سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان (خاڪا)

باب:

صفحو:14 

سائين پير پاڳاري سان سندس واسطا گهرا ۽ عقيدت وارا هئا. هُو سائين پير صاحب پاڳاري کي پنهنجي زمينن واري بنگلن ۾ دعوت ڏئي وٺي ويندو هو، جتي ڪوهستان جي مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن جون يادگار محفلون ٿيون هيون.

سيٺ غلام محمد بڪڪ ڀٽائي گهوٽ جو عاشق هو. هر هفتي راڳ ٻڌڻ ڀٽ شاهه ويندو هو. جوانيءَ ۾ ته هر جمعي جي رات ڀٽ شاهه ۾ گذاريندو هو. پر آخري ڏينهن ۾ به هُن ڀٽائي رحتان ڀيرو نه ڀڳو.

ائين پاڻ شاهه بلاول نوراني (خضدار بلوچستان) جو معتقد هو. هر جمعي جي نماز اتي ئي پڙهندو هو ۽ اهو سلسلو زندگيءَ جي پڇاڙيءَ تائين قائم رهيو. حيرت جي ڳالهه اها آهي جو آخر ۾ بيماري ڪري هو گاڏي ڊرائيو ڪري نه سگهندو هو، ته پنهنجي ڀرجهل ۽ پاڻ جهڙي ئي بهادر پٽ سليمان خان بڪڪ سان گڏ زيارت ۽ نماز پڙهڻ لاءِ شاهه نوراني ويندو هو. پڇاڙيءَ ۾ ڊاڪٽرن کيس سختيءَ سان منع ڪئي ته اهي ڊگها ۽ اوکا سفر سندس صحت لاءِ صحيح ناهن. پر جنهن سڄي زندگي پنهنجي مرضيءَ سان گذاري هئي اهو آخر ۾ ڪيئن ٿو ڪنهن جي مڃي سگهي!

سائين پير صاحب پاڳاري کي به دعوت ڏئي شاهه نوراني وٺي ويو هو. اتي پير سائين پاڳاري جيڪو هڪ لاجواب فوٽو گرافر پڻ هو تنهن پنهنجي ڪيمره کڻي چيو، ”غلام محمد خان، چون ٿا ته جوانيءَ ۾ اوهان جي اکين ۾ نهارڻ جي ڪنهن ۾ به جرئت نه هوندي هئي. مهرباني ڪري ساڳي نهار ڪريو ته آئون فوٽو ڪڍان.“ سيٺ غلام محمد خان بڪڪ، سائينءَ سان هجت ڪندي ساڳئي انداز سان، ڏانهس نهاريو ته سائينءَ فوٽو ڪڍي کلندي چيو، ”سچ به غلام محمد خان آئون هاڻي به اوهان جي اکين جو تاب جهلي نٿو سگهان.“

سائين پير صاحب پاڳاري جو ڪڍيل سندس اهو فوٽو نه رڳو سندس گهر ۽ اوطاق ۾ لڳل آهي. پر پير سائين پاڳاري جي ڪراچيءَ واري رهائشگاهه ’ڪنگري هائوس‘ ۾ پڻ لڳل آهي. جڏهن ته سائينءَ جي خليفن ٻڌايو ته، ’سيٺ غلام محمد بڪڪ جي اها تصوير سائينءَ جي پير ڳوٺ واري ’ڪنگري هائوس‘ ۾ به لڳل آهي.

مٿي جيئن ذڪر ڪيو اٿم ته سيٺ غلام محمد بڪڪ، لطيف سرڪار جو  عاشق هو ۽ هميشه زيارت ڪرڻ ۽ راڳ ٻڌڻ لاءِ ڀٽ شاهه ويندو هو. شاهه سائينءَ جا خليفا ۽ راڳائي فقير ساڻس ڏاڍي محبت ڪندا هئا. آخر ۾ بيماريءَ دوران جڏهن پاڻ ڀٽ شاهه تي ويو هو ته سندس قابل موڀي پٽ سليمان خان بڪڪ، کيس پنهنجي مضبوط ڪلهي جو سهارو ڏئي وٺي اچي رهيو هو ته، لطيف سرڪار جا اهي راڳي فقير جن کان اڪثر هو لطيف رح جو ڪلام ٻڌندو هو. انهن کي سندس شاندار هلڻ ۽ خوبصورت سراپو ياد هو. اهي کيس سهاري تي هلندو ڏسي روئي پيا.جيئن ئي هو آهستي آهستي قدم کڻندو وڌي رهيو هو، تيئن ئي راڳي فقير لڙڪ لاڙي لطيف رح سرڪار جو هي بيت پڙهي رهيا هئا،

جَهرَ جَهنگ جَبَلَ ڪَوههَ، مَئي سَڀُ مَنَاڙِيا

اڱڻ اَسي ڪَوهَ، مَئي لئه مُشڪل ٿِيا.

سناسي خان بڪڪ جو سڪيلڌو پٽ، جنهن کي ڪوهستانين، ’شينهن‘ ۽ ’شهباز‘، جا لقب ڏنا- جيڪو پنهنجي خاندان جي بهادرين کي ۽ ڪوهستان جي عظيم روايتن کي ملهائي پاڻ کي سرخ روءُ ڪري ويو.

اهڙا شينهن مڙس جيڪي انسانيت جو  ڪَرُ آهن، ڀَرُ آهن، ڏڍ آهن، اهڙن باڪمال انسانن کان دنيا جي بي خبري ڄڻ ته هڪ سانحو آهي.

چار تراريون چيلهه سين، ٻڌي ٻه پاڳون

اڳين جون آڳون، ڪونئر ڪلي ۾ موکيون.

(شاهه رح)

هڪ شاندار ڪردار

حاجي مريد خان بڪڪ (چاڪراڻي)

 

مارشل بلاوسڪي (امريڪن ميٿو  لاجسٽ) چيو آهي ته، ”اسين چهرن مٿان چهرن ۽ شڪلين مٿان شڪلين جي دنيا ۾ جيئڻ لاءِ مجبور آهيون. اسين ڀلجي ويا آهيون ته ڪڏهن حقيقت ۾ آسمان هو به سهي! حقيقت ۾ ڪا غذا به هئي! حقيقت ۾ ڪڏهن ڪا شيءِ به هئي!“

سچ به مٿين ڳالهه حقيقت آهي. اسان جي اڳيان، اسان جي سامهون اهڙيون شخصيتون زندگي گذاري، نيڪيون ڪري هليون وڃن ٿيون. پر اسين اهو يقين ڪرڻ کان ائين قاصر آهيون، جيئن مارشل بلاوسڪي چيو آهي ته، ”ڪڏهن حقيقت ۾ آسمان هو به سهي!“

جڏهن ته آسمان پنهنجي حقيقت نه ٿو لڪائي ان جي حقيقت ازل ابد کان قائم آهي. پر جڏهن اسين پاڻ انهن حقيقتن کان ذهني طور انڪاري آهيون ته پوءِ ڀلي مٿي تي خوبصورت آسمان موجود هجي. پر اهو منظر نظر نه ٿو  اچي.

اهڙيون ئي ڀرپور شخصيتون ڪوهستان ۾ موجود هيون/ آهن، جن جي حقيقين کان اهي ماڻهو واقف ناهن، جن جي انهن سان سڃاڻپ ۽ واقفيت نه ٿي سگهي آهي.

حقيقت ۾ آئون خوشنصيب آهيان جو اهڙن حقيقي آسمانن کان واقف آهيان ۽ انهن جو تعارف فخر سان ڪرائي به رهي آهيان.

اهڙيون ئي آسمانن جهڙيون ٻاجهاريون شخصيتون ڪوهستان ۾ پڻ ڄايون، نپنيون ۽ اُڀريون جن ۾ حاجي مريد خان بڪڪ جي پڻ هڪ شخصيت آهي.

’ڪوهستان‘، جنهن جي باري ۾ پنهنجي لکيل مهاڳ ۾ پڻ چيو اٿم ته، ”وَسي ته نخلستان نه ته ريگستان. اهو آهي مانجو ڪوهستان“

ڪوهستان ۾ وَسَ (مينهن جي مند) وري پنهنجي وَسَ (اختيار) واري آهي، جيڪا ڪوهستان تي گهٽ مهربان رهندي آهي. جنهن جي ڪري اتي جي رَهَڪَ (رهڻي ڪهڻي) ڏکي ۽ غريباڻي آهي. پر صبر ۽ شڪر واري دولت سان مالا مال ماڻهو ڪڏهن به هيڻا ۽ پَرَوَسِ (ٻين جي اختيار ۾) نه رهيا آهن. اهي پنهنجا ڏک پنهنجي ئي اندر ۾ سانڍي وهندا ۽ پنهنجا وَيرَ وَڍَ (جهڳڙا ۽ معاملا) ڌارين اڳيان ظاهرئي نه ڪندا، پنهنجا پاڻ ۾ هڪ هنڌ ويهي گڏجي نبيري اُٿندا.

نبيرا اهي ڪندا جن جي ساک هوندي، جن تي اعتماد هوندو.

اها ساک، اهو اعتماد جبل وارن کي انهن پنهنجن ساکائتن (سچي ساک وارا) ۽ پُر اعتماد ڏاهن تي هو، جن جو چوڻ سندن لاءِ وحيءَ سمان هو. جن ۾ حاجي مريد خان بڪڪ پڻ نشانبر هو جيڪو سندن فيصلا سندن ئي مزاج موجب ڪندو هو، ۽ اهي سڀيئي کير کنڊ ٿي ويندا هئا.

”بڪڪ برادريءَ لاءِ اهو مشهور آهي ته هو نه ڪنهن کي سردار يا وڏيرو مڃيندا آهن. نه ئي وري پنهنجن مان ئي ڪنهن کي سرداريءَ جي يا وڏيرڪي پڳ ٻڌندا آهن.“

لس ٻيلي گزيٽيئر (1907ع) ۾ سي.ايف منچن (جنهن جي نالي پويان پنجاب ۾ ”منچن آباد“ ضلعو آهي) لکي ٿو ته، ”بڪڪ برادري جيڪا ٻين برادرين جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي زمين جا فرزند ڪوٺائيندي آهي (جيڪي سچابه آهن) جڏهن ته اتي جون ٻيون برادريون پاڻ کي شام، عراق وغيره کان آيل ٻڌائين ٿيون (جيڪو ڪوڙ آهي) ۽ بڪڪ برادري جيڪا تعداد ۾، ڳڻپ ۾ ٿورائي ۾ آهي ان جي باوجود هو نه ڪنهن ٻي برادريءَ جي ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو سردار يا وڏيرو تسليم ڪري ٿي، نه ئي هو پاڻ ۾ ئي ڪنهن تي سرداري يا وڏيري جي پڳ ٻڌن ٿا.“

بڪڪ برادريءَ جو اڄ به ڪو سردار ۽ وڏيرو ڪونهي، اهي سڀ ئي پاڻ ۾ گڏجي اهڙن پنهنجن ماڻهن کان پنهنجن مسئلن، ويرن وڍن ۽ پلاندن جا فيصلا ڪرائيندا آهن جيڪي سچا، ساکائتا ۽ بااعتماد هجن.

حاجي مريد خان بڪڪ اهڙو ئي سچو، ساکائتو ۽ بااعتماد ماڻهو هو، جنهن تي هو اکيون ٻوٽي ڀروسو ڪندا هئا.

حاجي مريد خان بڪڪ پنهنجي ڪراچيءَ واري گهر ۽ اوطاق ۾ به فيصلا ڪندو هو. پر اڪثر فيصلا هو ٻاهر ۽ سر زمين تي ڪندو هو جتي اهي لاڳاپيل ماڻهو هوندا هئا يا جن زمينن تي جهيڙو جهڳڙو هوندو هو.

سندس ڪيل فيصلا نهايت مدبرانه هوندا هئا، جن تي واهه واهه ٿي ويندي هئي. وٽس هر قسم جا فيصلا اينداهئا. نه رڳو پنهنجي برادريءَ جا پر ٻين به گهڻين برادرين ۽ ذاتين جا فيصلا وٽس ايندا هئا، جن ۾ چريا کريا ماڻهو يا زالون مڙس پاڻ ۾ وڙهن ته اهي به سڀ فيصلا وٽس ايندا هئا.

اهي ۽ اهڙا فيصلا هو وري مختلف انداز سان ڪندو هو. پاڻ جيئن ته خوش طبع ۽ خوش مزاج هو سو فيصلا به ڀوڳ خوشي سان ڪندو هو. هونئن به سندس محفلن ۾ ٽهڪ ٽڙندا رهندا هئا. ڪٿي جي ڪنهن محفل ۾ ماٺ هوندي ته ماڻهو چوندا، ”هجي ها حاجي مريد خان بڪڪ ته ماٺ ۽ اداسيءَ جي خبر پوي....“

هڪ ماڻهو پنهنجو فيصلو کڻي وٽس آيو ته، ”سائين، منهنجي زال مون سان ڏمرجي جيئن مائٽن ۾ وئي آهي تيئن وري ئي نه ٿي. ڪيترا ڀيرا آئون وٺڻ ويس مون کي ته پُڇي ئي نه ٿي، ميڙيون به موڪليم. اهي به موٽائي ڇڏيائين. وڏي وات خور آهي. ڄڀ تاروءَ سان ئي نه ٿي لڳيس، وات هڻي ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان پڄي جواب ڏئي ويٺي آهي. هاڻي آئون تو وٽ آيو آهيان خدا ڪارڻ زال موٽائي ڏيم.“

حاجي مريد خان بڪڪ جيڪو ڇهن فٽن کان به مٿي قد رکندڙ، وڏي ڀريل بت جو زورائتو خوبصورت شخصيت جو شاندار ماڻهو هو جنهن جي اڳيان مائي ته ڇاپر مرد به انڪار ڪري نه سگهندو هو. تنهن، ان ماڻهوءَ کي چيو ته، ”مون کي پنهنجي زال جي مائٽن جي گهر وٺي هل.“ حالانڪه هو کين پاڻ وٽ گهرائي به سگهيو ٿي. پر جيئن ته سندس طبيعت بيحد مختلف ۽ خوش مزاج هئي. اهو ماڻهو کيس وٺي زال جي مائٽن جي گهر آيو جتي سندس زال رهيل هئي.

ماڻهن جو حاجي مريد خان بڪڪ جي اچڻ جو ٻڌو ته سڀني جي ڊڊي ڊوڙ ٿي وئي (هرڪو ڊوڙندو آيو). هو سڀني سان ملي گهر اندر آيو. سڀني ماين اُٿي ساڻس کيڪاريو، کٽون هنڌ وڇائجي ويا. سڄو گهر ۽ اڱڻ ماڻهن سان ڀرجي ويو ته پاڻ ان ماڻهوءَ کان پڇيائين، ”تنهنجي زال ڪٿي آهي؟“ ان ماڻهوءَ هٿ جو اشارو ڪري چيو ته، ”فلاڻي آهي.”جيڪا واقعي به تيز ۽ چالاڪ نظر پئي آئي.

حاجي مريد خان بڪڪ ان مائيءَ کي سڏي پاڻ وٽ گهرايو، ”امان، هيڏي مون ڏي اچ.“ مائي هيڏي وڏي ماڻهو کي پنهنجي گهر ۾ ڏسي اڳ ئي گهٻرائجي وئي هئي. اها سڏ ڪرڻ تي ويتر ڊڄي وئي. آهستي آهستي هلي وٽس آئي ته سندس مٿي تي هٿ رکي سندس مڙس ڏي نهاري گهروڙي ڀونڊو ڏئي چيائين، ” اڙي حرامي، هن لاءِ ٿو تون چوين ته گهر نه ٿي هلي؟ هيءَ ته صفا بي زبان آهي. ضرور تو کيس رنجايو هوندو. تڏهن ته گهر ڇڏي آئي آهي. هيءَ ته اهڙي آهي ئي ڪانه جو گهر هلڻ کان انڪار ڪري. تون وڏو ڪوڙو آهين. ڪيئن ٿو چوين ته گهر نه ٿي هلي! پنهنجي گهر ڇونه هلندي؟ پنهنجو گهر ته پنهنجو آهي مائٽن جو گهر ٿوروڪي پنهجو اٿس، هينئر آئون هن جو هٿ تنهنجي هٿ ۾ ڏيان ٿو، هاڻي جو هاڻي وٺي پنهنجي گهر وڃنيس. باقي بي حياءَ هاڻي ڪو جهڳڙو ٻڳڙو ڪيئي ته اهڙا موچڙا کائيندين جو جڳ ڏسندو.“

سڀ ئي کلڻ لڳا. حاجي مريد خان بڪڪ مائيءَ کي هٿ ۾ جهلي سندس مڙس کي سڏيو، ”اچ ڀيڻسان ڀڙوا لائق ته ڪونهين پرجهلينس هٿ ۾....“

مڙس خوش ٿي اچي زال جي هٿ ۾ جهليو. حاجي مريد خان بڪڪ مائيءَ جي هٿ ۾ خرچي ڏئي چيو، ”وڃ امان، مڙس سان گڏجي پنهنجي گهر وڃ، هاڻي جي ڪا شڪايت ٿيئي ته پنهنجي مائٽن جي گهر متان وڃين. سڌي مون وٽ منهنجي گهر اچجين پوءِ ڏسجانءِ ته ڪهڙو ٿو حشر ڪريانس.“ مائيءَ به مشڪي پنهنجا گنديون ڪپڙا کنيا ته حاجي مريد خان بڪڪ وري به سندس مڙس کي دڙڪو ڏئي چيو، ”هٿ ۾ جهلينس ڀاڙيا، لائق ته ناهين هن زال جو پر...“ مڙس خوشيءَ مان زال جي هٿ ۾ جهليو ته زال به ڦڪي ٿي مرڪي مڙس کي هٿ ڏنو. تڏهن سڀ ئي ٽهڪ ڏئي کلي پيا جن ۾ حاجي مريد خان بڪڪ جو اُچو ۽ شاندار ٽهڪ به نمايان هو.

هڪ ڀيري هو پنهنجي وڏي گهر جي وڏي اڱڻ ۾ گهري ڇانوَ واري وڏي نم جي وڻ هيٺيان ڇپر کٽ تي ليٽيو پيو هو ته، ڪنهن مائيءَ جي روئڻ جو آواز ٻڌائين جيڪا سندس در ٽپي اندر آئي هئي. هُن مٿو مٿي کڻي ڏٺو ته اها سندس ئي پاڙي جي ڇوڪري ’شني خاصخيلڻ‘ هئي. جنهن کي هن سڃاتو ٿي ته اها ڏاڍي ڏالي ڀولي ۽ معصوم آهي. هو اٿيو، کيس اٿندو ڏسي شنيءَ در کان ئي دانهن سان چيو، ”طلاق، طلاق، طلاق... مون کي مڙس کان طلاق ٿي کپي.“ هن مشڪي کيس پاڻ وٽ سڏيو، هوءَ وٽس اچي هيٺ پٽ تي ويٺي ٿي ته هُن کيس پاڻ سان گڏ کٽ تي ويهاريو.

شني، عام بلڪ گهٽ ذهن واري هئي ۽ کيس جيڪو مڙس ڏنو ويو هو ان جو نالو ’ربو‘ هو. اهو سندس ماسات هو. اهو مرگهيءَ جو مريض هو. گڏهه گاڏي هلائي گهر جو خرچ پکو ڪڍندو هو. پر ڪڏهن ته جڏهن کيس مرگهيءَ جو دورو پوندو هو ته گڏهه گاڏيءَ تان پڻ ڪري زخمي ٿي پوندو هو. گهر ۾ جيڪو به ٽڪو آن رکيل هوندو هو ته، اهو به ڊاڪٽرن ڏي اچڻ وڃڻ ۾ ختم ٿي ويندو هو. روز گهر ۾ کٽ پٽ لڳي پئي هوندي هئي. حالانڪ سندس ماسي (سس) به پورهيو وغيره ڪري کيس ڪجهه نه ڪجهه ڏيندي هئي. پر غربت وڏي آفت آهي جنهن ڪري جهڳڙو روز جو معمول بنيل هوندو هو گهر ۾. اڄ شايد وڏو جهيڙو ٿيو هو جو نوبت طلاق وٺڻ تائين پهتي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org