سندس ڀينرون وٽس ئي رهيل هيون تن کي چيائين ته،
”اوهين پنهنجن گهرن تڙن، ٻارن ۽ ورن واريون آهيون،
وڃي گهر سنڀاليو. آئون مران ڪانه ٿي جو پنهنجن
گهرن ڏانهن نهاريو به نٿيون.“ هو روئڻ لڳيون ته
کين يقين سان چيائين ته، ”هير (هينئر) اوهان وڃو،
مون تي ويساهه ڪريو جڏهن به مرنديس اوهان کي اڳواٽ
ٻڌائي ڇڏينديس“ (ائين ڪير ٿو چوي پنهنجي مرڻ
لاءِ!!) .
سمل ۽ آسودي روئنديون هلي ويون باقي ڪمل وٽس ئي
رهي پئي هئي. ڇو جو سندس گهر ويجهو هو. ان کي به
چيائين ته، ”ادي، تون به ڀلي ڪاٺيءَ پاڻيءَ لاءِ
وڃ.“ ڪمل روز صبح جو پنهنجي گهر ويندي هئي ۽ رات
جو موٽي اچي وٽس ئي سمهندي هئي.
هڪ صبح جو جيئن ئي ڪمل پنهنجي گهر وڃڻ لاءِ سنڀري
ته کيس سڏي چيائين، ”ادي، اڄ نه وڃ!“ ڪمل ويچاري
اڳ ئي ڊڄڻي هئي اها روئڻ لڳي. کيس پنهنجي ويجهو
اچڻ لاءِ چيائين. هوءَ ويجهي آئي ته کيس چيائين،
”ادي، پاڻ کي سنڀال، منهنجا ٻچا به اوهان سڀني کي
پرتا آهن. چاچيءَ (سس) کي ۽ منهنجي سؤٽن (ڏيرن) کي
به سنڀالجو. امان، ادا ۽ ادين کي به گهراءِ. سناسي
خان ته ڪونه موٽيو. جي موٽيو ته منهنجا سلام ياد
ڪري، ساري ڏجوس...“ هوءَ ڄڻ خود ڪلامي ڪري رهي
هئي.
سندس کٽ جي چؤڦير سندس ماءُ، ڀاءُ، ڀينرون، سس ڏير
۽ ٻار بيٺل هئا. سندس اکين جي روشن ماڻڪين ۾ سناسي
خان جو گلاب جهڙو مهڪيل چهرو تري رهيو هو. هن ماٺ
۽ خاموش پنهنجون خوبصورت اکيون کڻي، جن ۾ لڙڪ جرڪي
رهيا هئا. پنهنجن ٻنهي ٻارن ۾ آس ۽ پياس مان
نهاريو. پنهنجي مٿي جي هيٺيان رکيل وهاڻو پاڻ
پنهنجن هٿن سان هٽائي زور سان ڪلمو پاڪ پڙهيو،
’لا اِلهٰ اِلاَّ اللهُ مُحَمَّد رَّسُولُ الله .‘
۽ پنهنجا هٿ پير ڊگها سڌا ڪري اکيون ٻوٽي ڇڏيائين.
سڀ ئي مائٽ عزيز اهو معجزو اکيون ڦاڙي اچرج مان
ڏسي رهيا هئا. جيڪو ويساهه کان ٻاهر هو. اِنالِله
واِنا اِليه راجعون. ان وقت صاحب ڏني جي عمر
28 سال هئي. اهو جوان موت ۽ اهي غير معمولي
ڳالهيون وسرڻ جهڙيون ناهن. جڏهن ساڳئي مهيني ۾
ممبئيءَ کان 32 سالن جي سناسي خان بڪڪ جي شهادت
جي خبر آئي ته، قيامت جهڙي روڄ راڙي ۾ به لطيف رح
جي هي سٽ سڀني کي چٽي ياد آئي، ”اسان ۽ پرين، شال
هون برابر ڏينهنڙا.“ سندس سچي دعا جي قبوليت تي
هرڪو حيران هو جيڪي ٻئي هڪ ٻئي کي چوندا هئا ته،
”شال آئون تنهنجي وڃڻ جو نه ٻڌان.“
هڪ وضع
دار ڪردار
وڏيرو ملهه خان پالاري (ڪَلاڻي)
ڪوهستان جي مردم خيز خطي جي هڪ نهايت مڻيادار
شخصيت وڏيري ملهه خان پالاريءَ جي آهي جنهن جي
تعريف ۽ساراهه کان سواءِ ڄڻ ته ڪوهستان جي تاريخ
اڌوري ۽ اڻ پوري آهي.
هن قابل احترام شخص کي قدرت وڏيون خوبيون عطا ڪيون
آهن، ۽ وڌين وصفن سان نوازيو آهي جن ۾ سرفهرست
سندس ماڻهپي جي شناس آهي جيڪا گهٽ ڳالهه ناهي.
مردم شناس ماڻهوءَ وٽ خود پنهنجي شناس به هوندي
آهي. جنهن وٽ پنهنجي ذات جي سڃاڻپ هجي اهو ئي
بهترين ۽ لاجواب ماڻهو هوندو آهي.
مردم شناسي ۽ ماڻهپي جي سڃاڻپ کيس لوڙايو به آهي.
پر هن مانجهي مرد ڪڏهن به ان ناياب وصف مان هٿ نه
ڇڏايو. بلڪه پاڻ ان ۾ پڪو ٿيندو ڪندن بنجي ويو.
ماڻهپي ۾ ويساهه به وڏو اٿس. هن چونڊي چونڊي اهڙا
ماڻهپي مان پُرُ ماڻهو هٿ ڪيا جيڪي هئا به هيرا ۽
موتي.
سائين جي.ايم.سيد سان سندس محبت ۽ عقيدت جو اهو
مثال آهي ته، سائين جي ايم سيد وٽس مهمان ٿي
سَريءَ ۾ آيو ۽ وڏيري ملهه خان پالاريءَ ڄڻ ته
سائينءَ کي پنهنجي دل جي خانن ۽ اکين جي ماڻڪين ۾
پوري مقيد ڪري محفوظ ڪري ڇڏيو.
اڄ به جتي وٽس سائين جي.ايم.سيد رهيو هو اهي هنڌ،
بسترا، ٿانوَ ٿپا، کٽون پلنگ ۽ اهو ڪمرو سائينءَ
جي خوشبوئن سان مهڪي رهيو آهي. اهڙو ئي ڳڻائتو آهي
هي مرد مٿير اسان جو پيارو ملهه خان پالاري صاحب.
دوستي نباهڻ ۽ ساٿ ڏيڻ ڪو هن کان سکي. موٽ ۾ ڀلي
ڪيڏو به نقصان ۽ ڇيهو رسي. پر ساٿ نڀائڻ واري
پنهنجي رسم کي مڙس ٿي منهن ڏيڻ، ۽ سرخ رو ٿيڻ ڄڻ
ته سندس ئي حصي جون وصفون آهن.
ڪيئي دور آيا ويا، ڪيترن ئي جابر ۽ ظالم آمرن
اليرون ۽ اڳرايون ڪيون. پر جبل جي هن جبل جهڙي
شخصيت کي مڃائڻ وارو نڪو آيو نڪو ڄايو.
هتي ته سائي ڍائي ملڪ ۾ به جهموريت جي ڪا خاص ريت
نه رهي آهي. جڏهن ته ڪوهستان جهڙي اوکي ۽ ڏکئي ملڪ
۾ اهڙي ڪنهن ڳالهه جو تصور به اڻ ڏٺو خواب آهي.
ائين ناهي ته ڪو ڪوهستان ۾ انصاف ۽ قانون اڻ لڀ
آهي.
ڪوهستاني وڏيرا ڏاڍا امن پسند ۽ انصاف ڏيندڙ آهن.
’فضل‘ ڪرڻ واري ڳالهه ٻي آهي. باقي ’عدل‘ ڪرڻ سان
ڏوهي ڪڏهن به سزا کان نه ٿو بچي سگهي. جڏهن ته
ڳالهه آهي جهموريت جي جيڪا ان ملڪ ۾ اڻ لڀ آهي،
جنهن ملڪ سان اسان جو ڪوهستان واڙيل آهي. تنهن
هوندي به جبل جي ماڻهن ۾ بڇڙي سڇڙي ۾ فرق آهي.
اڀري سڀري جي مٿي تي ٻاجهه ڀريو هٿ رکن ته ظالم
سان مهاڏو به اٽڪائين.
ملڪ ۾ فوجي آمر ايوب خان جي حڪومت هئي جنهن ظلم
ڪري، ماڻهو پيڙهي، ملڪ جو خزانو خالي ڪري پڇاڙيءَ
۾ پاڻ کي چونڊيل حاڪم سڏائڻ جي شوق ۾ اليڪشن ڪرائڻ
جو ارادو ڪيائين.
ظالم آمر اڳيان هرڪو ٻڌو ٻانهو ٿي بيٺو. ڪنهن به
پاڻ ۾ ست نه ساريو ته سنڌ ڄائي، جناح صاحب جي جهڙس
ئي سچي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح ميدان ۾ نڪري نروار
ٿي. پوءِ ته ظالم آمر ظلم جون باهيون ٻاري ڇڏيون.
جنهن به امڙ سانئڻ جي حمايت ڪئي ٿي ان تي ظالم جو
ظلم ڪڙڪي پيوٿي.
اهڙي ماحول ۾ به ڪوهستان جا جوڌا ظالم سان مقابلو
ڪرڻ لاءِ اٿي سنوان ٿيا. سيٺ علي محمد بڪڪ، سيٺ
غلام محمد بڪڪ ۽ سندن بڪڪ برادري جا ٻيا به ڪيئي
مرد مٿير، تڏهن بغاوتن جي ڪيسن ۾ ڦاسي گهاٽن ۽
سولين جا منتظر هئا، ته ڪي وري محترمه جي حمايت ۾
اٿي کڙا ٿيا هئا. انهن ۾ قادر بخش بڪڪ، سليمان بڪڪ
۽ وڏيري ملهه خان پالاريءَ جهڙا مرد مجاهد به شامل
هئا. هڙان وڙان محترمه فاطمه جناح جي اليڪشن ۾
مددگار ٿي بيٺا. حالتن جو مقابلو بيڊپا ٿي ڪيائون.
ظالم آمرن جا ته ڪم ئي ڪڌا ۽ اونڌا هوندا آهن.
جنرل ايوب خان حڪم ڪيو ته ڪوهستان مان ٻڪريون ڪڍيو
وڃن. ڇو جو ٻڪريون وڻ ۽ قيمتي ٻوٽيون کائي وڃن
ٿيون.
ڪوهستانين جو ته ڌن دولت بلڪ ساهه پساهه ئي ٻڪريون
آهن. اهي اٻالا ۽ اپاتا ڪيڏانهن وڃن؟ ڪامورا حڪم
جا بندا ڀاڳين جي پويان پئجي ويا.
وڏيرو ملهه خان پالاري اها ڳالهه کڻي پير غلام
رسول شاهه جيلانيءَ وٽ ويو ۽ صلاح مشورو ڪري پير
صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ وفد وٺي وڃي ذوالفقار علي ڀٽي
(شهيد) سان لاهور ۾ مليا. ڀٽي صاحب (شهيد) جي
مشوري سان پير غلام رسول شاهه جيلاني صاحب جي
اڳواڻيءَ ۾، عبدالستار پيرزادي (مرحوم) کي وڪيل
ڪري هاءِ ڪورٽ مان فوجي حڪم خلاف اسٽي آرڊر
ورتائين.
وڏيرو ملهه خان پالاري پنهنجي ڄمار بابت ٻڌائي ٿو
ته، اسان وٽ ٻهراڙين ۾ ته ڄم جي تاريخ لکيل نه
هوندي هئي. ڇو ته ايترو علم عام ڪونه ٿيو هو.
انهيءَ ڪري ڪن اهم واقعن سان مشابهت جوڙي عمر جو
اندازو ڪيو ويندو آهي. ائين ڪندي آئون به ٻڌائي
سگهان ٿو ته پهرين مهاڀاري لڙائي جيڪا 1914ع کان
1918ع تائين هلي اها مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي
انهيءَ وقت جيڪي تنگ حالتون هيون، کاڌي پيتي ۽ عام
استعمال جي شين جي اڻاٺ ۽ خوف و حراس مون کي بلڪل
ياد آهن. ٻيو واقعو ته هاڻي لکڻ پڙهڻ مان معلوم
ٿيو آهي ته، ملڪ صوبدار خان 1921ع ۾ وفات ڪئي، مون
کي اها ڳالهه بلڪل ياد آهي چڱيءَ طرح سان. آئون
پنهنجي مينهن سان جوءِ ۾ هئس ته ڊَڍُ وڳو ۽ خبر
پئي ته ملڪ صوبدار خان گذاري ويو آهي. انهيءَ وقت
اٽڪل 17- 18 سالن جو هوندس. انهيءَ مان اندازو ٿئي
ٿو ته ويهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي جي پهرين سالن
۾ ڄائو هوندس.“
ماشاء الله ماشاء الله يعني هن وقت سندس ڄمار
تقريباً هڪ سو 6-7 سال هوندي. پنهنجي اها ڊگهي
ڄمار هُن رائگان يا اجائي نه گذاري آهي. ان ڊگهي
ڄمار ۾ سندس ڪيئي ڪارناما، انصاف ڀريا فيصلا،
ملهائيتون ڪچهريون، دوستن سان اوڄون (مددون)،
مڙسيون، ظالمن ۽ جابرن سان مقابلا، شوق، ذوق ۽
محبتون درج آهن.
پنهنجي شوق/ ذوق بابت چوي ٿو ته، ”منهنجو ننڍپڻ
کان ئي ٻهراڙيءَ جي حساب سان اٺن ۽ گهوڙن جي
سواريءَ جو شوق رهيو، جيڪو ان وقت ضرورت به هئي.
سٺو گهوڙو عزت جي به نشاني سمجهي ويندي هئي.
شادين، غمين، ميلن ملاکڙن ۾ اٺن ۽ گهوڙن جا مقابلا
ٿيندا هئا ۽ کٽ- هار به ٿيندي هئي. مون کي سٺن
وهٽن ڌارڻ، سواري ڪرڻ ۽ گهمائڻ جو خفت هوندو هو ۽
اڄ به آهي.
”آئون پاڻ به وهٽن جو سٺو هسوار آهيان. سنڌ جي ٿر
۽ ڪاڇي گر ۾ سٺن وهٽن جا هسوار منهنجا دوست رهيا
آهن. ٿر ۾ اٺن جا هسوار فقير لطف علي، حڪيم
جوڻيجو، نظام نهڙيو، سروپو ٺڪر ۽ ٻيا به ڪيترائي
دوست هئا جيڪي اڄ هن فاني دنيا ۾ ناهن رهيا.
”آئون ڀلا اٺ گهوڙا ڪاهي سنڌ جي ميلن جهڙوڪ، غلام
شاهه، ساجن سوائي، اڏيرو لعل، مهرشاهه، پير پٺو ۽
لس ۾ پير حسڻ ۽ ٻيا به حب لس جا ميلا لڳندا هئا
اتي ويندو هئس.“
اهو وري آئون ٻڌائيندي هلان ته، سائين ملهه خان
پالاري اٺ ۽ گهوڙي سواري سؤ سالن جي ڄمار کان مٿي
عمر تائين ڪندو رهيو آهي. مون کي سندس لائق ۽ وضع
دار پٽ در محمد پالاري صاحب ٻڌايو ته، ”هاڻي مس ڪي
ٻه سال ٿيا آهن جو اٺ ۽ گهوڙي جي سواري نه ڪندو
آهي.“
محترم ملهه خان پالاري شخصي طرح سان نهايت مهربان،
ٻاجهارو ۽ سنڌي روايت پسنديءَ جو عظيم مثال آهي.
’آئي کي آءُ ۽ ويندي کي ويهه‘ چوڻ واري عظيم ريت
جي پاسداري جو ثبوت، سندس وڏيون اوطاقون ۽ گهر جا
بيحد وڏا بورچي خانه آهن.
مهمان مڙهي جي ماني ۽ رهڻ جو انتظام وقت ۽ موسم جي
پرواهه بنا چوويهه ڪلاڪ جاري آهي. جنهن ۾ ساڻس گڏ
سندس سڄي آڪهه به خوشيءَ سان شامل آهي. اها سندس
ئي شاندار تربيت آهي جو سندس اولاد ساڻس گڏ آهي ۽
ڀرپور طريقي سان ڪلهي شريڪ آهي.
مهمانوازي ۽ اوطاقن جي باري ۾ پاڻ چوي ٿو ته،
”آڳاٽي زماني ۾ اوطاقون مردن جون نشانيون هونديون
هيون، جنهن کي اوطاق نه هوندي ته هو مڙس ماڻهو
ڪونه ليکبو هو. اوطاقن ۾ رونقون، ڪچهريون، مچ تي
مارڪا، مڙس ماڻهن، مردانن (تڪڙا، متحرڪ، مظبوط،
همٿ وارو) جون نشانيون هونديون هيون. مون کي به
حال سارو اوطاقن ۽ مهمانن جو شوق رهيو.
”سدائين سياري ۾ مچ مارڪو ۽ يارن دوستن جي آمد سان
عيدون ٿي وينديون هيون. اڄ ته سڀڪو پنهنجي بدن کان
بيزار آهي. مهمان ڏٺائين ته تپ چڙهي ويندس“
وڏيرو ملهه پالاري ڪوهستان جو ’نڪ‘ مڙس آهي، جنهن
وٽ ڪوهستان جي هر هڪ سُرهي ۽ سُهڻي ريت ۽ رسم
پنهنجي شان ۽ مان سان دنگ ڪري ٿي. پوءِ اها مڙسي
هجي، مهمانوازي هجي، اوڄ يا مدد ڏيڻ هجي، انصاف
ڏيڻ هجي يا ڪچهري. هو هرهڪ ڳالهه ۾ پورو ۽ ڀَڙُ
آهي.
ريڊيو حيدرآباد جي پروگرام، ’ڪچهري‘ جنهن ۾ سيد
صالح محمد شاهه جو امر ڪردار ”فتح خان“ جنميو هو.
ان پروگرام ۾ سڀ کان پهرين وڏيري ملهه خان پالاري
جي شان ۾ موري جي مهان ڪلاڪار طالب پالاريءَ مورو
ڏنو هو، ’ملهه وڏيري تان مورو چوان.‘ جيڪو ڪوهستان
جي جبلن ۽ پَٽن ۾ پڙا ڏاڪري ٻُري ويو هو ۽ ملهه
خان پالاري انهي عزت ۽ خراج جو لائق به هو. هو
مڪمل طريقي سان ان جو حقدار به هو.
وڏيرو ملهه خان پالاري ڪوهستان جي اها وضعدار
شخصيت آهي، جنهن کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو.
سندس لباس، سندس گفتگو، سندس هلت چلت ۽ هاٺي ڪاٺي
سڀ ڪجهه معتبر ۽ وضعدار آهن. ان جو هو پاڻ خيال به
رکي ٿو ۽ چوي ٿو ته، ”اڳي مردن جي پوشاڪ به مرداڻي
هوندي هئي، وڏيون سٿڻيون، اجرڪ، پٽڪا، لُنگيون،
مون اهي سڀ پوشاڪون پهريون. اڳي خوشبوءَ ۾ عطر جو
استعمال به عام هوندو هو، ڪن ۾ عطر جو ٻُڙَو هڻبو
هو، جتيون چانديءَ واريون ۽ هٿ ۾ لڪڻ به چاندي
وارو هوندو هو. منهنجو اهڙو چانديءَ چمڙي سان لڪڻ
سائين غلام مصطفيٰ شاهه (مرحوم) سابق وزير تعليم
کڻي ويو، جيڪو پڻ لڪڻن ۽ بانٺن کي گڏ ڪرڻ جو تمام
وڏو شوقين هو.“
راڄ ڀاڳ جا معاملا هجن يا ڀائر برادريءَ جا مسئلا،
سائين ملهه خان پالاري سدائين جتي ڪٿي سچ جو
ساٿاري رهيو آهي. موٽ ۾ ڀلي کيس ڪيڏو به وڏو ذاتي
نقصان ٿئي پر پاڻ هميشه هر هنڌ ’سَرِ جواب‘ رهيو.
جنهن لاءِ پاڻ چوي ٿو ته، ”اڳي راڄ وندي هئي سڀ
معاملا راڄ ۾ گڏجي نبيربا هئا. خوشامند ۽ ووٽ جي
لالچ ڪانه هئي. هاڻي ته ووٽ گهرجن، انصاف جي ضرورت
ڪانهي. اڳي ماڻهو دڙڪي داٻ تي جهڪندا ڪونه هئا،
عزت ڏئي پنهنجا ڪبا هئا. هاڻي سڄو ڪم صوبيدار
حوالي آهي“ (ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا).
پنهنجي علائقي جي حاڪميت بابت چوي ٿو ته،” اسان وٽ
ٻه سرداريون آهن. هڪ حمل خان جي سرداري جنهن جو
مرڪز ٿاڻو احمد خان آهي. ٻي سرداري ٻاپڙي جي، جنهن
جو مرڪز ٿاڻو بولا خان آهي. حمل ۽ ٻاپڙو ٻئي ڀائر
هئا. ڪوهستان جو اتريون حصو حمل جو هو جن جا اڳواڻ
ملڪ صوبدار خان وارا هئا ۽ ڏکڻ ڪوهستان ۾ ويندي
درياهه تائين ٻاپڙي جي سرداري هئي، جن جو اڳواڻ
ملڪ بولا خان رهيو. جڏهن ملڪ بولاخان 1939ع ۾ بنا
اولاد جي وفات ڪئي ته، ملڪ صوبدار خان جي ڀاءُ ملڪ
شير دل خان، جيڪو خيرپورميرس ۾ ڊپٽي سپرنٽنڊيٽ
پوليس هو، انهيءَ ڪوشش ڪئي ته جيئن ته حمل ۽ ٻاپڙو
ٻئي ڀائر هئا. جيڪڏهن هڪ ڀاءُ بنا اولاد جي گذاري
ويو آهي ته انهيءَ جي سرداري ٻئي ڀاءُ جو حق آهي
ان ڪري هن پنهنجي وڏي فرزند ملڪ نصيرخان کي پڳ
ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو انهيءَ وقت علي ڳڙهه ۾ زير
تعليم هو، تنهن کي دستاربنديءَ لاءِ گهرايو ويو.
راڄن سان صلاح مشورا شروع ڪيا ويا. ان وقت حماتن
پاران حاجي اسماعيل حماتي، جاکرن جي پاران عبدي
خان جاکرو وڏيءَ عمر وارا هئا. پالارين ۾ حاجي
الهڏنو منهنجو چاچو جيڪو پيرسن ۽ ضعيف هو جيڪو
پوءِ هڪيو ئي گذاري ويا. انهن انهيءَ ڳالهه ۾
راضپو ڪونه ڏيکاريو. منهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم متاري
خان ۽ مون انهيءَ ڳالهه تي انڪار ڪيو. اسان جو چوڻ
هو ته، جيڪڏهن ملڪ بولا خان گذاري ويو آهي ته،
سندس عزيزن مان ڪنهن به ٻاپڙاڻيءَ تي پڳ ٻڌي وڃي.“
انهيءَ ڳالهه تي ٿاڻي احمد خان جي ملڪن مخالفت
ڪئي. چيائون ته، ”اسان ائين ٿيڻ ڪونه ڏينداسين.“
اسان وري ملڪ بولا خان جي سڀني راڄن سان صلاح
مشورو ڪري ملڪ بولاخان جي ڏور جي سؤٽ ملڪ جيئند
خان عرف علي بخش خان کي پڳ ٻڌڻ لاءِ تياري ڪئي،
جنهن تي ٿاڻي احمد خان جي ملڪن چيو ته، ’ٿاڻي
بولان خان ۾ اسان اهو اجتماع ڪرڻ نه
ڏينداسين.‘انگريزن جي حڪومت هئي. امن امان لاءِ
هنن ٿاڻي بولاخان ۾ پڳ جي ميڙ لاءِ منع ڪئي. اسان
مجبور ٿي جهمپير ۾ راڄ گهرائي ملڪ علي بخش خان کي
پڳ ٻڌي ڇڏي ۽ اسان حاڪمن جي نظر ۾ اچي وياسون. اهو
زمانو ورهاڱي واري هلچل جو هو. ورهاڱي جا آثار نظر
اچي رهيا هئا. ٿاڻي احمد خان ۾ انهيءَ وقت پڳدار
ملڪ سردار خان هو. هُو جاگيردار هو. انگريزن وٽ
هنن جي اهميت هئي. هنن کي پاور هو ته ڪنهن به
ماڻهوءَ خلاف لکن ته، هن تي ڪيس ڪيو وڃي ته، هو
ٻڌو ويندو. پڳ واري ڪاوڙ تان مون تي ۽ منهنجي ڀاءُ
مرحوم متاري خان تي 110 جو ڪيس ڪرايو ويو. پنهنجا
واسطيدار ماڻهو شاهد ڏنائون. ڪيس ڪرڻ کان پوءِ اها
ڪوشش ٿي ته ملڪ بولا خان جي واسطيدار راڄن جي شهرن
۾ بدامني پيدا ڪئي وڃي ته جيئن هندو برادري هي شهر
ڇڏي وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ ڏڌرن ڪَرچات (علائقو) مان
اچي ڪلي کوهر مان سيٺ ڪوڏڻ مل جي گهر سميت سڄو شهر
ڦريو. مول جي هملاڻي صاحبان اچي سَريءَ شهر مان
ڇَتي مل جي گهر ۾ ڌاڙو هنيو. نتيجي ۾ ڪلي کوهر شهر
جا هندو لڏي هندوستان هليا ويا. سيٺ ڪوڏڻ مل جا پٽ
ٿاڻي بولاخان ۾ اچي رهيا. ڪجهه گهر جهمپير لڏي
ويا. ڪي گهر سريءَ لڏي آيا.
”ٻنهي ڌاڙن جا فرياد داخل ٿيا، ڪيس چالان ٿيا،
جوابدار گرفتار ٿيا. ڪجهه عرصي کان پوءِ راڄوڻي
ڪري جوابدار ڇڏايا ويا.
”اسان ٻنهي ڀائرن تي داخل ڪيس تي اسان تي وارنٽ
نڪتا. ان وقت ايس.پي صاحب هندو هو. انهيءَ مون کي
گهرايو، آئون اتي ويس، مون هن کي ڳالهه ٻڌائي. ۽
سڄي صورتحال ڪلي ۽ سريءَ جو ڌاڙو هن جي اڳيان هو.
هُو مخالف کي سمجهي ويو. مون کي ان وقت جي ڊپٽي
ڪليڪٽر صاحب شايد آغا محمد يعقوب هو، ان وٽ وٺي
ويو. هن کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائين ته، هي ڪيس هنن
تي پڳ واري معاملي ۾ ٿيل آهي. ڊپٽي صاحب اسان جو
ضامن کنيو. ڪيس هليو، فريادي، شاهد سڀ آيا. اسان
جو وڪيل مرحوم عبدالشڪور منشي هو، ڪيس هلائي ڪورٽ
اسان کي باعزت بري ڪري ۽ عزت جي ڪيس جو حق ڏنو.
”اسان عزت جي ڪيس ڪرڻ لاءِ نقل ورتاسون ۽ ڪورٽ ۾
وياسون، پوءِ اسان جا پُڦاٽ مرحوم حاجي محمد علي
حملاڻي ۽ لعل بخش حملاڻي آيا ته هاڻي ڪيس نه ڪريو.
ڳالهه کي اتيئي ختم ڪريو. جنهن کان پوءِ اسان ڪيس
تان هٿ کڻي وياسون.“
”اسان ته پنهنجي پاران ڳالهه ختم ڪري ڇڏي. پر
هميشه حاڪمن جا ناپسنديده رهياسين.“
”ٻاپڙي جي پڳ ملڪ علي بخش خان کان پوءِ سندس فرزند
مرحوم محب علي خان عرف ملڪ صفر خان کي ٻڌائي وئي.
هن وقت ملڪ محب علي جو سالو ملڪ دوست علي خان
انهيءَ پڳ کي هلائي رهيو آهي جو ملڪ محب علي خان
به بنا اولاد جي گذاري ويو.
”اسان کي جڏهن هتي ڪيس ڪري تنگ ڪيو ويو ته مون تي
110 کان سواءِ به ٽيهارو کن ڪيس ڪرايا ويا. ڏاڍو
ڏکيو وقت آيو ته. منهنجي نواب غيبي خان چانڊئي سان
نياز مندي هئي. انهيءَ چيو ته جيڪڏهن توکي نه ٿو
رهڻ ڏنو وڃي ته، پوءِ اچ ته منهنجي جاڳيرن مان
هڪڙي ديهه سڄي توکي ڏيان ٿو. تون ۽ تنهنجا
واسطيدار وٺي اچي هتي رهه. مون چيس ته، ’سائين،
مون کي خبر آهي ته توهان وٽ نهري پاڻي آهي،
آباديون سٺيون آهن پر آئون پنهنجو اباڻو پڊ ڪو نه
ڇڏيندس. ڏک سک سڀ عارضي آهن. الله ڪندو ته ڏک لهي
ويندو.‘
”رب جي فضل سان اڄ هن وڏي عمر ۾ پنهنجن پڊن،
پنهنجن ٻچن ۽ راڄن سان عمر جو آخري حصو خوش گذاري
رهيو آهيان. باقي ڪرڙي اک اڄ به آهي. الله سائين
شر کان بچائيندو آمين.“ |