سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان (خاڪا)

باب:

صفحو:19 

ڪراچيءَ جهڙي گوناگون ۽ گياپ شهر جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، وسيل سنڌين ۽ ٻروچن جي هرهڪ ننڍي وڏي تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ، ڏک سک ۾ شامل ٿي سندن مسئلا معلوم ڪرڻ ۽ حل ڪرڻ وارا حيرتناڪ ڳڻ اڄ به ڳاتا وڃن ٿا.

فيصلن ۽ تقريبن ۾ شرڪت دوران دلچسپ واقعا به ٿيندا هئا جيئن سندس ئي ڳوٺ ۾ رهيل مڱڻهارن جي پاڙي ۾ هڪ غريب ۽ اڌ چرئي جوڙي جي شادي هئي. شادي ڇاڄڻ ته ساراتن ۽ عقلمندن لاءِ هڪ ڀوڳ هئي، جنهن ۾ سندس ڪجهه مائٽ ئي شريڪ ٿيا هئا. اهو جڏهن هُن ٻڌو ته پاڻ اتي پهچي گهوٽ کي هار پارائي، بجار (پوت/ پوئو) ڏئي ساڻن گڏ هيٺ ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳو.ڳوٺ وارن جو ٻڌو ته قادر بخش بڪڪ چرين جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيو آهي، ته سڄو ڳوٺ شاديءَ ۾ شريڪ ٿيو ۽ بنا کاڌي پيتي جي گهوٽ کي هار ۽ بجارون ڏئي شاديءَ کي يادگار بنائي ڇڏيائين، جنهن کي ياد ڪري اڄ به ماڻهو خوش ٿين ٿا.

ائين ئي دڙي (بڪڪ موريءَ) ۾ رهيل بڪڪ برادريءَ جي ڪجهه ماڻهن ۾ هڪ ٻئي سان ناراضگي هئي، جنهن جي ڪري سندن ڏنا ورتا سڱ به رُڪيل هئا. دڙي ۾ ڪنهن تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ ويو ته ماڻهن اتي کيس اها دانهن ڏني. پاڻ ساڻن گڏ اتي وڃي کين پرچايو ۽ رواج موجب ڏنل ڇوڪرين کي پوتيون پارائي، هڪ ئي رات ۾ 19 مڱڻن جون تقريبون ڪرايون، جيڪي الائي ڪيتري وقت کان رُڪيل هُيون. اتي به هڪ نهايت دلچسپ ڳالهه بلڪه ڀوڳ ٿيو.

ڪوهستان جي ريت مطابق مائرون پنهنجن پٽن جي مڱڻين جون پوتيون ڏاڍن لاڏن، ڪوڏن ۽ شوق مان ٺهرائينديون آهن. جيڪي نهايت خوبصورت ۽ قيمتي هونديون آهن. ڪي ته پوتين تي چانديءَ جو ڪم به ڪرائينديون آهن.

مطلب اهو ته وڏ گهراڻن جي ڳالهه ڌار آهي پر غريب مائرون به مڱڻيءَ جي پوتيءَ تي وڏا خرچ ڪنديون آهن. پر انهيءَ رات سڀني مائرن پنهنجن پٽن جون پوتيون، بنا ڪجهه پڇ جي سندس هٿ ۾ ڏئي ڇڏيون جن جو تعداد اوڻيهه هو. پوءِ سڀ ئي مائٽ ۽ راڄ وارا ساڻس گڏ هڪ هڪ لاڳاپيل گهر ۾ آيا. جيڪا ڇوڪري جنهن کي ڏنل هئي ان کي مائٽن جي موجودگيءَ ۾ پوتي پارائيندو ويو. ڏاڍيون خوشيون ۽ مبارڪون ٿي ويون. پاڻ ته انهيءَ رات ئي ڪراچي موٽي آيوپر ٻئي ڏينهن دڙي ۾ صبح کان وٺي ڏاڍا خوشيءَ وارا ڀوڳ ٿيا! مائرون پاڻ ۾ ٽهڪ ڏيو پيون چون ته، ”منهنجي پٽ جي پوتي سٺي هئي جيڪا فلاڻي جي پٽ جي نالي تي پئجي وئي.“ وري کليو چون، ”هڪ ئي وقت ۾ سندس هٿ ۾ سڀ ئي پوتيون هيون، پوءِ جيڪا جنهن جي قسمت ۾ آئي، پوتي گهوري منهنجي ننهن ته مون کي ملي!“

اڄ اهي ڌيئرون جن تي هُن پوتيون وڌيون هيون پاڻ مائرون آهن، اها ڳالهه ياد ڪري کلي پونديون آهن، ۽ وري کيس ياد ڪري روئي پونديون آهن.

ڪراچيءَ ۾ وسندڙ هر سنڌي ۽ ٻروچ مرد، عورت ۽ ٻار ٻچو سندس حساب ۽ ڳڻپ ۾ هو. وٽس ڪراچيءَ جي تقريباً سڀني مقامي نوجوانن جي نالن، تعليم ۽ اهليت جون لسٽون هيون، جن جي نوڪرين ۽ روزگار لاءِ وٽس وڏا پروگرام ۽ پلان هئا.

کيس خبر هئي ته ڪراچيءَ جي پراڻين وسندين شير شاهه، هارون آباد، ماڙيپور، ريڪسر، حسن اوليا وليج، ڪراچي جي لس ٻيلي، گوليمار ۽ لالوکيت جي قديمي ڳوٺن، صفوران، سونگل، موکي، ملير، گڏاپ ۽ ٻين سنڌي وسندين ۾ ڪهڙا مسئلا ۽ ڏکايون آهن!

جڏهن کيس ماڙيپور جي سنڌي عورتن سندس جلسي ۾ شريڪ ٿي روئي پاڻي نه ملڻ جون دانهون ڏيندي ٻڌايو هو ته، ”اسين ميلن جا ميل پنڌ ڪري پاڻي آڻينديون آهيون جنهن دوران ڪيترين جا حمل به ضايع ٿي ويا آهن. اهو ٻڌي پاڻ تڙپي پيو ۽ نهايت جذباتي ٿي روئي ڏنائين. ساڻن واعدو ڪيائين ته، پاڻي اوهان کي ضرور پهچائيندس!

هرهڪ علائقي ۾ ترقياقي ڪم ڪرائڻ يا پاڻي پهچائڻ، هڪ ماڻهوءَ جي ذاتي اختيار ۽ وس کان ٻاهر هوندو آهي. تنهن هوندي به قادر بخش بڪڪ هر ممڪن هڙان ۽ وڙان ڪوششون ڪيون ۽ ماڙيپور ۾ لاڳاپيل عورتن جي دانهن جو تدارڪ ڪيو. اتي پاڻيءَ جون لائنون پهچائي ڏنيون ۽ ٻين به ڏکين سنڌي وسندين لاءِ ڪي.ايم.سي ۾ ويٺل پوش علائقن (ڊفينس ۽ ڪلفٽن وغيره) جي ڪائونسلرن کان سندن حصي جا پيسا ائين ورتا ته، ”اوهان وٽ ڪهڙا مسئلا آهن؟ اوهان جا پيسا ته ڦٽ پاٿن کي آئل ڪلر ڪرڻ ۽ اهڙن ئي ڪمن ۾ ڪم ايندا، منهنجا ماڻهو اڃيا ۽ ڏکيا آهن.“ ائين هن نه رڳو پنهنجي ڳوٺ جا پرسڀني سنڌي وسندين جا ڏک هلڪا ڪيا. جتي جا ماڻهو اڄ به کيس هٿ مٿي کڻي دعائون ڪن ٿا ته، ”اسان کي توهان پاڻي ۽ سک ڏنا الله ڪندو ته هُتي خوش ۽ سکي هوندين ۽ بهشت جا جام پيو پيئندين.“ (آمين)

”اِني لا اُحُب الا فلين“ يعني، جٽاءُ نه ڪندڙ شين سان منهنجي پريت ڪانهي.

قادر بخش بڪڪ جو سڄو پورهيو جٽاء دار آهي، ۽ ايترن سالن پڄاڻان به ماڻهن انهن سکن مان فيضياب ٿي رهيا آهن. حضرت دائود عليه السلام فرمايو آهي ته، ”جيڪي ماڻهو زندگيءَ کي هڪ مقدس فرض سمجهي گذارين ٿا اهي ڪڏهن به ناڪام نه ٿا ٿين.“

سندس ورسيءَ جي مناسبت سان لکيل هي مختصر ۽ ننڍڙو ليک رڳو سندس ياد جو ورجاءُ آهي.

لَائي جَو وِيا، سَو مَنجهين ٿَو مَچُ ٻَري

سَو اُجهامي ڪِئان، جنهن جو سَوريندلُ سُپرِين.

(شاهه رح)

(قادر بخش بڪڪ، 02 فيبروري 1988ع تي وفات ڪئي).

 

ڏاهو، بهادر ۽ ويڄ ڪردار

عمر خان بڪڪ (ڀوراڻي)

 

سگهاري رُهيل بڪڪ جو پوٽو عمر بڪڪ، جيڪو سوسالن کان مٿي ڄمار ماڻي گذاري ويو. جنهن کي سڄي زندگي ڪنهن بيمار نه ڏٺو، سدائين چاڪ وچوبند، لانچيو پلاڻيو سفر لاءِ اسهيل هوندو هو.

 حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ به سندس نظر تيز، ڏند مضبوط، ٻڌڻ ۽ سونگهڻ مطلب ته سڀ حسون زنده، حساس ۽  ڪم ڪندڙ رهيون.

هو عقل جو اڪابر، ڏاهو ۽ ڄاڻو هو. جبل جو ڪو به هنر هن کان ڳجهو ۽ لڪل نه هو. جبل جي خزانن کان واقف بلڪ جبل جي ڪک پن، وڻ وَٽَ (پٿر) جي فائدن، نقصانن، ڳڻن ۽ اَوَڳڻن کي سمجهندڙ ۽ انهن کان بخوبي باخبر هو. ائين کڻي چئجي ته ماڻهوءَ ۽ مال جو ويڄ هو.

جبل ۾ وَسَ (مينهن جي مند) ۾ وسندڙ خدائي خزانن جهڙي ’ڏٿ‘ کي واپرائڻ ۽ سنڀالڻ جو کيس ڏانءُ هو.

ڇپر ۾ ٿيندڙ گلن ڦلن، پنن ٻُورن، ولين پاڙن، ڇوڏن ۽ ڇلين جي اهميت ڄاڻندو هو، ۽ انهن مان فائدا وٺندو ۽ ونڊيندو هو.

پاڻ جسم ۾ نه ٿلهو نه سنهو، بيحد مضبوط ۽ ڪسرتي بدن قد جو گهڻو نه ڊگهو نه بندرو، ڪڻڪائي رنگ واري وڻندڙ شڪل جي عمر خان بڪڪ جي، تندرستي ۽ جسماني بناوٽ ۾ ڪوبه راز نه هو.

زندگيءَ جو وڏو، بلڪه تمام وقت هن هل هلان ۽ پيرين پنڌ ڪندي گذاريو. وهڻ ڄڻ ته سندس مذهب ۾ گناهه هو. کاڌو به گهٽ کائيندو هو، باقي جي مقابلو ٿئي، جيئن اڪثر جبل ۾ نوجوان مرد گهڻو کائڻ جو مقابلو ڪندا آهن ته، ڏسون ته ڪير ٿو گهڻو گوشت، گهڻو گهه ۽ گهڻي ماکي کائي سگهي؟ اهڙن مقابلن ۾ هو هڪ ئي وقت ۾ سڄاپڪل ڇيلا، گهه ۽ ماکيءَ جا ڪٽورا پي مقابلا کٽي ويندو هو.

ڄمار جي پڇاڙيءَ واري وقت ۾ کاڌو بلڪل گهٽائي ڇڏيو هئائين. اسان وٽ ايندو هو (امان ۽ بابا جو سڱ ۾ چاچو هو ۽ اسين کيس ڏاڏو چوندا هئاسين). اسين ڏاڍا خوش ٿيندا هئاسين ۽ سڀ کان پهرين کيس کاڌي پاڻيءَ لاءِ چوندا هئاسين ته، چوندو هو، ”ماني ٿوري ڪي گهڻي گهران کائي آيو آهيان. هلاڪي (تڪليف) نه ڪجو.“

آئون ڏک مان چونديس ته، ”ڏاڏا، سدائين ائين ڇو ٿا چئو؟“ ته مشڪي چوندو هو، ”ابا، پراڻي کَلَ آهي ڦاٽي پوندي ته موچي به سبي نه سگهندا.“ اسين سڀ ئي کلي پونداسين ته خوش ٿي چوندو، ”ها، کلندا رهو، آئون به اوهان وٽ وندر لاءِ ايندو آهيان. کاڌي جو بکيو ڪوبه ڪونهي، فقير کي به عزت سان نه ڏبو ته انهيءَ لاءِ به ٻيا در گهڻا آهن.“ پوءِ جو اچي ڏاهپ جي پالوٽ ڪندو هو ته اصل واهڙ وهائي ڇڏيندو هو. اسان کي وندرائي مالا مال ڪري ڇڏيندو هو.

واقعا، قصا سڀ منظوم ٻڌائيندو. آئون لکڻ چاهينديس ته لکي نه سگهنديس. ٽيپ ريڪاڊر آڻينديس ته چوندو، ”ڇڏيو بابا، ائين ڳالهين مان رس چس ۽ مزو نڪري ويندو، سڄو ڌيان ايڏانهن هوندو، ۽ ڳالهيون الائي ڪٿي هونديون؟“

هاڻي ڏک ٿيندو اٿم ته جي ٽيپ ريڪارڊر لڪائي رکان ها ته الائي ڪيترا خزانا محفوظ ٿي وڃن ها!

تڏهن آئون به ننڍي هيس ۽ عقل به عمر سارو (ڄمار جيترو) هو. هو مومل راڻي جو قصو ٻڌائيندو هو ته جبل جي ڪيئي گمنام شاعرن ۽ سگهڙن جي سوين بيتن سان قصي جي پڄاڻي ڪندو هو. سندس ياد داشت حيرت جهڙي تيز هئي.

عمر خان بڪڪ سڄي زندگي چانهه نه پيتي ۽ هٿرادو بنايل شربت، ڪوڪ، بيڪريءَ جون چيزون نه کاڌيون. مٺائي وغيره لاءِ به چوندو هو ته، ”جتي بنجن ٿيون اتي جي وڃي ڏسو ته ان ۾ ڇا ڇا ٿا وجهن؟“ وري پاڻ ئي چوندو ته، ”هر شئي ڪوڙي، گهه ڪوڙو، کنڊ ڪوڙي، اٽو ڪوڙو....“

پاڻ مٺي ۾ رڳو کجور ۽ ماکيءَ کي پسند ڪندو هو. نه ته گهڻو ڪڙين شين سان رغبت هوندي هيس.

نم جا ڪچا پن ڇني انهن کي گهوٽي پاڻي وجهي، ڪپڙي مان ڇاڻي ٽامي جي ڪٽوري ۾ وجهي پي ويندو هو. پنن، ولين وغيره کي گهوٽڻ لاءِ هو هميشه پٿر جو اکرو استعمال ڪندو هو.

ڪڏهن هو ننڍي سائيز جا اڇي رنگ جا بصر کڻي، انهن جو کلون لاهي وچ وارو حصو ڪڍي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، اوٻاري، ٺاري، ڇاڻي پي ويندو هو.

ٻي وڏي حيرت جي ڳالهه اها جو ايريال/ پٽ ڪنوار/ رس ول جيڪا سندس ڪراچيءَ واري گهر ۾ پوکيل هئي (اڄ به آهي). ان مان هڪڙو ٽڪرو وڍي ان جي وچ ۾ چاقوءَ سان چيرو ڏئي، ذرو لوڻ جو وجهي مٿي گهرجي ڇت تي رکي ڇڏيندو هو. سڄي رات ماڪ پوندي هيس. صبح جو اٿي نيراني پيٽ اهو ايريال جو ٽڪر کڻي ڇلي، کل لاهي رکو ئي رکو کائي ويندوهو.

ايريال ايڏي ته ڪڙي هوندي آهي جو ان کي جڏهن چاقوءَ جو هلڪو چيرو به ڏبو آهي ته، ان مان اهڙي تيز ۽ ڪڙي بانس نڪرندي آهي جو ماڻهوءَ جو مٿو ئي ڦري ويندو آهي.

عمر خان بڪڪ جو هڪ مائٽ ڪراچيءَ ۾ بيمار هو. کيس شگر/ مٺن پيشابن جي بيماري هئي تنهن کي هو پڇڻ ويو، ان جي ڪمزوري ۽ حال ڏسي کيس پار ڏنائين ته، ’روز صبح جو نيراني پيٽ ايريال جو ذرو کائي ڇڏي ته ٺيڪ ٿي ويندو‘هن ماڻهوءَ کان ڪڙي زهر ايريال جڏهن کاڌي نه ٿي ته کيس پاڻ ئي ايريال جو انچ جيترو ذرو ڇلي، جيڪو بلڪل سائي رنگ جي جيليءَ جهڙو شفاف ۽ ٿرڪندڙ هو اهو چمچي تي رکي ڏيندي چيائين ته، ”هي گوريءَ وانگر وات ۾ وجهي هڪدم پاڻيءَ سان ڳڙڪائي ڇڏ.“ بيمار ماڻهوءَ ائين ئي ڪيو ۽ روز هڪ انچ جيترو ايريال جو ٽڪرو هو پاڻيءَ سان ڳوري ڇڏيندو هو.

قدرت خدا جي اهو شگر جو مريض بلڪل صحتياب ٿي ويو ۽ عام نارمل زندگي گذارڻ لڳو.

پاڻ هميشه سچو/ اصلي گهه ۽ گهر ۾ پيٺل ڪڻڪ يا چانورن جي ماني ۽ گهر ۾ ڇڙهيل چانورن جو ڀت کائيندو هو.

ٻڪر جي گوشت سان رغبت هيس. هونئن به جبل وارن جي مرغوب غدا گوشت ئي هوندي آهي. سڄي زندگي ڪوبه نشو نه ڪيائين. بلڪه ڪڏهن چانهه به نه پيتائين. ڪڏهن جي شربت جي طلب ٿيندي هيس ته ماکيءَ ۾ پاڻي ملائي پيئندو هو، يا آمري جو شربت جيڪو گهر ۾ ئي ٺهندو هو اهو پيئندو هو يا وري لسي. ٿانوَ هميشه ٽامي يا ڪنجهي جا استعمال ڪندو هو، جيڪي سدائين قلعي ٿيل، مَليل ۽ چمڪندڙ هوندا هئا. ٺڪر جي ڪُني ۾ ڄميل دهي ۽ ٺڪر جي پاٽ ۾ ماني ۽ ڀت شوق سان کائيندو هو. ڪوپر يا المونيم جي ٿانون لاءِ چوندو هو ته ، ” انهن ۾ کاڌو زهر ٿي ويندو آهي.“ آئون ساڻس چاڳ ڪندي کلي چوندي هيس ته، ”ڏاڏا، اسين ته روز اهو زهر کائڻ جي باوجود جيئرا آهيون!“ مشڪي چوندو هو ته، ”بابا، اوهان کي ته ڄاپندي ئي اهو پزو (ڄاپڻ  مهل ٻار جي پهرين خوراڪ) پيو آهي اوهين زهر کي پَيٽاري (زهر پروف) ويا آهيو!“

پاڻ پاڻي پيئڻ مهل گلاس کان وڌيڪ ٽامي جي ڪٽوري کي ترجيح ڏيندو هو.

گوشت کائڻ جو شوقين هو. ٻڪر کي پاڻ ئي ڪهي ٺاهي ٽانڊن تي  پچائي (سَجي ڪري) کائيندو هو. گوشت وڍڻ جو ايڏو ماهر هو جو چوندو هو ته، ’گوشت وڍڻ مهل ڪات جي ڪابه ضرورت ڪانهي. ڪات هڏين جا ذرا ڪري وجهندو آهي. گوشت وڍڻ لاءِ تکي ڇريءَ جي ضرورت هوندي آهي. کيس گوشت جي هر حصي جي سواد جي خبر هوندي هئي.‘چوندو هو ته، ’گوشت سَنڌن کان ڌار ڪبو ته اهي سورهن ٽڪر ٿي پوندا. يعني کوڊي (ٻڪر يا رڍ) کي سَنڌن کان ڇريءَ سان الڳ ڪبو ته اهي سورنهن ۽ جي سورهن حصن کي وچ مان هڪ هڪ ڇريءَ جو ڌڪ هڻبو ته اهي ٻٽيهه ٽڪر ٿيندا. پاڻ چوندو هو ته، ’کوڊي سورهن سڄا ۽ ٻٽيهه اڌ ٿيندي آهي، ان کان وڌيڪ ٽڪر ڪبا ته اهو ڀور ڀور ۽ بي مزو ٿي ويندو.‘

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org