سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان (خاڪا)

باب:

صفحو:5 

ڪوهستان، جيئن ته ننڍي ايراضي تي ٻڌل ناهي. ڪراچيءَ کان هلي ٿو ته لسٻيلو لتاڙي وڃي وَڍُ. خضدار ۽ ڪنراڇ مان نڪري ٿو. ٻئي پاسي دادوءَ وٽان نڪريو وڃي. پنج آڱريون به هڪ جهڙيون ۽ هڪ جيڏيون جيئن ته ناهن، تيئن ئي ڪوهستان جي ان وسيع ۽ عريض ايراضيءَ ۾ ڪي اهڙيون به برادريون، نُکُون ۽ وراڻيون (شاخون) آهن، جتي اهڙيون ڪيئي ڪُسَرِيون (اڻ وڻندڙ) ڳالهيون ۽ حرڪتون عام جام ٿينديون آهن جن کان مٿي نفي ۽ بڇان ڏيکاريل آهي.

مثال، هلڪڙائي، گارگند، ٽرڙائي، فِتِ فِتان، جَتِ پَتِ، اَتَڪائي (ناسمجهيءَ واري تڪڙ)، ڦُتُڪُ ڏئي وچ ۾ پوڻ (هلڪائي مان ٽپ ڏئي وچ ۾ پوڻ) گُتَ ۽ گُسِٽي هڻڻ، ڦِشِڪَڙي ڪرڻ، اک جي پوڇڻ (ڪناري) ۽ ڀرونءَ جي ڀير (ڦيڙي) سان اُهُڃُون (سڃاڻپون اشارا) ڏيڻ، چَپُ اُبتائي ڪنڌ کي سَٽَ ڏئي اٿڻ (پاڻ کي ڪجهه سمجهڻ)، سِٺِ (نرڙ ۾ گهنج) وجهي ڳالهائڻ، ٿوري ڳالهه تي لَلَڪَو (ڪڙڪو)ڪري دَهَدُورُ  (منهن مقابل) ٿيڻ ٻارٻچي جي ڳالهه تان هَٻڙاٽُ (وڏو آواز) ڪري وَاتارَڻ (ڳالهائڻ سان وڙهڻ)، سنئين سُبتي حُرف کي اُبتائي چِڙي 
بي لحاظي ڪري تَوارَ (لئز) ڪرڻ، ٻٽاڪ ۽ وڏائيءَ مان اک هڻي ٺٺول ڪرڻ، ننڍوڏائي جي ساڃهه، نڪا عمر ۽ رتبي جو خيال، نڪو گَهرَ جي گُذر فڪر جو اَوسو (فڪر) ۽ نڪوزال ٻار جو اونو. ٽوپي ڏِنگِ تي ماني راڄ تي. گهر ۾ ڀلي اَٽي جي ڇِرِڪَ ۽ اَنَ جي لَپَ به نه هجي. پاڻ کُري کائي جها ٻن جهوڙن وارو اَٺَاڳ (اڳٺ) لوڏي، رومال ڪلهي تي رکي کنگهڪر ڪري گانگهارو ’ٿُو‘ ڪري لاڙي، پانجو ڇنڊي، جتو ٺوڪي سُڃي گهر مان منهن مٿي ڪري ائين نڪرندا ڄڻ ڀرئي ڀُڪُلي گهر مان ڀڳيو چُڳيو کائي نڪتا آهن.

چئبو آهي ته هوند تي هَوڏِ آهي اڻهوند لاءِ جهڙو اُڀريو تهڙو نه اُڀريو. پَرَڪِن پِتي کان وانجهيلن جي سُڃائي به سڻڀي آهي! ’سکڻي ڪُني گهڻو اُڦامي‘ وانگيان ايندي ويندي پيا وَات وِجهندا. آئي وئي کي پيا ڏاڙهيندا، ڪنهن واٽهڙو سان سندن ڪوليڙ لڳڙ لڳو ته اُڇنگ (ٽاهه) ڏئي ڦِنڊِڪ (شاهد آڱر) سان پُچَ (ڪپڙا) پيا ڇنڊيندا. ذريءَ ڳالهه تي به ٽڪو ڏئي وڙهي پوندا. جي ڪنهن سَنئون حُرف وات مان ڪڍيو ته ڀائيندا سندس ڄنڀ (ڄڀ) ڪاڪڙي مان ڇني ڪڍون. نه سونت نه ساڃاهه. نه ادب نه احترام. سڀني کي هڪ ئي لٺ سين هڪليو ڪاهيو وڃن. ڄڻ ٻيو هرڪو لئيءَ مان لٺ وڍي آيو آهي (اوپرو آهي). باقي پاڻ راڄ ڌڻي آهن. ٻُرُ ٻُرُ اهڙي ڄڻ ملڪ جا والي هجن لَهي لَوههَ لِک به نه نالو سَونَ ٻائي. پاڻ ٽَڪي جا بصر به نه لهن، ٻئي تي اَڳري اُلارون ڪن. دنيا واستي ٺونٺيون هڻي اڳتي ٿين.

اها ٿي پنهنجي پَسِتُوري (اوقات) ڏيکارڻ، نه ته جن سڀاڳن وٽ هُوند (ڌن) ۽ هُنڊِيُون (ملڪتون) آهن. اهي به کمي ٿا کائين، هلندي زمين به ڪونه ڏکوئين. هي الله  جا سنواريا سکڻي هَڙَ، بکئي پيٽ به ائين زمين تي دڙا هڻي هلندا ڄڻ ڌرتيءَ جا ڌڻي هجن. زالون ٻار اڃ بک مرن ته ڀلي سو ڀيرا مَرن، چڙهن اڱوٺي جي مٿي تان. پاڻ وري اُڃ بک جا اهڙا ڪچا ۽ ڪانئر جو جئان تئان (جتان ڪٿان) گُهري گَهتِي پنهنجي ڪُکِ ڀري، مُڇَ تان هٿ ڦيري، اوڳرائي ڏئي، پاڻ کي مَکي چَکي، جُتو چَيّڪائي لوڏو ڏئي ائين هلندا، ڄڻ چيلهه تي ناڻي جون واسَڻِيُون (چمڙي جو پاڪيٽ نما پٽو جنهن ۾ پيسا وجهي چلهه تي ٻڌبو آهي. واحد: واسڻي) ٻڌل اٿن. اجايو وات وڄائي، وڏيون ڳالهيون ڪري پيا پاڻ کي پڏائيندا. اَڀَري جي اوڏو به نه ويندا، سڀرن جا سلامي هوندا. گار به اهڙي وجاهتي ۽ اگهاڙي ڏيندا جو اندر ڪڙهي کامي ڪَلور ٿي وڃي. وٺي جو ڪَنان ڪڍي (زور سان) ٻَرِڪَرَ (رڙ) ڪري گار ڏيندا ته کلا پٽ پڙا ڏي جيان ٻُري ويندا. سامهون به اهڙي ئي سُپَڪَ ۽ ڪلاسيڪل گار ايندي. پوءِ جي امُهون سَمُهون زائفائون هونديون ته اوگهاٽي گهاٽي (گهڻي گهڻي) وِرِمَ (دير) تائين، هڪ ٻئي جا چگهه (يار) به آڱرين تي ڳڻي هٿ- تريءَ تي رکي ڏينديون. پر دل ۾ اصل ڪونه رکن. پنهنجا عيب به ڪونه لڪائين.

ائين دنيا ۾ گهٽ هوندو ته مايون پنهنجن عيبن تي به پردو نه رکنديون هجن! مرد ته مرد پر مايون به بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ ڊاءَ جي ته ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو، کلم کلو سڀني کي ٻڌائي وينديون. حرام ڪو مُهرو (منهن جو رنگ) مُڙين. چَندا (ڄڻ) پرائي ڳالهه ٿيون ڪن. مردن اڳيان نه باقي پاڻ ۾ زائفائون پنهنجي ته پنهنجي پر پنهنجي ماءُ ڀيڻ، ڏاڏي ناني جا عيب به ساري تريءَ تي رکن. عورتن جي اهڙي بهادري، سواءِ هڪ برادريءَ جي ٻي ڪنهن به برادري ۾ ڪانهي. اها اڪيلي ڪوهستان جي برادري آهي جنهن جون مايون نه رڳو پنهنجي ذات ڀاين سان پر ٻيءَ ذات جي عورتن اڳيان به پنهنجي عيبن کي ڦلورڻ ۾ عار (عيب) ڪونه ڀائين. ٻارن واري معصوميت سان پنهنجو ڳجهيون ڳالهيون به بنا ڪنهن خوف جي ٻڌائي ڇڏينديون. انهيءَ برادري جا ماڻهو خاص ڪري عورتون نهايت خوبصورت آهن. ۽ پنهنجي مرضيءَ واريون پڻ.

انهن عورتن مان ڪن سان مون ڪچهريون به ڪيون جن گهڻيون ئي ڳالهيون، واقعا ۽ قصا ٻڌايا ۽ ڪراس بريڊ بابت به ڄاڻ ڏنائون، هڪ نهايت حسين عورت پنهنجي باري ۾ ٻڌايو، منهنجي شادي پنهنجي ئي سؤٽ سان ڪيائون، جيڪو ڪُشاهِيگُ (ڪوجهو) هو. آئون راضي نه هيس. مائٽن کي به چيم. پر انهن نه مڃيو. آئون پنهنجي ئي هڪ مائٽ لاءِ مرندي (ڀائيندي) هيس جيڪو شَاهِيگُ (سوهڻو) هو. منهنجي شادي زور زبردستيءَ سان ڪُٽي سَٽي ان ڪوجهي سان ڪيائون. پر آئون ساڻس ڪانه ٺهيس، روز رات جو ساڻس وڙهي،، لتون هڻي، چَڪَ وجهي پاڻ کان پوئتي ڪندي هيس . هو جڏهن ساڻو ٿي سمهي پوندو هو ته آئون پنهنجي مائِٽَ ڏانهن هلي ويندي هيس جيڪو پڻ مون لاءِ بيٺو هوندو هو. آئون صبح کان اڳ وري اچي سمهي پوندي هيس. ٻين کي خبر نه هئي پر منهنجي مڙس کي ته هئي تنهن پنهنجن ۽ منهنجن مائٽن سان ڳالهه ڪئي. منهنجو به وات هيڏو ڍوري جيڏو سو مڃائي نه سگهيا. آئون مڙس کي ڪوڙو ڪري ويس! نيٺ هڪ فيصلو ڪيائون ته رات جو هن کي ٽنگ ۾ رسو وجهي ٻڌي ڇڏينداسين. مون کي به خبر پئجي وئي سو ڇا ڪيم جورات کان اڳ ئي هڪ ننڍي ڄاتي (قينچي نما اوزار) پنهنجي چولي جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيم. رات جو مون کي ٽنگ ۾ رسو وجهي ٻڌي ڇڏيائون. آڌيءَ جو آئون اهو رسو ڄاتيءَ سان وڍي جيئن پنهنجي مائٽ سان ڀڳي آهيان تيئن اڄ سوڌو وٽن نه وئي آهيان. ٽن ٻارن جي ماءُ آهيان.“ پڇيم، ”مائٽن ۽ ساهرن مان ڪوبه پٺيان نه آيو؟“ جواب ڏنائين، ”ساري راڄ کي خبر هئي ته آئون شاديءَ ۾ راضي ڪونه هيس، گهڻو ئي رنم گهڻو ئي پٽيم، آئون ڪانه ٺهنديس، ڪانه ٺهنديس. سڄي راڄ منهنجي مائٽن کي مياري ڪيو. ساهرن به چيو. اسان جو ڇورو ڪشاهيگ. هوءَ ڇوري شاهيگ هئي. ٻه ٽي سال وڏو وير هو. اسين به لڪا ڀڳاسين پي. ڏاڍا ڌڪا کاڌاسين. هاڻي اوڙي جا اوڙا (تهڙي جا تهڙا) آهيون. مائٽ اچن وڃن ٿا. آئون وري اوڏانهن نه ويس. ته الائي هچاخور ٽنگن ٻانهن مان ڀڃي وجهن يا هڏ مارين.“

هڪڙي مائيءَ جي مٿي ۾ پراڻو گهرو گهاءُ هو جنهن لاءِ پڇيم ته چيائين، ”امان آئون به ڏينهن تي  (جوانيءَ ۾) خاشل (سٺي) نه هيس. اُت ڦُتُ  (هلڪائي) گهڻي هيم. هيڏانهن هوڏانهن جهڙپ جهٽ پي ٿيندي هيم، جوتا موچڙا به پي کاڌم؛ هڪ ڀيري ثابتي سان جهلجي پيس، ڪهاڙي جيڪر ماري وجهيم پر ڦڙتيءَ سان ڌڪ گسائي ڀڳيس، پوءِ به ڌڪ اونهون لڳي ويو. اتان ڀڳيس وڃي وڏيري جي گهر پناهه ورتم، جنهن وهاري دوا دارون ڪري ٺيڪ ڪيو. پوءِ مائٽن کي سمجهائي ته، ڇوريون پاڻ آزاد ڇڏيو. پوءِ وري ڏوهه انهن کي ڏيو!‘ وڏيري منهنجي مائٽن کان ڏاڙهين ۽ سينڌين جون ساکون وٺي پوءِ مون کي سندن حوالي ڪيو. ۽ منهنجي شادي به وڏيري ان سان ئي ڪرائي جنهن سان آئون جهلي هيس، اڄ خوش آهيان.‘

ائين ٻين به ڪيترين پنهنجا ڦَولَ ڦُلَورِيا (راز ٻڌايا). سندن چوڻ هو، ’اسان کي گناهه ثواب جي خبر ڪانهي نه ئي مذهب جي ڪا ڄاڻ اٿئون.‘

سچ به اهي ماڻهو دل جا صاف صفا مومن آهن. ڪابه ڳالهه ڪوبه راز دل ۾ ڪونه رَهَينِ. سٺا ته سٺا، بڇڙا ته بڇڙا، نڪو پوش نڪو پردو، نڪو روپ نڪو پهروپ، نڪا کوٽ نڪو فند. (سازش) نڪو پوز. نڪا ايڪٽنگ. ٻارن جا ٻار ائين ئي جهڳڙا، ائين ئي پيار. پاڻ ۾ وڙهي چَانبوَٽ (چنبڙي) ٿي لڳڙ ليڙون ڪري، ڀونڊا، جَهانڦا (چنبا) هڻي وري تهڙي جا تهڙا، ٿوري ويرم ويندي ڏس ته هڪ ٻي جي هٿ تي تاڙيون هڻيو  پيا ٽهڪ ڏين. وچ ۾ ڪو ڦٽائڻ ۽ ٿوڙڻ (جدا ڪرڻ) وارو ڪوبه ڪونهي، جيڪو شگاڻُ (طعنو) مهڻو هڻي ڏور ڪرين ڏک ۾ ته هڪ ٻئي مٿان گهوريا پاڻي پيا ٿيندا (قربان پيا ٿيندا). ائين ڪونه ڀائيندا ته سندن ڏک ڪونهي؟ پنهنجو ئي ڏک سمجهي، گوڏا سَٽي ڪُٽي، رانڀوڙا (رڙيون) ڪري روئي ڳوڙا (ڌوڏا) سُڄائي ويهندا. اٿي هڪ ٻئي کي ڪٿي ڪوٺي پاڻيءَ جو ٻُٽَو (ڍُڪ) نڙيءَ تان ڇاڻيندا، وڃي پنهنجي گهر مان رڌي پچائي آڻي گراهه وات ۾ وجهي اَنَ واتو ڪندا. پنهنجو پوءِ به پنهنجو آهي ماري به ڇانو ۾ رکندو. ڌارين سان ڪهڙي يا ري رات رهي ڪن صبح تياري . پنهنجا هونئن به پنهنجا آهن. ڏک سک ۾ هڪ ٻي جي مَٿان پِئي (مدد ڪري) هڪ ٻئي کي پَڪَرَنِ (مددگارٿين). سڱ مائٽيءَ جا اهڙا مٺا جو ستين دِسين (ستن ڏيهن/ ملڪن) مائٽي شُونشيَ (ڳولي نهاري) وڃي لهن. پَرَپُٺ جي گلا کي هَڏِ (اصل) الله جا عيب سارڻ سمجهن. ڪير پنهنجي ڏَگَرِي (عيب ظاهر ڪري) کڻي ته کڻي نه ته ٻيو هاسيڪار اٿي ڪنهن جو به ڪچو (گلا) ڪونه ڪري. ٻه گهر ٻارڻ، ٻه دليون ڌار ڪرڻ، اڀري کي ٻوٿ تي ٻُوچُو (ٻنجي/ ڍڪڻ) ڏئي دينا داستي بَوڇُ وجهڻ، نياڻي سياڻي جي ساڃاهه نه ڪرڻ، اَستَو مَسَتَو (هروڀرو) بڇڙي اک وجهڻ، اُرُتُڪائي گُرُتڪائي پاڻ کي وچ تي لاڙڻ، اکيون ٺَپي ٺِيپُ ٿي (بيغيرت بنجي) واندا ويهي جريدو (تيار) کائڻ وارا به ڳولڻ سان ملي ويندا ته، اتي ئي ڪي اهڙا به ٽانڪئان ۽ اَڻَ سَهو ماڻهو به ملندا جيڪي ميارون ۽ خواريون سهڻ کان موت کي مٿي ڀائين. اَپَرَ پٺيءَ (پنهنجي غير موجودگيءَ ۾ ٿيل) ڪنهن ذريءَ ڳالهه تي به ڪومائجي پُژ ٿيو وڃن. اهڙن ئي ٻن حدن جو نانءُ آهي ’ڪوهستان‘.

ڪوهستان رڳو هڪ خطو ڪونهي ڪائنات آهي، جتي رنگ رنگ جون ريتون، قسمين قسمين رواج، طرح طرح جون رسمون، رويا، جذبا، احساس، لهجا ۽ سندن جبل جهڙي ئي مضبوط، طاقتور، شاهوڪار ۽ معتبر ٻولي آهي جنهن ۾ جَڙيل ۽ واڳيل انوکا، نرالا مضبوط/ نِزِيگُ (ڪمزور) اَڀرَا/ سَڀرا، سَٻر/ ڏُٻرا، ٽانڪئان/ ڏاڍا، ساهو/ اڻ ساهو، بهادر/ ڀاڙيا، ماٺيڻا/ واتخور، بااخلاق/ بداخلاق، حيادار/ بيحيا، مهذب/ گاريال، ٻاجهارا/ هٺيلا، لحاظ ڀريا/ بي لحاظ، شريف/ بدمعاش، مومن/ ڪافر سڀيئي پنهنجي ڀرپور رعناين/ ڪرتوتن سان صدين/ جنمن کان رهيا پيا آهن. ها، باقي هڪڙي ڳالهه سڀني ۾ هڪجهڙي ۽ مشترڪ آهي ته پنهنجي علائقي ۽ ٻوليءَ سان شديد پيار بلڪه عشق اٿن. ٻئي ڪنهن به علائقي ۾ نڪو وڃن نڪو ڪنهن کي تنگ ڪن! وڙهن پرچن پنهنجا پاڻ ۾.

ڪوهستان جون مايون/ عورتون به مردن جهڙيون سگهيون (مضبوط/ بهادر)/ سچيون ۽ هڪ سخنيون آهن. جيڪا ڳالهه ڪنديون اها پارينديون جي نه پاري سگهيون نه ڦڪيون (شرمندهه) تي ڪنڌ هيٺ ڪري لڄياريون ٿي هلنديون، ڌَڏَروَ (اُتون لانگ) ڪري ٻئي تي ڳالهه لاڙي ڪَرُ کڻي ٻانهن لوڏي ڪونه هلنديون. ڪَمَ ڪَار ۾ مردن سان ٻيل هونديون. ٻني ٻارو، ڪاٺي پاڻي، مال وٿاڻ، گهرٻار سڀ ۾ برجستيون، پوريون هونديون.

منهن مهانڊي ۾ ملوڪ، ٺهيون جڙيون هونديون. ڪپڙو کڻي اَوچو (قيمتي/ مهانگو) نه هوندو پر ڦاٽل ۽ ميرو نه هوندو. ڌوئي پوئي، ڳنڍي سنڍي، وجهنديون (پائينديون) ته سونهنديون پيون، وڏيون ٿلهيون پوتيون ۽ کلا ٿلها ڪپڙا پائين. وضعدار ۽ معتبر اهڙيون جو مردن سان گڏ بيٺيون هونديون ته ٺهنديون به مردن وانگيان ئي پيون. اها ئي سندن وضعداري ۽ معتبرائي کين نمايان رکي ٿي. اهو ئي سبب آهي ته ڪوهستاني عورت جو رايو (راءِ) ۽ ڳالهه وڏن فيصلن ۽ جرڳن تي پڻ اثرانداز ٿيندي آهي.

ڪوهستان ۾ مرد، پوءِ اهو وڏيرو هجي يا عام غريب ماڻهو، پنهنجي گهر جي عورتن ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ ڌيءَ جي ڳالهه ٻڌندو آهي. انهن کي اهميت ڏيندو آهي ۽ ڏکين فيصلن ۾ ساڻن صلاح مشورو پڻ ڪندو آهي.

ڪوهستان ۾ غربت به دنگ هر شيءِ جي تنگي پرجي ويسريندي (اوچتو) ڪو مهمان مڙهو لنگهي آيو ته اڻهوند جو لکاءُ ئي ڪونه ڏيندا. ڇِتَرُ (تڏو) ڪَرَئو (ڪونئرو) ڏئي اَوڍَ جا رسا، سڳا (رليون، وهاڻا ۽ سوڙيون سوهڻي نموني ويڙهي قطار ۾ هڪ ٻي جي مٿان ديوار وانگر رکن. ان کي ’اَوڍِ‘ چئبو آهي جنهن کي خوبصورت ريشمي رسا ۽ پنهنجي هٿن سان ٺاهيل جهوڙن، ڦلن وارا سڳا ٺاهي ان سان ٻڌن ته سڄو گهر بنا ڪنهن فرنيچر ۽ ڊيڪوريشن پيسز جي سينگارجي ويندو آهي). کولي وهاڻا رليون ڪڍي ڏينديون پوءِ پِنڊي، شيڪڻ (جنڊ جي هيٺيان رکيل ڏاس ۽ اُنَ مان بنايل تڏو جنهن ۾ پيسل اٽو پوندو آهي يا ماني رکبي آهي) ڇنڊي، بڇيو سچيو اَنُ اٽوڪُڻي (کوٽي) کڻي رڌي پچائي مزمان اڳيتا (اڳيان) رکنديون. پاڻ ڀلي بکيون هجن، ٻارٻچو ڀلي نيرانو ٻاٿون ڏي... ٻارن جي اهڙي تربيت ڪن جو مجال ناهي جو ٻار مزمان جي مانيءَ ڏانهن اک کڻي به نهاري. ڪاٺي، ٺڪري، مُٽڪي/ پٿري سان ائين رَهَمُورَو (ريڌو، ريجهيو) پيو ڪڏندو ڄڻ هينئر کاڄ مان وات ڪڍي ڍائو پُنو ريڌو (وندريو) پيو کيڏي.

جبل جو پُرهه (مرد) توڙي مائي هڪ صلاح هڪ سوچ رکندڙ آهن. ڏاڏي ڀنڀي جيڪا هر ڳالهه مهاڙ، هر ڪم ڪار ۾ مردن جهڙي يا اڃا ڪن مردن کان ڪَسَر (مٿي) هئي. اها جبل ۾ اهڙي شان سان رهندي هئي ڄڻ مٿي هيٺيان خزانن جون کُرزينون (خرزينون) رکي سمهي ٿي. ڏڪار ۾ هرڪو ڏکيو ۽ هيڻو ٿي پوندو هو. پر ڏاڏي ڀنڀيءَ جي همٿ، حوصلو ۽ عقل سڀني جو ڏڍ ٿي پوندو هو. سندس حيثيت ۽ رتبو، ’ماتا ديوي‘ (Mother goddess)جهڙو هو. سَاٿُ (اٺن جو اهو گلو/ وڳ جيڪو گهر جو سيڌي سامان لاءِ جبل جون جنسون گهه، ماکي، مک، ڇتر، تڏا، پنڊا، کيس، کٿا، اوجا، مرئا، ڦڙها، ڪاٺيون، گاهه وغيره کڻي شهر وڃي ۽ بدلي ۾ گهربل سامان شهر مان وٺي اچي) دير ڪري، گهر ۾ چاڙهڻ لاءِ مس ڪين، هجي نه هجي، پر ڏاڏي ڀنڀي هر اوکي ويل کي مڙسي سان منهن ڏئي ويندي هئي. هڪ ڀيري ڍل وٺڻ لاءِ تپيدار وٽن آيو. ساٿ ويل هو جنهن سان وڏا مرد ويل هئا. ڏاڏي ڀنڀيءَ وٽ مال (ٻڪريون، رڍون) جون پِرِ ڄُون (بيحد گهڻائي) هيون، سو هڪدم هڪڙو سٺو ٻڪر ڪهارائي، ڪجهه ٽانڊن تي پچارايائين (سَجِي). ڪجهه جو ٻوڙ رڌي ڪڻڪ جي ماني (جيڪا جبل ۾ مانائتي ٿيئي. جبل ۾ گهڻو جوار ۽ ٻاجهر ٿيئي. ڪڻڪ جو اٽو سِٽاتيون (سگهڙ مايون) ڪنهن خاص مهمان لاءِ سِٽَ ڪري رکنديون آهن). پچائي، جهڻ جو ڪٽورو ڀري جنهن ۾ چنبي جيترو مکڻ جو چاڻو وجهي تپيدار جي اڳيان رکيائين. رڻ ملڪ ۽ ڏڪار ۾ تپيدار کي جو اهڙو ٻلاتو کاڄ مليو ته ڦَلوش (ذرو) به نه ڇڏيائين اوڳرائي ڏئي لت کوڙي سمهي پيو. شام جو موڪلائي گهوڙي تي چڙهي ٻئي ڳوٺ پهتو جتي رات جي مانيءَ جي مهل هئي. سڀ ئي مرد ٻرد هئا جن تپيدار سان کينڪاري کيس، ويهاري ماني آڻي ڏني. ٻاجهر جي ماني ۽ لسي ڏسي تپيدار حيران ٿي ويو. هُتي مائيءَ وٽ ڏينهن جي مانيءَ مهل ڪي وڏا مرد به ڪونه هئا. ساٿ سان ويل هئا، ٻارٻچا ۽ ڪي ڇوڪرا ٽاهئا ۽ پاڻ پوڙهي مائي هئي جنهن اهڙي شاهي ماني کارائي جو دنگ هئي. هتي ته سڀيئي ننڍا، وڏا مرد به پيا ڏسجن؟ تپيدار کي ماٺ ڏسي گهر ڌڻيءَ چيو، ”ماٺ ڇو آهيو؟ ماني کائو!“ تپيدار به ايندڙ  ويندڙ هو، ۽ ساڻن هجات به هو. ان ماني ڏانهن اشارو ڪري چيو “هي ڇا؟“ گهر ڌڻي سمجهي ويو چيائين، ”ادا ، ڏڪار آهي ڇا ڪريون، اهو ئي اسان جو گذران آهي. جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان.“ تپيدار مرڪي چيو، ”ادا، ڏک نه ڪجانءِ ڏينهن جي ماني مون فلاڻي ڳوٺ ۾ کاڌي هئي. ڏڪار ۽ اڻهوند سڄي جبل ۾ ساڳي آهي پر ان گهرجي ماني واهه واهه... ڄڻ ڪا دعوت هجي. جڏهن ته اتي وڏو ڪو مرد به نه هو. هڪ پوڙهي مائي هئي جيڪا عزت ۽ مانَ ۾ مردن کان به گهڻو مٿي هئي.“ سڀني حيران ٿي پڇيو، ”ڪهڙي مائي؟“ تپيدار احترام سان چيو، ”امڙ ڀنڀي!“ تنهن تي سڀني مردن پيار ۽ احترام مان مشڪي چيو. ”ادا، اها مائي اڄ نه پر اڳ ئي اسان مردن کان گهڻو مٿي ۽ زور آهي. ان جي هڪ هڪ وڙ ۽ ڳالهه سان اسين پڄي ڪونه سگهون.“

ڏاڏي ڀنڀيءَ کي مشڪلن ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻ جو ڏانءُ ايندو هو. ڪڏهن به ڪنهن ڏڪار ۽ ڏکيائيءَ، ڏاڏي ڀنڀيءَ کي مات نه ڏني. ڀلي ست ورهيو ڪُونٽَو (گنجو) ڏڪار هجي. چون ٿا اهو ڏڪار راڻي وڪٽوريه جي گنجي پٽ ڊيوڊ، جيڪو موجوده راڻي ايلز بيٿ جي ڏاڏي جي دور حڪومت ۾ آيو هو جنهن ۾ ست سال مينهن نه وٺو هو، ۽ ڪَکَ پَنَ جو وجود ئي ختم ٿي ويو هو. زمينون ۽ جبل ڪُونٽا/ ٺوڙها ٿي ويا هئا (جبل ۾ ٺوڙهي کي ”ڪُونٽَو چئجي ٿو)، ۽ اهو ڏڪار آيو به ڪُونٽي بادشاهه جي دور ۾ هو ۽ اسم با اسم جيان ڏڪار به ملڪ کي ڪونٽو ڪيو هو جنهن سبب اڄ به جبل جا ماڻهو انهيءَ وڏي ڏڪار کي ”ڪُونٽڙو ڏڪار“ چوندا آهن.

ڪونٽڙي ڏڪار ۾ ماڻهو حالان بدحال هجن، کاڌي پيتي جو منهن نه مهاڙ، واٽ نه گس هجي. مالُ سندس اڳيان پيو بک مان پاهه ٿيو مري. ڏاڏي ڀنڀيءَ گاهه پاڻيءَ لاءِ وڙولون ڪيون، ڪک پن لاءِ ماڻهو موڪليائين ڪٿان به ڪو ڏس پتو ڏاڏي ڀنڀيءَ کي ملي ته، ”فلاڻي هنڌ يا جوءِ ۾ مال لاءِ ڪو ذرو گاهه پاڻي آهي.“ ته ڏاڏي ڀنڀي هڪدم سَٽَ ڏئي اٿندي، لٺ هٿ ۾ جهلي، پٽ، ننهن ۽ پوٽن سان گڏجي، ڌراڙن سان مال ڪاهائي نڪري، پويان هڪل ڪندي ته سڄو ڳوٺ ساڻس گڏ پنهنجو ٻارٻچو ۽ مال ڪاهي گڏ هلندو. هوءَ سڀني سان گڏ اچي انهيءَ جوءِ ۾ وانڍي ٿي رهندي. ٻيو ته هرڪو ٿڪو کٽو اٺن تان ٽپڙ ٽاڙي لاهي اچي وڻن هيٺيان وسامندو (ساهي پٽيندو). ڏاڏي ڀنڀي ڪات کڻي ٻين کي به سڏي، شانڪاري جبلن جي ڪورن، ڪنارن مان ڦڙها وڍي آڻي، پُسائي، ڪُٽي، چِلي انهيءَ مان پَڙڇ (وڏو تڏو) اڻڻ ويهي رهندي. پاڻ سان گڏ ننهن ۽ پوٽين کي به ساڻ ڪري پڙڇ اڻي تيار ڪندي. گُسَ کڻي کڏون کوٽي ڪاٺيون وڍارائي بيهاري مٿان پڙڇ وَڇائي، سُوئَو (لوهه جو سئيءَ جهڙو اوزار) کڻي پڙڇ کي ڪاٺين سان سبي ڇڏيندي، ڄڻ ته تنيو لڳي ويو هجي. پاسن تان ڏريون ۽ پَتَريُون ڏئي بند ڪندي. صبح ٿيندو ته ٻيو هرڪو زل تتي (ڪاڙهو، اُسَ) ۾ آسمان هيٺان هوندو ۽ ڏاڏي ڀنڀي پنهنجي وَڳَرَ (خاندان) سُوڌو (سميت) ڇانوَ ۾ ويٺي هوندي. پوءِ ته صبح ساڻ سڀني کي ڌڙي، ڳالهائي پنهنجي اڏيل وشال ڀونگي ۾ آڻي ويهاري، متيون ڏئي سمجهائي، ساڻن گڏجي وڃي ڦڙها وڍائي، پڙڇ اُڻائي، ڀونگا اڏائيندي هئي. ائين هرڪو ڀونگن ۾ سکي هوندو، ۽ بَرَ ۾ بستي ٿي ويندي هئي. سڄي عمر ۾ ڏاڏي ڀنڀيءَ کي ڪنهن به اُسَ ۾ يا وڻ جي هيٺان ستل/ ويٺل نه ڏٺو. ڀلي ملڪ ۾ ڏڪار هجي. ڀلي ڏاڏي ڀنڀي مال جي سانگي وَانڍِي هجي. پر هوندي پاڻ پنهنجي هٿن سان ٺاهيل/ اڏيل گهرجي ڇانو ۾. وڻ هيٺان زائفان جي سمهڻ کي عيب سمجهندي هئي. چوندي هئي، ”اها بيشدائي (فحاشي) آهي. زال ذات جو ننڊ ۾ سُتي گندي، پُچُ (ڪپڙو) لهي يا هٽي ٿو وڃي. ۽ مرد ۽ مائيءَ ۾ فرق آهي.“

ساڳين ڦڙهن مان ڇتر، تڏا، ڏريون، پَتَرَيون، ڇتريون، پنڊيون/ پنڊا، ڇنڊڻا/ ٻوهارا پڻ ٺاهيندي هئي، ۽ ٻين به سڀني ماين کي پار ڏئي سيکاري دُرُ (ماهر) ڪري ڇڏيائين کين متيون ڏيندي هئي ته اهي سڀ ٺاهيو ته مرد کڻي وڃي شهر ۾ وڪڻي اچن. پاڻ ته اهڙا ڇِتَر ۽ پَٺِيُون (تڏا) اُڻندي هئي جو دنگ هئا. اڻڻ ۾ اهڙا نقشا ۽ ڊزائين بنائيندي هئي جو هرڪو حيران ٿي ويندو هو. پوءِ رڍن جي لُڻيل اُنَ کي ٻير جي لاک مان رڱي، وَٽي سڳو بنائي اهو اُوني رنگين سڳو اُڻيل ڇتر جي نقشن ۾ سُوئي سان وجهندي ته ڇِتر غاليچو بنجي پوندو. ڏاڏي ڀنڀي نه رڳو ڦڙهن مان اهي سِٽائون بنائيندي هئي. پر هوءَ هڪ ماهر قالين ساز پڻ هُئي. جڏهن لَوبُ (اُنَ ۽ ڏاس جي ڪتر جي مند) ٿيندو هو ته هوءَ مردن سان گڏ اُنَ (رڍن جي) ۽ ڏَاسَ (ٻڪرين جي) جا پُٺَا (پُٺَو، معنيٰ- هڪ رڍ جي اُنَ يا هڪ ٻڪريءَ جي ڏاس) کڻي ڌار ڪري رکندي هئي. جبلن مان ٻير ۽ ٻٻر جا ڪچا ڇوڏالاهي پاڻيءَ ۾ وجهي ڪاڙهي تنهن ۾ اُنَ وجهي رڱيندي هئي. ٻير ۽ ٻٻر جي وڻ مان لاک به ڪڍن جنهن کي ”مڃٺ“ چون. ٻٻر جي لاک گهڻي ڪانه لڀي، ٻير جي لاک به ساڳي ئي نموني ڪاڙهي اُنَ رڱي رکندي. پوءِ ’جَلَڪَ مَڪَڙِي‘ (سڳي بنائڻ لاءِ ڪاٺيءَ مان ٺاهيل اوزار) کڻي سڳو جوڙي ڍيرا ۽ آٽيرڻا ڀري رکندي، جنهن مان ننڍا غاليچا جنهن کي’اَوجَا‘ چون، فراسيون، کٿيون/ کٿا، خرزينيون، مَرَئا (ڳوڻين جهڙا وڏا ٿيلها جنهن ۾ گهر جو سامان رکجي) ۽ گهر جي سينگار لاءِ ڦل، جُهوڙا، جهالرون، اٺن لاءِ سينگار وغيره ٺاهيندي هئي. مرد جڏهن ڪاٺيون، گاهه ۽ ڦڙها بَندَ ٻڌي شهرن ڏانهن ساٿ کڻي ويندا ته، ڏاڏي ڀنڀي جا جوڙيل اوجا، مَرئا، فراسيون وغيره پڻ شهر ڏانهن وڪڻڻ کڻي ويندا هئا، جتي ڏاڏي ڀنڀي جي هٿ جو هنر وڏو مانُ ۽ وڏي قيمت ماڻيندو هو، جتان پوءِ ضرورت جو سڀ سامان وٺي ايندا هئا. ائين سُڃَ ۾ به ڏاڏي ڀنڀي پنهنجي هٿن جي سَڄائي (مهارت) جي ڪري سکي گذاريندي هئي، ۽ ٻين تي ٿورا ڪندي هئي. اڄ به سندس نالو هرڪو احترام سان وٺندو آهي.

سُڪار ۾ جڏهن ڳوٺ موٽندي هئي ته جنهن به جوءِ ۾ هوءَ وانڍي ٿي رهيل هوندي، اتان جي ڪو گذرندو ته اهي اڇا، ڇنڊيل ۽ راڳيل پڍ ڏسي هرڪو مشڪي پيار مان چوندو، ”هي امڙ ڀنڀيءَ جا پَڍَ آهن.“ هوءَ جتي به رهندي مٽيءَ سان پَٽَ راڳي رهندي هئي، ٻين کي به پار ڏئي چوندي هئي، ”ڪُتو به جتي ويهي ٿو اهو  هنڌ پُڇَ سان صاف ڪري پوءِ ويهندو آهي اوهين ته ماڻهو آهيو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org