڇو“ سناسي خان بڪڪ نهايت سپاٽ لهجي ۾
چيو، ”ڇو ته اهي مياري آهن. بلڪ ڏوهي آهن. انهن
ڏوهه ڪيو آهي.“ وڏيرو ويتر حيران ٿيو چيائين،“
ڇاڪيو آهي انهن؟ تون ڪير آهين؟“ سناسي خان بڪڪ برف
جهڙي انداز ۾ چيو، ”آئون ڪير به آهيان، پر تنهنجي
پٽن هڪ پوڙهي جي بيعزتي ڪرڻ ۽ کين مارڻ وارو ڏوهه
ڪيو آهي.“ وڏيري اطمينان سان چيو، ”اڇا، اڇا. اهو
پوڙهو جيڪو جبل مان اچي هتي وانڍو ٿيو آهي.“
”ها!“ سناسي خان مختصر جواب ڏنو ته وڏيري مشڪي بي
پرواهي مان چيو، ”جوان مڙس آهن، رت ۾ جوش اٿن،
پوڙهي به ضرور ڪا حرڪت ڪئي هوندي، چريا ته
ڪونهن....“ سناسي خان چڙي چيو، ”حرڪت پوڙها ڪندا
آهن يا جوان؟ ۽ چريا ته آهن جو ائين ڪيائون.“
وڏيرو جيئن ته کيس سڃاڻندو نه هو، سندس لفظن ڏانهن
بنا ڪنهن توجهه ڏيڻ جي، هيٺ پٽ تي ويٺل پنهنجن
ماڻهن ڏانهن نهاري مشڪي چيائين، ”ابا، جوان مڙسن
سان اسين ته پڄي نه ٿا سگهون ، الهڙ آهن ڇا
ڪريون.... ٻار ته ناهن جو مار ڏيونِ.“
اهو ٻڌي سناسي خان بڪڪ بس رڳو ايترو چيو، ”ٺيڪ آهي
جوان مڙسن ۽ الهڙن سان اسين پڄي وينداسين. تون فڪر
نه ڪر.“ پوءِ هڪدم وڏيري کي پٺي ڏئي وڏيون وکون
کڻندو اوطاق مان ٻاهر نڪري ويو. پوڙهي جا پٽ جيڪي
ساڻس گڏ هئا، اهي ڊوڙندا سندس پويان ٻاهر نڪتا.
پوڙهي وٽ اچي کائونس پڇيائين، ”اهي ڪهڙي مهل ايندا
آهن؟ پوڙهي جواب ڏنو،“ ابا، واٽ اها ئي اٿن،
گذرندا روز آهن. باقي انهن جي اچڻ وڃڻ جي ڪائي مهل
ڪانهي....“ چيائين، ”ٺيڪ آهي چاچا، اڄوڪو ڏينهن ۽
رات اوهان جو مهمان آهيان.“
پوڙهو ۽ سندس پٽ رڳو کيس حيرانيءَ مان ڏسڻ لڳا
جنهن وٽ ڪنهن به خوف ۽ ڊپ جو ڪو نالو ۽ نشان نه
هو.
وچينءَ (ٽپهريءَ) جي ويل ٽري وئي هئي. سانجهي ٿيڻ
واري هئي ته، لوڙهي جي ٻاهران کل ۽ ٽهڪن جو هُل
ٿيو. پوڙهي جا ڪن کڙا ٿي ويا ته سناسي خان بڪڪ
پڇيو، ”ڇاجو گوڙ آهي؟“ پوڙهي چيو،“ ابا، اهي ئي
ڇوڪرا آهن.“
سناسي خان پنهنجي لٺ هٿ ۾ جهلي اٿيو ۽ لوڙهي جي
کَڙَههَ (در) وٽ آيو ته ڏهه پندرهن نوجوان لاڳيون
ڏيندا، مستيون ڪندا، کلندا بي پرواهيءَ مان لوڙهي
۾ لوڻا هڻندا کڙهه وٽ آيا. سناسي خان جيڪو کڙهه
تي ايسَتاده (بيٺل) هو ان کي ڏسي ٿورو هٻڪيا. پر
وري پوڙهي کي ڏسي همٿ ٿين جيڪو سناسي خان جي پٺيان
بيٺل هو. چيائون، ”اڙي، هي ڪهڙا رنگ رنگيلا مهمان
پيو آڻين. اڃا سبق نه مليو اٿئي ڇا؟“
انهن جو ايترو چوڻ ۽ سناسي خان بڪڪ جي لٺ وڄ وراڪا
ڪري حضرت موسيٰ عليه واري عصا وانگر ڄڻ پاڻ ئي
وڙهڻ لڳي. کن پل ۾ اهي ڏهه پندرهن نوجوان مُچَ/
گڏجي هيٺ ڪري پيا. پوڙهو ۽ سندس پٽ اهو لقاءُ ڏسي
سڪتي ۾ اچي ويا. انهن کي هڪل ڪري سناسي خان رسيون
گهرائي سڀني کي ٻڌايو. پاڻ گهوڙي تي چڙهي وڏيري وٽ
آيو ۽ کيس چيائين، ”چاچا سان وهنوار/ حساب ڪتاب
ڪر، نه ته تنهنجا ڇيڳڙا ڇورا مون وٽ ٻڌل آهن. آئون
کڻيو ٿو وڃان جبل.
وڏيري جي مٿي ۾ به اڃا مڳي هئي چيائين، ”ڇوڪرن کي
ڇڏائڻ لاءِ مون وٽ وڏا هٿ آهن.“ اهو ٻڌي سناسي
خان جهڙپ هڻي وڏيري کي ڪنڌ ۾ جهلي، گهوڙي تي
اونڌو ليٽائي کڻي اتي آيو جتي وڏيرڪا ٻار ٻڌل هئا.
ڇوڪرن کي هوش اچي ويو هو. هو سناسي خان بڪڪ جي هٿن
۾ وڏيري کي قابو ڏسي ڏڪڻ لڳا. سناسي خان، وڏيري کي
گهوڙي تان هيٺ اڇلائي پوڙهي ڏانهن اشارو ڪري وڏيري
کي چيو، ”ڇورن کي چئو ته چاچا کان پيرن پئي معافي
وٺن.“
وڏيرو ڪو بنيادي بي حياءُ هو. چيائين، ”ڇوڪرا
مرضيءَ وارا آهن....”ڇوڪرن دانهون ڪري چيو،“ اسين
معافي وٺون ٿا. پيرن پئي معافي وٺون ٿا!“ وڏيري
ڇوڪرن کي چيو، ”ٿُڪ هَجيو ڀاڙيا!“ سناسي خان ڪاوڙ
مان هڪل ڪري چيو، ”سڄي بيغيرتائي وڏيري جي آهي.“
وري جو وڏيري کي ڪنڌ ۾ جهليائين ته هو هيڊو ٿي
ويو، ۽ ٽنگون گهريندو هلڻ لڳو. سناسي خان وڏيري کي
سندس ڇورن سميت گهرن کان پري جهنگ ۾ وٺي آيو. ساڻس
گڏ پوڙهو ۽ پوڙهي جا پٽ ۽ ڀائٽيا هئا.
جهنگ ۾ پهچندي ئي سناسي خان وڏيري کي چيو، ”آخري
ڀيرو ٿو چوان ته تون ۽ تنهنجا ڇورا چاچا کان
پيرين پئي معافي وٺو نه ته....”وڏيري چيو، ”پوڙهي
سان جيڪو ڪيو مون ڪيو ۽ سٺو ڪيو.“ وڏيري جو ايترو
چوڻ ۽ سناسي خان سٽ ڏئي وڏيري کي جهلي، ان جا ڪپڙا
لاهي کيس سندس پٽن اڳيان اگهاڙو ڪري وڻ سان ٻڌو.
پوڙهي کي چيائين، ”توکي جيڪا به وڻي اها سزا
ڏينس.“
پوڙهي ۾ بدلي جي باهه ڦڙتي آڻي ڇڏي. ۽ پوءِ پوڙهي
سڀني جي اڳيان کيس اهڙي اذيت ناڪ سزا ڏني جو سندس
ماڻهن شرم کان اکيون پوري ڇڏيون، ۽ وڏيري جي رڙين
سان جهنگ ٻُري ويو. جنهن کان پوءِ سناسي خان سڀني
کي آزاد ڪيو ته، وڏيري جا پٽ پيءُ جي سزا ڏسي پاڻ
مرادو پوڙهي جي پيرن تي پئي معافيون وٺڻ لڳا.
سناسي خان بڪڪ کين اها ڌمڪي ڏئي گهوڙي تي چڙهي جبل
ڏانهن روانو ٿيو ته، ”هاڻي اوهان جي ڪا به شڪايت
مون کي ٻڌڻ ۾ نه اچي.“ ۽ واقعي ان واقعي کان پوءِ
جيترا سال به پوڙهو اتي وانڍو ٿي رهيو، سندس ڪکن
جي ويجهو ڪو به نه آيو.
اهڙو ئي ۽ ان سان ملندڙ ٻيو به واقعو آهي ته ائين
جبل جا ڪي ماڻهو وانڍا ٿي، ڪنهن ٻئي علائقي ڏانهن
ويل هئا جن کي اتي جي پوليس وارن ڏاڍو تنگ ڪيو هو.
ٻئي ٽئي ڏينهن گهوڙن تي چڙهي اچي چون ته، ”اسان کي
کاڌي لاءِ ٻڪر ڏيو“. هي غريب ويچارا جيڪي رهيل ئي
مال سانگي هئا. اهي کين ننڍن ٻڪرن مان هڪڙو ٻڪر
ڏئي ڇڏيندا هئا. هڪ ڀيري آيا ته انهن جواب ڏنو ته،
”هاڻي اسان وٽ ڪوبه ننڍو ٻڪر ڪونهي.“ ته انهن وڏو
ٻڪر گهريو ته وڏو ٻڪر ڏيڻ کان انهن وانڍن انڪار
ڪيو تڏهن پوليس وارا ڇرجي (مڇرجي) پيا. وانڍن جي
پرئي مڙس کي بانٺن سان ڍاڻي رکيائون، ۽ مٿان سوائي
ڌمڪي ڏئي ويا ته ٿاڻي تي اوهان جي مٿان ڪيس داخل
ڪنداسين.“
اتفاق سان سناسي خان بڪڪ اوچتو انهن وانڍن وٽان
وڃي نڪتو. خير اتفاق ته نه ٿو چئي سگهجي جو اهو
سندس معمول هو ته پنهنجن جي سار لهجي. پر اتفاق
ائين ٿو چئي سگهجي ته پوليس وارو واقعو اڃا تازو
هو. سناسي خان بڪڪ اتي پهتو. اهي هرا سيل هئا.
خبرون ورتائين ته انهن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي.
پڇيائين، ”وري ايندا؟“ چيائون، ”ها، اڄ اچڻ جو چئي
ويا آهن.“
سناسي خان بڪڪ جيڪو مڙسن جو مڙس هو ان اطمينان سان
چيو، ”اوهان بنا ڪنهن فرق جي اڳ وانگيان ئي سندن
سڏ تي ٻاهر نڪري وڃجو.“ اڃا ٿوري دير مس ٿي هئي ته
گهوڙن جي ٽاپ ۽ هڻڪ ٿي ته انهن ٻڌايو ته، ”اچن
پيا.“ کين چيائين ويٺا هجو. اٿجو نه. ”هي ويٺائي
رهيا. پوليس وارا گهوڙن سوڌو واڙ لتاڙي اندر اچي
ڀونگن جي در تي بيهي هڪلون ڪرڻ لڳا. ”اوٻڍا. ٻاهر
نڪر“. پوڙهي کي سناسي خان اشاري سان ٻاهر وڃڻ جو
چيو ته پوڙهو ٻاهر نڪتو. پوڙهو جيئن ئي ٻاهر نڪتو
پوليس وارن گارين جي ريهه لائي ڏني. ”اڙي حرامي
ڀڙوا، اڄ به ٻڪر ڪونه ڏيندين ڇا؟“ انهن جو ايترو
چوڻ سناسي خان بڪڪ شينهن وانگيان ٽاهه ڏئي اٿيو، ۽
گجگوڙ ڪري ٻاهر نڪتو. پوليس وارا ڪي ٽي چار هئا.
انهن سڀني جي مٿان ائين ڪاهه ڪري آيو جو، انهيءَ
اوچتي ڪاهه انهن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا. سناسي خان
جي لٺ سندن ڀيرا ڀيري وئي. جڏهن سڀيئي پوليس وارا
پٽ سان ملي پٽ ٿي ويا ته، ساڳي ئي شينهن واري
گجگوڙ ڪري چيائين، ”اوهان جي پيءُ جو مال آهي جو
ٽيسو تاريخ ٻڪر لاءِ بيٺا آهيو؟ هلو، آئون ٿو هلان
ٿاڻي تي.“ ”پوليس وارا هٿ ٻڌي معافيون وٺڻ لڳا ته
سناسي خان چيو،“ چاچا جي پيرن تي پئو حرامي، جيڪو
اوهان جي پيءُ جيڏو آهي.“ پوليس وارا پوڙهي جي
پيرين پئي هٿ ٻڌي روئي معافيون وٺڻ لڳا. کين لٺ جي
ٺوڪر سان اٿاري چيائين، ”پگهارون حرام جون ٿا کڻو
جو غريبن جون کلون ٿا لاهيو، آئون اوهان جي وڏن کي
به سڃاڻا ٿو... ساڻن ملندس ته پتو پوندو.“ انهن هٿ
ٻڌي چيو، ”سائين، هن پاسي رڳو نهاريون ته ڏوهي
ٿيون.“ سناسي خان چيو،”هنن جي حفاظت ڪجو هي مسافر
وانڍا آهن. سندس ملڪ وسندو ته هليا ويندا.“ پوليس
وارا هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندا گهوڙن جون واڳون هٿن ۾
جهلي جوتا گسڪائيندا، ۽ گهريندا لوڙهي کان ٻاهر
نڪري ويا.
سناسي خان بڪڪ جي شخصيت ايڏي باوقار ۽ رعب دار هئي
جو ڪنهن کي به ساڻس اڳرائي ڪرڻ جي همٿ نه ٿيندي
هئي. پوءِ اڳيان ڀلي ڪيڏو به وڏي پاور ۽ طاقت
وارو ماڻهو ڇو نه هجي.
پهرين مهاڀاري جنگ کان پوءِ جڏهن ترڪن خلاف
انگريزن ڌرتي ٽامو ڪري ڏني هئي ته، ننڍي کنڊ جي
مسلمانن سان گڏ ڪوهستان جا ماڻهو پڻ ترڪن جا
حمايتي هئا.
اهو ڪو مذهب جو معاملو نه هو. پر ظالم ۽ مظلوم جي
ڳالهه هئي. انگريزن جي سياست ۽ حڪمت عملي هر ڪنهن
وٽ ساريل هئي ته، هو پنهنجي مفاد خاطر ڪيئن هنڌ
هنڌ، جتي ڪٿي ننهن اٽڪائيندا آهن.خلافت تحريڪ به
انهن ئي انگريزن جي کونس ڦٽاين ۽ ظلمن جي خلاف
تحرڪ ۾ آئي.
جبل جي ماڻهؤ وٽ اسڪولي تعليم نه هئڻ جي باوجود
شعور ۽ آگهيءَ جي ڪا ڪمي نه هئي ۽ اهي دنيا سان
ڳنڍيل رهيا. اها وڏي حيرت جي ۽ سڄيءَ سنڌ لاءِ
نئين ۽ قابل فخر ڳالهه آهي ته جڏهن انگريز، ترڪ
جنگي قيدين کي بحري جهازن ذريعي کڻي ڪراچيءَ جي
بندر گاهه جي ويجهو اچي سمنڊ ۾ ٻوڙي ماريندا هئا
(جڏهن ته پنهنجي واريءَ مهل ”جنگي قيدين“ سان سٺي
سلوڪ وارا معاهدا عمل ۾ آندائون جن جي پوئواري نه
ڪرڻ جي سزا طور جاپان ٿي ايٽمي حملا ڪري لکين
ماڻهو ماريا ۽ کاريا).
ترڪ فوجي قيدين کي سمنڊ ۾ ٻوڙي مارڻ جي پروڙ سڀ
کان پهرين ڪراچي ۾ رهندڙ بڪڪن کي پئي جيڪي تڏهن
سرڪاري ملازمت ۾ هئا. انهن اها ڳالهه سناسي خان
بڪڪ تائين پهچائي. پوءِ ته اها ڳالهه سڄي ڪوهستان
۾ هُلي وئي. ڪوهستان جو شينهن سناسي خان بڪڪ ڪراچي
پهتو ۽ سڀني گڏجي هڪ صلاح سان حڪمت عملي جوڙي،
جنهن ۾ سناسي خان بڪڪ سان گڏ حاجي نورمحمد بڪڪ،
ابراهيم بڪڪ ۽ جهونجهار بڪڪ (ٻئي سناسي خان جا
ڀائر)، گل محمد جورڪاڻي، دريائي ڇٽو ۽ ٻيا شامل
هئا. اهي رات جو لڪي ٻيڙين ۾ چڙهي اڌ رات جو برٽش
نيوي جي جهاز کان پري ٻيڙيون لڪائي پاڻ تري اندران
ئي اندران پاڻيءَ مان ترڪ فوجين کي کڻي پنهنجي
ٻيڙين ۾ چاڙهي محفوظ ڪنارن تائين بچائي آڻي
پهچائيندا هئا. اتان کين وٺي ڪراچيءَ ۾ ئي پنهنجن
گهرن ۾ آڻي کارائي پياري سندن ورديون لهرائي،
پنهنجا ڪپڙا پارائي وري لڪ ڇپ ۾ ترڪي اماڻي ڇڏيندا
هئا. ائين انهن تمام گهڻن ترڪيءَ جي فوجين جي جان
بچائي کين ترڪي موڪليو. الائي ڪيئن انگريزن کي خبر
پئجي وئي پوءِ ته ڪوهستانين لاءِ انهن رڻ ٻاري
ڏنو. سندن گهرن تي ڇاپا ۽ جهڙتيون ڏنيون. ٻارن ٻچن
کي ڌڪا ٿاٻا.... اهو سڀ ڪجهه ساهوڪوهستاني سهندا
رهيا. پر حاجي نور محمد بڪڪ (جيڪو سرڪاري ملازم
هو) ان جي گهران جهڙتي ڏيندي ترڪ فوجين جون قيدين
واريون ورديون ملي ويون، جنهن کان پوءِ گرفتارين
لاءِ ڇاپا هنيائون. ڇاپن ۾ مقامي ماڻهن جي ئي ساٿ
دغا ۽ سازشن سان حاجي نورمحمد بڪڪ، ابراهيم ۽
جهونجهار بڪڪ گرفتار ٿيا. انهن کي پوءِ بصره
(عراق) جي قيد خانن ۾ وڃي قيد ڪيائون. (ڪوهستانين
جو انگريزن سان نفرت ڪرڻ جو هڪ اهو به مثال آهي ته
ٻي مها ڀاري جنگ ۾، جڏهن ترڪن جرمنين جو ساٿ ڏنو
ته ڪوهستاني ماڻهو جيڪي اڳ ئي ترڪن جا حمايتي هئا،
انهن جو هٽلر هيرو ٿي ويو ڇو جو هٽلر ترڪن کي سٺو
رت ۽ سٺو نسل قرار ڏنو هو. اڄ به ڀلي دنيا هٽلر کي
ظالم يا ڊڪٽيٽر يا ڇا به چوي پر ڪوهستانين جي نظر
۾ هو هيرو آهي. ڇو جو هو پنهنجي قوم لاءِ سچو هو.
ڪوهستانين ۾ اهو شعور آهي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي
قوم لاءِ سچو آهي. اهو ٻين به سچن جي عزت ڪندو ۽
ٻي وڏي ڳالهه ته هو غيرتمند هو، جنهن شڪست کان
پوءِ به دشمن جي هٿان پاڻ کي گيندڙا ئي مارڻ بجاءِ
پاڻ کي پاڻ موت جي حوالي ڪيو (اهڙي غيرت ڪوهستان
جي قيمتي وٿ آهي.)
سناسي خان بڪڪ لاءِ مسلسل ڇاپا هنياپي ويا. پر هُو
ته پنهنجي علائقي جي پٿري، مُٽڪي جو واقف هو. کيس
خبر هئي ته ڪٿي خطرو ۽ ڪٿي حفاظت آهي.
هو جبلن ۾ پنهنجي ساٿين سان سفر ڪندي هڪ جاءِ تي
آرام ڪري رهيو هو ته، اتان ڪو انگريز فوجي (ميجر)
پنهنجي ماتحتن سان لانگهائو ٿيو. هو ڇرڪي پيا. پر
اهي سناسي خان کان واقف نه هئا. بس مڳي ۽ وڏاندري
ڪندي انگريز ميجر انهن کان پڇيو، ”اوهان ڪير
آهيو؟“ سناسي خان کي سندس انداز ۽ سوال نه وڻيو.
چيائين، ”ڇو؟“ انگريز ميجر ساڳي مڳيءَ ۾ چيو، ”ان
لاءِ ته اهو سوال پڇڻ جو آئون حق رکان ٿو“ سناسي
خان جيڪو اڳ ئي انگريزن کان سخت نفرت ڪندو هو ان
کي انگريز ميجر جو لهجو ڪاوڙائي ويو. چيائين،“
ڪنهن به پرڏيهيءَ کي ڪنهن به ڏيهي کان اهو پڇڻ جو
ڪوبه حق ناهي ته تون ڪير آهين؟ ها اهو اسان جو حق
آهي ته اوهان کان پڇون ته اوهين ڪير آهيو؟“
نوجوان انگريز ميجر اهو ٻڌي تپي ويو. چي، ”آئون
حاڪم آهيان ۽ تون غلام....“ اهو جملو اڃا اڌ ۾ هو
ته سناسي خان جو هٿ مٿي ٿيو، ۽ انگريز ميجر جي
گلابي منهن تي وڏين آڱرين جا گهرا ڳاڙها نشان ڇڏي
ويو. انگريز ميجر ڌڏي ته ويو. پر پنهنجي سخت
ٽريننگ جي ٻل تي هڪدم پاڻ سنڀالي پنهنجي بندوق
سنڀالي ۽ پنهنجي ماتحتن کي حڪم ڏنو ته، ”هن کي
گرفتار ڪريو.“ هو اڃا ڪجهه ڪن تنهن کان اڳ سناسي
خان جي لٺ ٻاتاڙيل انگريز ميجر کي ڪيرائي وڌو.
سندس ساٿين بجليءَ وانگر انگريز ميجر جي ماتحتن کي
قابو ڪري ورتو.
سناسي خان، انگريز ميجر کي ٻڌي پنهنجي گهوڙي تي
اونڌو ليٽايو ۽ سندس ماتحتن کي اتي ئي وڻن سان ٻڌو
۽ پاڻ انگريز ميجر کي کڻي روانا ٿيا.
اڃا مس ڪو پنڌ ٿيو هوندو ته سناسي خان سٽ ڏئي
انگريز ميجر کي وارن کان جهلي مٿي کنيو ۽ کيس نفرت
سان ڏٺو. پوءِ هڪدم پنهنجي کيسي مان چاقو ڪڍي ان
جو نڪ وڍي ڇڏيائين. هو دانهون ڪندو رهيو ۽ هو کيس
موٽائي سندس ماتحتن وٽ آيو. پوءِ انهن جا سڀيئي
بندوقون ۽ هٿيار کڻي کين وڻن مان کولي آزاد ڪري
پاڻ روانا ٿيا ۽ پنهنجن رازدان گونا گون جبلن جي
پناهن ۾ هليا ويا.
اهو ڪو معمولي واقعو نه هو. پوءِ ته وٺ وٺان ٿي
وئي. سناسي خان جيڪو اڳ ئي حڪومت کي گهربل هو.
انهيءَ جي تلاش ۾ سڄو ڪوهستان اٿلائي ڇڏيائون.
جڏهن کيس لهي نه سگهيا ته سندس ڳوٺ تي ڪاهه ڪيائون
جتي سندس گهر هو. ٻه ننڍڙا ٻار، 8 سالن جي هڪ ڌيءَ
۽ 6 سالن جو هڪ پٽ ۽ سندس گهر واري جيڪا سندس سوٽ
هئي ۽ جهڙس ئي سوڀياوان ۽ سورهيه هئي ۽ سندس صابر
سڌير ماءُ هئا.
سناسي خان جي عمر ان وقت تقريباً 30- 31 سال هئي.
سندس مڙسي ۽ دانائيءَ جي هاڪ هنڌ هنڌ سرهاڻ جيان
پکڙجي وئي هئي. سندس چاهيندڙن ۽ دوستن جو به وڏو
حلقو هو جنهن ۾ ڪراچيءَ جو بيرسيٽر عبدالرحمان
صاحب پڻ هو (جنهن جا پٽ بيريسٽر حسن علي
عبدالرحمان، جنهن جي ڌي شيري رحمان جيڪا هن وقت
امريڪا ۾ سفير آهي ٻيو پٽ طفيل علي عبدالرحمان
جيڪو ملڪ جو اٽارني جنرل ٿيو هو/ هئا)
پوليس جڏهن سناسي خان بڪڪ جي گهر ۾ ڇاپا هڻڻ لاءِ
سندس ڳوٺ پهتي ته، انهن سان حڪومتي رول موجب
بيرسيٽر عبدالرحمان پوليس اٽالي سان گڏ هو. اتي
اچي کيس خبر پئي ته پوليس سناسي خان بڪڪ جي گهر ۾
ڇاپو هڻڻ آئي آهي ته هن پوليس کي چيو، ”آئون اڪيلو
ئي گهر جي اندر ويندس. مون سان گڏ اندر هلڻ جي
ڪنهن کي به ضرورت ناهي.“ هن کان اڳ بيريسٽر
عبدالرحمان ڪڏهن به سناسي خان جي ڳوٺ يا گهر نه
آيو هو. گهر ۾ اندر گهڙيو ته سناسي خان جي پرده
نشين گهر واري وڏي چادر ۾ ويڙهجي سندس سامهون آئي،
جنهن کي ڏسي ۽ جنهن جي ڏاهپ ۽ شائسته انداز واري
گفتگو ٻڌي هو ڏاڍو متاثر ٿيو. سندس مٿي تي شفقت
مان هٿ رکي چيو، ”بابا، سڀ خبر ٿي ويندو.“ سناسي
خان جي ماءُ کي دلاسو ڏئي ۽ ٻارن کي پيار ڪري گهر
مان ٻاهر نڪري پوليس کي چيائين، ”گهر ۾ ڪجهه به
ڪونهي هلو...“
بهادرن جا دوست ۽ ساٿي به بهادر هوندا آهن. پر ڪي
بدنيت ڪانئر وچ ۾ وار ڪري ويندا آهن. پوليس سناسي
خان بڪڪ جي ڳولا ۾ سرگرم هئي. پر کيس لهي نه ٿي
سگهي.
هڪ ڀيري هو ڪراچيءَ ۾ پنهنجي هڪ دوست وٽ ساٿين
سميت آيل هو ته، سندس ڪنهن دشمن مخبري ڪري پوليس
کي سندس موجودگي جو اطلاع ڏنو، پوليس اوچتو گهيرو
ڪري کيس سندس ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو. سندس
مڙئي دوست پهچي ويا. پر انگريزن کي ڊپ هو ته جي
ڪيس ڪراچيءَ ۾ هلندو ته هو کين سنڀالي نه سگهندا،
انهن ڪراچي ۾ ڪيس هلائڻ نه چاهيو. ۽ کيس هڪدم
ممبئي وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائون.
جڏهن کيس سندس ساٿين سميت ممبئي وڃڻ لاءِ پوليس جي
سخت گهيري ۾ بندر گاهه تي آندو ويو ته، انهيءَ
ڪوهستاني شينهن کي ڏسڻ لاءِ دنيا اٿلي پئي هئي
جيڪي روئي رهيا هئا. جڏهن کيس بحري جهاز ۾ سوار
ڪيوپي ويو ته سندس گهر واري، ٻه ننڍڙا ٻار، ماءُ،
ڀائر، سؤٽ ۽ سڀ ئي مائٽ، عزيز ۽ دوست بندر گاهه تي
ساڻس موڪلائڻ آيا هئا، جيڪي ملاقات جي اجازت نه
ملڻ ڪري سڀ ئي پري کان کيس ڏسي هٿ مٿي ڪري لوڏي،
ساڻس موڪلائي رهيا هئا ته اوچتو پاڻ هڪل ڪري
چيائين ته، ”منهنجا ٻئي ٻار مٿي کڻو ته آئون
ڏسان“. جڏهن سندس مائٽ ۽ دوست اوڇگارون ڏئي ٻارن
کي مٿي ڪلهن تي چاڙهي جهليو ته سندس به اکيون
آليون ٿي ڏيئن جيان ٻرڻ لڳيون. سندس روشن پيشاني
تجلا ڪري رهي هئي. مائٽن جي وچ ۾ بيٺل سندس ڀر
جهلي گهر واري باوقار بيٺي گونگا ڳوڙها ڳاڙي
لاکيڻي لطيف جا بيت جهونگاري رهي هئي،
مُون اُڀي تَڙَ وَٽَ، پِرِينَ پَڳهَه ڇَوڙِيا
ڪا مُنِهين ۾ گَهٽِ، نا ته سڄڻ سٻاجها گهڻو
....
مون اڀي تڙ جهل، پرين پڳهه ڇوريا
ڪا منهين ۾ ال، ناته سڄڻ سٻاجهر گهڻو
سناسي خان بڪڪ جي ممبئي اسهڻ کان پوءِ جبل ڄڻ ته
ٻسو ٿي پيو. سندس گهر واري جنهن جي عمر ان وقت 27
سال هئي.
سَيئي جَوڀن ڏينهن، جڏهن سَڄڻ سَفر هليا
رُوئان رَهن نَه سپرين، آيل ڪريان ڪِيئن
مون کي چاڙهي چِينئن، وِيو وَڻجارو اُهِرِي.
(شاهه رح)
اها سندس وڇوڙو نه سهي بستري حوالي ٿي وئي، ٻار
ڏاڏي ۽ چاچن جي حوالي هئا. سناسي خان جي سؤٽ ڇٽي
خان بڪڪ جڏهن ممبئي وڃڻ چاهيو، ته سناسي خان جي
دوستن کيس جهليو ته متان اتي اوهان کي به سؤٽ هجڻ
جي ناتي سان گرفتار ڪيو وڃي، اسين وڃون پيا ملاقات
به ڪنداسين ۽ وري اچي اوهان کي حال احوال به
ڏينداسين
هو روانا ٿي ويا.
سناسي خان کي ويندي به اٺ نو مهينا ٿي ويا هئا ۽
سندس دوستن به ورڻ ۾ دير ڪئي هئي. ان وچ ۾ سندس
گهر واري جيڪا چوندي هئي ته، ’شال آئون سڄڻ (سناسي
خان) کان اڳ وڃان، سندس وڇوڙو نه سهندي 28 سالن جي
ڄمار ۾ گذاري وئي.
ٻارو چا ٻيا به گهڻا، منهنجو اجهو آرياڻي
چونڊي رکيم چِتِ ۾، ساجن سڃاڻي
جاوندروڪاڻي تنهن جو موٽڻ مَسَ ٿيئي.
(شاه رح)
ڏک ۾ ڏک آيو سڀ ئي مائٽ هيڻا ۽ ڏکويل ٿي پيا.
اوچتو اها خبر هُلي وئي ته سناسي خان جا اهي دوست
ممبئيءَ مان موٽي آيا آهن جيڪي ساڻس ملاقات ڪرڻ
ويا هئا. سڀڪو انهن ڏانهن ڊڊي ڊوڙويو ته انهن
اوڇگارون سان ٻڌايو ته، ”انگريزن اسان سان ڊوهه
ڪيو ۽ انهن بنا ڪيس هلائڻ جي سناسي خان کي کاڌي ۾
زهر ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو.“
ڪوپا ڪلي ڪوڏيا، راوت ڪين رهن
يُجَاهِدُونَ فِي سَبِيلِ الله، ڪم اهو ئي ڪن
حورون هار ٻڌن، سهرا شهيدن کي.
(شاهه رح)
دوستن ٻڌايو ته جوڌي جوان اتي به کين ڪين مڃيو.
ممبئي جيل جي قيدين ٻڌايو ته جڏهن جيل ۾ کيس دال
ماني ڏنائون ته هن اها وٺي هيٺ رکي. جيلر کي به
شايد کٽيءَ کنيو هو سو اهڙي اڻموٽ سان ڇيڙ ڪندي
چيائين، ”نهارين ڇا ٿو دال ۾، هتي اها ئي ملندئي“.
قيدين ٻڌايو ته اسين ان وقت دم بخود ٿي وياسين
جڏهن سناسي خان پنهنجون ٽانڊا اکيون مٿي کڻي جيلر
کي ڏٺو ۽ وڄ جيان دال واري پليٽ کڻي زور سان جيلر
ڏانهن اڇلائي ته جيلر جو نرڙ ٻه اڌ ٿي ويو. ائين
پي لڳو ته سندس مٿو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو هو. پوءِ
ته کيس سڀني کان ڌار اڪيلي کوليءَ ۾ الائي ڪٿي بند
ڪيائون. پوءِ ته جيڪو ساڻس ٿيو اهو اڪيلي ٿيو.
قيدين ٻڌايو ته اسان هيڏو بهادر ماڻهو نه ٻڌو نه
ڏٺو هو....
سڀئي ڊنڊ ڪرون ڏئي روئڻ لڳا. سندس دوستن ممبئي مان
آندل سناسي خان جا ڪپڙا ۽ لٺ سندس ڀائرن ۽ سؤٽن جي
حوالي ڪئي ته نئين سئين پٽڪارو پئجي ويو.
دوستن ٻڌايو ته ساڻس گڏ ويل ساٿين کي سزا اچي وئي
آهي، جن ۾ سندس دل گهريو دوست گل محمد جورڪاڻي به
شامل هو.
سناسي خان بڪڪ جهڙن پٽن تي ڪوهستان جيترو ناز ۽
فخر ڪري اهو ان جو حق آهي جن سر ڏنو پر آڻ نه مڃي.
طبعي بهم رسان ڪھ، بسازي بعانمي،
يا همستي ڪھ ازسر، عالم توان گذشت.
(يا اهڙي طبيعت ڌاريو جو دنيا سان ٺهي ۽ منجهس کپي
وڃو، يا اهڙي همٿ جو مورڳو دنيا کان ٻاهر نڪري
وڃو).
مالدار، سخي
۽ مهربان ڪردار
رُهيل بڪڪ (ڀوراڻي)
ڏيڍ پوڻا ٻه صديون اڳ ڪوهستان واري رَوههَ ملڪ جو
’روهيلو‘ رُهيل بڪڪ پنهنجي راڄ ڀاڳ پٽن پوٽن سان
گڏ جبل جي شينهن علائقي ۾ رهندو هو.
ساڍن ڇهن فوٽن جو قد رکندڙ اڇي ڳاڙهي رنگت وارو
ڏاڏو رُهيل بڪڪ (منهنجي تڙ ڏاڏي رکئي بڪڪ جو وڏو
ڀاءُ هو)، هاٺي ڪاٺي، منهن مهانڊي ۾ يوناني ۽ رومي
بادشاهن سان مشابهت رکندڙ هو.
سندس لباس جي باري ۾ سندس پوٽو عمر بڪڪ (جنهن جي
ڄمار به سؤ سالن کان مٿي آهي). چوي ٿو ته، هو رڍن
جي اُنَ ۽ ٻڪرين جي ڏاس مان ٺهيل لباس پائيندو هو.
جيڪو هو پاڻ ئي رڍون ٻڪريون لُڻي، ڪَتي، تاڃي،
اُڻي ۽ سِڀِي پائيندو هو.
چون ٿا ته اهو اوني ڊگهو چوغي جهڙو لباس پائي هو
بلڪل رومي ۽ يوناني نسل جو لڳندو هو.
وڏو مالدار هو. وٽس هزارن جي تعداد ۾ ڌڻ، ڪيراڳ ۽
وڳ هئا (رڍن، ٻڪرين ۽ اٺن جا ميڙ).
هو پنهنجي مال سان پاڻ ئي ڌراڙن سان گڏ ويندو هو.
اهو ئي سندس شوق ۽ اها ئي سندس مصروفيت هئي.
مال ۾ ساهه هوندو هئس. مال جي سک لاءِ جتي ڪٿي
وانڍو ٿي وڃي رهندو هو.
هڪ ڀيري مال سان گڏ پنهنجي علائقي کان ٻاهر وانڍو
ٿي ويل هو. ڪوهستان مڙيئي ڪوهستان، ڪنهن جي ذاتي
ملڪيت نه هئي. وڏو جهنگ هو جتي گاهه پاڻي هو. مال
چاريندي اچي هڪ هنڌ پاڻي جي تلاءَ تي پهتو. مال کي
پاڻي پيئڻ لاءِ ڇڏي پاڻ پنهنجي ڪلهي تان لسيءَ جي
کَلي لاهي پيئڻ لڳو. اوچتو گهوڙي جي هڻڪ ٻڌائين ۽
ڇرڪي اٿي بيٺو.
ڏسي ته هڪ ٺهيو ٺڪيو همراهه گهوڙي تي چڙهيو وٽس
آيو. رهيل بڪڪ ڪاوڙ جي چيس، ”بنا هڪل جي کَرَ کَرَ
(گڏهه جي) ڪندو آيو آهين ڇو؟ پوئتي ٿي منهنجو مال
ٿو ٽاهين (ڇڙو ڇڙڪرين).“
گهوڙي سوار رعب مان چيو، ”هي علائقو منهنجو آهي.
آئون وڏيرو آهيان ۽ تون بنا موڪل جي اچي مال ٿو
چارين!“ وري هزارن جي تعداد ۾ سندس مال ڏانهن
نهاري چيائين، ”هنن مان جيڪو به سٺو پهرو (مال)
هجي اهو چونڊي ڏي“.
رُهيل بڪڪ جيڪو اهڙي لهجي جو رهيگ (عادي) نه هو.
اهو تپي باهه ٿي ويو. هڪدم گهوڙي سوار کي ٻانهن
کان جهلي وٺي جو سَٽَ ڏنائين ته همراهه اچي پَٽَ
تي ٻُوٿَ ڀَرَ ڪريو.
رُهيل بڪڪ چڙي چيو، ”ڪهڙو پڻهين جو علائقو اٿئي؟
جهڙو تون تهڙو آئون، سڀني جو ساڳيو پَٽُ آهي. هي
وري مڙس ڌڻي ٿي آيو آهي گهوڙي تي چڙهي پِنَ گهرڻ،
تون ته گهرجائو آهين، گهوڙي تان هيٺ لهي نوڙت سان
گُهر ته پِنَ به ملئي هيئن ٿو هٺ سان پنين؟ پڻهين
جو مال آهي جو چُونڻَا هَو (جوان مال) چونڊي ڏاڙهي
کي ڏيان؟“
وري همراهه جي منهن ۾ نهاري جيڪو رنگ جو سانورو،
بت ۾ اڀرو ۽ سندس قد جي اڌ جيترو مسَ هو، جيڪو هيٺ
ڪرڻ جي ڪري پاڻ تان مٽي ڇنڊي رهيو هو، ۽ هٿ تي ڪو
ڌڪ هئس ان کي کنهي به رهيو هو. تڏهن
پڇيائينس،”نالو ڇا اٿئي؟“ همراهه جيڪو هيسيل هو
تنهن جواب ڏنو، ”ڪالَوخان!“ رُهيل بڪڪ منهن ۾ گهنج
وجهي ناگواري مان چيو، ”ڪالَو، اهو ڪهڙو نالو
آهي؟“ جواب ڏنائين، ”مائٽن اهو نالو رکيو آهي.“
وراڻيائين، ”مائٽن ڌوڙ وڌي اٿئي“. وري ڏانهسن
نهاريائين ته هو پنهنجي
هٿ کي يڪو کَنُهِي رهيو هو ته چيائينس، ”هٿ کي ڇا
اٿئي يڪو پيو کنهين؟ ”جواب ڏنائين، پِتَ ڦُرُڙي
آهي.“
رُهيل بڪڪ جيڪو پاڻ نهايت صحت مند هو اهو نفرت مان
پوئتي هٽيو ۽ چيائين، ”پري ٿي ڏاڙهي (چڙمان جبل ۾
ڪنهن کي ڏاڙهي چئبو ته معنيٰ هن کي لئز ڪيائين يا
گار ڏنائين)، گَرَ (چمڙيءَ جي بيماري) اٿئي، پري
ٿي منهنجي مال کان به، نه ته موچڙا ڏئي ٻاهر ڪڍندو
سانءِ.“
پوءِ هن کي گهوڙي تي چڙهڻ به نه ڏنائين ۽ هو گهوڙي
جي واڳ هٿ ۾ جهلي تيستائين پيدل ويندو رهيو
جيستائين رُهيل بڪڪ نظرپي آيس.
چون ٿا ته اهو وڏيري جو پٽ هو، جنهن وڃي جڏهن اها
ڳالهه سربستي پنهنجي پيءَ کي ٻڌائي ته سندس پي مٿس
ڪاوڙجي پيو ۽ کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو، ”اڙي تو رُهيل
بڪڪ سان وڃي ائين ڳالهايو آهي؟ جنهن کان اسين
کانهاري کانهاري (پيار مان هٿ گهمائي) پوءِ ئي
ڪجهه وٺندا آهيون. هو وڏو مالدار آهي، مهربان آهي،
سخي آهي. جيڪو گهربو اٿس ڏئي ڇڏيندو آهي ۽ تو....
اڙي ڀاڳ وارو هئين جو توکي وڃڻ ڏنائين، نه ته اڳ
ڪنهن ائين تو وانگي ساڻس ڳالهايو هوندو، ته ان کي
اگهاڙو ڪري وڻ سان ٻڌي پاڻ مال ڪاهي هليو ويو هو،
۽ پوءِ سندس ماڻهن ڏي چوائي موڪليائين ته، ”فلاڻي
هنڌ تي اوهان جو همراهه ٻڌو پيو آهي. کولي وڃو نه
ته ڀڳاڙ ڀيرا ڀيري ڇڏيندس.“
اهڙا به ڪردار جبل جا هئا جن کي ياد ڪندي، ساريندي
خوشي ۽ فخر محسوس ٿيندو.
اَڄُ گُهرِ جَين تُون، بَڊَا ماڻي پُنِرا
مَٿان اَچِي مُون، وَيرِين وَاٽُون لاَئِيُون.
(شاهه رح) |