سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٽيون)

 

صفحو : 9

359- شيخ شعيب ڪڇي

        هي درويش به خواجه محمد زمان بزرگ لواري واري جي مريدن مان آهي. خواجه صاحب جي وفات کان پوءِ سندن فرزند خواجه گل محمد جي صحبت ۾ رهيو. اصل سنڌي آهي مگر خواجه گل محمد کيس رياست ڪڇ ۾ ماڻهن کي ذڪر سيکارڻ لاءِ موڪليو هو.

        نقل آهي ته درويش کي هڪ ٻڪري هوندي هئي، هڪ دفعي پاڙيوارن  چورائي ڪهي کائي ڇڏي. درويش  ڳوٺ جي ماڻهن کي گهرائي چيو ته ٻڪري جنهن به چورائي هجي سو سچي ڪري، جيڪڏهن سچي نه ڪندا ته ضرور خوار ٿيندا. سڀني ماڻهن انڪار ڪندي چيو ته اسان اوهان جهڙي درويش جي ٻڪري ڪئن چورائي کائينداسين. فقير صاحب انهن ماڻهن تي اهڙو توجهه وڌو جو انهن مان برابر 11 ڄڻا ٻڪري وانگي بي اختيار ٻيڪون ڪرڻ لڳا، آخر درويش کان معافي وٺندي کيس ٻڪري موٽائي ڏنائون، تڏهن فقير کين معاف ڪيو.

        سندس هڪ خدمتگار ذوالحج جي 8 تاريخ عرض ڪيو ته سڀاڻي حج جو ڏينهن آهي، ماڻهو عرفات تي وڃي گڏ ٿيندا! ان تي درويش پڇيس ته توکي به حج جو شوق آهي ڇا؟ خادم چيو ته هائو! درويش جي هڪ پراڻي گاڏي سندس دروازي تي پيل هوندي هئي، خادم کي چيائين ته اڄ رات انهيءَ تي سمهي پئج، اها سان جي ٻيڙي آهي ته اڄ رات ئي توکي عرفات تي پهچايو ويندو. نوڪر دل ۾ چيوته شايد  درويش چرچو ڪري ٿو، ڇو ته مون سان ڪڏهن ڪڏهن چرچا به ڪندو هو. رات جي وقت درويش وٽ ئي سمهندو هوس جڏهن پوري وقت تي آءٌ وٽس  آرام ڪرڻ لڳس ته مون کي چيائين ته هي ڇا ڪرين ٿو، توکي مان ڇا چيو آهي، وڃي گاڏي تي سمهه! آخر وڃي گاڏيءَ تي ستس. ڇا ڏسان ٿو ڄڻ مڪه شريف ۾ آهيان ۽ حج جون بهاريون ۽ زيارت مدينه جي به ڪئي اٿم. جڏهن صبح ٿيو ۽ درويش وٽ آيس ته چيائين ته ڪيئن ٿو ڀائين. اسان جي ٻيڙي ڪهڙي نه تکي هلندڙ آهي!!

        هن درويش 1227هجري ۾ هن دنيا جي ديدار کان منهن موڙي هميشه واري حصور ۾ وڃي واصل ٿيو. (مرغوب الاحباب)

 

 

360- درويش الياس لواري

        هي بزرگ به خواجه محمد زمان ڪلان  لواري واري جو مريد آهي ۽ سندس وفات کان پوءِ خواجه گل محمد ۽ خواجه محمد زمان ثاني سان صحبت ۾ رهيو. تمام ٻڍڙو ۽ بدن جو بلڪل نحيف هوندو هو. پڇاڙي ۾ اکين کان سڄو ٿي ويٺو هو مگر سندس ايڏي هيبت هوندي هئي جو سندس آڏو ڪوبه ماڻهو گفتگو ڪري نه سگهندو هو.

        حڪيم سيد مير نور علي لکوي کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن خواجه محمد زمان ثاني درويش کي ڏسي 3 دفعا سبحان لله فرمايائون. عرض ڪيم ته تسبيح ڇو پڙهئي. خواجه صاحب فرمايو ته درويش ۾ ايڏو حوصلو ته ڪونه هو، مگر خواجه وڏي هن ۾ ايڏي پالوٽ ڪئي اهي جو سمنڊ بڻجي ويو آهي. ٻئي ڏينهن تي وري خواجه ثاني کي ڏٺم ته بالڪليه درويش ڏانهن متوجه ٿيل ۽ برسات وانگي مٿس فيض هاري رهيا هوا. اُتي مان 3 دفعا تسبيح پڙهي. تنهن تي خواجه صاحب مون ڏانهن نهاريو. عرض ڪيم ته اوهان ڪالهه ڇا فرمايو ٿي ۽ اڄ پاڻ ڇا ڪري رهيا آهيو. پاڻ فرمايائون ته الله تعاليٰ جو رضامندو ائين آهي، اسان جو ڪو وس ڪونه آهي.

کرامتهاست اندر پرده غيب

نگه کن تا کرار يزند در حبيب

        هن درويش 1223 هجري ۾ وفات فرمائي. سندس مقبره وه پليجا جي قبرستان جي اتر پاسي کان آهي.          (مرغوب)

 

 

361- درويش عيسيٰ دشتي لواري

        هي درويش خواجه محمد زمان بزرگ لواري جو مريد ۽ عارف خليفو هو. اوائل زمانه ۾ اُٺ چاريندو ۽ خدمت ڪندو هو. آخر  هن تي ايڏو جذبو غالب ٿيو جو اُٺ ويندا رهيا ۽ هي هڪ وڻ هيٺان استغراق ۾ ويٺو رهيو. چون ٿا ته برابر 9 مهينا هڪ وڻ هيٺان سواءِ کاڌي پيتي جي ويٺو هو. ايترو وقت هڪ لمحو به نند ڪانه ڪئي هوائين. آخر خدا جي حڪم  سان انهيءَ  حالت کان ٻاهر آيو.  ان کان پوءِ خواجه گل محمد صاحب ۽ شيخ عبدالرحيم گروهري سان ملاقاتون رهيس ۽ خواجه محمد زمان ثاني جي صحبت ۾ گهڻو گذاريائين.

        سيد مير نور علي حڪيم لکوي جو هڪ  وڏو ڪامل مرد هو. تنهن کي ڏسي چيائين ته اڃا صفات ۾ ڦاٿل آهي.  ذات جو معاملو گهڻو پري آهي. هو بزرگ درويش درگاهه لواري ايندو هو ته پنهنجن مرشد زادن کي نصيحت ڪندو هو جن جو  خواجه محمد زمان ثاني سجاده نشين سان اختلاف هو. هڪ دفعي نصيحت ڪندي فرمايائين ته اوهان نٿا ڏسو ته اوهان جو ڀاءُ (خواجه محمد زمان ثاني) کي ڪيڏي نه استقامت آهي جو ايڏين  تڪليفن هوندي به پوري استقامت تي بيٺل آهي.،  الکرامة هي الاستقامت، يعني ته ثابت قدم رهڻ ئي ڪرامت آهي. اوهان کي گهرجي ته هن جي اطاعت ڪريو ۽ بي فرماني کي ڇڏي سندس رضامنديءَ تي هلو، مگر انهن صاحبزادن تي اثرنه ٿيو. شيخ عيسيٰ دشتي کي ايڏي باطن جي صفائي هئي جو جيڪڏهن ڪو  ڌاريو ماڻهو اندر جو کوٽو وٽن ايندو هو ته سندن طبع تي ڏاڍو بار ٿي پوندو هو ۽  لاحول ولا قوة پڙهندا رهندا هوا.

        هڪ دفعي سندس آڏو سلوڪ جو ذڪر هلي رهيو هو، ڪنهن ماڻهو  پڇيس ته ٻڌين ٿو ته ڪهڙي گفتگو هلي رهي آهي، چيائين ته  گفتگو سموري روح آهي ۽ خدا اڃا پري کان به پري اهي. هن سفر جي حالت ۾ 1243 ۾ وفات فرمائي ۽ اتي ئي دفن ڪيو ويو. ان کان پوءِ فقير سڌاتوري سندس لاش اتان ڪڍائي لواري ۾ آڻي دفن ڪرايو.  قبر کي کوٽي ڪڍڻ وقت سندس لاش بلڪل صحيح سلامت رکيل هو.  9 مهينن کان پوءِ لاش ڪڍي وئي، مگر ان ۾ ڪوبه فرق ڪونه آيل هو.   (مرغوب)

 

362- شيخ سڌاتوريو لواري

        شيخ سڌاتوريو 13 سالن جو ٻار هو جو خواجه محمد زمان بزرگ جي صحبت ۽ خدمت ‎ ۾ آيو. ان کان پوءِ سندس فرزند خواجه گل محمد ۽ شيخ عبدالرحيم گرهوري سان ملاقاتيون رهيس. طريقت جا سبق  خواجه محمد زمان ثاني کان سکيائين. درويش عيسيٰ دشتي جو قول آهي ته سڌاتوريو هڪ بادشاهه آهي، هن جا گناهه به الله  تعاليٰ وٽ ثواب آهن. اولئڪ يبدل الله سياتهم حسنات. اهي ماڻهو جن جون  برايون به الله تعاليٰ نيڪين ۾ بدلائيندو آهي. (قرآن مجيد)

        هڪ دفعي خواجه صفي الله مجددي (سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيڻ وقت) سڌاتورئي کي ڏٺو ۽ کيس گهرائي فرمايائين ته جيڪڏهن ٿورو وقت صحبت ۾ رهين ته توکي اجازت نامو عطا ڪيو وڃي، مگر ان تي به راضي نه ٿيو.

        اوائل وقت حاجي فقير الله علوي شڪارپوري جي خدمت ۾ به پهتو هو مگر اتي به دل نه لڳس. ان کان پوءِ پير عبدالحي نوشهرائي وٽ حاضر ٿيو. ان بابت سندس چوڻ هو ته کائونس مان پاڻ کي گهڻو بلند ڏٺو.

        فقير سڌاتورئي جو قول آهي ته آءٌ هڪ دفعو سير ڪندي  وڃي جيسلمير  ۾ نڪتس، اتي هندواڻي لباس ۾ هڪ فقير سان ملاقات ٿي.مون کي سڃاڻي ازخود  گهرائي  پنهنجي خلوت  ۾ ويهاريائين. هو  واڍي جو ڪم ڪندو هو. شام جي وقت مون کي اتان وٺي پنهنجي جهوپڙي ۾ آندائين. هندڪو لباس لاهي مسلمانڪا ڪپڙا پاتائين. نماز جا فرض مون سان گڏ جي ادا ڪيائين. عشا کان پوءِ ليٽي  پيس مگر هو مراقبي ۾ ويٺو رهيو. تانجو صبح جي آذان ٿي. ٻنهي اٿي نماز ادا ڪئي. ان کان پوءِ هندڪا ڪپڙا ڍڪي ٻاهر آيو. مان کيس موڪلائڻ لڳس. مون کي چيائين ته خدا حافظ، مگر پڇاڙي ۾ کائونس 3 سوال ڪيم، جن جا جواب هيٺين ريت ڏنائين.

آءٌ ڪٿي وڃي آخر رهندس؟

        جواب! لواري ۾

        آءٌ سيلاني مست ماڻهو آهيان، جنهن ڪري مون کي سنڱ ڪير ڪونه ڏيندو”؟

        جواب، فلاڻي ڌي فلاڻي تنهنجي عزيزن ۾ هڪ ڇوڪري  آهي اها تنهنجي زال آهي، ان مان توکي توجهڙو  فرزند پيد اٿيندو.

        اوهان هندڪي لباس ۾ رهو ٿا، هاڻي جيڪڏهن وفات ڪريو ته اوهان جي جنازي کي ته هندو ساڙي ڇڏيندا؟

        جواب ۾ فرمايائين ته ائين نه ٿيندو، بلڪ ملائڪ منهنجي جنازي کي کڻي وڃي دفن ڪندا ۽ جنازه ڪنهن ڪافر جو هندڪي لباس ۾ منهنجي جاءِ تي رکيو ويندو ان کي هندو ساڙي ايندا. هن سخن جي تصديق توکي تڏهن ٿيندي جڏهن پهريون ٻه ڳالهيون سچيون ٿينديون.

        فقير سڌاتوريو جو چوڻ آهي ته پهريون ٻئي ڳالهيون جيڪي منهنجي متعلق هيون سي سچيون ٿيون تنهن ڪري يقين اٿم ته سندس هي پوئين ڳالهه به سچي ٿي هوندي.

        فرمايائين ته انهيءَ سفر ۾ هڪ پريشان حال قلندر به ڏٺم، جنهن سان گفتگو ڪانه ٿي، مگر ڏٺم ته دل سندس فنائيت جي درجه کي رسيل هئي، سڌاتوري جي فنائيت جي هي حالت هئي جو آخر ڄمار ۾ کيس مثاني ۾ پٿري ٿي پئي ۽ ڏاڍي تڪليف رهندي هئس.  حڪيمن پٿري ڪڍڻ لاءِ به چيو مگر پوءِ پنهنجي مرشد خواجه محمد زمان سان مشوري ڪرڻ کان پوءِ علاج کي  ڇڏي ڏنائين. پوءِ جڏهن  درد جو دورو ٿيندو هوس ته فنا واري مقام ڏانهن توجه ڪندو هو. چوندو هو ته جڏهن آءٌ ئي وچ ۾ ڪونه هوندو آهيان تڏهن درد وري ڪيئن معلوم ٿيندو.

        جيسلمير جي سفر کان جڏهن موٽي اچي فقير عبدالرحيم گروهڙي سان مليو تڏهن فقير صاحب ساڻس ڏاڍو پيار سان پيش آيو. فرمايائين ٿي ته حضور رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم سڌاتوري جي سفارش فرمائي ويا آهن.

        سڌاتوري جو قول آهي ته مون کي ڏاڍو فڪر لڳو رهندو هو ته سفر جي حالت ۾ متان ڪافرن جي ملڪ ۾ پساهه پورا ٿي وڃن، مگر پوءِ حضرت رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم اسلامي ملڪ ڏيکاريو، جتي منهنجو مدفن ٿيندو.

        پڇاڙي ڄمار ۾ سندس حالت ۾ هڪ وڏو ڦيرو اچي ويو. ڏاڍي هيبت ۽ حشمت سان ٿي پيو، اکيون تمام سرخ  ٿي ويون هئس ۽ ويهي ويهي بي اختيار تمام بلند آواز سان دانهن ڪندو هو. چوندو هو ته گروهڙي فقير مون کي فرمايو ته منهنجي حالت وري توتي وارد ٿيڻ واري آهي.

        هاڻي اها حالت مون سان لاڳوڻي آهي، مگر فقير صاحب وجوان ماڻهو هوندو هو جو سهي سگهندو هو ۽ آءٌ بلڪل ٻڍو ٿي ويو آهيان. مون کي برداشت جي طاقت ئي ڪانه رهي آهي. آخر پنهنجي مرشد خواجه محمد زمان ثاني جي همت ۽ همراهي سان انهيءَ جذبي واري حالت کان نجات مليس.

        وفات کان اڳ ۾ لواري ۾ پنهنجي دفن ٿيڻ واري جاءِ ڏيکاري ڇڏي هوائين ۽ فرمائيندو هو ته جيڪو ماڻهو به منهنجي ڀر ۾ دفن ڪيو ويندو، آخرت ۾ ان جي حضور سرور ڪائنات جي درگاهه ۾ آءٌ سفارش ڪرائيندس. سن 1246هه ۾ هن دنيا فاني مان وفات فرمائي ويو.     ( مرغوب الاحباب)

 

 

363- فقير عبدالرحيم گروهڙي

        فقير عبدالرحيم قوم منڱريه ضلع ٿرپارڪر جو رهاڪو، هڪ وڏو عالم ۽ ڪامل ۽ صاحب جذب ۽ جلاليت جو هو. خواجه محمد زمان بزرگ لواري واري جي وڏن خليفن مان هڪ صوفي بزرگ هو. شروع زماني ۾ ظاهري علم جي شغل ۽ لاڳاپي  ڪري طريقت ۽ تصوف جو قائل ئي نه هوندو هو. چون ٿا ته هڪ دفعي ڪنهن فقير کي لواري ڏانهن ويندي ڏٺائين، چيائينس ته پنهنجي مرشد کي منهنجي پاران چئج ته جنهن واٽ سان اسان جو پيغمبر صلي الله عليه وسلم آسمان ڏانهن تشريف فرما ٿيو هو اها اڃا تائين کليل آهي يا فقط حضور جن لاءِ خاص هئي. درويش جڏهن  لواريءَ  ۾ پهتو کائونس اهو نياپو وسري ويو، موٽڻ وقت خواجه صاحب ازخود فرمايس ته عبدالرحيم توکي ڇا چيو هو؟ فقير ياد ڪري پوءِ عرض ڪيو، خواجه فرمايو ته چئجانس ته بغداد جي خليفي بغداد ۾ دريا تي پل ٻڌرائي هئي جا اڄ تائين قائم آهي ۽ سڀ ڪو ماڻهو ان تان لنگهي رهيو آهي. ساڳي ريت معراج وقت جيڪا راهه حضور رسول صلي الله عليه وسلم درست ڪري  ويا آهن، سا ڪا بند ٿي ويندي، بادشاهه جي لنگهڻ کان پوءِ  فوج وارن جو سندس پوئتان لنگهڻ به بادشاهه جو شان آهي.

        جڏهن فقير عبدالرحيم اهو جواب ٻڌو تڏهن ظاهري علمن جي مناظرن ۽ مباحثن کان منهن موڙي خواجه صاحب جي خدمت ۾ اچي پهتو ۽ پهرين ملاقات ۾  خواجه صاحب کائونس سوره  والطور جي سمجهاڻي پڇي. فقير صاحب عالمانه رنگ ۾ ڪري معنيٰ بيان ڪئي، مگر خواجه صاحب مٿس اهڙو توجه وڌو جو روحاني معنائون به حاصل ٿيڻ لڳس. جنهن کان پوءِ هو ظاهري معنائن کان منهن موڙي چڪو هو. سندس وفات کان پوءِ خواجه گل محمد صاحب سندن والد جي خدمت ۾ رهيو. هڪ سال کان پوءِ پنهنجي وطن ميرپورخاص، گروهر ڏانهن موٽي وڃي  ياد خدا ۾ مشغول  ٿيو.

        فرمائيندو هو ته طريقت جي تعليم کان پوءِ مون تي هڪ ڏينهن ابوالبشر آدم عليه السلام جي پيدا ٿيڻ جي حقيقت کولي وئي. خاڪ جي مٺ کي ڳوهي تصوير ٺاهڻ واري ڪيفيت پڌري پٽ نظر آئي ۽ روح جو اُن ۾ پوڻ ۽ ڇڪ ڏيڻ جي واردات اکين سان ڏٺم. گروهڙ جي ڳوٺ ۾ رهڻ کان پوءِ دنيا کي ترڪ ڪري خلوت نشين ٿي رهيو. ٽن ٽن ڏينهن کان پوءِ ٻه چار لقما مس کائيندو هو. ان سان گڏ جلاب وٺندو رهندو هو ته جيئن معدو بلڪل خالي رهجي.

        هڪ دفعي حاجي شهمير ٽالپر جو پيرڀائي هوس، سو سندس ديدار لاءِ لنگهي آيو. ڏٺائينس ته بک کان هڏن جي مُٺ بڻيو پيو آهي. شهمير خان چيس ته پاڻ کي ايڏي محنت ۾ ڇو اُڇلائي ڇڏيو اٿئي؟

        فقير جواب ۾ فرمايو ته قرآن شريف ۾ ارشاد آهي ته واذڪر الله في ايام معدودات يعني ته مقرر ڏينهن ۾ الله کي ياد ڪريو! جنهن ڪري پاڻ لئي ان ۾ ئي مصلحت ڏٺي اٿم. پوءِ جڏهن سندس انهيءَ خلوت جو مدو پورو ٿيو تڏهن ٻاهر نڪري  غسل ڪري صفا ڪپڙا ڍڪي دهلاري کي گهرائي منادي ڏياريائين ته اڄ جيڪو به ماڻهو منهنجي بيعت ڪندو تنهن تي دوزخ جي باهه حرام ڪئي ويندي، مگر افسوس جو اهو سمورو ڏينهن ڪوبه ماڻهو سندس خدمت ۾ ڪونه پهتو. هڪ ماڻهو بخشڻ ..... وٽس آيو، جو فقير جي صحبت کان اڳ ۾ هڪ مکڻي نالي مجذوب جي خدمت ۾ رهندو هو. فقير صاحب بخشڻ تي توجهه وجهڻ لاءِ اکيون ٻوٽي هڪدم ڪري کوليون. فرمايائين ته تنهنجو ڪم ته هو مجذوب پورو ڪري  ويو آهي. هاڻي توکي اسان جي فقط صحبت ڪافي آهي.  فتح محمد نالي هڪ نوجوان پنهنجن عزيزن سان شهدادپور مان پاڙي جا اُٺ قطاري ميرپورخاص پهتو  هو ۽ فقير صاحب به ميرپور ۾ هو، ۽ سندس ڏاڍو غلغلو بلند  ٿيل هو. فتح محمد پنهنجن عزيزن کي چيو ته اجازت ڏيو ته وڃي فقير کي ڏسان.  هنن روڪيندي چيو ته هو مست آهي، هن جي ڏسڻ جا ضرورت ڪانه آهي، هن گهڻوئي زور ڀريو پر پوءِ هن نوجوان کي کڻي ڪوٺي ۾  بند ڪيائون.  چيائين  وٽس نٿو وڃان پر هن گهر جي سوراخ مان کيس  ڏسڻ گهران ٿو. فقير صاحب به انهيءَ ساڳي گهر جي سوراخ ۾ اکيون پائي ويهي رهيو هو. هن نوجوان جو ڏسڻ ۽ فقير جو مٿس توجه پوڻ پوءِ حال کان بي حال ٿي ويو، پوءِ ته وٺي ڀڳو، مگر مڙس پهچي ويس. کيس ٻڌي فقير صاحب وٽ کڻي آيس. فقير صاحب فرمايو ته ڇڏي ڏيوس. نوجوان جي عزيزن عرض ڪيو ته ڇڏاينداسين ته هو گم ٿي ويندو. فقير فرمايو ته هاڻي مجال ئي ڪانه آهيس جو ڀڄي سگهي. جيترو ڀڄڻو هوس سو ڀڄيڍؤ ڪيائين، هاڻي سندس هڏا به هت هوندا فتح محمد جو چوڻ آهي ته  جڏهن فقير صاحب اهي لفظ چيا ٿي تڏهن منهنجي دل سندس محبت ۾ ڦاسندي رهي، جنهن کان پوءِ دنيائي ڌنڌن کي ترڪ ڪري  فقير صاحب جي خدمت ۾ رهجي ويو هو. اهو فتح محمد فرمائيندو هو ته مون کي الله تعاليٰ جي دائمي حضور حاصل آهي جو هڪ لمحو به ذات جو تصور مون  کان غائب نه ٿو ٿئي.

        رئيس ابوالحسن غازي خان ٽالپر کان نقل آهي ته فقير عبدالرحيم جون ڳالهيون ٻڌي هڪ دفعي گروهڙ ۾ لنگهي ويس.  ڏٺم ته هڪ گودڙي ۾ ويڙهيو تڏي تي ستو پيو آهي ۽ ماڻهو چئني پاسن کان مراقبو ڪيو ويٺا آهن. دل ۾ چيم ته حضرت خواجه بزرگ (خواجه محمد زمان ڪلان لواري) واري جو ڪهڙو شان  ڏٺوسين ۽ هي وري ڪهڙي حالت ۾ آهي. قوم جي اڳواڻ کي تجمل سان رهڻ ضروري آهي. فقير صاحب هڪدم مون ڏانهن نظر ڦيرائي منهنجي دلي واردات جي جواب ۾ فرمايو:

مکن عيب درويش مدهوش مست

که غرق ست زان ميزند  پاءِ دست

        نقل آهي ته هڪ دفعه پنهنجن فقيرن جي ٽولي سان وڃي رهيو هو. ڪپڙا سڀني جا سادا ۽ سنڌي رواج موجب ٻهراڙي جي نموني جا هوا. واٽ ۾ ڏٺائون ته ٻين ڪن فقيرن جي ٽولي به اچي رهي هئي. وڏيون ڪاريون ڀڳون ٻڌل هون، هٿن ۾ تسبيحون ۽ بغل ۾ طنبورا، ڏاڍي ٺاٺ سان  هوا. فقير عبدالرحيم فرمايو ته عام ماڻهو هنن کي درويش ٿا  سڏين، مگر اسان هنن کي چور سمجهون ٿا، ڇو ته درويشي ڪا تسبيح ۽ تنبوري ۾ نه آهي ڇو ته دوريشي هڪ ٻيو ڪم آهي. پوءِ فرمايائين ته:

کار درويشي دلق و سجه سجاده نيست

در هوائي بربط و طنبور حق راجاده نيست

        فقير صاحب جي  زماني ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو زوال اچي رهيو. ميان عبدالنبي ڪلهوڙي ۽  مير  بجار خان جو اختلاف ٿيندو رهيو ٿي. عبدالنبي جو خيال هو ته پنهنجي درباري ۽ خانداني مير بجار خان جي طاقت ٽوڙي ڇڏي. ان لاءِ پيو حيلا هلائيندو هو. آخر هڪ دفعي ميان عبدالنبي پيروز پتافي کي وڏي ڪٽڪ سان مير  بجار خان جي مقابلي لاءِ چاڙهي موڪليو. مير بجار خان دعا طلبي لاءِ فقير عبدالرحيم وٽ لنگهي آيو. فقير چيس ته توکي ڪاميابي حاصل ٿيندي، پر ڪي شرط قبول ڪرڻا پوندا. مير صاحب چيو ته آءٌ حاضر آهيان، پوءِ جيڪي به شرط لکائي وٺو. فقير صاحٻ دين جي خدمت ۽ بدعات جي بنياد ڪڍڻ ۽ ڪفر جي رسمن کي ناس ڪري وغيره شرط لکائي مير صاحب کان مهر ڪرائي ورتا. انهيءَ ڪچهري ۾ هڪ ماڻهو مير صاحب کي ڪن ۾ ڪي مخفي ڳالهيون چوڻ ٿيو، جنهن تي فقير صاحب فرمايو ته لشڪر اوهان جو عيال آهن، تنهن ڪري انهن جي سامهون ڪابه ڳجهي ڳالهه نه ڪريو، سڀ ڪجهه ظاهر چوندا رهو ته هنن کي دل ۾ نه ٿئي. مير صاحٻ فقير صاحب کي ٿورو پاسي ڪري عرض ڪيو ته سائين اهو  اسان جو جاسوس آهي، جنهن اطلاع ڏنو آهي ته دشمن جو  لشڪر پنجاهه هزار آهي ۽ سپهه سالار پيروز پتافي هڪ زبردست ظالم  ماڻهو آهي ۽ هو ڏاهن اسان ڪل 4 هزار ماڻهو آهيون، اها ڳالهه جيڪڏهن کلي طرح ڪئي ويندي ته اسان جي فوج ۾ بد دلي پيدا ٿيندي. فقير صاحب ڇا ڪيو جو ڊڪي وڃي هڪ بلوچ سپاهي جي ڏاڙهي پڪڙي مير صاحب کي چيائين ته  وٺ! هي پيرو ز پتافي جي ڏاڙهي آهي. فقير صاحب تيستائين ڏاڙهي مان هٿ نه ڪڍيو جيستائين خود مير صاحب پنهنجي هٿ سان ان کي نه اچي پڪڙيو. هڪ لڪڙي ۾ جهنڊو ٻڌي مير صاحب جي حوالي ڪري 3 ميل کن فوج سان گڏجي ويو. ان کان پوءِ پنهنجي حجره (خلوت خاني) کي ٻهارو ڏياري با ادب مراقبه ۾ ويهي رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ فرمايائين امامن سڳورن (سيدنا  حسن رضه ۽ سيدنا حسين رضه ) جا روح پاڪ مون کي فتح مندي جي خوشبخري ڏئي  ويا آهن. آخر ستت ئي مير بجار جو قاصد فقير صاحٻ وٽ پهتو جنهن  سوڀ جي سڌ اچي ڏني ۽ فقير صاحب جنهن بلوچ جي ڏاڙهي مان جهليو هو تنهن ئي پيروز پتافي جي سسي ڪپي آڻي مير صاحب جي حوالي ڪئي. ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي وئي. مير فتح خان جو ننڍو پٽ مير الهيار خان (ٽنڊوالهيار جو باني) پيءُ جي جاءِ تي پڳ ڌڻي ٿيو. مير صاحب هڪ دفعو فقير  صاحب کي دعا لاءِ گهرايو. فقير صاحب  ڇا ڏسي ته هو تخت تي ويٺو آهي ۽ چؤطرف خادمن جو  انبوهه لڳو پيو آهي. مير الهيار خان فقير صاحب کي ڏسي سندس استقبال لاءِ اڳتي وڌي آيو. فقير صاحب  سان هٿ  ملائڻ شرط کيس  سخت چماٽ هڻي ڪڍي جو مير صاحب جي پڳ اچي پٽ تي ڪري. نوڪر غصي ۾ اچي وچ ۾ پوڻ لڳا، مگر مير صاحب  منع ڪئي. فقير وري انهن پيرن تي پوئتي موٽي روانو ٿيندي چوندو ويو ته مير صاحب جي مٿي ۾ رئيسائي جو جيڪو واءُ هوس، سو ڪڍي ڇڏيومانس ۽ هن دنيا کان آزاد ڪري ڇڏيومانس، جيڪڏهن ٻيءَ چماٽ لڳيس ها ته حق تي پهچي وڃي ها. ان کان پوءِ ڏٺو ويو مير صاحب سموري ڄمار نيڪ ڪردار  مجذوبن وانگي رهجي ويو. فقير عبدالرحيم گرهوڙي ايڏو وڏو عالم هو جو ٺٽي کان وٺي ملتان تائين ڪوبه علم وارو ساڻس برميچي نه سگهندو هو. هو  ڪنهن به امامن جي تقليد جو قائل نه هو ۽ نه وري  فقهه جي ڪتابن کي مڃيندو هو، بلڪ ڪيترا مسئلا پنهنجي اجتهاد سان به فيصل ڪندو هو، جنهن ڪري وقت جا علماء کائونس ڏاڍا ناراض هوندا  هوا، مٿس بدعتي هجڻ جون فتوائون ڏنيون ويون ۽ کيس ڏاڍو تنگ ڪيو ويو. آخر وقت جي عالمن سان نبيري ڪرڻ لاءِ سنڌ جي دارالسطنت خداداد ۾ مناظره جي مجلس  مقرر ڪئي وئي. فقير  صاحب چوارائي موڪليو ته ڌرين جي امانت لاءِ ڪنهن سيد عالم کي امين مقرر ڪيو وڃي ۽ اهوئي مون سان گفتگو ڪري، باقي ٻيا علماء سندس مدد ڪندا رهن. انهيءَ زماني جي حاڪمن ۽ عالمن فقير صاحب جي انهيءَ شرط کي قبول ڪيو ۽ گهوٽڪي جي مشهور سيد جمال شاهه جيلاني کي مناظري لاءِ گفتگو ڪندڙ ۽ امين ڪري خدا آباد گهرايو ويو. فقير صاحب جڏهن خدا آباد جي ٻاهران آيو تڏهن پنهنجن ساگردن ۽ طالبن کي حڪم ڪيائين ته لاتدخلون من باب واحد يعني ته قرآن شريف جي ارساد موجب هڪ دروازي مان د اخل نه ٿيو، پر جدا جدا درن مان لنگهي اچو. پوِءِ سمورا جدا جدا ٿي مناظري لاءِ مقرر مسجد ۾ اچي جمع ٿيا. اهو رمضان جو مهينو هو. فقير صاحب مسجد ۾ گهڙڻ شرط پاڻي گهريو! عالمن منع ڪئي ته رمضان آهي. فقير صاحب چيو ته اسان مسافر آهيون، قرآن شريف ۾ ارشاد آهي  من کان منکم مريضا او علي سفر فعدة من ايام آخر – اوهان مان جيڪو بيمار هجي يا مسافر هجي، ان لاءِ روزن لاءِ ٻيا ڏينهن مقرر آهن.

        فقير صاحب جي هڪ خادم پاڻي ڏنو جو پيتائون. عالمن چيو ته کليو کلايو پاڻي پيئڻ بدعت آهي. فقير صاحب سيد جلال  شاهه ڏانهن خطاب ڪندي  چيو ته حضور رسول الله صلي الله عليه وسلم هڪ سفر ۾ فوج وارن کي جمع ڪرائي رمضان ۾ روزو کوليو هو، اهو مخفي طرح ڪيو ويو هو يا پڌري پٽ! پوءِ به اڃا بدعت  آهي؟ انهيءَ مناظري ۾ حڪومت جا ماڻهو ۽ ٻيا تماشبين سون جي تعداد ۾  اچي جمع ٿيا هوا.  ظهر جي نماز کان وٺي عصر جي نماز تائين مناظرو هلندو رهيو. فقير صاحب تي جيڪي علماء وقت  پاران اعتراض وارد ڪيا ويا، تن جا جواب قرآن ۽ حديث شريف مان ڏيندو ويو ٿي ۽ امين کي چوندو ويو ته انصاف ڪجو جو آءٌ قرآن ۽ حديث مان جواب ڏيندو رهان ٿو ۽ ان کان پوءِ  اجتماع امت ۽ مجتهدن جا قول آهن. باقي عام فقيهن ۽  عالمن جي قولن سان منهنجو واسطو ڪونه آهي، ان وچ ۾ هڪ طالب علم چيو ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هيئن لکيو آهي، فقير صاحب جوش ۾ اچي مس ڪپڙي کڻي طالب علم کي منهن ۾ ڦهڪائيندي  چيو ته محمد هاشم جا سڪايل وڻ اڃا ساوا ئي ڪونه ٿيا آهن. جيڪڏهن تو وٽ قرآن ۽ حديث مان دليل  نه آهي ته مجتهد جو قول آڻ، باقي بيهودي بڪواز نه ڪر! چون ٿا ته اهو طالب علم هڪ ڌڪ لڳڻ سان اعليٰ مقام کي پهچي ويو ۽ پنهنجي وقت جو مرشد ٿيو. آخر سيد جمال شاهه فيصلو ڏنو ته هي ماڻهو بدعتي ته نه آهي، پر هن وٽ قرآن جو نور آهي ۽  حديث مان دليل ڏئي ٿو، ان کان پوءِ سيد جمال شاهه به بيعت ڪري فقير صاحب جي مريدن ۾ داخل ٿيو. فقير   صاحب  سيد صاحب کي چيو ته اوهان تمام پيرسن آهيو چڱو ته هڪدم پنهنجي ڳوٺ روانا ٿي وڃو، جو اوهان جي ڄمار  پوري ٿيڻ تي آهي ته جيئن پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ پهچي وڃو!  شاهه صاحٻ گهوٽڪي جي ٻاهران پهتو ته وفات فرمائي ويو، جتان کڻي اچي پنهنجن وڏن جي قبرستان ۾ دفن ڪيائونس.

        گروهڙي  فقير ب اوجود يڪ هو نقشبندي طريقي جو هو، مگر التحيات ۾ آنڱر کڻڻ سنت سمجهندو هو.  هوڏهن نقشبندي طريقي وارا حضرت امام رباني تائين ان جا مخالف آهن. هو آخر ظهر جي نماز جمعي ڏينهن  پڙهڻ جو قائل نه هو. هو  تقليد غير ضروري سمجهندو هو.

هو مماتي وارن کان فيض حاصل ڪرڻ جو مفڪر هو. تفصيل وارا هن جا عقيدا ڏسڻا هجن ته فتح الفضل ۾ ڏسڻ گهرجن.

شهادت جو واقعو

        چون ٿا ته گروهر کان ٽيهه ڪوهه پنڌ تي هڪ بت خانو هو جتي هندو جوڳين وڏو اثر پيدا ڪري، ڪيتري خلق کي کاري گمراهه ڪرڻ لڳا. فقير صاحب کي  هيمشه هي ارادو رهندو هو ته ڪنهن به صورت ۾ انهيءَ بت خاني جو بنياد ڪڍيو وڃي، جنهن لاءِ تياري ڪرڻ لڳو. پنهنجي  مرشد  زادي مصلي ڌڻي خواجه گل محمد صاحب ڏانهن ماڻهو موڪلي هيٺيون نياپو موڪليو.

جنهن ڪن ٽوپايا ڪوڏ مان تنهن کي  ڪڄاڙو

ماڻس ستاڙو، پڻس نالو ڪين ڪي

        نياپي ڏيندڙ فقير هي به عرض ڪيو ته فقير صاحب هي بيت چئي ڌاڍو رنو  ٿي، مگر مون کي روڄ ئي نه آيو. خواجه گل محمد صاحب فرمايو ته افسوس فقير صاحب پنهنجي ڄمار جي  پڇاڙي ڏٺي آهي.

        پوءِ ته فقير صاحب جهاد في سبيل الله لاءِ ملڪ ۾ پڙهو گهمايو ته اچي ڪو الله جي واٽ ۾ سر ڏئي. سندس دوستن ۽ مريدن مان سوين ماڻهو اچي جمع ٿيا. ڪٽڪ ڪاهي روانو ٿي اچي انهي بت خاني جي ڀر ۾ لٿا. فقير صاحب چورائي موڪلين ته اوهان گمراهي ڇڏي سڌي واٽ تي اچو، جيڪڏهن وڙهڻ گهرو ٿا اجهوا سان حاضر آهيون، مگر بت پرستن سندس پيغام جي پرواهه نه ڪندي فقير صاحب ڏانهن رپين جي لالچ جونياپو موڪلي ڏنو، يعني ته ڪجهه هزار روپيا گهربا اٿئي ته وٺي واپس وڃ! فقير صاحب چورائي موڪليو ته اسان  اوهان کي اسلام جي راهه ڏانهن سڏڻ آيا اهيون، اوهان  وري روپيا آڇي رهيا اهيو. آخر فقير صاحب ڪي شرط کين چورائي موڪلين، پر هنن قبول نه ڪيا. پوءِ جنگ ڇڙ ي وئي، ڪافرن جي لشڪر کي شڪست آئي ۽ اٿي ڀڳو. مسلمان بت خاني ۾ ڪاهي پيا ۽ بتن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، مگر فقير صاحب کي به ترارن ۽  نيزن جا دشمن پاران اهڙا ڌڪ لڳا جو انهيءَ گهڙي شهادت جو شربت پيتائين. درويش معروف جو پڻ لواري واري وڏي بزرگ جو خليفو هو ۽ جنهن کي فقير صاحب چيو هو ته تون مون سان گڏ مرندين، جو  به انهيءَ جهاد ۾ ساڳي گهڙي ۾ شهيد ٿيو.

        حيرت جهڙي  هي ڳالهه آهي جو فقير صاحب جي بدن مان  هڪ ڦڙو رت جو به ڪونه وهي نڪتو، ترارن جا ڌڪ اندران سفيد نظر آيا ٿي. سموري جنگ جي وقت ڪوبه گٿو اکر سندن واتان ڪونه نڪتو ۽ نه وري ساڻس ڪو هٿيار ئي هو. فقط اياڪ نعبدو اياڪ نستعين  جو نعرو هڻندا رهيا ٿي.

        آخر ميدان جنگ مان فقير صاحب جو نعش کڻائي آڻي گروهر ۾ دفن ڪيائون. مير احمد خان شهواڻي مقبري تي قبو ٺهرايو. مقبري تي جيڪو پڃرو آهي، سو پهريان لواري بزرگ جي مرقد  تي جتان لهرائي فقير صاحب جي قبر  لاءِ موڪليو ويو، جنهن جي تايخ آهي رضوان من الله. ان کان پوءِ وري ٻيو ٺهرايو ويو جنهن جي تاريخ

1213 هه

آهي

رضي الله عنهم ابدافقير صاحب جون ڪرامتون ۽ مقولا بيشمار آهن،

           1219هه 

جن جو تفصيل سان ذڪر ڪتاب مرغوب الاحباب ۾ آيل آهي.

 

 

 

 

قطع تاريخ وفات از مير نظر علي خان ٽالپر

گرهوري آنکه چون اوکس نديده

بخوبي،د ر زمانش آفريده

هداؤ علم در ظاهر و جودش

بمني از دو عالم دل ربوده

درين دشت هوا ديگز پرآز

رميده از خويش بازحق آرميده

براق همنشين بالاءِ عرش از

براز افلاک، نوري را پريده

بحسن يوسفي در مصر عرفان

غلامي را دل عاشق خريده

بکور دل ز قدح همت خويش

حجاب از غير از چشمش دريده

چنين گويند کان بگزيده حق

چو پرچهل سال دورانش رسيده

ز دست ساقي دهر اندرين دهر

مئي تلخ شهادت در کشيده

چو تاريخ وصالش جستم از دل

جواب آمد بحق خلوت گزيده

           1192

        شيخ عبدالرحيم گروهڙي جا تصنيف ٿيل هيٺيان ڪتاب ڪن جاين تي دستاب ٿين ٿا.

        (1) فتح الفضل جنهن ۾ خواجه محمد زمان لواري جي ملفوظات جي شرح ڏنل آهي. زبان عربي، شرح ابيات سنڌي عربي زبان ۾، ان جو ترجمو علامه محمد بن عمر دائودپوٽي شايع ڪرايو آهي. (2) مڪتوبات گروهڙي (3) رساله از مناقب خواجه محمد  زمان لواري. (4) گرهوڙي جي سنڌي، جنهن ۾ ڪيترائي تصوف ۽ تفسير تي ننڍا ننڍا رسالا آهن.

 

 

364- محمد علي مجذوب عمرڪوٽي

        هي درويش خواجه محمد  زمان بزرگ لواري واري جي تربيت يافتن مان آهي. ننڍي هوندي جماعت جي لنگر خاني جو پاڻي ڀريندو هو. هڪ ڏينهن  خواجه صاحب هن فقير کي محنت ڪندي ڏسي فرمايو ته هن ڇوڪري جو استعداد تمام بلند آهي جو بشريت جي حالات کان گهڻو بلند ٿي رهندو. آينده هلي هي درويش مجزوبانه انداز ۾ زندگي گذارڻ لڳو ۽ دنيا ۽ دنيا وارن سان سمورا لاڳاپا ٽوڙي ڇڏيائين، خواجه بزرگ سندس مرشد جي وفات کان پوءِ گهڻو نظر علي خان ٽالپر مصنف  مرعوب الاحباب وٽ رهڻ لڳو ۽ ڪڏهن ڪڏهن سير سياحت لاءِ به نڪري ويندو هو.

        درويش سڌاتوري جو چوڻ آهي ته مون کي محمد علي  مجذوب فرمايو ته  مستي ۽ هوشياري منهنجي هٿ ۾ آهي،  جڏهن گهران ته ان  حالت کي اختيار ڪري سگهان ٿو مگر مستي واري حالت   ۾ وڌيڪ آسودو رهان ٿو.

        هڪ دفعه گرمي جي موسم  ۾ ٽن ڏينهن کان هن مجزوب ڪجهه به کاڌو يا پيتو ڪونه هو. اهڙي حالت ۾ هڪ عورت  گرم مانيون ۽ گرم گوشت جو ٻوڙ ۽ سرد پاڻي سندس خدمت ۾ کڻي آئي، مگر فقير صاحب هن کان وٺي کائڻ جي ئي نه پيو ڪري. جنهن تي هڪ دوست چيس ته وٺي کاءُ، خدا جي نعمت آيل آهي،جنهن کان پوءِ مجذوب مائي کي چيو ته تون ڪنهن جي پيدا ڪيل آهين؟ هن آڱر سان مٿي اشارو ڪري چيو ته الله تعاليٰ جي آهيان. وري چيائينس امتياڻي ڪنهن جي آهين. وري به هن اڻپڙهيل عورت اشارو ڪري چيو ته الله تعاليٰ جي، جنهن تي مجذوب کي ڏاڍو غصو آيو، ان جي کاڌي کائڻ کان انڪار ڪندي چيائين ته هي جڏهن رسول الله صلي الله عليه وسلم کي نٿي سڃاڻي تڏهن هن جو کاڌو کائڻ نٿو جڳائي. مجذوب کي ڳڙ واري  ماني يعني بسري ڏاڍي پسند هوندي هئي. جڏهن به ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي مشڪل لاءِ فقير کان دعا گهرائڻي هوندي هئن ته  کيس بسري کارائي پوءِ دعا لاءِ عرض ڪندا هوا ته ڪم ٿي پوندو هو. سندس حياتي  ۾ اهڙا سوين تجربا ڪيا ويا هوا. مجذوب صاحب پڇاڙي ڄمار ۾ عمرڪوٽ وڃي رهيو. هڪ ڏينهن هڪ  تلاءُ جي ڪناري تي ڊوڙون پائي چئي رهيو هو ته هتان ٽٻي هڻي لواريءَ وڃي سسي ڪڍندس. اهي لفظ چوندو ۽ ڊوڙندو  رهيو ٿي ته اوچتو پير ترڪڻ سان وڃي تلاءُ ۾ ڪريو. اُتي ساهه کي ساهه جي پيدا ڪندڙ جي حوالي ڪيائين. حوض جي ڪناري تي دفن ڪيو ويو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org