سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان (خاڪا)

باب:

صفحو:25 

اها ئي ماسي مهران بڪڪ پرڻجي ڪراچيءَ ۾ آئي ته ماهر بورچي ٿي وئي. سٺو کاڌو بنائڻ کان علاوه هوءَ هڪ ماهر ويڄ به هئي. کيس اها ميراث پنهنجي چاچي عمر خان بڪڪ (ڀوراڻي) کان ملي هئي.

جبل ۾ به هوءَ ڪڪڙ، ٻڪر جي اگهائي سگهائي ۽ ڌڪ ڦٽ جو علاج ڪندي هئي. ڪراچيءَ ۾ آئي ته کيس وڏا تجربا ۽ مشاهدا ٿيا.

هونئن به هوءَ گهرجي ٿوري گهڻي اگهائي (بيماري) جو پاڻ ئي علاج ڪندي هئي. ڪنهن کي ڌڪ نڪتو يا ڪو وڍيو ۽ ڪُتِرِيو ته سرنهن جي تيل ۾ سائي اڳڙي، ذرو لوڻ ۽ هيڊ جو وجهي، ٽاٽاري (تيل ۾ گرم ڪري) وَڍَ ۽ ڌَڪَ تي سَوسِي سَوسِي (اڌ گرم) رکي مٿان پٽي ٻڌي ڇڏيائين ته ڄڻ ماڻهوءَ ڪوڙ وڍيو. (ڪوڙ ڳالهايو).

ڪنهن کي جلاب، الٽي ٿيا ته، پاڻيءَ ۾ کنڊ ۽ لوڻ ڪاڙهي ست ڀيرا ڪپڙ ڇاڻ ڪري (ڪپڙي سان ڇاڻي) ڏينهن ۾ ٽي چار ڀيرا پياريندي ۽ کاڌي ۾ پٽڙي کچڙي ۽ دهي کارائيندي ته ڪيڏانهن ويا دست جلاب ۽ ڪيڏانهن الٽي ۽ اوڪارا. ماڻهو نئون نِمرو هَر (هرڻ) پيو جهليندو.

شهر ۾ جيڪي ڊاڪٽر الٽي جلاب لاءِ او. آر. ايس پياريندا ۽ ڊرپون چاڙهيندا آهن. اهو ئي ساڳيو جبل جو ديسي طريقو ماسي مهران وٽ هو.

ائين، نه رڳو هوءَ ماڻهن جا علاج ڪندي هئي. پر جانورن، مال ۽ پکي پکڻ جا به سور نه سهي سگهندي هئي. انهن جا به علاج ڪندي هئي. هڪ ڪڪڙ جي ٽنگ ڀڳي ته هُن ميٽ ڇوڙي (پسائي) ان جو ليپو ڀڳل ٽنگ کي ڏئي، مٿان ننڍيون ننڍيون ڪاٺيءَ جون پٽيون ڪنڀارن وانگي رکي، وري ان جي مٿان به ميٽ جو ليپو چاڙهي، ڪپڙي جي پٽي سَڪُ ٻڌي ڇڏيائين ته اها هَڏي جڙي وئي هئي. ائين ئي هن هڪ ڪبوتر جي ڀڳل ٽنگ به جوڙي هئي.

ماڻهن جون خدمتون ڪرڻ جو ڄڻ ته سُتيءَ ۾ پِزَو (ڄمڻ وقت ٻار جي پهرين خوراڪ)پيل هئس.

جبل ۾ ڪنهنجي شادي ٿيندي هئي ته هَٽاڙو ڀڃڻ (شاديءَ جي خريداري) لاءِ ماڻهو جبل مان هلي ملي وٽس ڪراچيءَ ۾ ايندا هئا. ۽ ماسي مهران جي گهر ۾ ئي اچي رهندا هئا. کاڌو پيتو، هنڌ بسترا، ڊوڙون، ڊڪون، هلاکيون سڀ ماسي مهران جي بِلي ۽ کاتي ۾ هونديون هيون.

ٻين جون خذمتون ڪندي کيس خوشي ٿيندي هئي. سندس گهر وارو فيض محمد بڪڪ سندس پڦيءَ جو پٽ هو. اهو ماٺيڻي طبيعت جو مالدار شخص هو، جنهن جي طرف کان کيس ڪابه روڪ ٽوڪ ۽ جهل پل نه هئي.

هٽاڙي لاءِ آيلن کي وٺي هوءَ هڪدم بازارن جو رخ ڪندي هئي. جبل جي ماڻهن جي خريداريءَ لاءِ سندن پسنديده بازار اڄ به لي مارڪيٽ آهي. جيڪا سندن مزاج شناس آهي. جتان کين پنهنجي پسند جي هرهڪ شيءَ مليو وڃي. موتين واريون سوڙيون، جهاٻن وارا رومال، ٽڪين واريون ونجڻيون (وڃڻيون)، آڃڻ (سرمو)، آڃڻي (سرمي داني)، پِرِزِڻِ (سرائي)، مُساڪ، سُراهي، ڌوپ، سليڦر (شادي ۽ مڱڻي لاءِ مخصوص ڪنوار جا جوتا)، مُوڙي ۽ چَٻڙي جو سامان، جنهن ۾ سڪل کارڪون، بادام، کوپرو، ڪشمش، ڊاک، سوپاريون، لونگ، ايلائچون، مصري وغيره. اکيو (ونانهه مهل ڪنوار جي منهن تي ٻڌڻ لاءِ ٻن اکين وارو خاص بنايل ڪپڙو)، ڪَنڍلي جو سامان، سڳو، پَٽ، مهلب، لونگ، جل ڦل، جعفر (جاءِ ڦل) وغيره.

ڪَنڍلو، اها خوبصورت ۽ خوشبودار ڪَنڍي، جيڪا شاديءَ مهل ڪنوار پائيندي آهي. مرد ڪڏهن به ڪنڍلو نه پائيندو آهي. ڪنڍلي جي هڪ مخصوص ۽ وڻندڙ خوشبو آهي جيڪا ڪنوار لاءِ مخصوص آهي. جبل جون وضع دار سهاڳڻيون به عام طور گهر ۾ پائينديون آهن.

لي مارڪيٽ مان جبل وارن کي ڪنوار جا ڪپڙا سوسيون، ٻانڌڻيون، گج، مقيسي ڀريل پَٽَ جون گنديون (پوتيون)، ڀريل جتيون، ساٺ سؤنڻ جا مخصوص ٿانوَ؛ ٿالي، ڪٽوري، ٽِڪ (آرسي جبل جو مخصوص نالو ’ڌُوتَارِي)، سُرهو تيل مطلب ته ڪراچيءَ جي صدر ۽ طارق روڊ جي ڀيٽ ۾ جبل وارن کي پنهنجي مطلب جي هر شيءِ لي مارڪيٽ مان ملي ويندي آهي.

تنهن کان سواءِ ’سونارو مارڪيٽ‘ يعني صرافه بازار به اتي ئي آهي. جتي جا سونارا سندن مرضيءَ جا سونا زيور گهڙي ڏيندا آهن، جن ۾ ڏانوڻ واري ڀِرڻي سان نٿ، پَهلودي دُرَ، سادا دُر، والڙيون، ڊيڍا، ڏاڻي، ڦُلڪ، ڏاندڙو (بولو)، چوڙيون، ڪڙا، ڪنگڻ، جهومڪ،بَڪل، ايرينگ، بسليٽ (برسليٽ)، هار، دهريون، منڊيون، کيرول، وَرڻا ۽ ٽاچڻي وغيره.

چانديءَ وارا به اتي ، جتان هَس، ڇيريون ٻانهيون، لساپٽا، پٽي واري ٻانهين، تائيٿ، کيروليون، ورول، بُرنجي ڪڙا، سڀيئي هڪ ئي هنڌان ٺهي ملندا. ته وري ٻارن جا رانديڪا، گاڏيون کائڻ پيئڻ لاءِ سندن پسند جا کاڌا ۽ شربت ملي ويندا اٿن.

جبل وارن ۾ هٽاڙو ڀڃڻ جي به هڪ رسم هوندي آهي ۽ گهڻين ماين کي دعوت ڏئي پاڻ سان گڏ بازار وٺي ويندا آهن. اتي گهوٽيتا کين کارائيندا پياريندا به آهن.

هٽاڙو ڀڃڻ (گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ شاديءَ جي خريداري) کان پوءِ اها به ڄڻ ته رسم آهي. بلڪ رسم ئي آهي ته خريداريءَ کان پوءِ گهوٽيتا گڏ آيل سڀني ماين ۽ ٻين پنهنجي ويجهي مائٽياڻين لاءِ، جيڪي ڀلي ساڻن گڏ نه به آيل هجن. انهن سڀني لاءِ لي مارڪيٽ جو مشهور چاٻو حلوو، المعروف ’ڪراچي حلوو‘ ۽ جبل ۾ معروف ’چيڪو هلبو‘ ضرور وٺي ڏيندا آهن، جيڪو لي مارڪيٽ جا ماهر حلوائي روايتي طريقي سان بادام جي وڏن پنن ۾ ويڙهي ڏيندا آهن.

ماسي مهران بڪڪ ٿورن ڏوڪڙن مان به ريڙهه پيڙهه ڪري کين گهڻي خريداري ڪرائي ڏيندي هئي. وٽس سکن ۽ ڏکن جا ميڙا متا (متل) پيا هوندا هئا. ڇو ته وٽس ماڻهو هر قسم جا ايندا هئا؛ ڪي خوشين جو خريداريون ڪرڻ ايندا هئا ته، ڪي وري اگهن لاچارن کي وٺي ايندا هئا. تنهن کان علاوه ٽيون طبقو انهن پيرن فقيرن جو به وٽس ايندو هو جيڪو ڄڻ ته کيس خوشين سان مالا مال ڪري ويندو هو. جن جون بزرگيون ۽ معجزا ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيندا هئا.

ماسي مهران بڪڪ پاڻ ڪا عقيدي جي ڪچي نه هئي. هوءَ هڪ سپرنارمل عورت هئي. جبل وارن جي فطري فطرت موجب ڪنهن به جادو ۽ منڊ ڪامڻ تي نه وسهندي هئي. ڏکيءَ جا ڏک ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ طريقو به ته ڪيئن لاهجن ته پوءِ اهي نظر ايندڙ ڏک لاهجن يا ڀوپن ۽ پليتن جي پٺيان پئجي وقت وڃائجي! ائين ئي اگهي جي اگهائي بابت به وٽس حڪيم ۽ ڊاڪٽر سُجهندا هئا، تنهن ڪري هن نڪو دم، ڦيڻو، پاڻ ڪيو نه ڪرايائين. نه ئي ان باري ۾ ڪنهن کي ڪو ڏس پتو ۽ مشورو ڏنائين. هوءَ ٺوس حالتن ۾ ٺوس قدمن جي پاسداري ڪندڙ وڏي درجي جي عورت هئي.

وٽس جيڪي پير ۽ فقير ايندا هئا انهن کي به خبر هئي ته، هوءَ مٿن ڪو ايمان يا يقين نه رکندي هئي. ائين هو به وٽس عام مهمانن وانگي رهندا هئا. خير، سادات هئڻ جي ڪري هوءَ کين عزت، احترام ۽ اهميت ڏيندي هئي. پر ائين نه، جيئن عام ماڻهو انهن تي فدا ٿيندا هئا، هوءَ کين ٻين سان گڏ کارائيندي پياريندي هئي. اهي به کيس سڃاڻندا هئا، ۽ ائين ئي گهر- ڀاتين وانگي رهندا هئا.

انهن ۾ دڙي شهر جو هڪ سيد به هو، جيڪو انتهائي سادي طبيعت جو هڪ فقير منش ۽ کل مک انسان هو. پاڻ به پيري فقيري کي اهميت ڏيندڙ نه هو. نياڻي سياڻي جي مٿي تي هٿ رکي کينڪاريندو هو. ساڻن ويهي ڳالهيون ٻوليون، ۽ ڀوڳ چرچا ڪندو هو. هو به ساڻس ڀوڳ چرچا ڪنديون هيون ته سائين به سندن هر ڳالهه سهندو هو. حالانڪه هو وڏي عمر جو هو ۽ وٽس وڏيون قوتون ۽ طاقتون هيون، جن جي خبر نڪو ماسي مهران کي هئي، نه ئي انهن ڀوڳ ڪندڙ ۽ ساڻس برابريءَ جو سلوڪ ڪندڙ شرارتي ڇوڪرين کي  هئي.

سائين جسماني طرح سان سنهڙو ۽ ڪمزور هو. شايد ان ڪري ئي اهي نوجوان ڇوڪريون جيڪي جبل جي نسل جون هيون ۽ بيحد طاقتور ۽ قداور هيون، تن جي اڳيان سائين جي ظاهري شباهت هئي. جنهن جي بنياد تي هو سائينءَ سان ڀوڳ مشڪرا ڪنديون هيون. ان لاءِ پڻ سائين ئي کين همٿائيندو ۽ اڳتي وڌائيندو هو. مثال، جڏهن نوجوان ڇوڪريون ساڻس کينڪارينديون هيون ته سائين ساڻن هٿ ملائيندي سندن هٿن کي زور ڏيندو هو ۽ سندن هٿ سَڪ جهليندو هو، پهرين ته کين سٺو نه لڳندو هو. پر پوءِ هو انهيءَ حرڪت کي ”سائينءَ“ جي عادت سمجهي سندس هٿ کي به زور سان جهلينديون هيون. يعني کنيڪارڻ مهل هو به سائين جي هٿ کي زور ڏئي کينڪارينديون هيون!

هڪ ڀيري هڪ نوجوان ڇوڪريءَ جي هٿ کي کينڪارڻ مهل، هن سَٽَ ڏني ته انهن نوجوان، مضبوط ۽ قداور ڇوڪرين پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته، ”سائين آهي به صفا ڪمزور اسان جي سٽ سهي به نه سگهندو. پر اسين به کيس ائين سٽ ڏينديوسين.“ ماسي مهران کي خبر پئي ته، انهن ڇوڪرين کي دڙڪا ڏنا ته، ”متان ڪا سائينءَ سان اهڙي حرڪت ڪئي اٿوَ. سائين ڪو معمولي ماڻهو ڪونهي....“ ڇوڪرين چيس،”پوءِ سائين ڇو ٿو اسان کي سٽون ڏي.“ ماسي مهران ناگواريءَ مان چيو، ”امان، اوهين به پنهنجي گهرن ۾ سک سان ويهي رهو. روز سائينءَ ڏانهن نه اينديون ڪريو.“

ماسي مهران کي خبر هئي ته سائين جي هٿ ۾ وڏي جنات آهي. ڇو جو سائين روز هن کان مانيون، کنڊ ۽ گهه وٺي اهي ڀوري ڪري جنن کي کارائيندو هو. ۽ چوندو هو، ”امان بشارت خاتون، (سائينءَ ماسي مهران تي بشارت خاتون نالو رکيو هو)، هيءَ جنات مون کي اولاد وانگي پياري آهي.“ اهو لقاءُ به ماسي مهران ڏٺو هو ته سائين ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه لکندو پيو هو ۽ اهو رومال ۾ ويڙهي اڱڻ واري وڻ تي چڙهي مٿي ٻڌي ايندو هو ۽ چوندو هو، ”امان بشارت خاتون، گهر ۽ مائٽن ڏانهن خط موڪليو اٿم.“ صبح جو ڏسبو هو ته اهو ٻڌل رومال غائب هوندو هو. رات جو ٻئي رومال ۾ ويڙهيل خط وڻ ۾ ٻڌل هوندو هو ته سائين چوندو هو ”جواب اچي ويو آهي.“

اهي سڀ خبرون ماسي مهران وٽ هيون جنهن بنياد تي هوءَ ڇوڪرين کي سائينءَ جي ويجهو اچڻ کان جهليندي هئي. ڇوڪريون ماسي مهران جي ناراضگيءَ سبب سندس گهر ۾ گهٽ اچڻ لڳيون بلڪ پوءِ ته اچڻ ئي ڇڏي ڏنائون. سائينءَ ماسي مهران کان پڇيو ته، ”هاڻي نياڻيون نه ٿيون اچن. تو کين جهليو آهي ڇا؟“ ماسي مهران ويچاري ڇا چوي، بس ايترو چيائين، ”سائين، ڪم ۾ اوليون (ڦاٿل) هونديون.“ سائينءَ مشڪي کڻي ماٺ ڪئي.

هڪ ڏينهن هڪ ڇوڪري ڪو نياز وغيره کڻي ماسي مهران جي گهر آئي ته سائينءَ چيس، ”هاڻي نه ٿيون اچو ڇو؟“ ڇوڪريءَ ٺهه پهه جواب ڏنس، ”سائين، تون به اکي (ونانهن) ۾ ويٺل ڪنوار ڪونهي جو ٻاهر نه ٿو نڪرين. هتي ماڻهو ناراض ٿا ٿين.“

سائين پوءِ واقعي به ٻاهر نڪرڻ لڳو ۽ انهن ڇوڪرين جي گهرن ۾ وڃڻ لڳو، جتي سڀ ئي ڇوڪريون گڏ ٿينديون هيون. وري اڳ جيان ڀوڳ ٿيڻ لڳا. سائين ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳو. هاڻي ته ڀوڳن سان گڏ لاڳيون (هٿ سان ڀوڳ واري کيچل ڪرڻ) يا ڪِتولي (ڪتڪائي ڪرڻ) به شروع ٿي ويو. هڪ ڇوڪري جيڪا سُهڻي، قداور ۽ نهايت طاقتور هئي جنهن سان سائين به گهڻي طاقت آزمائي ڪندو هو. اها به روز ايندي هئي.

ڇوڪرين پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته، ”هاڻي سائينءَ جو گهڻو لحاظ نه ڪبو.“ سائين وٽن ايندو هو ته اهي سندس لاءِ کٽ تي هنڌ وڇائي وهارينديون هيون. سندن مائٽ خوش هئا ته، ”سائين اسان جي گهر ٿو اچي.“ اهي سڀ سائينءَ جي اڳيان احترامن هيٺ پٽ تي وهندا هئا. هڪ ڏينهن سائين وٽن آيو. ڏاڍي ڀوڳ واري انداز ۾ اچي کٽ تي ويٺو ۽ ساڻن ڀوڳ ڪرڻ لڳو. اها خوبصورت ۽ مضبوط ڇوڪري به آئي. اچي سائينءَ سان کينڪاريائين ته سائينءَ سندس هٿ کي جهلي سٽ ڏني. ڇوڪريءَ به پروگرام جي تحت ته، ’هاڻي لحاظ ناهي ڪرڻو.‘ وٺي جو سائينءَ کي سٽ ڏنائين ته سائين کٽ تان اچي زور سان هيٺ ڪريو، ۽ بيهوش ٿي ويو. سڀ ئي پريشان ٿيا. ماسي مهران به آئي ۽ ڇوڪرين تي ڪاوڙجي چيو، ”هچاخوريون، هي ڇاڪيوَ؟“ ڇوڪريون به پريشان مجرمن جيان بيٺيون رهيون.

سائينءَ کي مس مس پاڻي ڇٽي هوش ۾ آندائون ته هو ڏاڍو ڪاوڙيل هو. ماسي مهران جي گهر اچي کيس چيائين، ”آئون دل خوش ڪرڻ ويندو هئس. انهن مون سان ائين ڪيو!“ ماسي مهران چيس، ”سائين مون ته کين جهليو هو پنهنجي گهر ڏانهن به اچڻ کان. اوهين پاڻ انهن جي گهر ويندا هئا.“ سائينءَ کي الائي ڇو جلال اچي ويو ۽ هو ماسي مهران تي به ڪاوڙجي پيو. ”آئون ان لاءِ ته نه ويندو هئس ته هو منهنجي بيعزتي ڪن. اهو سندن طريقو درست نه هو.“

ماسي مهران وري ڪاوڙجي ڇوڪرين وٽ آئي ته، ”اوهان جي انهيءَ حرڪت سائينءَ کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. هاڻي هلي سائينءَ کان معافي وٺو.“ ڇوڪريون بِرِ ٿي بيٺيون ته، “ اسين ڇو معافي وٺون. غلطي سندس هئي. اڳرائي پاڻ ڪيائين....“ ماسي مهران گهڻيون ئي مٿاڪٽيون ڪيون. پر ڇوڪرين نه مڃيو. هوءَ خالي موٽي گهر آئي ته سائين در ۾ اکيون وجهيو ويٺو هو. پچائين، ”نه آيون؟“ ماسيءَ جواب ڏنو، ”نه سائين، ڇوڪريون ٻَٽوريون ضِدُوٽِيون آهن. چَيو نه ڪيائون.“ سائينءَ چيو، ”ڏسان، ڪيئن نه ٿيون اچن.“

ٻئي ڏينهن تي سڀ ئي ڇوڪريون ڪنهن نه ڪنهن تڪليف ۾ وٺجي ويون. جنهن خوبصورت ۽ مضبوط ڇوڪريءَ سائينءَ کي سٽ ڏئي کٽ تان ڪيرايو هو، اها سنڌن کان صفا سُڪي وئي هئي. ماسي مهران ڇوڪري جي مائٽن کي سڄي ڳالهه اچي ٻڌائي. ڇوڪري هلڻ کان لاچار هئي جنهن کي جهول ۾ کڻي سائينءَ وٽ آيا ۽ ڏاڍيون معافيون ورتائون. ڇوڪريءَ پاڻ اکيون نمائي معافي گهري ته سائينءَ مشڪي معاف ڪيو ۽ حيرانيءَ جي ڳالهه اها ته، ڇوڪري انهيءَ رات ٺيڪ ٿي وئي.

ماسي مهران سائينءَ جي پيرن تي ڪِري پئي، ”سائين، هي گهر تنهنجو آهي منهنجي ٻچن جو مَٺو نه ٿي. نياڻيون اڻ سمجهه آهن. ٿوريءَ تي به ايڏي تعدي ڏني اٿن.“

پوءِ واقعي به سائين مختلف ٿي ويو. باقي ڇوڪريون ته ايڏيون ڊنل هيون جو ڪنهن ضروري ڪم لاءِ به ماسي مهران جي گهر نه اينديون هيون. سائينءَ کي به ڏک ٿيو. هڪ رات جو اوچتو ماسي مهران کي ايترو چئي گذاري ويو ته، آئون جيڪر هتان هليو وڃان پر منهنجي مٽيءَ جو پنوڙو هتان جو آهي. مون کي هتي دفن ڪجو. مون کي منهنجي اباڻي قبرستان دڙي ڏانهن نه نجو.“ پوءِ واقعي به هُن کي جتي چيو هُئائين اتي ئي دفن ڪيو ويو. اڄ به سندس قبر حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ جي صديون پراڻي قبرستان ۾ موجود آهي، جنهن جي باري ۾ اها ڳالهه ورهاڱي کان پوءِ آيل پناهگيرن ۾  مشهور آهي ته، ”هي قبر ڪنهن جلالي بزرگ جي آهي، جيڪو اسان جي گهڻن ماڻهن جي خواب ۾ آيو آهي. اسان تي ڏاڍو ڪاوڙيل آهي، ۽ هن ئي قبر مان اٿي اسان کي چوندو آهي ته، هتان کان نڪرو، وري هليا وڃو پنهنجي ملڪ..... نه ته آئون اوهان کي تباهه برباد ڪري ڇڏيندس.“

ماسي مهران بڪڪ وٽ اهڙا سائينءَ جهڙا غير معمولي انسان به سدائين لاءِ رهيل هئا. هوءَ بنا ڪنهن تڪليف جي سندن خذمتون ڪندي هئي.

آخر ۾ ماسي مهران جو اهو خلوص ۽ پيار سندس لاءِ ڏاڍو مهانگو ٿي پيو. جڏهن ماڻهو رِين کِين (اجايو/يڪو) هڏ ماڳهين (بنهه/ صفا) وٽس اچي رهي پوندا هئا، بنا ڪنهن ڪم ڪار جي رڳو ويٺا کائيندا ۽ ڪچهريون ڪندا هئا.

هُن وٽ ڪو خدمتي ادارو نه هو، نه ئي هوءَ ڪا اين.جي.اوز جي رهنما يا ڪرتا ڌرتا هئي. يا مٿس ڪي ڊونرز ملڪن مان ڊالر وسندا هئا. هوءَ ته هڪ عام غريب عورت هئي جنهن کي ڪٿان به ڪو آنو ٽڪو نه ملندو هو. نه ئي هوءَ ائين ڪرڻ چاهيندي هئي. هوءَ ته بس پنهنجي ذات جي تسڪين خاطر اهو سڀ محدود طريقي سان ڪندي هئي جنهن کي واندن ۽ بيڪمن ماڻهن لامحدود ڪري کيس ورچائي ڇڏيو هو. ان جي باوجود هوءَ جيترو پڄي سگهندي هئي پئي ڪندي هئي.

جبل ۾ ڪنهن کي خارش وغيره ٿيندي هئي ته لڏوئي اچي ماسي مهران جي گهر لهندو هو. هوءَ کين وٺي ڪراچيءَ جي منگهو پير واري مشهور گرم چشمي (جبل ۾ معروف ”ڪوسي ڪشتي“) تي ويندي هئي. اتان ٻه ٽي تڙڪرائي پوءِ کين رواڻيندي (اماڻيندي) هئي. ٻه ٽي تڙ ڪرائڻ معنيٰ ٻه ٽي ڏينهن رهَائڻ جنهن ۾ کاڌو پيتو، رهائش سڀ ماسي مهران جي بِلي هوندا هئا.

پڇاڙيءَ ۾ ماڻهن کيس ڏاڍو تنگ ڪيو. جيئن پهاڪو آهي ته، ’سڄڻ سڄي ٻانهن ڏي، ته به ڪجهه کائجي ڪجهه رهائجي.‘ پر ماڻهو ته سڄي ٻانهن ئي کائڻ وارا هئا.

ماسي مهران بڪڪ جي ڳوٺ وارا تماش بين هئا. اهي رڳو کيس حيرت مان ڏسندا هئا. اهي ويچارا به ڇاڪن؟ جن جي پنهنجي پورت به مس ٿيندي هئي. اهي ته بس رڳو سندس مستقل مزاجي ۽ اڻ ورچائيءَ تي کيس تڪيندا رهندا هئا.

هڪ ڀيري ماسي مهران جي ڌيءَ جي شادي هئي. هن مٽن مائٽن ڏانهن ڪوٺون، دعوتون موڪليون. پروٽس سڄو جبل اچي اٿليو. يعني جن کي دعوت مليل نه هئي اهي بي دعوتيا به اچي پهتا. پاڻ سڀني کي کارائي پياري، هنڌ بسترا وڇائي، اَوڇون اوڍايون (شاديءَ جا تعفا.)

شادي ختم ٿي ته سڀني کي ڪراچي ۾ پنهنجا ڪم، خريداريون ۽ مرض ياد آيا. ماسي مهران ويچاري شاديءَ جي ڪمن ڪارين ۾ ٿڪل کٽل/ ٽٽل اها وري اچي ڦاٿي. هڪڙن کي وٺي وڃي خريداريون ڪرائي اچي ته، ٻين کي پئي ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن ڏانهن وٺي وڃي.

سڀني جا ڪم اڪلائيندي کين پنهنجن گهر ڏانهن موڪليندي وئي. اڃا مس شاديءَ وارا مهمان رواڻيائين ته ٺڪ اچي ٻيا مهمان پهتا جن سان گڏ هڪ بيمار ڇوڪري هئي. ماسي مهران اڃا شاديءَ جو ٿڪ به نه لاٿو هو، سندس خواهش هئي ته آرام ڪري، جنهن جو هن مهمانن جي اڳيان لکاءُ به نه ڏنو، ۽ سندن خذمتن ۾ لڳي وئي.

هاڻي ايترو بس فرق آيو هو اڳوڻيءَ کان، جيئن اڳ هر ڪم آرام سان ڪندي هئي. پر هاڻي سڀ ڪم تڙتڪڙ ۾ ڪري، علاج يا خريداريون تڪڙو تڪڙو ڪري، کين گهرن ڏانهن رواڻيندي هئي ۽ کيس اطمينان ٿيندو هو ته، ’هنن جا ته ڪم ٿي ويا!‘

ائين ٿڪل هئڻ جي باوجود هوءَ بيمار ڇوڪريءَ کي ان ئي مهل سول اسپتال وٺي وئي ۽ ٽيسٽون وغيره ڪرائي، خيراتي دوائون وٺي گهر آئي ته گهر ۾ ٻيا به ٻه ٽي مهمان ويٺل هئا، جيڪي لي مارڪيٽ مان سون وغيره وٺڻ آيا هئا. ماسي مهران ٿڪل ٿڪل آئي هئي. پر ڇا ڪري، بيمار ڇوڪريءَ جي مائٽن کي دوائون ڏئي، سمجهائي ته، ”هاڻي ڇوڪريءَ کي گهر وٺي وڃو. گهر ۾ وڃي دوائون کارايو. حال ڏيڻ لاءِ ڪنهن هڪ  ماڻهوءَ کي موڪلجو.“ ڇوڪريءَ جي مائٽن چيو ته، ”اڄوڪي رات هتي آهيون، سڀاڻي هليا وينداسين!“

ماسي مهران نڪو ڪڇيو نڪو پڇيو، نڪو ها ڪيائين نڪو نه. پاڻ ويٺي به نه، بيٺي بيٺي پاڻيءَ جو ٻُٽو (ڍڪ) نڙيءَ تان ڇاڻيائين ۽ وري نون مهمانن سان گڏجي لي مارڪيٽ جي صرافه بازار ڏانهن رواني ٿي. اتي پهچي انهن کي تڪڙو تڪڙو خريداري ڪرائي ٻاهر نڪتي بس اسٽاپ تي آئي ته سندس نظر موئداڻ (جبل جو علائقو) ڏانهن ويندڙ گاڏيءَ تي پئي ۽ هُن انهن مهمانن کان اتان ئي موڪلائي کين گاڏيءَ ۾ چاڙهي روانو ڪيو. پاڻ اڪيلي ئي مطمئن گهر ڏانهن هلي ته، ”سڀاڻي ڇوڪريءَ وارا به هليا ويندا ته آرام ڪنديس. پوءِ سامت جو ساهه کڻنديس. هوءَ انهيءَ ئي اطمينان سان گهر پهتي ته گهر ۾ روڄ لاڙو متو پيو هو. اچي ڏسي ته اها بيمار ڇوڪري گذاري وئي هئي ۽ مائٽ منهن مٿو پٽي روئي رهيا هئا.

ٿڪل ٽٽل ماسي مهران بڪڪ آهستي ساڻ اچي سندن ڀر ۾ ويٺي ۽ ساڻن گڏ لڙڪ لاڙڻ لڳي.

ماسي مهران جي سڄي زندگي ائين ئي خذمتن، خاطرين ۽ هڻ هڻان ۾ گذري وئي. ائين ئي ڊوڙون ڊڪون ڪندي، ڀڄندي هلاکيون ڪندي پاڻ به ڪمزور ۽ بيمار ٿي پئي.

هڪ ڏينهن انهن ئي مهمانن جي گهيري ۾ پنهنجي گهر ۾ سڪون سان اکيون ٻوٽي ڇڏيائين (اِنالله وانا عليھ راجعون).

جَان جَان هُئي جِيئري، وِرِچي نَه ويٺي

وَڃي ڀُونءِ پَيٺَي، سَاريندي کي سَڄڻين.

(شاهه رح)

حقيقت ۾ جبل جا ڪردار ڏاڍا سگهارا ۽ ٻلوان آهن جن کي سارڻ ۽ ياد ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي. شال اسين اهي ذميداريون نباهي سگهون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org