سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان (خاڪا)

باب:

صفحو:3 

اهو منظر نامو ته ٿيو وَسَ ۽ سڪار جو جنهن ۾ سوين سک ۽ خوشيون آهن، جيڪي سڀ مهربان ۽ ڏاتار جبل کان حاصل ٿيندڙ آهن، جنهن جي مڃتا اهي سٻاجها منهن  مٿي ڪري دل کولي مڃيندا آهن. اهو ته سِڪي جو هڪڙو پاسو ٿيو، ٻيو پاسو آهي ڏڪار، جڏهن ساڳيو ئي مهربان ۽ ڏاتار جبل کين ڏيڻ کان بيوس ۽ لاچار ٿي پوندو آهي، تڏهن به جبل ۾ الائي ڪهڙي ڪرامت آهي جو، جبل جو ماڻهو ڪڏهن به جبل کي مياري ڪونه ڪري، ڀلي جبل کين ڪجهه به نه ڏي. پوءِ به هو خالي سکڻي ڪُونٽي (ٺوڙهي/ گنجي) جبل ۾ به رڳو نهاري به پيا ٺرندا. چَندا (ڄڻ) ڪو هير (هينئر) وٽانس ڀرجي ترجي آيا هجن.

ڏاڏي اَڇَرَ تي ڏاڍي حيرت ٿيندي هيم جيڪا پنهنجي اسي (80) ورهين جي ڄمار ۾، مس ڪي ٻه ٽي ڀيرا ئي جبل مان هتي اسان وٽ ڪراچي شهر ۾ آئي هوندي. اها به ڪنهن وڏي لاچار ۽ ضرور سان آئي هوندي. جڏهن به آئي هوندي ايندي ساڻ روز وڃڻ جا ساهيا هوندا هئس. اَنَهَرِي انهري (ناخوش/ اداس/ بيزار) ٽپڙ ٽاڙي ٻَڌندي، پُچَ لُڳڙ (ڪپڙا) ويڙهيندي، سَمهاڙا ڪندي، وڃڻ جي سانڀاهن ۾ لڳي پئي هوندي. ايڏي اٻاڻڪي ۽ اتاولي هوندي هئي ڄڻ هتي قيد ۾ هجي. ڏاڏي اَڇَرَ کي ڏسي مون کي مارئي ياد اچي ويندي هئي. ساڳي ئي اڪير، ساڳي ئي زهير (اُڪنڊ)، ۽ ساڳي ئي درماندگي هوندي هيس پنهنجي ملڪ (جبل) لاءِ.

سُنديءَ (علائقو) واري ڪُونٽي (گنجي) جبل جي چَوٽ تي رهيل ڏاڏي اَڇَرَ جو گذران ڪو سکيو سَهنجو ڪونه هو. جبل وارن وٽ ڪهڙا سک ڪهڙا سَهَنج؟ ڪهڙا ڌن ڪهڙيون دولتون؟

زمينون گهڻيون ئي پر اُٺي بنا ائين ڄڻ ابن ڏاڏن هَٿَ- سَڃَ ئي نه ڪئي اٿن. ڪُوڪُ (ڪنڌ ورائي) ڀَيري (ڦيري) ڏسندا به ڪونه ته ڪا اباڻي به اٿن! زمينون، زمينن جهڙيون، مٽي، مٽيءَ جهڙي نڪا ٻنڌ نڪا وَٽِ.

ٻني ٻارو به وَسَ تي. وَسَ وَسي ته ٻئي هٿ وجهن زمين ۾. انچ انچ جو حساب رکن. ليکي (حساب) ۾ وٽانِ (انهن کان) ڪوبه ڪونه کٽي. مجال ڪو سندن زمين مان وِرِٿَ (گرانٺ) به کڻي. ٿوپاڪون (بندوقون) ڇُٽي وينديون. پنهنجي اباڻي ٻَنيءَ جي عزت ۽ سنڀال ڪن. پنهنجي زمين جي کسجڻ کي پنهنجي مڙسيءَ جي شان جي خلاف سمجهن. پاڻ ڏيڻ چاهين ته سڄيون ديهون ڏئي ڇڏين. باقي زور زبردستيءَ سان کسجڻ کان اڳ ساهه ڏين. ٻنيءَ ۽ ونيءَ کي ڪونه گڏين يا ملائين جيئن ڪن هنڌن تي مشهور آهي ته، ”ٻني ۽ وني ڇڏين ڪين جوان“. ٻنيءَ جي پنهنجي عزت ۽ اهميت آهي ۽ ونيءَ جي پنهنجي عزت ۽ اهميت آهي.

ڪوهستان ۾ عورت جي عزت ۽ اهميت تمام گهڻي آهي. باقي ٻني ته ٻني آهي، جنهن جي آباديءَ لاءِ ڪوهستان ۾ نڪو درياهه نڪي شاخون. نڪو واهه نڪي نهرون، پهرين ۽ آخري آس مينهن جي. مينهن ناهي ته ٻنيءَ ڏي لوڻو به نه هڻن. وڃي پنهنجي ڪک ڪاني، ڦڙهي ڪاٺيءَ جي ڪندا.

جبل جي اڏن ۽ ڪنارن ۾ ڦڙها جام ٿين. اهي وڍي، بَند ٻڌن. ائين ئي ڪاٺين ۽ گاهه جا بند ٻڌي باريگن (بار کڻڻ وارا اٺ) تي رکي اوڏ ڇڪ جي شهرن ڏانهن وڪڻڻ وڃن. اتان کاڌي پيتي ۽ ضرورت جون ٻيون شيون وٺيو موٽن. پٺيان سندن ٻارٻچا/ گهر ڀاتي ساٿَ (اٺن جو اهو وڳ جيڪو خريد فروخت لاءِ شهر وڃي)، جي گَسَ گسين ۾ اکيون ٽنگيو ويٺا هوندا. سَاٿُ ايندو ته عيدون ٿي وينديون.

جبل جي ماڻهن جي اها خوبي آهي ته ٿورو ڪي گهڻو سڀ ونڊي ورهائي کائيندا آهن. اتي ائين ڪونهي ته هڪڙو بک مري ۽ ٻيو ڦاٽي مري. نه ئي هو ائين سمجهن ته پاڻ ڍائو، جڳ ڍائو. پاڻ سائو جڳ سائو. ساٿ ايندو ته هڪ هڪ کي ساري سنڀالي، سَڏَ ڪري ذري مان ذرو  ورهائي ڏيندا. هيڪلا ڪُرِڪِ (ڪُنڊ) ۾ ويهي کائي اوڳرائي ڪونه ڏين،  انڊَ پاسي جي به خبر رکن. پنهنجي هُوند جي مستي ڪونه ڪن. وٽن هوندو ته به کمي (نمي) کائيندا، اُرکُل (سڱن سان) هڻي ڪنهن کي پري ڪونه ڪندا.

روز پاڻي رب تي پر جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پِريان (پرين کي) ڪن. ’هوندي‘ مان اٻالو وٽان ڪوبه نه وڃي. ڪَٿي ڪوٺي، گوڏو گوڏي سان گڏي ويهاري کارائيندا. باقي اڻهوند تي ميار به ڪانهي. نه هوندو ته نوان نيرانا گندي کُڙيءَ ۾ هڻي لت کوڙي ائين سمجهي رهندا، ڄڻ سَتَ رڇيون کائي کاڄ مان وات ڪڍي (ڍئو ڪري) ستا آهن.

جبل جو مينهن به ڄڻ اکين جو ڍئو، هِيڏانهن وَٺو هوڏانهن ويو. پَلُرَ جا پياڪ سِپُن وانگي وات ڦاڙيو ويٺا هوندا. ۽ مينهن جو پاڻي ڇَرَڪا ڪري وهندو. جبل جي اَڏن، چَرُن، کڏن، کوٻن، کانٽن، ڏرڙن مان ڇڻي (لهي) وڃي ترُ (ترو) وٺندو. جنهن کي پياسا پَٽَ چوهي، چٽي، چُڪائي، ڄنڀيون چٽي، وات اگهي ويهي رهن ۽ ماندا ماڻهو مِرمِرِ، جَنبِ جَنبِ نهاريندا رهجي وڃن.

جيئرن لاءِ وري به قدرت وٽ عجيب انصاف ڀر يا قانون آهن. سُندِيءَ (علائقو) واري جبل جي مٿان گُرِيءَ تان بيهي چوڦير اکيون ڦيرائبيون ته رڳو بُسِ ۽ مُٽِڪَا (مٽي ۽ پٿر) پيا لکجندا (ڏسجندا). پر جڏهن گُريءَ تان هيٺ ڇڻي جبل جي وَرَ وَڪَڙَ، گس گسين تان هيٺ لهي اچبو  ته ويساهه ئي نه ايندو ته ڪو هي ساڳي ئي سڪل پوٺي جو منظر نامو آهي.

هيٺ لهي اچي ڏسبو ته جبل جي اڌ منجهان اندران ئي اندران پاڻي جهرڻن جيان ڦٽي ڇاروڙا ڪري ڪِري هيٺ وڏي ٽوڀي جي صورت ۾ ڀريل نظر ايندو، جتي چوطرف وڏا وڏا بُجا (گهرا گهاٽا) قديم وڻ هڪ عاليشان باغ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. جتي ٻين شاندار قديم وڻن سان گڏ هڪ تمام گهرو ۽ وڏو قديم پراسرار کجيءَ جو وڻ آهي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته اهو هزارين سال پراڻو وڻ آهي. جنهن ۾ ’جنات‘ رهي ٿي. کجيءَ جي ان وڻ کي ڏسڻ ساڻ ئي ان جي قدامت ۽ پراسراريت تي يقين به اچي ٿو، جو ان نهايت گهاٽي وڻ جي مٿان ۽ پاسن کان مٿي ئي مٿي ٻيا به ست- اٺ مختلف ميون ۽ ڏٿن جا وڻ ۽ ٻوٽا مُريل آهن. اُهي ان کي قديم ۽ پراسرار کان سواءِ عجيب به بنائي رهيا آهن. ساڳي ئي جبل جي اڌ ۽ اڏن ۾ انجيرن جا وڏا شاهي درخت پڻ آهن جيڪي ان عجيب ۽ حيرت ڀري تصوراتي تصوير جهڙي منظر جو حصو بڻيا بيٺا آهن.

اهو آهي ڏاڏي اَڇَرَ جو پيارو ۽ محبوب جبل. ۽ سندس اباڻو پڍَ، جنهن جي چوٽ تان هر روز اويُون (مشڪون) کڻي، گُريءَ واري ڏکئي ۽ جان جوکم ۾ وجهڻ جهڙي مشڪل پيڃري تان، الائي ڪيترا سو فٽ هيٺ واري ٽوڀي تان پاڻي ڀرڻ ويندي هئي. جبل تان لهڻ ۽ چڙهڻ وارو روز جو اهو معمول شهر وارن لاءِ جيڪر وڏو ڪارنامو هجي، جيڪو ڏاڏي اَڇَرَ روز سرانجام ڏيندي هئي. بنا ڪنهن فخر ۽ مڃتا جي.

ماني ۽ ڏرئي لاءِ به ان ڪڻا يا ڪڻڪ داڻا به پاڻ اُکَرِيءَ ۾ ڇڙهي، ڇَنڊي، اُپڻي، چُونڊي صاف ڪري ڳري پٿرائين جنڊ ۾ پيهي/ ڏري ماني ۽ ڏريو پاڻ ئي پچائيندي ۽ رڌيندي هئي.

اَيُون (ٻڪريون) ۽ پهون (رڍون) به پاڻ ڏهي، چوڪي، ڪاڙهي، سُنباڻ وجهي ڄاڻي (ڄاڻڻ معنيٰ، کير ۾ کٽاڻ وجهي ڌونئرو ڄمائجي). جَهڻِ (لسي) جُهڳيندي (ولوڙيندي) هئي.

جبل ۾ ڪهڙا رڇ (ٿانوَ) ڪهڙا سَنڍَ (ٿانوَ)، ڪهڙا سيٽ، ڪهڙا ڊش! پاڻي ڀرڻ لاءِ، اوئي جهڻ جهڳڻ لاءِ ”اِيزِڪَ“، جهڻ کڻي وڃڻ لاءِ، مثال ڌراڙ وغيره ٿوري مقدار ۾ لسي کڻي وڃي ان لاءِ ’کلي‘ ۽ مکڻ ڳاري گهه بنائي ان کي محفوظ رکڻ لاءِ ”زِڪَ“ ڪتب آڻيندا آهن، جيڪي سڀ ننڍي مال (ٻڪرين) جي کل مان جبل جا سچيت، سڄاڻ ۽ سڌير مايون ۽ پُرِههَ (مرد) پاڻ ئي ٺاهيندا، جوڙيندا آهن.

پاڻيءَ لاءِ اَوئِي ٺاهڻ واري کَلَ تي ايڏي مشاقي ۽ هلاکي ڪونه ڪن. البته کل کي نرم رکڻ ۽ سُڪَڻَ کان بچائڻ لاءِ ٻٻر جي ڇوڏي جو اندريون ڪچو ۽ نرم پاسو ڪُٽي ۽ ڪانهيريءَ (وڻ) جو ڇوڏو وجهي پاڻيءَ مان ڀري زِڻُ  (تمام گهڻو ڀري) ڪري رکن. جڏهن رَتُ پِتُ سڪِي وڃي ته پاڻي هاري کَلَ کي ابتائي صاف ڪري ڌوئي آکاري (صاف ڪري) آڇِلائي (ٻن ٽن پاڻين سان صاف ڪري) ٻاهرين پاسي وارا وار لاهي کُري صفا ڪري پاڻي لاءِ ڪتب آڻين.

کير کي ڄمائي جَهڻِ جُهڳڻ (لسي ولوڙڻ) لاءِ ”اِيزِڪَ“ بنائين ته ان کل تي  ”اوئيءَ“ کان وڌيڪ ڌيان ڏين. کل ۾ پاڻي، ٻيروليءَ ۽ ڏاڙهون جون کلون/ ڇليون وجهي رکن ته کل رچيو ڪُونئري (نرم) ٿيو وڃي ۽ رنگ به بدلجي پِيئَرَو (پيلو) ٿيو وڃي پوءِ پاڻي هاري صاف ڪري ان ۾ ڄمايل کير وجهي هڪ پاسو بند ڪري ٻيو پاسو کليل رکن. ٻڌل پاسي کي هڪ ماڻهو جهليندو ۽ کليل پاسي کي هٿ سان بند ڪري ٻيو ماڻهو جهليندو. پر جي ڪو ٻيو ماڻهو نه به هجي ته بند پاسي کي رسي سان ڪنهن وڻ جي ٿڙ ۾ ٻڌي، کليل پاسو پاڻ هٿ ۾ جهلي پوءِ کَلَ کي يڪو ڌونڌاڙ بو رهبو تان جو سڄو مکڻ کليل پاسي وٽ اچي مُچَ (گڏ) ٿيندو. اهو ڪڍبو ويندو ۽ کل کي ڌونڌاڙبو رهبو. جڏهن مکڻ سڄو نڪري ويندو ته آخر ۾ وڃي لسي بچندي ته،” اِيزِڪَ“ آهستي وڻ تان کولي هيٺ لاهي رکندا. مکڻ ٽامڙي ۾ وجهي رکندا. لسيءَ جا ڪٽورا ڀري پيئندا جنهن ۾ مکڻ جا ذرا ذرا به شامل هوندا، اها پاڻيءَ واري گهاٽي/ ڳَٽِ مکڻ مليل لسي وڏي ڳَمَ (طاقت) واري آهي. اها بنا کاڌي جي به کين توانو رکي ٿي.

گِههَ کي محفوظ رکڻ لاءِ جيڪا کل ٺاهين اها نهايت پاڪائيءَ سان لاهين، ۽ وڏي محنت، مشاقي ۽ احتياط ڪن. ۽ ان کَلَ کي وڏي اهميت ڏين. کل ۾ مينديءَ جا پن، کورِ (وڻ) جو ڇوڏو، رسدار وليون ۽ سُرهن ٻوٽن جون ڪچيون ٽاريون وجهي، پاڻيءَ مان ڀري ڊانِئين (مڪمل ڀري) ڪري رکن، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن ڏسن ته کل اندران سُڪي، رَچي (رڱجي) وئي آهي ته پاڻي هاري کل کي ابتائي گهه لڳل ڳوهيل اٽي سان اهڙي صاف ڪن ته اها تمام گهڻي نرم ۽ نفيس ٿي پوندي آهي. اصل جهڙي ريشم ٿي ويندي آهي. ان کي چون، ”زِڪَّ“. پوءِ ان ۾ مکڻ ڳاري گهه ٺاهي وجهن.

مکڻ کي ڳارڻ مهل به وڏي ڪاريگري ڪم آڻين. مکڻ ۾ ڳرڻ مهل ڳاڙهن چانورن جو اٽو ۽ هڪ ٻه ايلاچيون وجهي ڳارين ته گهه صاف، شفاف ۽ سُرهو ٿيو پوي جنهن کي ٺاري ”زِڪَ“۾ وجهن.

ڳاڙهن چانورن جو  اٽو وجهڻ  جو مقصد اهو آهي ته اهو  مکڻ ۾ شامل لسيءَ جي کٽاڻ/ کٽاس کي چوهي ۽ چوسي وٺي. واقعي به جڏهن گِههُ کي ڇاڻي اٽي کان ڌار ڪبو آهي ته  اهو اٽو چکڻ/ کائڻ مهل کٽو هوندو آهي جيڪو گهه ۾ رڌجي بيحد لذيذ ٿي پوندو آهي جنهن کي ’وِشِنَاڻُ‘ چوندا آهن، جنهن ۾ ٿوري کنڊ ملائي وڏي شوق سان کائيندا آهن. ”وِشِنَاڻُ“ جبل وارن جي بيحد پسنديدهه ۽ مرغوب غدا آهي.

”زِڪَ“ ۾ گهه کي وڌيڪ سوادي ۽ مزيدار بنائڻ لاءِ مَنجهس (ان ۾) ”دَوشَا“ ملائيندا آهن.

”دَوشا“ بنائڻ به وڏي محنت ۽ ڪاريگري ۽ هلاکيءَ وارو ڪم آهي. کڄور کڻي ان جون ککيون ڪڍي صاف ڪري ڳوهي مُڃَ ڪري وڏي ٽامڙي ۾ وجهي، سڄو ٽامڙو پاڻيءَ مان ڀري مُنهن ڪَرَ (تارون  تار) ڪري ٽانڊي تي رکن. جڏهن پاڻي لهرون کائي ته ڏوئي سان هلائي رڌڻ لاءِ ڇڏي ڏين جيڪا ڪلاڪن جا ڪلاڪ پئي رڌجندي آهي. رڌجڻ مهل ڏوئيءَ سان چِلي چلي هلائبي آهي.  رڌجڻ کان پوءِ اها کڄور ماکي ۽ منڌ ٿي ويندي آهي جنهن کي چلهي تان لاهي ڏوئيءَ سان هلائي هلائي ٺاري سنهي ڪپڙي سان ڇاڻي پوءِ ”زِڪَ“ ۾ پيل گهه ۾ شامل ڪبي آهي. ڪي ته کڄور ۾ رڌجڻ مهل سونف ۽ ايلائچون به وجهن ائين ”زڪَ“ ۾ گهه کي محفوظ ڪندا آهن.

”دَوشا“ مليل ”زڪَ“  وارو گهه تمام گهڻو سوادي ٿيندو آهي جنهن جو رنگ به عام  گِههِ کان گهڻو بدليل، شفاف ۽ سون جهڙو هوندو آهي. ۽ سواد هلڪو مٺو ۽ بيان کان ٻاهر آهي.

جنهن به اهو ”زڪ“ جو ”دوشا“ مليل گهه نه کاڌو آهي اهو ان جي لذت ۽ سواد جو تصور به نٿو ڪري سگهي. ڇو جو اهو عام ڏٻن وارن گهن کان ته بلڪل مختلف آهي. پر جبل جي  انهيءَ سچي گهه کان به مختلف آهي جيڪو ڏٻن ۽ بوتلن ۾ هوندو آهي.

کَلَ مان ٺهيل اهي سَنڍ ۽ ٿانو جبل وارن لاءِ ته بلڪل وڏيون سِٽَائُون ۽ وِٿَ آهن ئي پر شهر وارن لاءِ به عجيب حيرت ۾ وجهندڙ آهن. مثال ننڍي ٻڪرجي کَلَ مان بنايل کَلِي جنهن ۾ ٿوري مقدار ۾ لسي پوندي آهي جيڪي ڌراڙ مال چارڻ لاءِ ويندي لسيءَ مان ڀري کڻي ويندا آهن، اهڙي ئي ننڍي کل مان بنايل اَوئي ۾ پاڻي ڀري ڌراڙ ساڻ کڻن. سياري ۾ به کڻن پر گرميءَ ۾ هروڀرو تاگيدي (تاڪيد ۽ تياري) سان کڻن. انهن ۾ حيرت ڀري ڳالهه اها آهي ته ڀلي ڪيڏي به گرمي ۽ اُس هجي، اوئيءَ مان پاڻِي ڪڍبو ته اهو ايڏو ٿڌو هوندو ڄڻ ريفريجريٽر مان نڪتل آهي. ائين ئي ”کليءَ“ واري لسي به يخ ٿڌي هوندي آهي.

گرميءَ ۾ مال چاريندي ٿڌو پاڻي ۽ ٿڌي لسي ڌراڙن ۽ مسافرن لاءِ هڪ نعمت هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جبل وارن جو مال سان ايڏو قرب ۽ چاهه هوندو آهي جيڏو پنهنجي اولاد سان هجي، گهرڀاتين سان هجي. مال جي حوالي سان جبل وارن ۾ اها چوڻي معروف آهي، ”سون رتيءَ کان، رت رتي ڀلي.“ پاڻ ڀلي ڏکيا بکيا هجن مال جو ڪک پاڻي چُڪو (ختم ٿيو) ته سندن وَچ چڪي پوندا/ واهون کٽي ويندن. مال جو انهرو منهن ڏٺائون ته ڳچ ڳري پوندن، ڳولي ڦولي، وڙولون ڪري مال جوگاهه پاڻي وڃي لهندا. پوءِ مال ڪاهي، ”وانڍا“ ٿي وڃي اتي رهندا.

ڏاڏي اَڇَرَ ڪراچيءَ ۾ اسان سان گڏ ويٺل هوندي به جبل سان جَڙيل هوندي هئي. اسين ڀلي پيا ساڻس ڳالهايون ۽ مارڪا ڪريون پر جواب ندارد هوءَ اسان وٽ هجي ته اسان جون ڳالهيون ۽ مارڪا ٻڌي. سندس تانگ ته جبل سان لڳي پئي هوندي. هَري هَري (آهستي آهستي) پئي ڀڻڪندي ۽ بُٽڪندي، ”الاجي مالُ پَهِرايائُون (چرڻ لاءِ جهنگ ۾ وٺي وڃڻ)، واريائون (موٽايائون) ڪِين نه الاجي تور (ٻڪرين ۽ رڍن جا ننڍا ٻچا) تَندُ (نندڙي رسي) ۾ اڙايائون ڪين نه! پَڙايُون (ٻچن -تور جي ڪنڌن ۾ وجهڻ واريون گول ڦاسي نما رَسيون) ڇڄي ويون هيون، جوڙيائون ڪِين نه، الاجي تور اَجهو (ويٺو) ڪي ٽَهِي (ڌار ڌار ٿي ڀڄي) ويو. اَيون (ٻڪريون) ۽ پَهُون (رڍون) الاجي ڪيئن ڇُون (ٿيون) هونديون؟ واڙ کي کڙهه ڏنائون ڪي نَهَارَنِ (بگهڙ/درندن) حوالي ڪيائون، اَوَٺُون (جوان ٻڪريون) الاجي جهليائون ڪي بُرَ (ڇڙوڇڙ) ڇِي (ٿي) وييون.ڇَيڪَ (آزاد) ڍُڪيون (پيٽ سان) اُرُکُلَ (سڱن سان ڌڪ هڻن) هڻي هڪ ٻئي جا پيٽ ڦاڙي وجهنديون. اواڳيا ڇيڪ ڇوڪرا ٽَاڏوڙَنِ (هل مستيون، ڊوڙون) ۾ پورا هوندا. ڌڻ (رڍون جو ميڙ) ۽ ڪَيراڳُ (ٻڪرين جو ميڙ) به ڌڻيءَ سان، هيڪلو مَڙِهو (پوڙهو بيمار) پُرُههُ (مرد سندس گهر وارو) پڄي ڪونه سگهندو. شڪر جو آئون ٽَرڏ (ڳئن جو ميڙ) ۽ وڳ (اٺن جو ميڙ) ٻين حوالي ڪري آيس. هيڪلو مڙهو ته ٽڪرڀور (ماني/کاڌو) ۾ به ڏکيو ڇَو (ٿيو) هوندو. ڪِرِيانِي (تئي ۽ سِرَ کان سوءِ ٽانڊن تي پڪل ماني) جو رهيگ (عادي) آهي. مُورِ (عام) ماني ڪونه کائي سگهيو هوندو.“

پوءِ ڄڻ ته ڊيهو کائي (ڇرڪ ڀري) سجاڳ ٿي چوندي، ”هاڻ موڪل ڏيوم ته وڃي ڪکن ڀيڙي ٿيان، وڃي پنهنجي پکي ۾ پوان.“ اهو ئي اَوسَو (فڪر) اهوئي اُڍُڪو (ڳڻتي)  هوندو هيس. ڪراچيءَ ۾ مائٽ ست رڇيون (ست کاڌا،ست ٿانوَ) اڳيتا (اڳيان) رکنس ته جبل ساريو پئي اَنجهڙي (لڙڪن سان) روئندي. شهر ۾ اچي کاڌي پيتي ڏانهن ٻَنڌُ اچي ويندو هئس. ڄڻ ٻُنجو هجيس. چئبوس ته ، نه ٿي کائين ڇو؟ ته بيوسيءَ مان چوندي، ”اسين کُلن پَٽن جا رهيگ (عادي) هتي بند جاين ۾ ٻوساٽجو مرون ٿا. اسان جو نج کاڌو پيتو، ٿورو ڪي گهڻو، پاڻ هٿن سان پيهي پچائي کائون، شهر جا ته اَٽا اَنَ به الائي ڪهڙا آهن. اسان جا ته پيٽ ئي بند ٿي اُڦُرُڪي آڀامي ٿا پون.“ ڏهه پندرهن ڏينهن ملهه وڙهي رهائبو هئس ته لڙڪ لاڙي چوندي، ”گهر ۽ مال به گهوريو (ٺهيو) آئون ته هڏ (اصل) جبل لاءِ زَهِيرِجي (اڪنڊجي) پئي آهيان.“

ڏاڏي اَڇَرَ ته گذاري وئي، پنهنجي ئي ٿڌي ڇِتَرَ (تڏي) تي پنهنجن ئي پُٽن ۽ ڌيئن جي هٿن ۾. نڪا وڏي بيماري ۽ تڪليف ڏٺائين نڪا سڪرات ڪڍيائين. ماٺ مٺيءَ ۾ جبل ڄائي وڃي جبل پيٺي.

اها ئي ڪار اها ئي سار اڄ به جبل جي هر ماڻهوءَ کي جبل سان آهي. هڏ ماڳهين ڪجهه به نه ٿو مِلينِ ته شهر ڏي مهاڙ ڪن ٿا، نه ته سَوَ سور سهي به سنهرا ويٺا آهن. ڀلي ست نيرانيون (بکون) هجن حرام ڪو ڏک بک جي ٻُڙُڪَ به ٻاهر ڪڍن! لکاءُ ئي ڪونه ڏيندا ته ساڻن ڪهڙي ماجرا آهي.

ڪارو سکڻو دَڪَڙُ (اڌ مٺو اڌ ٻاڙو) لُڙو (مٽيءَ هاڻو) پاڻي پي منهن تان هٿ ڦيري گندي (اجرڪ کي جبل ۾ گندي به چون) مٿان ڪري ليٽي پوندا الله جي آسري ۾، ”سڀاجو سج سَرهائي (خوشي) آڻيندو، جي نه آندائين ته به مٿس ميار ڪانهي، سک به ته ڏنائين آهي. هي جو جيئرا ساهه کڻي پيا هلون چلون اهي به ته سندس ئي ٿورا آهن.“ اوپروڪو ڏسي ته طاق لڳي وڃن. (حال نه ڏٺو ڀلو).

جبل جي ماڻهن جو گذر سفر ڏکيو ۽ آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي.... جي مصداق هوندي به سڪون مان چڪار آهي، جيڪا ڳالهه سندن ظاهري حالت ڏسڻ کان پوءِ سمجهه سان ٻاهر آهي، بي سبب آهي. لاشڪ ته اهو ئي سبب هوندو جيئن پيار، محبت، عشق وارو جذبو بي لوث ۽ بي عرض هوندو آهي، تيئن ئي  جبل وارن جو ڏک ۽ بک ۾ به پر سڪون رهڻ، سندن جبل سان بي لوث ۽ بي غرض عشق واري جذبي جي موجودگي آهي.

وَسَ بنا جبل ڪارو ڪورو پوٺَو. ڪَکُ پَنُ به رَوهه (اُسَ) تي ڪڙهي کامي ڪارو ڪلور ٿيو وڃي. پوءِ به ماڻهن جا جبل ۾ سوين آسرا سوين اميدون آهن.

هڪ جهڙا سکڻا ڏينهن کيرپاڻي، ڦَشَ ڦُوهَرَ تي گذارين پرپَڍَ ڪونه ڇڏين. ڪٿان اچي ڪو جي سندن گهڻگهرو ڏک ڪري وڌي اچي پنهنجائپ مان کين چوندو، ”ٻارٻچو بک نه ماريو، هلي ڪو شهر ۾ هٿ پير هڻو.“ ته هڏ ماڳهين ڪاوڙ جي پوندا، ”اسين چندا (ڄڻ) ڪو بک جون دانهون کڻي وٽن ويا آهيون جو متيون ٿا ڏين. ڪهڙو اسان جا ٻار رَوسي (روئڻ) ڪري وٽن ٽڪر (ماني) لاءِ ويا آهن جو اباڻن پڍن تان اٿڻ جون صلاحون ٿا ڏين! اڄ اَڀَرا سڀان سَڀَرا ٿينداسين. اڃا الله مان آسرو ڪونه پليو آهي. جيڏو الله تيڏو آسرو، شهر ۾ ماڻهو هڪ ٻئي کي ڪُتان گَهان (ڪتن وانگي) وات ٿا وجهن. ايڏي دنيا جو لٺ هنئين پَٽَ تي نه پوي . اسان لاءِ شهر ۾ ڪهڙا جريدا (تيار) دستر خانا وڇايل آهن. ڇيلا (ڇا لاءِ) وڃي شهر ۾ جَهپا (ڌڪا) جهليون، ٻار روليون، پَران (پراون) جا منهن جَوهيون (چتايون) پاڻيءَ مٿان ڦَش ڇون (هلڪا ٿيون).

ڏُونگا آڇ مَ تِنِ کي، ڪاسا جِنين نه ڪَمُ

پِنندي پَرڏيهه ۾، تِنِ سَوڍِين ٿئي شُرمُ

اُٿن گهڻي اَدَبَ سِين، ڳالهائين نَرمُ

قادر ڪَرِ ڪَرَمُ، ته اُنِ جي وَطن ۾ وَسَ ٿيئي.

(شاهه رح)

اهوئي سندن خواب آهي. اها ئي سندن خواهش آهي ته سندن وطن ۾ وَسَ ٿئي. باقي ٻيو ڇا کپي انهن صابرن، شاڪرن ۽ ٿور گُهر جائن کي.

خدا ڪارڻي ڳالهه به اها ئي آهي ته جبل ۾ هو پٿري، مُٽڪي جا پاڻ ڌڻي آهن. جِتِ وڻين اُتِ گُسَ (زمين کوٽڻ لاءِ خاص بنايل ٿلهو ڪِلي نما لوهي اوزار) کڻي کڏون ڪُڻي (کوٽي) ڪاٺيون ٺوڪي پکا اڏي ويهي رهن. اها بي گوندري ريت جبل ۾ ڪانهي ته ڪو ڪنهن کي چوي، ”هِتان اٿي هُت ويهه.“ نه ئي ڪو ڪنهن کي اَڀَرو اکر چوي. ڇُڙُ ٻُڪُ (ڇينڀ) ۽ دَڙَ (ڪاُڙ مان ڳالهائڻ) رهيا پنهنجي ماڳ، جي رڳو ڪنهن جو انهرو (ناخوش) منهن ڏسندا يا رکو ڳالهاءُ ۽ نراڙ ۾ سِٺِ (گهنج) ڏٺائون ته او.... ست ڪوهه ڏور وڃي رهندا. اندر جو سور اندر ۾ ئي سانڍي ڇڏيندا. پرائي دنيا کي دانهون ڏئي پڌر ڪونه پوندا. ڏمر ۾ به پنهنجن جي خبر کان بيخبر نه رهندا، آئي وئي کان  پيا خير خبر وٺندا، پنهنجن سان دليون ائين جڙيل ۽ ڳنڍيل اٿن جو شل نه ڪنهن جي مٿي جي سور يا ٻَري (تپ/ بخار) جو  ٻڌن. اُڇَرِي (بيساخته) اچي مٿان پوندا، ڪيڏي ڏمر، ڪيڏي ڏک، اگهي (بيمار) جي مٿان پيرن ڀَرَ بيهي سج اڀاريندا. لاڙهي (مريض جو کاڌو) پاڻيءَ لاءِ پيا پِڙِيُون (ڊوڙون) ڪري پڇائون ڪندا. وري تهڙي جا تهڙا ڏِسُ ته هڪ ٻئي جي منهن جا چَئوڻا (لاڏ، قرب) پيا وٺندا، هٿن جو ڇانئون پيا هَڪَ ٻئي تي ڪندا. گهوريا پاڻي پيا ٿيندا.

جيڪو وٽن هوندو ورڇي ورهائي کائيندا. بکيا به گڏ هوندا ته ڍئيل (ڍاول) به گڏ هوندا. تِرَ مان تيرهن پتيون ڪندا جُوڦَ (ڪنجوسي) ڪري پاڻ لاءِ رکي ڪنو ڪري ڪونه لاڙيندا (اڇلائيندا) سک ۾ ساڻ، ڏک ۾ ڏور رهڻ واري رسم جبل ۾ ڪانهي. اتي اهيئي چوڻيون آهن ته، ”جن سان مِٺاپيئجن، تِنِ سان ڪَڙا به پيئجن.“ دنيا ته ائين آهي جو، ”بکئي کي ڏئي ڪونه، سکي کي سهي ڪونه.“ اهي سڀ ڪُريتون جبل کان ٻاهر جون ريتون آهن. هي ته اها ئي ڪن جيڪا سڀن کي سينڀائي (ڀانءِ پوي). هَٿُ ڇڏي اِرِڪِ (ٺونٺ) چٽڻ کي عيب سمجهن، پنهنجا ته پنهنجا پر ڌارين سان به ڪنهن ڳالهه ۾ ڪونه گُسائين. ڏئي نه سگهندا ته ڏکوئيندا به ڪونه. ٻيو جي پُڄي نه سگهندا ته گَٺِيُون (هلاکيون، محنتون ڪري) گَهي وَهندا (ڪم ڪندا) ۽ شاديءَ مراديءَ ۾ ڪم ڪار ڪري بوجا (بار) لاهيندا. ”ڀري اٺ تان وڃڻي لهي ته به سٺو.“ ڪوجي سندن لاءِ هُٻَ (حب) مان ٻه وکون وجهي اڳيان ايندو ته هي  پاٻوهه مان پنج وکون کڻي اڳت (اڳتي) وڌندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org