سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان (خاڪا)

باب:

صفحو:1

مانجو ڪوهستان

(خاڪا)

ج.ع.مُنگهاڻي

ڇپائيندڙ پاران

        هيءُ ڪتاب ”مانجو ڪوهستان“ سنڌي ادب جي مانائتي ليکڪه ۽ شاعره محترم ج.ع. مُنگهاڻي صاحبه جو ڪوهستان جي سگهڙن ۽ سٻاجهڙين شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل هڪ تحقيقي تصنيف آهي، جنهن ۾ پاڻ ڪوهستان جي گمنام شخصيتن جي ادبي، ثقافتي ۽ سماجي زندگيءَ سان گڏو گڏ اُنهن جي اُٿڻي ويهڻي، ثقافت ۽ روايتن کي نمايان انداز ۾ بيان ڪيو آهي.

        محترمه ج.ع مُنگهاڻي صاحبه جي قلمي پورهئي کان مانُ ڏيندي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪوهستان جي سگهڙن جي خاڪن تي مشتمل هيءُ سندس تحقيقي ڪتاب ”مانجو ڪوهستان“ کي ڇپائي پڌر ڪيو ويو آهي.

        هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. جنهن لاءِ آئون جناب مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، جو تهدل سان شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو.

        اميد آهي ته، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو ادب سان دلچسپي رکندڙن وٽ مانءُ لهندو.

                                        الهڏتو وگهيو

                                         سيڪريٽري

21- جمادي الثاني 1435هه

22- اپريل 2014ع

ارپـنــا

 

بيحد ذهين، سائنسدان، اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ محبوب ڀاءُ محمد بخش بڪڪ (منگهاڻي) جي نانءُ

جنهن هن ڪتاب جو سڄو سفر مون سان گڏ ڪيو پر منزل تي پهچڻ کان اڳ اوچتو، نئين دنيا جي سفر لاءِ سنڀريو ۽ روانو ٿي ويو پاڻ ڪتاب جي صورت ڏسي نه سگهيو.

آءٌ ڪتاب هٿن ۾ جهليو، اکيون در ۾ وجهي پئي واجهايان.

مَران، مَٿَو پِٽيان، نِهاريان نَيڻان،

سُخن جي سَندانِ، آءٌ نَه جِيندي اُن رِي.

(شاههؒ )

سندس ڪمهلي وڃڻ وارو وڇوڙو سهڻ منهنجي لاءِ، هڪ امتحان آهي جنهن جي نتيجي جي مون کي ڪائي خبر ڪانهي.

منهنجا ڪيچي قول ڪري ويا، هئي نه ويل وڃڻ جي......

ج.ع.مُنگهاڻي

مهاڳ

 

پکين جي پرن جهڙي نرم ۽ گرم احساسن جهڙو، ڪوهستان جنهن کي آئون هڪ خطونه، پر ڪائنات سمجهندي آهيان.

ائين سمجهڻ لاءِ اهڙو ئي گداز احساس هئڻ ضروري آهي جهڙو ڪوهستان لاءِ ڪوهستانين جو آهي.

آئون ڄاڻان ٿي ته هر ماڻهو پنهنجي علائقي لاءِ اهڙائي جذباتي ۽ نفيس احساس رکندو هوندو،  جڏهن ته آئون پنهنجي ڏکئي سنگلاخ پهاڙن جي ڏکين، سخت جان ۽ ساهو رهواسين جي احساسن بابت اهڃاڻي ڏيڻ چاهيان ٿي جن کان شايد هرڪو واقف نه هوندو.

ڪتاب، مانجو ڪوهستان جي مهاڳ ۾ ڪي اهڃاڻيون ڪوهستان ۽ ڪوهستانين بابت ڏنيون اٿم. جيڪي اڃا مختصر ۽ ڄڻ ته مبهم آهن ۽ جن جي اظهار ن جا واضح ۽ تفصيلي اهڃاڻ اڃا باقي آهن. انهن جي وضاحتن لاءِ ڪيئي ضخيم ڪتاب گهرجن.

ڪوهستان تي لکڻ منهنجو فرض هو، مونتي قرض هو، جيڪو لاهڻ چاهيندي به لاهي نه ٿي سگهيس. هيڏو سارو ڪوهستان هو، اُڪ جي ماکي ته  نه هو.

منهنجي گهراڻي جا ماڻهو/ منهنجي ڪٽنب جا فرد ڪوهستان بابت ڄاڻ ۾ انسائيڪلو پيڊيا جو درجو رکن ٿا. منهنجو سنڌي ادب ۾ وارد ٿيڻ تهائين آسانيون پيدا ڪندڙ هو. وري لطيف پاڪ جي لفظن تي ڪم ڪرڻ ڄڻ هن ڪتاب کي لکڻ لاءِ هڪ قوت ۽ سگهه جو باعث بنيو.

اهي ئي همٿون هيون جن همٿون ڏنيون، ۽ مون ڪتاب ’مانجو ڪوهستان‘ لکڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن ڪتاب لکڻ شروع ڪيم تڏهن جتي منهنجو سڄو گهراڻو مون سان ٻيلي ٿيو هو. اتي ادبي دنيا جا گهڻگهرا پڻ منهنجي آٿت ۽ مدد گار بڻيا هئا. آئون سمجهان ٿي ته اهيئي هاڪاري حالتون هيون جن جي ڪري ڪتاب ’مانجو ڪوهستان‘ لکي سگهي آهيان.

سڄي ڪم ۾ جتي امان، بابا، ڀائرن، ڀينرن ۽ دوستن جهڙي ننڍي پڦيءَ جو ساٿ هيو، اتي مون کي اعتراف ڪرڻ ڏيو ته محترم تاج بلوچ صاحب جهڙي وڏي شاعر ۽ ايڊيٽر جي به حوصلا افزائي گڏ هئي. محترم بشير احمد جوکيو صاحب جون محبتون ۽ وڙ وسارڻ جهڙا ناهن. هو جيستائين جيئرو هو فون ڪندو رهيو ته، ’مانجو ڪوهستان‘ ڪڏهن ٿو اچي؟ ۽ منهنجو پيارو ٻالڪو ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ سندس ڊوڙون ۽ هلاکيون پڻ اعتراف لائق آهن.

هاڻي انهيءَ شخص جو ذڪر، جيڪو منهنجو سڳو ۽ وڏو ڀاءُ هو. جنهنجي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ منهنجي زندگي اڌوري آهي. اهو محبوب، مشفق، مهربان ۽ ذهين ترين شخص، جنهن جي محبتن ۽ توجهه جو مرڪز آئون پاڻ کي سمجهندي هيس. آئون به اعتراف ٿي ڪريان ته منهنجي محبتن ۽ توجهه جو مرڪز پڻ اهوئي هو.

زندگيءَ جي هر مصروفيت ۾ ۽ ادبي ڪم ۾ پاڻ مون سان ڳنڍيل هو. ”ڇاکپي؟ پين کپي؟ پنا کپن؟ ٽي.سي.ايس ڪرڻو آهي؟ فيڪس جو رول آهي؟صدر پيو وڃان، ڪو ڪم ڪار آهي؟ ڪجهه کپي؟“

سڄي زندگي سندس ذات کان ڪنهن کي به ڪا شڪايت نه ٿي. سڀني جو محبوب سڀني جو پيارو. پنهنجي گهر ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪئي هئائين، جتان سڄي ڳوٺ لاءِ پروگرام نشر ڪندو هو ۽ سڀني جون فرمائشون پوريون ڪندو هو. ريڊيو پروگرامن جي شروعات، ’جيئي سنڌ‘ سان ٿيندي هئي.

سندس هيرن جهڙا لفظ ۽ موتيءَ داڻن جهڙي لکڻي سڄي ڳوٺ ۽ ڄات سڄات ۾ مشهور هئي. جڏهن هو  پشاور انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هو ته سڄي ڳوٺ (حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ) جو مرڪز هو. گهر جي هڪ هڪ ڀاتيءَ سان گڏ خاندان جو هڪ هڪ فرد ۽ ڳوٺ جو هڪ هڪ ماڻهو کيس ڌار ڌار خط لکندو هو. جن ۾ ڳوٺ ۾ رهيل وڏي تعداد ۾ بلوچ ۽ ٻيا سڀ درزي، حجام، ڊاڪٽر، ڪمپائونڊر، ڊرائيور، ڪلينر ۽ پيش امام. مطلب ته هر قسم جا ماڻهو کيس خط لکندا هئا ۽ پاڻ هُو هڪ هڪ کي پابنديءَ سان جواب ڏيندو هو، سندس خطن  جي عبارت ۽ مضمون ايڏا ته خوبصورت هوندا هئا جو ماڻهن اهي خط سانڍي رکيا هئا.

منهنجو مامون سيٺ غلام محمد بڪڪ صاحب (جيڪو هن ڪتاب ۾ هڪ خوبصورت ۽ معجزاتي ڪردار جي حيثيت ۾ آيل آهي)، پڻ کيس مستقل خط لکڻ وارن ۾ شامل هو. موٽ ۾ کيس لکيل خطن جا مضمون ۽ اکر نهايت اعليٰ، نفيس ۽ منفرد هوندا هئا، ڄڻ ته ڇپائي هجي، ڄڻ ته پرنٽ ٿيل هجن جيڪي مامي غلام محمد بڪڪ صاحب پير سائين پاڳاري کي فخر مان ڏيکاريندي چيو هو ته، ”هي منهنجي ڀاڻيجي جا مون ڏانهن لکيل خط آهن.“

جڏهن هو پشاور مان موڪلن تي ڪراچي ايندو هو ته سڄي ڳوٺ وارا سندس دعوتون ڪندا هئا. اهو ئي هر دلعزيز ۽ محبوب شخص جيڪو هن ڪتاب لکڻ ۾ منهنجو ساٿي ۽ ڀر جهلو هو اهو هاڻي ڪتاب جي صورت ڏسڻ مهل اڻمندائتو پري هليو ويو آهي، جنهن لاءِ هي لفظ لکندي منهنجي دل جي رفتار گهٽ وڌ ۽ هيٺ مٿي ٿي رهي آهي، ۽ لڙڪ لارون ٿي وهي رهيا آهن.

اهو منهنجو غير  معمولي ۽ ايڪسٽرا آرڊنري ذهين ڀاءُ اليڪٽريڪل انجنيئر محمد بخش بڪڪ آهي جنهنجا پيار ۽ وارفته محبتون جنم جنم ۾ مون سان جڙيل ۽ ڳنڍيل رهنديون. جنهن جي سُرهي ساٿ لاءِ آئون هر جنم ۾ ائين ئي سرگردان ۽ متلاشي رهنديس جيئن گلن لاءِ پوپٽ ۽ شمع لاءِ پتنگ هوندا آهن يا لطيف رح چواڻي، جيئن سو هرڻ هماءُ، سرگردان سنسار ۾.

تيئن ئي آئون سندس ڳولا ۾ سموري سنسار ۾ سرگردان رهنديس!!!

جوانيءَ ۾ سندس اوچتي وڇوڙي وارو حادثو منهنجي لاءِ اڻ وسهندڙ واقعي مثل آهي. شايد آئون به سندس جهڙي ئي ساهو آهيان ۽ ڄاڻان ٿي ته منهنجي اها مضبوطي کيس ضرور وڻندي، ڇو جو هن ڪڏهن به منهنجي اکين ۾ لڙڪ ڏسڻ نه چاهيا هئا، پر آئون سندس جهڙا لوهي لڱ ڪٿان آڻيان؟ هو ته پنهنجي هر تڪليف لڪائي ڇڏيندو هو ته متان اسان کي تڪليف ٿِئي.

بس، آئون پنهنجو هي قلمي پورهيو کيس ارپيندي خوشي محسوس ڪري رهي آهيان.

لڳي مون کي لوه، وره واٽون لائيون

راز جنهين سين روح، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو. (شاهه رح)

ڄاڻان ٿي ته جتي به هوندو خوش هوندو. آمين ڇو جو هُن ڪڏهن به ڪنهن کي به ڏک نه ڏنو هو.

ڌڻي شال کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي. آمين ثم آمين.

 

ج. ع. منگهاڻي

مقدمو

 

(مانجو ڪوهستان)

 

ڪوهستان تي لکڻ لاءِ جڏهن قلم هٿ ۾ جهليم ته هَٿُ ڏڪي ويو. ظاهر ظهور دانهن ڪيائين، ”لکي سگهندس؟“

لمحي لاءِ ته آئون پاڻ به ڌڏي ويس پر ٻَلاتو (طاقتور) لطيف رح اڳيتا (اڳيان) ڦري آيو.

ڇَپَرُ ۽ ڇَمَرُ ڀانيان، ڪانڀو ۽ ڪارو،

پَٻُ وجهنديس پُٺِ تي، صُبح سَوارو

وڃڻ مون وارو، ڪِينَ وهنديس وِچَ ۾.

اها همٿ ۽ هڪل ته ٿي سگهاري ۽ ٻلوان لطيف رح جي. آئون اَپهُچُ ڳُوڀُ ڪريان پنهنجي، ’جنهن جي هَٿُ نه ساٿُ‘

اُڳرڻ ۽ اُلارون ڪرڻ رهيا پنهنجي ماڳُ، هَٿَ ٻڌڻ سان به ڪِين (ڪجهه) ملي ته لک کٽيم،

آڏَ تِرِ ڇا آهَڙا، ڏاڪا ڏونگر کي،

هو  جي وَرَ وِندُر جا، ماريندا مون کي،

هاڙهو هيڻيءَ کي، لنگهائج لطيف چئي.

اها ٿي ڳالهه اَڳُتُ (اڳتي) وڌڻ جي ۽ لطيف سائين کي پنهنجي ۽ لفظن جي وچ ۾ آڻي ڪجهه لکان ته لکان، نه ته لفظ وڏا استاد آهن. ڪڏهن به کٿا بي بنجڻ نه چاهيندا آهن. کٿا بي ليکڪ کي ئي بنجڻو پوندو آهي ( کلي يا روئي).

ٿي سگهي ٿو ته زماني ۾ ڪو لفظن جو استاد بنيو هجي ۽ ڏنڊي جي زور تي لفظن کي مڃائي پنهنجي مرضيءَ سان هلايو هجي. باقي مون موٿاڄ (محتاج/ معذور) اڳيان لفظ هميشه استاد. ۽ آئون سدائين کٿابي رهي آهيان. جيڏانهن وڻين تيڏانهن وارين. ڪوشش ڪندي آهيان/ ٻاڏائيندي آهيان ته، ”آئون وريو نه ٿي وران، جيئن وران تيئن واريوڙي يار.“ پر ائين ٿيندو ڪونهي، کٿابيءَ جي چوڻ تي استاد جو ورڻ سندس نيم (عادت) جي خلاف هوندو آهي. ائين آئون هميشه سندن وس، واڳ سدائين انهن هٿ!

اهڙي اَپُهچائي واري آڍاڍمر  ماحول ۾ لطيف سرڪار جون همٿون ساڻ آهن ته نڪو لهر نڪو لوڏو.

وَرَ وَراڪا وِچَ ۾ ، لکين آڏا لَڪَ،

هو جي آڏا حق، سي ڪندا ڪَوههُ ڪُٺيءَ کي.

لکڻو اٿم، مانجو ڪوهستان. مهربان، مشفق، ڍاول ۽ شاهوڪار ڪوهستان، جنهن لاءِ قلم کي به مهربان، مشفق، ڍاول ۽ شاهوڪار ٿيڻو پوندو.

لفظن کي به ٻُچُڪَاري، چُٻُڪَاري (ٻارن وانگي) تَاتَاري (خوشامد ڪري) ڌُتاري وارڻو پوندو جيڪي ذهن تي اچي مِچِڪا ڏئي، ٽمڪي، لِمِڪا ڪري، اچي تِرڪي ڀڳا ٿا وڃن. وري لفظن کي به سُڌا تورو ٿي ساٿ ڏيڻ گهرجي. پرجي ڏنگا ۽ ڪُڌا تورا به ٿيا ته، ”سانگي سکيا هون اسان جي اوٽ الله تي.“

شروعات لطيف رح جي بيت سان ڪندي برڪت ۽ ڀاڳڀري ڀائينديس.

ڇَپَر ۽ ڇَمَرَ، ٿا لڳههُ لڳن پاڻ ۾،

ڏاڍا ڏونگر ڪَرَڪَرا، وَيڌُ ونگايون وَرَ،

آئون پيادي پَٽِئين، نماڻي نِڌر

سوڙهي جِتِ سَڳَر، اُتِ ٻاتاڙيءَ ٻيلي ٿيئين.

ڪوهستان، جيڪو خزانن مان پِنبِڻِيڪَر، (تارون تار) ڌن مان ٻُچُڪيل (تمام گهڻو ڀريل) تنهن کي آئون سُڃيو، سکڻو، ڏکيو ڏڪاريو ڪيئن چوان؟

بظاهر ڏکيو، ڏڪاريو، ٺوٺ ملڪ چئي سگهجي ٿو جو، لوڪ جي ظاهري ۽ اکين ڏٺي حالت لڙڪ لاڙڻ جهڙي آهي، ڏکيءَ تو ءِ ڏڪار، توڻي وسن مينهنڙا، صاحب هٿ سڪار، هِن وَسِ آهن هٿڙا. (شاهه رح)

وَسَ (مينهن جي مند) ته وَسَ (اختيار) ۾ ڪونهي، هٿ ضرور کڄيل (کنيل) آهن.

وسي ته نخلستان نه ته ريگستان. اهو آهي مان جو ڪوهستان. ڪوهستان جي پکڙيل وڏي ايراضي جنهن ۾ جَبلن، ڪَوهن، ڇَپَرن، ٽَڪَرن، ڏُونگرن، پَهاڙن، لَڪن، بُٺين، لَڪِين، ڇِپُنِ، مُٽڪَنِ ۽ پٿرن جو شَرو (حساب) نڪو پاند، حد نڪو حساب، ڇَيههُ نڪو دَنگ، عدد بي عدد شمار بي شمار، حد لاحد. پَٻُ، کيرٿر، مَهَيرُ، لاکاڻُ، هَمَليگُ، مَري مُڱٿر، ڪانڀو، ڪارو، جَائَو جمر... هتي ڪوهستاني شاعر پَرئي باريجي جو هڪ طويل شعر ڏينديس جيڪو ڪوهستان جي جبلن بابت آهي.

اڳيون مڙيئي اڳ ٿيون، جَوڙُون سِين جنسار

دادلي تنهن ’دنبار‘ تي آهي داتا جو ديدار

سا سائي هوندي سدائين، نشانبر نروار

رَهندا مَنجهس راڄوئي، جن جو ونگو نه ٿيندو  وار

ويچاري تنهن ’مَهڙ‘ جو بُنڊُڪَ‘ کنيو آبار

ڀٽاري تنهن ’بنڊڪ‘ تي آهي مينهن جي ملهار

ڏاتر ڏاجهو، سدائين سٻاجهو، مولي ڪيو منٺار

ٻنيون ٻارا، دميون ديرا، کڻندا شال خرار

ونگ، گُرونڊي، ڏاجهي ڏيندو، ڀاڱو شال ڀتار

اپر اڃ ’اُلر‘ کي آهه، ’بَهنير‘ جي بسيار

هليوڪين ’هُنڊيءَ‘ سين، کهجي پيو کوٿار

’سورجاڻي ‘جي سڳٽ ۾ آهي ، ’گڏو لڙيو‘، غفار

’سُنبڪَ‘، سان صلاح ڀائي، ’ميٽارڙيو‘، ’ڪارو نڀار‘،

موڙهو رند منجهي ويو، جنهن جي سنگتي لڌي نه سار

گنجو، گهاري واڳون واري، پري اکتو  پرار

’ڪانڀو‘ ’ڄٽينگ‘ ’ڏا ڦرو‘، ڏسن ڪونه ڏڪار

تن وڏين جي وچ ۾ پيو، ’رئڻو‘، رند يار

’غئبي‘ ’سگهاني‘ پاڻ ۾  ڀلا جيئن بهار

’بَڊو‘ ڇارڻ سک سنڀارڻ، جن جو عمر پير پار

’ڀِت، ’نَئيگُ، ’نَورڀين‘، جنهن جي نبيءَ سندي نهار

کيرٿر ٿيو ڇپر، وڏو ئي وينجهار

’کيرٿر، سدا سَٻَرُ، گارو ڙي گرنار

’بن، ڀاڙيو آهي اگهاڙو، جنهن ۾ سُجهي ڪو سنگهار

’گَزُ ڀيئرو‘، وطن وارو، جنهن جي ڪَوٽَر ڪڀ ڪنار

پِيا مَڪڙ ميهئي تان، ٿيو آنڌار کي آزار

ڀيڏر ڀايون سدا سايون، جن جي ’اُتي جانيءَ‘ توار

ٻڌين ٻارو، کڏين کارو جنهن جي ’ڇاڀار‘ تي ڇٽڪار

’هَمَليگُ‘ سدا سوڀيگ، جنهن جي ’لاکاڻ‘، تي لغار

پُٻ، نوراني  ڏِسي ڏاني، جو آهه سڀني جو سردار

’مَهَيرُ‘، ’مڱٿر‘ پاڻ ۾ ملي ٿيا مهند يار

’مَهَيرُ‘ موچارو، ٻڌين وارو جنهن جي ڪَنڊِ ڪڀ ڪنار

’مول‘ موچاري، پاڻيءَ واري ٻي اُتُسُ ناهه ميار

ڪن ڪکين جودن، جنهن ۾ پاڻيءَ جي پچار

ڦَنگَ وريون، مَوريون، سايون شال اپار

باريءَ ڀوٿا سدا سَهو ٿا، ڪامل ڪلا دار

ڇوريا ڪنهن نه چُرن، جن جون پاڙون ۾ پاتار

ماني تن کي موڪ ڏني، باريءَ پير بسيار

پريو چوي ٿو. ڄهنڊي، کي، آءُ ته ڏينءَ ڇپرن جا پار

ڪلمي جي قطار، سڀيئي اُڪرندا سين پرار.

لطيف سرڪار چواڻي، ’لَيڙن جو لطيف چئي، ڏُونگر آهي ڏَسُ،.... جتي ڏونگر ڏَسُ، جبل پَتو هجي اتي جا احوال به انهن ڏونگرن، جبلن ۽ ڇپرن کان ئي پڇبا جن کي لاکيڻي لطيف رح جو راڻو/ عزرائيل/ ملڪ الموت سڏيو آهي. ’واقف نه وڻڪار جي، جِت جبل جوراڻُو‘ اهو ئي جَو رَاڻو جبل، جبل وارن لاءِ وري جياپو، ڪوٽ قلعو، عزت، بانور، ڀَرُ، آڏَ، پناهه، کاڌو خوراڪ، پاڻي پنجڻ، اَوڇڻ اَڍَ، ساهه پساهه سڀ آهي.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جبل جو ماڻهو ڪيڏو به ڏکيو بکيو هجي جبل جي گلا ۽ گهٽتائي نه ڪندو. نه ئي اُڇَل ڏئي هَٿُ ڇَنڊي. اُکُڙ چُکُڙُ (آخري حد) اَڀرو لئُزُ وات مان جيئن آيو تيئن اَوَائَو (بي سمجهيءَ وارو ڇڙ واڳ)، ڇَڙِهَو پَڙِ هَو (ظاهر ظهور) بنا آڏ ۽ اٽڪ جي ڪڍي ڇڏيندو.

جيئن پاڻ چئون ٿا ته، ڳالهه هڪ طرفي نڪو ٺهي نڪو جُڙي، يا هڪ هٿ جي تاڙي ڪونه وڄي، تيئن جبل به کين هٿان (هٿن) سکڻو ڪونه ٿو ڇڏي. جيڪو به وٽس ويندو اهو وٽائنس ڀرجي تُرجي، هَروِٿ ۽ ڌن مان جهوليون، جَهولاڻَ ۽ ڀاڪُر ڀري ايندو. اهو تڏهن جڏهن جبل وٽ هلي ملهي، ڪشالا ڪڍي وڃبو نه ته،

جَي ڪَو ڏُٿُ ڪري، ته ڏونگر ڏَورڻ ڏاکڙو

ڇَپَرُ ڪين ڏي، سوکڙيون سُتن کي. (شاهه رح)

ائين ته ماءُ به بنا گهرڻ/ روئڻ جي ٻار کي نه ٿي ڌارائي. اٿي لڱ جهلي، وکون وجهي وڃبو تڏهن، جبل پاڻ هلي ته وٽن ڪونه ايندو؟

البته وَسَ وسي ته جبل بُودُ ۾ ڀرجي ڄڻ ته وٽن هليو ايندو آهي. ڏُٿ، ساوڪ، سُرهاڻيون، جبلن جي چوٽين، اِنڊن (پاسن) ڪنڊن، پاسن، ڪَورَن، ڪپرن، گُرينَ تان ڇَڻندو، لَهندو، ڳنڍيرن جي ڳنڍين سان ڳنڍ جندو هيٺ تري تائين ڪڙو منجهه ڪڙي وانگيان هلندو، جَڙندو لهي ايندو آهي. اهڙيءَ مهل ائين لڳندو آهي ته ڏوٿي ڏٿ کي ڳولڻ نه پر ڏٿ ڏوٿين کي ڏوريندو وٽن اچي پهتو آهي. پوءِ ته منڊل منڊجي ويندا آهن. جيڏانهن نهار ڪر/ نظر وجهه تيڏانهن ٻارٻچو، ڇورو ڇنڀر، مائي مرد، ننڍو  وڏو، سڀڪو جبل ۾ چُهٽيو، چَپِڙيو (چنبڙيو) پٽن ۾ پکڙيو، مُوچارا (گهڻا گڏ) ٿيو پيو ڏٿ ميڙيندو. ۽ چونڊيندو. نظر نهار تائين ڏسبو ته ڪو جبل جي تَرَ ۾ ڪو چوٽيءَ تي، ڪو اڌ ۾ ڪو کڏي کوٻي، کانٽي، ڪَورَ، ڪَپَر، اَڏَ، جُهڏَ، ڏَرِ، ڏَرَڙَ ۾ ڏٿ ميڙيندو نظر ايندو، جِتِ (جتي) پير پير اڳيان، ڳاڱا، ڳاڱيون، پَيرُون، چِڀڙَ، اٺانگڙا، رَيَبڙَ، جَهنگولا، وَهَر، پِڇِرا، مُنڍيرِيُون، ڪِڙِمَت، ڪرياتو، گيدوڙا، ڪَونريُون، جهنگ بصر، ليهار، کٽاليون، ٻير، ڪو ڍير، مُنگها، ڦنگيون، پِنبِر، ڏونرا، واڙيل، هَنجهَو، هزار داڻي، حُسين ٻوٽو، مَڪَ، سِنڱو ٽيون، پٽ ڪنوار/ رَسول/ ايريالَ، انجير، گولُون، لُلُرُ، لاڻو، مليرو گهوگهيٽا، ڏِنگڻي، چِيچَن، سِنڱريون، ٻَروڙ، پونگرو، مِزِليون، مَريڙو، زَهَمَر، گولاڙا، وَاهَو، هَرڙو، سِنهارُ، ڊاک، ڏَڌَر، ٽانڪاري، کنڀيون، ڍامڻ، ڊَڀَ، کُنبَ، مانڌاڻو، ٽُوهه، لاڻي، توهه. الله جي ماني، آهر.... پر هرهڪ نعمت مان جبل اندر توڙي ٻاهر ڀريو بيٺو هوندو. جبلن جا ماڻهو سَرَهنِ (جابلو ٻڪر) ۽ گَڊَن (جابلو گهيٽن) وانگي ٽپ ڏيندا. ڇالون هڻندا، لانگون وَرائيندا جبل جي ذري ذري، پِچي پِچي تي نگاهه رکندا، لهندا، چڙهندا، ڪڏندا پيا.

پنهنجي ڪتاب ”شاهه لطيف جي ٻولي- تحقيقي جائزو“ ۾ هڪ لفظ ’کرڪاڻ‘، جي معنيٰ ڏيندي ذڪر ڪيو هوم ته، جبل جا ماڻهو وَسَ ۾، ”ٻوڪيون ٻڌيون، جهولاڻ جهليو، پڇيراڻيون ڪڇيو، پيرا اَرِهَاڻَا (اگهاڙا) ڏٿ چونڊيندا، گڏ ڪندا آهن. جن غريبن وٽ، انگ نه سڄي اڳڙي، تن وٽ ڪهڙا اٺ ڪهڙا گهوڙا! اٺ ۽ گهوڙي تي سوار ’هزار داڻي‘ (ڏٿ جو قسم) ڪيئن لکيندا! (ڏسندا). جنهن وَلِ جي پاڙئي نه ٿيندي آهي. اهي چڀڙ، (ڏٿ جو قسم) ڪيئن چونڊيندا، جيڪي زمين سان لِتل/ چپڙيل، پنن ۾ لڪل هوندا آهن. اهي ڳاڱيون ۽ ڳاڱا ڪيئن ڏسي سگهندا، جنهنجو ننڍڙو ٻوٽو پيادا مَسَ ٿا پَسن. اهي  ”ڪوڍير“ (ڏٿ جو هڪ قسم) ڪيئن  ڪڍندا، جنهن جي اڻ لکي وَلِ ڏسڻ لاءِ پيرڙي به هٿوراڙيون ۽ داڦوڙا هڻي موراٿا ڏين ته، ”ڪَو ڍِيرَ ڍَمَ ڍِيرَ پاڻ نه ڏيکار ته به وَلڙي ڏيکار“. ”ڪَوڍير“ جنهن کي جهنگ بصر به چون جيڪو نظر نه ايندو آهي. ڇو جو اهو ڦٽاٽي، موري، گجر وغيره وانگر زمين جي اندر هوندو آهي،  جنهن جي نازڪ اَڻَ لکي ول هوندي آهي، جنهن کي ڏوٿي به ڏکيائيءَ سان لهندا آهن. ڏٿ چونڊيندڙن جو پنهنجو ڌار مزاج ٿيندو آهي. اهي ڏٿ جي هرهڪ قسم سان بيحد گهڻو پيار ڪندا آهن ۽ هر  هڪ قسم جي ڏٿ کي چونڊيندي لطف وٺندا آهن، محظوظ ٿيندا آهن ڇو جو هو انهن جي فائدن، نقصانن ۽ اهميت کان مڪمل طرح واقفيت رکندڙ هوندا آهن.

جبل جا سُچيت، سُڄاڻ ۽ سُڌير رهاڪو پاڻ ئي پنهنجا ۽ پنهنجي مال جا ويڄ، طبيب، حڪيم، ڊاڪٽر ۽ سرجن هوندا آهن. دَوائون، سُتيون، ڦَڪيون، پَٽيون، پِنيون، چَتيون ۽ ڊَڀ سڀ انهيءَ مهربان جبل جي وٿن ۽ خزانن مان ٺاهينِ ۽ جوڙينِ جنهن جبل ۾ ساهه پساهه اٽڪيو/ ٽنگيو اٿن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org