ٽي لطيفي ڪردار
حاجي اسماعيل بنديجو، گلوبنديجو (ساجناڻي) ۽ وڏيرو
غلام قادر بنديجو
|
|
حاجي اسماعيل بنديجو |
وڏيرو غلام قادر بنديجو |
حاجي اسماعيل بنديجو ڪوهستان جو هڪ دلچسپ ڪردار
آهي جنهن جا عجيب رخ هئا.
قد جو ڊگهو، رنگ جو ڀورو، جسماني طور پورو پنو، نه
ٿلهو نه سنهو. ڪرت ۾ واپاري. حيثيت ۾ سکيو. بلڪه
ڪجهه ڪجهه شاهوڪار.
هو ’پشم‘ (رڍن ۽ ٻڪرين جي اُن ۽ ڏاس) ۽ ڪوئلي جو
واپار ڪندو هو. وٽس هڪ گاڏي (ڊاج) به هئي. پر سندس
گهڻو بلڪ سڄو ڪاروبار سيٺ علي محمد بڪڪ جي لي
مارڪيٽ ڪراچيءَ ۾ واقع واپاري ڪوٺي ۽ گاڏين وسيلي
ٿيندو هو.
حاجي اسماعيل بنديجي ٽي شاديون ڪيون جن مان کيس
پٽن ۽ ڌيئن جو اولاد آهي.
ٽين شادي هن پنهنجي پسند تي ڪئي هئي، جيڪا هن کان
عمر ۾ گهڻو ننڍي ۽ نهايت خوبصورت هئي. هن نئين
ڪنوار لاءِ وڏي شوق سان گهر بنايو هو. هن پنهنجي
وڏي گهر جي ڇت تي هڪ نهايت خوبصورت گهر اڏايو،
جيڪو ڏاڍي چاهه سان سينگاريو ويو هو. سڀني ديوارن
۽ ڇتن تي حسين چٽسالي ڪرايائين ۽ ديوارن تي چوڦير
فريم ٿيل وڏي سائز جون نهايت ناياب تصويرون ۽
سينريون لڳرايون. گهر ڏسڻ سان سندس ذوق، نفاست ۽
لطيف احساسن جو اندازو ٿي ويندو هو.
اهو زمانو پيسي جي لحاظ سان سندس عروج جو زمانو
هو. پر پوءِ واپار ۽ ڌنڌي ۾ کوٽ ۽ نقصان ڪري تمام
گهڻو غريب ٿي ويو هو. جنهن لاءِ پاڻ چوندو هو ته،
’ماڻهن مون کان قرض وٺي موٽائي نه ڏنا.‘پوءِ هو هڪ
هڪ ماڻهوءَ جو نالو وٺي کيس پنهنجو قرضي ڄاڻائيندو
هو. پوءِ ڀلي ڪنهن هن کان قرض نه ورتو هجي. پر هو
هرهڪ لاءِ چوندو هو ته، ’فلاڻو به منهنجو قرضي
آهي. فلاڻو به منهنجو قرضي آهي‘. ڪيترن سيٺين،
سکين ۽ سچن ماڻهن کي به پنهنجو قرضي ڄاڻندو هو
جيڪي سندس قرضي نه هئا. ماڻهو کيس دلچسپيءَ سان
ٻڌندا هئا ڇو جو، سندس ٻڌائڻ جو طريقو دلچسپ ۽ کل
جهڙو هوندو هو. جنهن جي ڪري ماڻهو سنجيدگيءَ سان
نه پر لطف وٺڻ لاءِ کائنس پڇندا ۽ ٻڌندا هئا.
پڇاڙيءَ ۾ عمر وڏي ٿي وئي هيس، ۽ ڪمزور به گهڻو ٿي
ويو هو. دم ۽ اُڀي ساهه جي بيماري به هيس. پر آخر
تائين قرضين کي ساريندو رهيو. جڏهن ڪو هن کان قرضن
بابت پڇندو هو ته هو نهايت سَرهو ٿي ٻڌائڻ لڳندو
هو ته، ”فلاڻي تي منهنجا هڪ لک سٺ هزار نوَ سو
چاليهه روپيا اٺ آنا ڏهه پايون آهن. فلاڻي تي ٻه
لک چاليهه هزار ڇهه سو ٻارهن آنا ست پايون آهن.
فلاڻي تي پوءِ ساهه ڀرجي ايندو هئس. ۽ سهڪي سهڪي
جهيڻي آواز سان به اهو سلسلو جاري رکندو هو ته،
”فلاڻي تي ٽي لک اسي هزار...“
هو واپاري هو. ضرور ڪن هن کان قرض ورتا هوندا، پر
آخري عمر ۾ هو هر ڪنهن کي پنهنجو قرضي چوندو هو.
هونئن نه ته هو شوم (ڪنجوس) ۽ ڪُپتيو نه هو. ماڻهن
جون دعوتون ڪندو هو. عرس ۽ ڪارهيون (يارهيون) پڻ
باقاعدگي سان ڪندو هو. ۽ ديڳيون لاهي دنيائون
کارائيندو هو. ديڳيون به پنهنجون هيس جيڪي هن پاڻ
ورتيون ۽ ٺهرايون هيون. ٻيا به ڳوٺ وارا شاديءَ ۽
غميءَ لاءِ وٽانس ديڳيون وٺي ويندا هئا. جن بابت
به چوندو هو ته ، ’فلاڻن فلاڻن منهنجون ديڳيون
موٽائي نه ڏٺيون.‘
پنهنجي گهر ۾ ڪيل ڪنهن دعوت يا عرس ۽ يارهين مهل
دعوت ڏيڻ جو به عجيب دلچسپ طريقو هوندو هئس. ڪنهن
پير مرشد ۽ وڏيري کي وڃي چوندو ته، ’فلاڻي تاريخ
تي اوهان جي ماني ڪئي اٿم. ضرور اچجو...‘ وري ڪن
کي چوندو هو ته، ’منهنجي پٽ جي طهر، خوشي يا
شادماڻو آهي جنهن جي دعوت ڏيانوَ ٿو. ۽ ڪن کي وري
عرس ۽ يارهين جي دعوت ڏيندو هو. ۽ واقعي به اهي سڀ
تقريبون ۽ دعوتون ساڳي ئي ڀت تي ڪندو هو. مختلف
ماڻهو مختلف تقريبون سمجهي شرڪت ڪندا هئا. ڳوٺ کان
ٻاهر وارن کي ته الائي اهڙي طريقي ڪار واري لقاءَ
جي خبر پوندي هئي يا نه. پر سندس ڳوٺ وارا ضرور
سندس اهڙين حرڪتن تي کلندا هئا. پر جيڪا ڳالهه
سڀني کان وڌيڪ اهم آهي يا جنهن جي ڪري هن ڪتاب،
”مانجو ڪوهستان“ جو هڪ ڪردار وارو درجو ماڻيو آهي.
اها سندس پياري وصف آهي، شاهه سائينءَ سان عشق ۽
قدرتي طرح سان الهام ٿيل ڀٽ ڌڻي بادشاهه جو ڪلام.
هو ڪو پڙهيل نه هو. بلڪه هو ته حرف شناس به نه هو.
پر شاهه سائينءَ جو ڪلام کيس ياد هو. هو سنڌوءَ جي
روان وهڪري جيان مست، ارڏو ۽ ڇل ڇل وهندڙ هو.
جڏهن هو لطيف رح جا
بيت پڙهندو هو ته وجد ۾ اچي ويندو هو ۽ بيخود ٿي
روئڻ لڳندو هو.
هو هر موقعي ۽ مهل جو اظهار لطيفرح جي
بيتن سان ڪندو هو. ڪاوڙيل هجي ته به لطيفرح،
جي ريڌل (پرچيل) هجي ته به لطيفرح جا
بيت بوڙيون ڏئي سندس اندر مان اوتجي پوندا هئا.
لطيفرح جا
اهڙا اهڙا بيت چوندو هو جو ماڻهو چون ٿا ته، اهي
اسان لطيفرح جي
رسالن ۾ نڪو ڏٺا نڪو پڙهيا!
اهي بيت هن کي ڪٿان مليا؟ ڪيئن مليا. اهي پر
اسراريون لطيفرح ۽
جبل وارن جون اڄ تائين پر اسرار آهن.
لطيف رح جو
ڪلام پڙهندي حاجي اسماعيل بنديجي جو ڀورو رنگ ويتر
نکر جي ڳاڙهو ۽ نوراني ٿي پوندو هو.
هو اسان جي گهر امان (منهنجي ماءُ) سان ملڻ لاءِ
ايندو هو. کيس خبر هئي ته امان پڻ لطيفرح جي
عاشق ۽ ڄاڻو آهي. عمر جو وڏو هو ۽ امان کي پنهنجي
ڌيءَ بنايو هئائين. امان پردي دار هئي پر حاجي
اسماعيل بنديجو عمر جي وڏي هئڻ ڪري بابا جي اجازت
سان حجت ڪري گهر اندر هليو ايندو هو. امان وٽ اچي
اٿلي پوندو هو. سندس اچار ۽ لهجو ايڏو ته بيساخته
۽ مڪمل درست هوندو هو جو، هر بيت منظر بنجي نظرن
جي اڳيان گذرڻ لڳندو هو. بيت پيو پڙهندو هو ۽ لڙڪ
لارون ٿي ڳلن تان ڳڙندا رهندا هئا.
هن امان کي پنهنجو نالو ڏنو هو ’ڀاڳڀري‘ ۽ هو امان
کي انهيءَ نالي سان ئي سڏيندو هو. چوندو هو ته، ”
امان ڀاڳڀري، تو وٽ ايندو آهيان ته سڀ ئي ڏک ۽ فڪر
لهيو ٿا وڃن، ۽ وڃي شاهه ئي شاهه ٿو رهي.“
حاجي اسماعيل بنديجو سخن جو سچو. ۽ عزت ڏيندڙ
انسان هو. سندس ٻن پٽن جون شاديون هيون. امان کي
چيائين، ”امان ڀاڳڀري، جيسين تون اچي گهوٽن ۽
ڪنوارين کي پهرين لائون نه ٿي ڏيارين، تيسين
لانئون ۽ ٻيون رسمون نه ٿينديون.“ هُن بابا کان
امان کي شاديءَ تي وٺي وڃڻ جي موڪل نه ورتي هئي ۽
امان، بابا جي موڪل کان سواءِ شاديءَ تي نه ٿي
وئي. بابا جا پنهنجا ڪاروبار ۽ ڪم هئا. انهن
مصروفتين جي ڪري حاجي اسماعيل جي بابا سان ملاقات
نه ٿي سگهي هئي. نيٺ الائي ڪٿان ڪٿان کان بابا جو
پتو لڳائي پهتو، ۽ بابا کان امان جي موڪل وٺي آيو.
تيسين گهوٽ ۽ ڪنواريون سيجن تي ويٺا رهيا. جيسين
وڃي امان پهرين لائون نه ڏياري، تيسين ڪابه رسم نه
ٿي هئي. صبح وارو لائن جو وقت به نڪري ويو هو.
اهڙو ئي هو حاجي اسماعيل بنديجو پنهنجي سخن جو
سچو.
ڪرت جي حساب سان هو ’پشم‘ (اُنَ ۽ ڏاسَ) جو واپاري
هو. سڄي بلوچستان جي ’پشم‘ جو واپار سيٺ علي محمد
بڪڪ جي گاڏين، سندس لي مارڪيٽ ۾ واقع ڪاروباري
ڪوٺي ۽ سندس وڏن وڏن گودامن ذريعي ٿيندو هو. جيڪو
سڄي بلوچستان ۽ خاص طور تي لس ٻيلي، وڍ، خضدار،
نال وغيره مان ٿيندو هو.
بلوچستان مان ’پشم‘ سان گڏ ’گگر‘ ۽ ڪوئلي جو پڻ
واپار ٿيندو هو جنهن لاءِ ٺيڪا ۽ پرمٽون لس ٻيلي
جو ڊي.سي ڏيندو هو. تڏهن لس ٻيلي جو ڊي.سي سيٺ
اسماعيل ميمڻ هو، جنهن جي جڏهن حاجي اسماعيل
بنديجي سان ملاقات ٿي ته، خبر پئي ته هو پڻ لطيف رح جو
عاشق آهي. ڊي.سي سيٺ اسماعيل ميمڻ ۽ حاجي اسماعيل
بنديجي جي ويجهڙائي نالي ڀائي، (هم نام) هئڻ ۽
لطيفرح سان
’مشترڪ عشق‘ تنهن زماني ۾ وڏو مشهور هو.
ڊي.سي لس ٻيلي وٽ طرحين طرحين جي ڪمن، ٺيڪن، پرمٽن
لاءِ واپارين، ٺيڪيدارن ۽ ٻين ماڻهن جي وڏي رش
هوندي آهي. پر جيئن ئي حاجي اسماعيل بنديجو آفيس ۾
ايندو هو ته ڊي.سي پنهنجا سڀ ئي ڪم ڪاريون ڇڏي کيس
هڪدم اندر گهرائيندو هو پاڻ وٽ ۽ پوءِ ڪلاڪن جا
ڪلاڪ لطيف رح جا
عاشق پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندا هئا. ٻاهر ويٺل سڀ ئي
ماڻهو ويهي ويهي تنگ ٿي هليا ويندا هئا.
چون ٿا ته ڊي.سي لس ٻيلي سيٺ اسماعيل ميمڻ، حاجي
اسماعيل بنديجي کان لطيف رح جا
ڪافي اڻ لڀ بيت ٻڌي لکيا به هئا.
نه رڳو حاجي اسماعيل بنديجو پر سندس ڀاءُ گل محمد
عرف گلو بنديجو ۽ سندن وڏيرو غلام قادر بنديجو پڻ
لطيف رح جا
ڄاڻو ۽ عاشق هئا. کين لطيف رح جو
گهڻو ڪلام ياد هو
لطيفرح سان
جبل جي ماڻهن جو عشق ۽ لطيفرح جو
ڪلام جبل ۾ پهچڻ پڻ هڪ معجزو آهي. اهو اهڙوئي
پراسرار آهي جهڙو پراسرار پاڻ لطيف بادشاهه آهي.
جبل جا ماڻهو نڪو پڙهيل نڪو سيلاني آهن. کين
پنهنجو جبل ايڏو پيارو آهي جو جبل کان پري ٿيڻ
سندن لاءِ وڏو عذاب آهي. مس ڪيڏي ڏڪار جي لاچار
مان نڪرن ٿا سو به تڏهن، جڏهن ٻار ٻچو بک مان پاهه
پيو ٿيندو. يا مال ڀٽاري لاءِ ڪک پن يا پاڻيءَ ٻٽو
(ڍُڪ) نه پسندا ته ٻه وکون اڳت (اڳيان) وجهندا. نه
ته جهڙي تهڙي ڏک بک کي ته پڇن به ڪونه. پرواهه ئي
ڪونه ڪندا. ائين پٺي ڏئي ويهي رهندا ڄڻ پلاءَ کائي
ويٺا هجن. ڀلي ڏهه نيرانيون (بکون) هجن حرام ڪو
ڪِشِڪَاءُ (پرواهه) به هوندن. مليرو (ڏٿ جو قسم)
چڙهيو ته ڄڻ ٻڪر ۾ برياني رڌي. سڏ ڪري هڪ ٻئي کي
راڳن سان ٻڌائيندا، ”اوفلاڻا، ٽامڙو چڙهيو آهي
مليرو رڌو آهي.“ معنيٰ ڪجهه نه ڪجهه ته رڌو آهي.
کائي پي سُڀا جي سُڀا تي رکي ڪانڀون ڪڍي ويهي
رهندا. مارڪن (ڳالهين) جي ڌم پئي پوندن. اوپرو اچي
ڪو ڏسندو ته ڀائيندو، ’آنا او ڦڙاٽا کائي ويٺا
آهن.‘
اهڙن هنڌن تي لطيف رح جو
ڪلام پڄڻ بلڪه عام هئڻ سچ پچ ته اڻ وسهندڙ ڳالهه
پئي لڳندي آهي.
جبل وارن تڏهن نڪو ’هالا‘ ٻڌو هو نڪو ’حيدرآباد ۽
’ڀٽ شاهه‘. ڀانيان ٿي ڪَلَ ئي ڪانه هوندن جو اهو
اکر (ڀٽ شاهه) سندن سَوڻي (گمان) ۾ ئي ڪونه هو.
هاڻي ٻڌو هوندائون ته ٻي ڳالهه آهي. پر صدي ڏيڍ
صدي اڳ ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
جبل وارن جو پير ’ڪوناڻو‘ آهي. ۽ روحاني مرڪز حضرت
شاهه بلاول نوراني آهي. جيڪو ضلعي خضدار ۾ آهي.
اتي رمضان شريف جي مهيني ۾ نَو، ڏهه ۽ يارهين
تاريخن تي ميڙو لڳندو آهي. جبل جو تقريبن هر ماڻهو
ٻارين ٻچين ميڙي تي ويندو آهي. اتي شاهه نورانيءَ
جي پڙ ۾ باقائده پنهنجا تنبو ۽ ننڍا ڀونگا اڏي، ڪي
ته رمضان جي پهرئين روزي کان اچي وهندا آهن. لاهوت
لامڪان جي زيارت به ضروري سمجهن.
اسين جبل جا ماڻهو، ’شاهه‘ معنيٰ شاهه نوراني
سمجهون، ننڍپڻ ۾ اسڪولي ڪتابن ۾ جتي، ’مرد ته کيٽ،
عورت ته ائٽ‘ سان گڏ، ’شاهه جا ٻه بيت ياد ڪريو‘
پڙهندا هئاسين ته، سمجهندا هئاسين ته، ’شاهه
نوراني‘ جا بيت ياد ڪرڻ جو ٿا چون. پوءِ خبر پئي
ته اها شاهه لطيف سرڪار جي بيتن جي ڳالهه آهي. پر
لطيف رح جي
ڪلام جو پڙاڏو ته جبل ۾ صدين کان آهي. جڏهن ته کين
اها به خبر نه هئي ته شاهه لطيف ڪير آهي، ۽ سندس
مزار شريف ڪٿي؟ اها ڪا به خبر کين اڳ نه هئي. پر
لطيف جو ڪلام جبل ۾ عام هو اها وڏي ڳالهه آهي ۽
وڏي عجب جهڙي ڳالهه آهي.
جبل جو عظو (عظيم محمد) توراڻي جيڪو نابين هو، ۽
لطيف جو حافظ هو. ان جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ پنهنجي ڪتاب ’ٻيلاين جا ٻول‘ (شايد) ۾ ڪيو
آهي.
جبل جا نه رڳو پُرهه (مرد) پرمايون به لطيف رح جي
ڪلام کان واقف ۽ ڄاڻو آهن، جيڪي ڏک سک جو لطيف رح جي
بيتن سان اظهار ڪنديون آهن. ايتري قدر جو وڙهڻ مهل
يا ٽوڪ ٽاڙ ۾ به لطيف رح جا
بيت چونديون آهن. يعني شاديءَ جي راڳن ۾ به لطيف
رح ته غميءَ جي پارن ۽ اوسارن ۾ به لطيف رح جا
بيت هوندا آهن.
جيئن هن ئي ڪتاب جي هڪ خاڪي، ’سناسي خان بڪڪ‘ ۾
ذڪر ڪيو اٿم ته، جڏهن کيس انگريز گرفتار ڪري ممبئي
پاڻيءَ واري جهاز ۾ وٺي وڃي رهيا هئا ته، ڪراچي
بندرگاهه تي رخصت ڪرڻ مهل سندس گهر واريءَ
سرسامونڊيءَ جي بيتن جي لانڍ پڙهي هئي. جيڪي هئا،
’مون اڀي تڙ وٽ ...‘ جيڪي هن پار ڪڍندي چيا هئا.
تيئن ئي قدرتي طور حاجي اسماعيل بنديجو نه رڳو
پاڻ پر سندس ڀاءُ گلو بنديجو پڻ لطيف جو ڄاڻو هو.
اهو به پنهنجي هر ڪيفيت جو اظهار لطيف رح جي
بيتن سان ڪندو هو.
گلو بنديجي ۾ ڪو نقص هو يا الائي ڇا هن شادي نه
ڪئي هئي. پر صنف نازڪ سان سندس گهڻي قرابت هوندي
هئي. سُهڻيون عورتون ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو، ۽
انهن کي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
سندس گهڻو وقت بلڪ تقريباً سڄو وقت عورتن منجهه
گذرندو هو. سندن ڪم ڪار ڪرڻ، هٽ دڪان تان سودو سلف
آڻي ڏيڻ وغيره.
سندس ڳوٺ ۾ سُوهڻين جي گهڻائي بلڪ فراواني هئي
جيڪا کيس فرحت ڏيندي هئي. هو سدائين کلندو، مرڪندو
۽ ڳالهائيندو هو. صبح جو پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪرڻ
سان ئي جيڪا به سُوهڻي مائي ڏسندو ته بي اختيار
چئي ڏيندو.
نَيرا نائي نَيڻَ، نيئي آڇ
پرين کي
سَتُر کاڌا کيڻ، جھ ڏٺو منهن
محبوب جو.
پنهنجي گهر مان ڪنهن به ڪم ڪار لاءِ نڪرندو هو ته،
هر ان گهر جي اڳيان ضرور گذرندو هو جتي ڪا سُوهڻي
عورت هوندي هئي. ان کي ڏسي ٿوري دير اتي بيهي لطيف
سائينءَ جو ڪو بيت پڙهي مشڪي اڳتي ٿيندو هو. ائين
هو هڪ هڪ سُوهڻيءَ مائيءَ وٽ بيهي کلي ڳالهائي بيت
چئي هليو ويندو هو. ائين ئي بيهندو بيت
جهونگاريندو هلندو ويندو هو. ڀلي گهر جو ڪوضروري
يا تڪڙو سودو آڻڻو هجيس ته به هو پنهنجي معمولات
۾ فرق نه آڻيندو هو.
ڳوٺ پنهنجو هو، هر ڪو سندس طبيعت کان واقف هو.
ڪنهن کي به سندس اها بي ضرر عادت خراب نه لڳندي
هئي. نه ئي ڪڏهن کيس ڪنهن ڇُڙُ ٻُڪُ (ڇنيڀ) يا
دڙڪو ڏنو. دڙڪو ته ڇا پر ڪنهن ساڻس اَنهري منهن
سان به نه نهاريو هوندو. جهڙو پاڻ کل ڦل هو تهڙو
ئي سڀڪو ساڻس کل ڦل هوندو هو. ڳوٺ جي وڏڙين کي گلو
بنديجي جا چيل بيت نه رڳو ياد آهن. پر انهن جي
ادائگي به ياد اٿن. جن ٻڌايو ته، ’گهر مان نڪرندي
ئي اول فلاڻي سُوهڻي عورت کان شروع ڪندو هو جيڪا
وڏ گهراڻي جي هئي، ۽ نهايت قيمتي نفيس، رنگين ۽
ريشمي پوشاڪون پائيندي هئي. ۽ هار سينگار ڪرڻ جو
به وڏو ڏانءُ هوندو هئس.‘
سچ به اهو دور سچن ماڻهن جو محبتي ۽ معجزا تي دور
هو. جنهن ۾ هرڪو هڪ ٻئي جو گهڻگهرو ۽ خير خواهه
هوندو هو. نڪا ٽوڪ نڪا ٽاڙ. جي ڪو گهٽ عقل وارو
بينوايو ۽ بي سونتيو هوندو هو ته، ان جي به هر بي
وقوفيءَ واري ڳالهه ٻڌبي هئي، سهبي ۽ برداشت ڪبي
هئي. کل واري ڳالهه تي کلبو هو. پوءِ ڀلي اها مٿن
ئي ڇو نه هجي. منافقي ۽ مڪاري ڪانه هئي. جيڪو جهڙو
هو اهو تهڙو ئي ڏسڻ ۾ ايندو هو. نه ڪو پوش نڪو
پردو، نڪوروپ نڪو ٻهروپ.
گلوءَ جي به هر حرڪت نه رڳو سڀڪو سهندو هو. پر
سندس حوصلو وڌائڻ لاءِ ساڻس ساٿ ڏئي کلندو به هو.
پوءِ ڀلي اها تلخ ۽ اڻ سهائيندڙ هجي. ظاهر آهي
ماين سان اظهار محبت ڪرڻ، پوءِ ڀلي اها لطيف رح جي
بيت جي آڙ يا آڏ ۾ ڪيل هجي پر سمجهي ته هرڪو
ويندو. پر گلوءَ جي معصوم اظهار تي هرڪو لطف اندوز
ٿيندو هو.
شروعات ۾ ايندڙ سُوهڻي مائي جيڪا وڏ گهراڻي هئي،
ان جو حسن ۽ سليقو ٻئي متاثر ڪندا هئا. گلو ان
ڏانهن ويندي ۽ وٽس وهندي ڏاڍو سرهو ٿيندو هو. اتي
ويندي سان کيس ڏسي مرڪي بيت جهونگاريندو هو،
جَهڙا گُل گُلاب جَا، تَهڙا مَٿن وَيس
چَوٽَا تَيل چَنبيليا، هَا هَا هُو هَميش
پَسيو سُونهن سَيد چَئي، نِينهن اَچن نَيشَ
لاَلن جي لبيس، آتڻ اکر نه اڄهي.
بيت ٻڌي وڏيري ناز مان کلندي ته سندس گهر وارو به
ٽهڪ ڏئي کلي پوندو هو. انهن کي کلندو ۽ خوش ٿيندو
ڏسي گلو بود ۾ ڀرجي بَهُورُ (چوٽ) چڙهي ويندو هو ۽
وڏيري ۾ نهاري چوندو،
گُجر کي گَجِميل جُون، تَارُن ۾ تَبرون
هَڻي حاڪمن کي، زَور ڀَريون زَبرون
ڪَاڪِ ڪَنڌيءَ قَبرون، پَسو پَر ڏيهين جُون.
هو وڏيريءَ وٽ گهڻي دير تائين وهندو هو. کيس
سُوهڙيءَ سان پڪي سوپاريءَ جي ڪُتر ڪري ڏيندو. بار
بار حقو ٻاري اڳيان رکندو هو، ڳالهيون مارڪا ڪندو،
کلندو، بيت چوندو يڪو ويٺو هوندو هو.
وَسَنِ ۽ وِهِسَنِ، ڏِهاڻي ڏِسَڻَ لَئه
جِيئن جِيئن پِرين پَسن، تِيئن تِيئن نَشا نِينهن
جا.
اتان اٿندو هو ته اصل اتاولو ٿي پوندو هو.
روئڻهارڪو ٿي بيت جهونگاريندو. هَري هَري وکون
وجهندو ويندو هو.
وَسَنِ ۽ وِهِسَنِ ڏِهاڻي ڏِسَڻَ لَئهِ
ڏِسي ڏِسي آئيون، تَوءِ تَلاشِيُون ڪَنِ
ڍَاپِيَو نَه ڍَاپَنِ، پَسَڻَ مَنجهان پِرين جي.
اتان اٿي ٻاهر نڪرندو هو ته ڳليءَ مان بيت
جهونگاريندو ويندو هو.
جَي ڪَاڪِ ڪَڪَورِيَا ڪَاپَڙِي، تِنِ لَهي نَه
لاَلِي
ڪَڙي ڪَيفَ خُمارِيا، مَي پِي مَوالي
ڪَري حَاصِل هَليا، ڪَيفيت ڪَمالي
وَتَنَ وِصالي،لڊُوڻِيان لَوڍي ٿِيا.
اڳتي وڌندو ڪنهن سُوهڻيءَ کي ڏسندو ته بيت چوندو،
مُومَل کي مَجاز جَا، اکين ۾ اَلِماس
نَڪا عَام نَه خاص، جَي وِياسَي وَڍيا.
اڃا اڳتي وڌندو وري ڪنهن گهر- آڳر ۽ اڱڻ تي ڪا
سُوهڻي ڏٺائين ته بيت چوندو.
تُون جَا ٻَائِي ٻَانهيءَ واري، ڪَهڙو تُنهنجو
نَامُ؟
آئِين جتي اُبٺا، سَو گُجر سَندو گامُ
ڪهڙو اَٿانِ ڪام؟ هِت لکين خَانَ کَپِي وِيا.
اڳتي هلندو ويندو. ڪٿي جي پاڻي ڀريندي، کوه وٽ ڪي
ڪپڙا ڌوئيندي، ڪي ٽي چار جو انڙيون ڏٺائين ته وڏي
توار جهونگاريندو،
سَونَ وَرنيون سَوڍيون، رُپَي رَاند ڪَنِ
اگر اوطاقنِ ۾، کٿوري کَٽنِ
اَوتيائون عَنبير جَا، مَٿي طاق تَڙن
ٻَاٽن ٻَيلهون ٻَڌيون، پَسيو سُونهن سَڙن
ٿِيا لاَهُوتي لَطيف چئي، پَسَڻ لاءِ پِرين
اِجهي ٿا اَچن، ڪَاڪَ ڪَڪَورِيا ڪَاپَڙِي.
ائين هڪ هڪ سُوهڻيءَ جي در اڳيان لنگهيندو بيت
چوندو ويندو هو. پڇاڙيءَ ۾ جڏهن پنهنجي گهرجي
ويجهو پهچندو ته بيت چوندو گهر ۾ گهڙندو هو.
جَڙَ گَهوڙا ڀَڙُ گُهوٽِيا، تَڙَ جُون تَڪَون ڪَنِ
نَوَ ڄَڻيون نَاتِر سِين، پَاڻِيارِيُون پُڇن
هِن گامَ نالو ڪهڙو، هِي گَهرَ سَندا ڪِنِ
هِي گَامُ مِڙَوئي گَوجَرو، جِتِ رَاٺَوڙِيون رَهن
ڏَهَه ڏَهَه ڀَيرا ڏِينهن ۾، خَونَ کِلندي ڪَنِ
سَمُهَون وَڃُ مَ تِنِ، اڳيان رَاڻا! ٿو رِڻُ
وَهي.
۽ ٿڌا شوڪارا ڀريندو پنهنجي گهر جي اندر هليو
ويندو هو.
آئُون اُتاهين آئِيو، جِت ٻِئي جِي نَاههِ مَجَالَ
مُومَلَ جي ماڙيءَ کي، طَرَح طَرَح تَالَ
لَکَ مَارايَو لاَلَ (لعل)، مَوٽِيو اَچان
مَينڌرا.
گلو بنديجو ويچارو صفا بي ضرر ماڻهو هو. محنتي،
چئيڪار، سڏ تي جيءُ چوڻ وارو. ايماندار، هٽ جي هاج
(ڪم) ڪندي، مجال ڪنهن جو ٽڪو آنو هيٺ مٿي ٿئي. نڪا
جُکي (هٻڇ) نڪو جوڦ. (لالچ). کيس ڪنهن به ڪڏهن
ڪنهن کا ڪجهه گهرندي نه ڏٺو.
سيٺ غلام محمد بڪڪ کيس انهن خوبين جي ڪري گهر ۾
سودو سلف يا ٻاهر جي ڪم ڪار تي مامور ڪيو هو.
ادب لحاظ، نياز ۽ نوڙت ڪو هن کان سکي. ڪڏهن به
ڪنهن سان ڪا ڳجهي يا ڪُسَري (اڻ وڻندڙ) کيچل نه
ڪيائين. جيڪو به چوندو سو سامهون ۽ کُلو چوندو.
جيڪا به حرڪت ۽ کيچل ڪندو اها سڀني جي سامهون کلئي
طرح سان ڪندو. لڪل ۽ الکي (اڻلکي) مستي ڪنهن سان
به نه ڪيائين. باقي اها ته زائفان ذات سان گهڻي
پوندي هيس. ڪچهري ته به انهن سان جي مارڪا ته به
انهن سان. ڀائيندو هو ته جيڪا به مائي سندس ڀرمان
لنگهي اها ساڻس لڳي (ٽچ ٿي) گذري. جنهن لاءِ هو
کُلي ڪوشش به ڪندو هو، ۽ ارادتن اتي بيهندو هو. يا
وهندو هو جتان ڪنهن مائيءَ جو لنگهندي ساڻس ٽڪر
ٿئي.
هڪ ڀيري سيٺ غلام محمد بڪڪ جي گهر جي ٻاهرئين اڱڻ
تي، نماز پڙهڻ لاءِ مصلو هٿ ۾ جهليو بيٺو هو ته
سيٺ صاحب جي پٽ سليمان خان ڪنهن ڪم لاءِ ڪنهن
مائيءَ کي سڏيو. گلوءَ ڇا ڪيو جو ڊوڙ ڪري هڪدم
دروازي وٽ جتان مائيءَ کي اچڻو هو، اتان مصلو اهڙي
طرح وڇائي نماز نيتي ڇڏي جو گذرڻ مهل مائي ضرور
ساڻس لڳي پوءِ گذري. سڏ تي مائي آئي ته در جي
اڳيان گلو نماز نيتي بيٺو هو. مائي اچي در وٽ بيهي
رهي. سليمان خان چيس، ”بيهي ڇو رهين آهين؟ اچ نه؟“
مائيءَ گلوءَ ڏانهن اشارو ڪري چيو، ”هن کي ته ڏس،
دستگير چٽ ڪريس. درجي وچون وچ مصلو وڇائي ويهي
رهيو آهي.“ گلو جيڪو نماز جي رڪوع ۾ هو ان بنا
نهارڻ جي نماز جي وچ مان ئي جواب ڏنس، ”دستگير چٽ
ڪري توکي، جاءِ گهڻي پئي آهي مٽجي ڇو نه ٿي وڃين؟“
ايترو چئي پاڻ سجدي ۾ هليو ويو ته مائيءَ ڀڻ ڀڻ
ڪندي چيو، ”الله ماريو، نڪو سنئين سمجهي نڪا ونگي،
جيئن وڻيس ٿو تيئن ٿو ڪري ڪٿي آهي جاءِ لنگهڻ
لاءِ؟“
گلوءَ سجدي مان مٿو کڻي چيو، ”الله ماري توکي،
مٽجي ته ڏس، ڪيڏي جاءِ پئي آهي.“ پاڻ وري ٻئي سجدي
۾ هليو ويو. اهو هو گلو ۽ اها هئي سندس معصوم
عبادت. |