سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٽيون)

 

صفحو :7

 

347- مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي

        مخدوم ضياءَ الدين ولد مخدوم  ابراهيم ولد مخدوم هارون ولد مخدوم  عمائب ولد مخدوم الياس سندس نسب عراق جي مشهور صوفي عالم شيخ شهاب الدين سهروردي صديقي (وفات 632) سان وڃي ملي ٿو. مخدوم ضياءُ الدين جا وڏا ورياهه تعلقه جوڻ ۾ رهندا هوا، جتان مخدوم الياس جو پوٽو مخدوم هارون لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺو. اُتي کيس فرزند ابراهيم پيدا ٿيو، جو هڪ وڏو عالم ۽ صوفي صالح هو. ابراهيم کي سن 1091هه ۾ ضياءُ الدين تولد ٿيو.

        مخدوم ضياءُ الدين ٺٽي جي وڏي  عالم مخدوم عنايت الله کان علوم حاصل  ڪيا ۽ انهيءَ ساڳي بزرگ وٽان علامه محمد معين ٺٽوي به ظاهري علمن جو فيض پرايو  هو ۽ آخر ڄمار مخدوم  محمد هاشم به وٽانس پڙهيو هو. ايڏي وڏي عالم جو  شاگرد مخدوم ضياءُ الدين هڪ وڏو نامور فاضل پيدا ٿيو، جنهن علمي تحصيل کان پوءِ پنهنجو  جدا مدرسو قائم ڪيو، جنهن مان پڻ سوين ماڻهو فيض ياب ٿيا، جن مان مخدوم نعمت الله ولد عبدالجليل سندس ڏهٽو ۽ مخدوم محمد هاشم ۽ ميان محمد ولد مخدوم احمد ٺٽوي آهن.

        مخدوم ضياءُر الدين عام ماڻهن جي سهوليت لاءِ نماز روزن ۽ زڪوات حج جا مسئلا سنڌي ڏوهڙن ۾ هڪ ڪتابي صورت ۾ لکيا، جنهن کي مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي سڏيو وڃي ٿو.

        مخدوم ضياءُ الدين جو اهو رسالو بمبئي ۾  ڇپيو به هو، مگر هن وقت ناياب ٿي ويو آهي. ٿوري علم  وارن لاءِ مخدوم ابوالحسن جي سنڌي کان فقهي ابتدائي مسئلن سکڻ لاءِ ڏاڍو ڪارآمد آهي.

        مخدوم ضياءُ الدين 80 سالن جي ڄمار کي پهچي سن 1171هه ۾ هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪري، دارجاوداني ۾ وڃي آراميو. سندس اولاد مان ميان يار محمد ڪمال تقويٰ ۽ فضيلت وارو ٿي گذريو آهي. ان کان پوءِ سندس پوٽو مخدوم غلام محمد به تحفت الڪرام جي مصنف مير قانع جي حياتي تائين زنده موجود هو ۽ پنهنجي ڏاڏي بزرگ جي ياد کي تازو رکندو آيو ٿي. هن وقت پتو  ڪونه آهي ته ان خاندان مان به ڪو آهي الائي نه. والله اعلم باالصواب.        

(تحفه وغيره)

 

 

348- مخدوم آدم نقشبندي ٺٽوي

        ٺٽي جو وڏو ولي ۽ نقشبندي طريقي کي سنڌ ۾ رواج ڏيندڙ مخدوم آدم ولد عبدالاحد ولد عبدالرحمان ولد عبدالباقي ولد محمد ولد احمد ولد آدم ولد عبدالهادي صديقي يمني مالڪي. ڪتاب مرغوب الاحباب جي مصنف جو  چوڻ آهي ته سندن سلسلو نسب وڃي سيدنا صديق اڪبر سان ملي ٿو. سندن وڏا يمن جا رهاڪو هوا. سندن وڏو  ڏاڏا عبدالباري سن 417هه ۾ ڪاٺياواڙ ۾ پهتو. انهي زماني ۾ سلطان محمود غزنوي قدس سره جون ڪاٺياواڙ تي ڪاهون هيون. عبدالباري جو ننڍو ڀاءُ عبدالخالق سلطان غزنوي  سان ملي وڏو مرتبو ۽ مان حاصل ڪيو. ان جو فرزند عبدالهادي اول ڪاٺياواڙ مان ڪڇ ڀڃ ۾ پهتو. ان کان پوءِ سندن خاندان مان ڪي بزرگ ٺٽي ۾ پهتا، جن مان يارهين جي آخر ٻارهين صدي جي اوائل ۾ مخدوم آدم هڪ وڏو عالم ۽ بزرگ ٺٽي  ۾ اٿيو. هن بزرگ جي بيعت جناب خواجه عروة الوثقيٰ محمد معصوم ولد نصرت امام  رباني مجدد الف ثاني سان ٿيل آهي، جو حضرت اورنگزيب عالمگير جو  مرشد ۽ وقت جي وڏن ڪامل مرشدن مان ٿي گذريو آهي.

        خواجه عروت الوثقيٰ سان شروعات ملاقات جو ڪارڻ هن ريت چيو وڃي ٿو ته خواجه صاحب هي پاڻ تي مقرر ڪري ڇڏيو هو ته سلطان عالمگير کان وقت جي عالمن ۽ فاضلن جي گذران لاءِ روزينه مقرر ڪرائيندو رهندو هو ۽ ان ڪم لاءِ وقت به وقت دهلي جو سفر ڪندو رهندو هو. مخدوم آدم به انهيءَ ارادي سان خواجه صاحب جي خدمت ۾ وڃي سرهند شريف پهتو. خواجه صاحب مخدوم جي علميت ۽ بلند استعداد  کي پنهنجي فراست سان  مشاهدو فرمائي کيس ارشاد ڪيائون ته اوهان اسان جي نينگرن کي تعليم ڏيندا رهو ته اوهان جي اهل عيال جي گذران  جو  اسان پاڻيهي بندوبست ڪنداسين. خواجه صاحٻ جو ان مان اصل مقصد هي هو ته مخدوم صاحب کي پاڻ وٽ رهائي کيس نقشبنندي احمديه طريقي جي تلقين ۽ تعليم ڪئي وڃي. مخدوم آدم جو ظاهري علم جو هڪ وڏو عالم هو تنهنجو باطني طريقه تصوف ڏانهن  ڪجهه به توجه نه هو. آخر ڪجهه مدت کان پوءِ ارادت جو معاملو استوار ٿيندو ويو ۽ سلوڪ جو سبق وٺي ذڪر فڪر ۾ لڳي ويا ۽ خواجه صاحٻ جي توجهات جو مٿس ايڏو اثر پوندو رهيو جو ماسواءَ الله کان منقطع ٿي حقيقت جي جذبي ۾ بلڪل جذب ٿي رهيو. برابر 7 سال پنهنجي  مرشد ڪامل جي خدمت ۾ رهي پوري استغراق سان سلوڪ جون منزلون طئي ڪندو رهيو. چون ٿا ته انهي وچ ۾ جيڪڏهن سندس وطن ٺٽي مان عزيزن جو  ڪو خط ايندو هو ته ان  کي به سواءِ کولڻ جي ائين رکي ڇڏيندا هوا، هن ڪري ته متان ڪا اهڙي ڳالهه لکيل هجي، جنهن ڪري حقيقت واري ڪيفيت ۾ ڪو تفرقو پيدا ڪري ڇڏي.

        جڏهن ڪماليت جي درجي تي قائم ٿيو، تڏهن حضرت خواجه عروت الوثقيٰ کي خلافت جي خلعت ڍڪائي، وطن جي  واپسي جي اجازت ڏني ته ٺٽي ۾ خانقاه قائم ڪري وڃي نقشبندي طريقي کي رواج ڏياري. مخدوم صاحب عرض ڪيو ته سنڌ ديس ۾ اڳ ۾ ئي تمام گهڻا مشائخ ۽ اولياء  آهن، انهن  هوندي مون ڏانهن ڪير رجوع ڪندو؟ خواجه صاحب فرمايو، ڀلي سموري سنڌ ولين سان ڀرپور هجي  مگر اسان جي طريقي جي نسبت  ٻين کان تمام اعليٰ آهي.

        مخدوم صاحب جڏهن وطن ۾ واپس آيا. تڏهن چئني پاسن کان ماڻهن جا وٽن ميڙا  ٿيڻ لڳا، بلڪ وقت جا مشائخ به وٽن اچڻ لڳا. انهيءَ زماني جا علماء به سندن خدمت مان فائدو حاصل ڪرڻ لڳا. هي پهريون بزرگ آهي جنهن سنڌ ۾ امام  رباني جي طريقي نقشبندي کي رواج ڏياريو.

        شيخ ابوالقاسم ٺٽوي جو وقت جو وڏو  بزرگ ۽ يگانه روزگار صوفي هو، سو مخدوم آدم جي فيض يافتن مان آهي. شيخ ابراهيم لوهرائي، سيد فتح محمد، شيخ انيس ۽ مخدوم صابر ولهاري ۽ ٻيا وڏا وڏا اولياء مخدوم آدم جي فيض مان بهره ور ٿيل آهن.

(مرغوب الاحباب)

        مير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته مخدوم آدم نقشبندي جي زماني ۾ ٻيو مخدوم آدم به هو. انهيءَ زماني ۾ مخدوم آدم ٻئي جي  علميت  ۽ پيري جو غلغلو  تمام گهڻو بلند ٿيل هو، تنهن ڪري مخدوم آدم نقشبندي پنهنجي نفس مارڻ لاءِ ماڻهن کي حڪم ڪيو ته مون کي ”آدو“ سڏيندا ڪريو ڇاڪاڻ جو هڪ شهر ۾ ٻه آدم ساڳي زماني ۾ ڪيئن ٺهي سگهن ٿا. ان کان ڪيترن بزرگن فيض حاصل ڪيا. نقشبندي سلسلي ۾ وڏي ڪماليت جو صاحب هو. سندس مقام ڏاڍا بلند آهن. چون ٿا ته هڪ ملا آخوند يوسف نالي جو مخدوم صحب جي محله واري مسجد ۾ پيش امام هو، سو هميشه مخدوم صاحب جي تشريف آوري کان اڳ ۾ تڪبير  نه چوندو هو. هڪ ڏينهن اهڙو واقعو ٿيو جو  ميان ابوبڪر ولد مخدوم آدم ديگر جو شهر جو صدر هو، نماز لاءِ  مسجد ۾  آيو ته جماعت اڳ ۾  ٿي چڪي هئي. جنهن تي ابوبڪر کي ڏاڍي خار آئي۽ ملا کي چيائين ته تون اسان کي ڄڻ ماڻهوءَ  ئي نه ٿو سمجهين؟ جو اڳ نماز پڙهائي ڇڏين ٿو. هن کان پوءِ توکي مسجد جي امامت کان معزول ڪجي ٿو (ڇو ته اهو ڪم صدر جي حوالي هوندو هو) ملا يوسف پريشان ٿي، مخدوم صاحب وٽ پهتو،  زار زار روئي مٿيون احوال بيان ڪيائين. مخدوم صاحب فرمايس ته ڀئو ناهي، تون هاڻي وڃي پنهنجي گهر جي بالاخانه ۾ قرآن شريف جي تلاوت ۾ مشغول ٿي. صدر صاحب پاڻيهي تو وٽ لنگهي ايندو. تيستائين هن جي ڳالهه قبول نه ڪج جيستائين پنهنجو ڪم پوري طرح نه ڪڍي وٺين. ٿيو ڇا جو اوچتو اچي ميان ابوبڪر صدر کي پيٽ ۾ سور  پيو. سمجهي ورتائين ته ملا يوسف جي ناراضگي جو نتيجو آهي. ٺاهڻ لاءِ ماڻهو موڪلڻ لڳو، مگر جواب ندارد، آخر پاڻ کي پالڪي ۾ کڻائي ملا يوسف جي در تي آيو. ڏاڍيون دانهون ڪرڻ لڳو، مگر ملا يوسف پنهنجي گهر ۾ قرآن جي تلاوت ۾ مشغول رهيو. آخر گهڻي منت زاري کان پوءِ ڇهن مهينن جي اڳواٽ پگهار به مليس ۽ خلعت به. ازانسواءِ صدر صاحب پنهنجي مهر سان پيش امامي جي نئين سند به لکي ڏني. تنهن کان پوءِ ملا يوسف، پاڻي تي قرآن شريف دم ڪري، ابوبڪر کي پياريو ته انهيءَ ويل نئو بنو ٿي پيو. (تحفت الڪرام)

        مخدوم صاحب جي وفات جو سال معلوم نه ٿي سگهيو اهي، مگر قرانن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن بزرگ ٻارهين صدي جي اوائل ۾ وفات فرمائي آهي. سندن مقبرو  مڪلي ۾ عيدگاهه جي اتر کان آهي. پنهنجي حياتي ۾ فرمايو هوائون ته منهنجي قبر بهشت جي طبقات مان هڪ طبقو آهي. جناب خواجه محمد زمان لواري واري جو ارشاد آهي ته سموري مڪلي جي قبرستان ۾ مخدوم آدم جي مدفن جهڙو ٻيو ڪو متبرڪ مقام ڪونه آهي. (مرغوب الاحباب)

        جنهن هنڌ سندن ذڪر فڪر جي خانقاهه هوندي هئي، اُتي سندن وفات کان پوءِ ويندڙن کي خدا ياد ايندو هو. ڪيترا نقشبندي طريقي جا صوفي، اُتي اچي رهندا ۽ اطمينان قلب حاصل ڪندا هوا. مير نظر علي خان ٽالپر لکي ٿو ته حافظ رحيم ڏنو ٽليائي اسان جي حضرت خواجه بزرگ (شيخ محمد زمان لواري) وارن  جو مريد هو ۽ عبادت ۽ رياضت ۾ جهڙو ٻيو  ڪوبه جماعت ۾ ڪونه هو. تنهن جو بيان آهي ته جڏهن مدد خان افغان جي آمد ڪري سنڌ ۾ تفرقو ۽ اهڙو سخت قحط پيو جو ڄڻ اُن زماني ۾ ماڻهو هڪ ٻئي جو ماس کائي رهيا آهن. آءٌ اهڙي نازڪ وقت ۾ مخدوم  ابراهيم جي خانقاهه تي ٺٽي ۾ سواءِ ڪنهن کاڌ  خوراڪ جي پورا 6 مهينا ٽڪيو پيو هوس. حيرت  لڳي ٿي ته ڪڏهن کاڌي جو خيال به ڪونه آيو. اوڳرائي جو ڏاڍي ڍؤ کان ايندي آهي. سومهڻي جي وقت منهن جي معدي مان روزانو هڪ ٻه اهڙي اوڳرائي ايندي هئي. ائين  سمجهندو هوس ته ٺڻ پيٽ ڀري کير پيتو اٿم. (مرغوب) والله اعلم باالصواب

        مخدوم ابراهيم وفات کان پوءِ ٻه فرزند  ڇڏيا، مخدوم  فيض الله ۽ مخدوم اشرف جن جو ذڪر آئنده اچي ٿو.

 

 

349- مخدوم اشرف نقشبندي ٺٽوي

        مخدوم محمد اشرف ولد مخدوم آدم نقشبندي، هي وڏي ڪماليت جو مالڪ هو. تحفت الڪرام ۾ مخدوم آدم جي ذڪر جي پڇاڙي ۾ لکي ٿو ته:

        ”فرزند ش محمد اشرف نام بود بعد واقعه مخدوم قائم مقام شد و بزرگي اتم زيست نمود“

        مگر مرغوب الاحباب واري جو چوڻ آهي ته مخدوم  آدم جي وفات کان پوءِ سندس وڏو فرزند ميان  فيض الله هو، جنهن کي والد وفات وقت پنهنجو جاءِ نشين بڻايو هو.

        اهي بزرگ ڪجهه وقت سرهند شريف ۾ رهي فيوضات حاصل ڪيائون. خلافت نقشبنديه جي طريقي ۾ حاصل ڪري وري پنهنجي وطن موٽي اچي خلق جي فيض رساني ۾ مشغول ٿيا، مگر پوءِ ستت ئي هڪ ٻئي جي پوئتان نوجواني جي زماني ۾ وفات ڪري ويا ۽ سندن وفات ۾ فقط هڪ سال جو فرق هو. پنهنجي والد جي  پاسي ۾ اڀرندي طرف کان آراميل آهن. (مرغوب الاحباب)

        مخدوم محمد اشرف مان هڪ فرزند محمد نالي ٿيو ۽ هڪ نياڻي. هن بيبي جي شادي محمد صادق نقشبندي سان ٿي،جنهن مان شيخ ابوالحسن صغير مدني محدث پيدا ٿيو، باقي مخدوم خيرالله کي نرينه اولاد ڪونه هو. هڪ معصومه اسماء نالي هئي جا پڻ سواءِ اولاد جي فوت ٿي وئي.

 

 

350- شيخ محمد ابوالمساڪين ٺٽوي

        شيخ محمد ولد مخدوم محمد اشرف وند مخدوم آدم نقشبندي رح. سندس ولادت کان اڳ ۾ سندس ڏاڏي بزرگ پنهنجي خليفي مخدوم ابوالقاسم نقشبدي کي فرمايو  هو ته منهنجي اولاد مان هڪ مرد پيدا ٿيندو،  جنهن جو  اسم حضرت رسول الله  صلي الله عليه وسلم جهڙو هوندو ۽ پيغمبر خدا وانگي يتيم به هوندو. اهو پنهنجي زماني جو قطب  ٿيندو. توتي لازم آهي ته هن جي ظاهري ۽ باطني تربيت ۾ ڪوشش ڪج، ائين نه ٿئي جو ڌارين جي دروازن تي وڃڻو پويس. مخدوم محمد جي ولادت کان  پوءِ سندس والد بزرگوار ستت ئي وفات فرمائي ويو. شيخ ابوالقاسم پنهنجي مرشد جي وصيت مطابق صاحبزادي کي پنهنجي تربيت ۽ پرورش ۾ ورتو. وفات جي وقت پنهنجي امانت سندس حوالي ڪيائين ۽ پنهنجي نياڻي سان شادي به ڪرايائينس.

        ان کان پوءِ شيخ محمد جي ملاقات خواجه محمد زڪي مجددي (متوفي 1143) ولد خواجه محمد حنيف  ولد خواجه عبدالاحد ولد خواجه  محمد سعيد ولد حضرت امام  رباني مجدد الف ثاني رحمت الله عليهم اجمعين سان بيعت فرمايائين. حضرت خواجه محمد زڪي زندگي ۾ ٻه حج ادا فرمايا هوا. پوئين حج تي سنڌ مان سفر ڪندي، ٺٽي ۾ اچي پهتا، جتي سون جي تعداد ۾ مخلوق اچي سندس  زيارت لاءِ جمع ٿي.  شيخ محمد ابوالمساڪين به ان انبوهه ۾ هو. خواجه صاحب اشارو ڪندي فرمايو ته هي جوان ڪير آهي. مخدوم ابراهيم ولد مخدوم ابوالقاسم عرض ڪيو ته منهنجو ڀاءُ آهي. خواجه صاحب فرمايو ته هي ڪنهن جو به ڀاءُ ڪونه آهي ۽ نه  هن لاءِ سڃاڻائڻ جي ضرورت آهي. ان کان پوءِ سڏي پنهنجي ڀر ۾ وهاريائونس، ڏاڍي دلداري ڏنائونس ۽ پيار ڪيائونس. وڌيڪ  فرمايائونس ته مون کي توسان ڪم آهي. واپسي ۾ آءٌ توکي پاڻ سان ورتيو ويندس، مگر ٿيو هيئن جو و اپسي ۾ خواجه محمد زڪي صاحب ڪاٺياواڙ  (سورٺ) بندر کان اچي لٿا. اتان شيخ ابوالمساڪين کي خط لکيائون ته ”الخير فيما صنع الله ما  از ينجامي رويم تو بايد که خود را آنجا رساني“

        يعني ته جو ڪجهه  الله تعاليٰ ڪيو، تنهن ۾ خير آهي. اسان هتان وڃون ٿا، توکي گهرجي ته اُتي پاڻ  کي پهچاءِ!

        شيخ محمد ابولمسڪين انهيءَ خط پهچڻ کان پوءِسرهند شريف  روانو ٿي ويو، مگر خواجه محمد زڪي کي ڪاٺياواڙ پڙودي جي مريدن هڪ سال تائين ترسائي وڌو، جڏهن سرهند شريف آيا، تڏهن ابوالمساڪين جي حال تي تمام گهڻو توجه فرمايائون ۽ بيحد نوازشون ڪيائون ۽ سلسلي جي اجازت عطا ڪيائون. ان کان پوءِ کيس ارشاد ٿيو ته دهلي ۾ وڃي خواجه محمد زبير ولد خواجه ابوالعلي مجددي بن خواجه حجة الله سان ملاقات ڪريو. خواجه محمد زبير ان زماني ۾ شاهه جهان آباد ۾ نقشبندي طريقي جو رشد  ارشاد جاري ڪندڙ هو ۽ شهر جا امير ڪبير ۽ شاهزادا به سندن خدمت ۾ ايندا رهندا هوا. هڪ ڏينهن شيخ ابوامساڪين خواجه محمد زبير جي خدمت ۾ ويٺو هو ته ان وقت بادشاهه وقت جي سواري اچي خانقاهه وٽان  لنگهي، ماڻهو  سڀ سواري جي ڏسڻ لاءِ اٿيا. ڪي ديوارن کان بيهي ڏسڻ لڳا. خود خواجه صاحب به فرمايو ته جن دوست کي ڏسڻ جو شوق هجي، ڀلي وڃن. پوءِ ته سڀ درويش روانا ٿي ويا. مگر شيخ ابوالمساڪين، اُتي جو اُتي ويٺو رهيو. خواجه  صاحب فرمايو ته سنڌ وارن بادشاهن جون سواريون نه ڏٺيون آهن، جيڪڏهن توکي خواهش هجي ته بيشڪ وڃي ڏس.

        ابوالمساڪين جواب ڏنو ته آءٌ جنهن بادشاه وٽ آيو آهيان، ان جي خدمت ۾ ويٺو آهيان، ٻئي ڪنهن  به بادشاهه جي ڏسڻ  جي آروزوئي ڪانه رکان ٿو. شيخ ابوالمساڪين  جو چوڻ آهي ته فقط ان جملي  چوڻ سان مون تي ايتري رحمت وسڻ لڳي، جو هوند 12 سال بندگي ڪريان ها ته به ايتري قدر باطني ڪم جي ڪشادگي حاصل نه ٿئي ها. ان کان پوءِ خواجه محمد زبير مجددي وٽان خلافت جي خلعت ڍڪي ٺٽي ۾ آيا، جتي علماء صلحاء جو وٽن ڏاڍو مرجع ٿيو.

        فتوحات به تمام گهڻي ٿي. دهلي جي بادشاهه وٽان ڏهن روپين روزينو جو پروانو ٿي آيو، مگر پاڻ ان ڏانهن ڪوبه توجه نه ڪيائون ۽ نه وري سرڪاري خزاني مان روزينه کنيائون، مگر ان هوندي به جدا جدا نمونن جا طعام پچندا هوا ۽جماعت کائيندي رهندي هئي. ڪپڙا تمام عمدا ڍڪيندا هوا. هڪ دفعي اوڍيل ڪپڙا، وري نه پهريندو هو، اُهي فقيرن کي ورهايا ويندا هوا.

        مخدوم محمد هاشم عليه الرحمت سندن هم عصر هو، مگر پاڻ ۾ اڻ بڻت رهندي هون. امام رباني جي مڪتوبات جو هڪ نسخو  مخدوم صاحب عاريته گهريو، مگر هميشه لاءِ بخش ڏئي ڇڏيائونس.

        شيخ صاحب جي مسڪينن سان گهڻي شفقت سبب عرب مسافر کيس ابوالمساڪين سڏيندا هوا، جنهن ڪري اهو ڪنيو مٿانس هميشه لاءِ پئجي ويو. هڪ دفعي جو و اقعو، جو اوچتو ئي اوچتو سفر حج جي تياري ڪرڻ لڳا. خادمن عرض ڪيو ته ايڏي تڪڙ ڇو ڪري رهيا آهيو. فرمايائين ته ميان نور محمد عباسي تي وڏي مصيبت نازل ٿيڻ واري آهي، جا ڪڏهن به ڪانه ٽرندي. هو اسان جو معتقد آهي. سنڌ ۾ رهڻ واري حالت ۾ اسان ڏانهن رجوع ڪندو مگر ڪم پورو نه ٿيندس، جنهن ڪري بدعقيدي ٿيڻ ڪري سندس بڇڙي خاتمه جو خطرو آهي، تنهن ڪري سنڌ ڇڏڻ ۾ ئي ڀلائي آهي. ڏٺو ويو ته شيخ ابوالمساڪين جي روانگي کان پوءِ نادر شاهه اچي سنڌ تي ڪڙڪيو،جنهن ڪري ملڪ هيٺ مٿي ٿي ويو.

        شيخ ابولمساڪين حج جو فرض پڙهي، اهل عيال مڪي شريف ۾ ڇڏي، وري ٺٽي واپس آيا. فقط 20 يا  22  ڏينهن هت رهي، وري مڪه شريف موٽي ويا. فرمايائون اسان فقط شيخ محمد زمان (خواجه ڪلان لواري وارا) لاءِ آيا آهيون، جو کيس امانت ڏيئي واپس وڃڻو آهي، جو آخر ائين ڪيائون. (مرغوب الاحباب)

        مخدوم عبدالرحيم گروهڙي پنهنجي مرشد خواجه محمد زمان لواري کان نقل آندو آهي ته فرمايائين:

        اخذت الطريقة عن الشيخ محمد وقد تحيرت في علمه من البداية اليٰ آلان فلا احب النهاية.

        ان کان پوءِ گروهڙي صاحب لکي ٿو ته:

        شيخ محمد من اولاد المخدوم آدم التتوي. مريد الشيخ ابوالقاسم التتوي و فتنه ثم صاحب الشيخ محمد زڪي السرهندي الاحمدي وقد ڪتب الاجازت بخطه المرشد الاجل بهاذ الصورت و بقول الشيخ محمد لماڪان اخ في الله محمد زمان سلڪ في سلڪ الارادت و صحب مع المسڪين صحبة ڪثيرة اخبرتھ التعليم الطريقه و شرط الاجازت الاستقامة علي الشريعة والطريقه والسلام.

        (فتح الفضل للمخدوم عبدالرحيم نسخه قلمي)

        شيخ  عبدالمساڪين ٺٽي مان واپس وڃي مڪه شريف ۾ رهيو جتي نهايت فتوحات ۽ سخاوت سان گذاريائين ۽ فيض هدايت جاري رکيائين. آخر عرفات جي ڏينهن عرفه تي هيضه جي بيماري ۾ سن 1149هه پنهنجي حقيقي مالڪ جي ديدار جو شرف حاصل ڪيائون. سندن مريدن ۽ متعقدن اتان جنازو کڻائي جنت المعليٰ ۾ آڻي دفن ڪيو.

رحمت الله عليه رحمة واسعة       (مرغوب)

 

 

351- حاجي عبداللطيف لواري

        ظاهري باطني علمن  سان سينگاريل ۽ تقويٰ ۽ شريعت سان سنواريل حاجي عبداللطيف نقشبندي، شيخ طيب سهرودي، شروع ۾ سهروردي طريقي جو صوفي هو ۽ ان کانپوءِ مخدوم فيض الله ولد مخدوم آدم نقشبندي ٺٽوي کان نقشبندي طريقي ۾ بيعت ڪيائين، مخدوم خواجه ابوالقاسم نقشبندي ٺٽوي سان بيحد محبت هوس ۽ ان جون به ساڻس بي شمار مهربانيون هيون. سندس توجه سان وڌيڪ  ڪماليت جي درجي کي پهتو.

        هڪ دفعي مخددوم  فيض الله جڏهن سرهند شريف وڃي رهيو هو ۽ سڀ جماعتي ساڻس گڏجي شهر کان ٻاهر الوداع ڪرڻ لاءِ آيا، تڏهن مخدوم صاحب،  حاجي عبداللطيف کي فرمايو ته تون واپس وڃي خانقاهه جي انتظام  ۽ ڪم ڪار  کي سنڀال، باقي تنهنجي لاءِ سرهند ۾ مرشدن وٽ عرض ڪندس. ان لاءِ دلجاءِ ڪر. حاجي صاحب واپس اچي خانقاهه ۾ ويٺو. جڏهن مخدوم صاحب موٽي آيو، تڏهن فرمايائين ته خواجه صاحب  سرهندي جي خدمت ۾ تولاءِ عرض ڪيم. پاڻ فرمايائون ته سندس حالت صحيح آهي. آءٌ به وڌيڪ توجه سان کيس  ترقي ڏياريان ٿو جنهن جو کيس ئي احوال معلوم ٿيندو. هي به فرمايائين ته هن کي هڪ فرزند پيدا ٿيندو جو هن طريقي جي سمورين ڪماليتن جو مظهر ٿيندو.

        از انسواءِ خواجه مخدوم ابوالقاسم نقشبندي به حاجي عبداللطيف کي هڪ مجلس ۾ اهڙي بشارت ڏني هئي ته توکي هڪ فرزند پيدا ٿيندو، هزارين ماڻهو سندس دروازي تي فيض حاصل ڪرڻ لاءِ رجوع ٿيندا. بشارت واري مجلس ۾ مولانا عبدالسلام جوڻ جو ويٺل موجود هو، تنهن پنهنجي نياڻي حاجي عبداللطيف سان منسوب ڪري نڪاح ۾ ڏني ته اهو ڪامل شخص  منهنجي نياڻي مان تولد ٿئي. آخر حاجي صاحب کي ان بيبي مان خواجه محمد زمان بزرگ لواري وارو پيدا ٿيو جا عرب عجم ‎ ۾ مريد ۽ معتقد ٿيا.

        شيخ حاجي عبداللطيف صاحب 1149هه ۾ هن دارفاني مان رحلت ڪري دارجاوداني ۾ وڃي آراميو. (مرغوب الاحباب)

 

 

352- مولانا عبدالسلام جوڻ

        مولانا عبدالسلام خواجه  محمد زمان بزرگ لواري واري جو نالو هڪ وڏو ڪامل  ولي ۽ ابدالن مان ليکيو وڃي ٿو. خواجه ابوالقاسم نقشبندي جي مريدن مان  شيخ شريف محمد بن  محمد قديم کان نقل آهي ته مولانا عبدالسلام صبح جي نماز ڀڄ ۾ پڙهندو هو. پوءِ مانجهندو اچي لواري ۾ ڪندو هو. ٿوري آرام ڪرڻ کان پوءِ ظهر بديڻ ۾ ته عصر جوڻ ۾ وڃي پڙهندو هو، جتي سندس گهر هو. وري مغرب لواري ۾ ته عشا ڀڄ ۾ ادا ڪندو هو. ايڏي وڏي منزل ۽ طي الارض جو صاحب هو. شيخ علاؤ الدين سمناني فرمائي ٿو ته:

        شاهدنا منهم ڪرامات عيانية من طي الارض و العبور علي الماءِ بلاجسر و لا سفينة با قل من ساعة زمانية و من الاختفا عن اعين الناس و قال کذالک کثير من الاولياء في اوصاف البدلاءِ

(مرغوب الاحباب)

        يعني ته اسان انهن جون ڪيتريون ڪرامتون ڏٺيون آهن، جيئن ته زمين جي سفر کي ويڙهي وٺڻ ۽ پاڻي تان پل ۽ ٻيڙي کان سواءِ هڪ  لمحي ۾ لنگهي پار پوڻ ۽ ماڻهن جي اکين آڏو گم ٿي وڃڻ، ڪيترن ولين ابدالن جي وصفن ۾ ائين ئي بيان ڪيو آهي.

        مولانا عبدالسلام يارهين صدي جي آخر ۽ 12  جي اوائل وارن سنڌي  اوليائن مان آهي.

 

 

353- خواجه محمد زمان ڪلان بزرگ لواري

        خواجه محمد زمان ولد خواجه عبداللطيف سهروردي، وقت جو وڏو عارف ۽ ولي ڪامل ۽ صاحب فيض و عرفان ٿي گذريو اهي. سندس ولادت کان اڳ ۾ ئي ڪيترن عارفن ۽ مجذوبن، خواجه عبداللطيف کي هڪ باڪمال فرزند جي ولادت جون  بشارتون ڏنيون  هيون، جن جو تفصيل فردوس العارفين ۽ ڪثيف الڪامن وغيره ڪتابن ۾ آيل آهي. سندس ولادت  باسعادت 21 رمضان سن 1225هه ۾ لواري جي شهر ۾ ٿي انه من عباد نالمخلصين مان  سال

1125

ولادت ملي ٿو. سندس ولادت کان پوءِ ڪن بزرگن، سندس والد کي هن فرزند جي سنڀال ۽ خيال رکڻ جو تاڪيد ڪيو ۽ ٻڌايو ته هي وڏو صاحب ڪمال ٿيندو. ابتدائي علوم اتي ئي حاصل ڪري ان کان پوءِ ٺٽي جي دارالعلم ڏانهن سفر ڪيائين، جتي مولوي محمد صادق نقشبندي جي مدرسه ۾ داخل ٿي علم حاصل ڪندو رهيو. انهيءَ زماني ۾ ٺٽي ۾ خواجه محمد ابوالمساڪين ولد خواجه محمد اشرف جي تصوف ۽ فيض جو به شهر ۾ شهرو ٿيل هو. هڪ دفعي خواجه محمد زمان جي خواجه ابوالمساڪين سان راهه ويندي چهار چشمي ٿي وئي. جتي هن  نوجوان جي طبعي استعداد کي تاڙي ورتائون ۽ کيس خانقاه تي وٺي آيا. اُن کان پوءِ به ڪيترا دفعا خواجه محمد زمان کي خانقاه ۾ گهرائيندا رهيا ۽ طريقت ۾ داخل ٿيڻ جو ڏس ڏيندا رهيا. آخر جڏهن پويان درسي ڪتاب جئن ته توضيح تلويح پڙهي پورا ٿيا، تڏهن نقشبندي طريقي ۾ خواجه محمد ابوالمساڪين جي صحبت ۾ داخل ٿيا. پهريان گهاٽي صحبت پورا ڇهه مهينا رهي، جنهن ۾ جو ڪجهه حاصل ٿيڻو هون، سو حاصل ڪيائون، ان کان پوءِ کيس اجازت نامو لکي ڏنائون، جنهن جو احوال خواجه ابوالمساڪين جي تذڪري ۾ ڪري آيا آهيون.

        مريد ڪرڻ جي اجازت واري ڏينهن، سندن مرشد پنهنجي دستار مبارڪ لاهي سندس سر تي رکي ۽ جُتي ٺاهي اڳيان رکيائين ۽ پنهنجي مريدن کي چيائين ته  اوهان نئين سر خواجه محمد زمان جي بيعت ڪريو. ان کان پوءِ ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهيا ۽ آخر اجازت وٺي نئين لواري ۾ اچي مستقيم ٿيا. اهو 1150هه جو واقعو آهي. هيٺئين آيت مان نڪري ٿو.

        ”ان هاذا ملڪ ڪريم“ ٺٽي ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ خانقاهه جي سنڀال جو ڪم سمورو سندن حوالي هوندو هو ۽ خواجه ابوالمساڪين فقط جمعه نماز لاءِ ٻاهر نڪرندو هو. اهو ساڳيو زمانو مخدوم علامه محمد  هاشم جي علمي زور جو به هو، جنهن ڪري خواجه ابوالمساڪين ۽ سندس خليفه خواجه محمد زمان ۽  مخدوم صاحب جي پاڻ ۾ اڻ بڻت رهندي ايندي هئي، جنهن جو تفصيل مرغوب الاحباب ۾ ڏيکاريل آهي. لواري ۾ انهيءَ هنڌ اچي رهيا، جتي هاڻي سندن مقبرو آهي.  روزانه سوين ماڻهو ڏانهس رجوع ٿيڻ لڳا ۽ سندس فيض رساني جي شهرت پري پري پهچندي رهي ۽ ماڻهو خداشناسي جي سبقن حاصل ڪرڻ لاءِ سبقت ڪرڻ لڳا. هڪ دفعي سيد عبداللطيف شاهه ڀٽائي سفر ڪندي، سندن خدمت ۾ اچي پهتو. خادم کي چيو ويو ته خواجه  صاحب کي اطلاع ڪري ته سيد جي ساڻس ملاقات ٿئي. خواجه صاحب فرمايو ته شاهه صاحب کي چئو ته ٿورو  ترسي ته آءٌ پاڻ سندن  استقبال لاءِ اچان ٿو. شاهه صاحب خادم کان  پڇيو ته ڪهڙو ڪم ڪيائون پئي؟ خادم چيو ته خاموش ويٺا هوا. شاهه صاحب فرمايو ته انهيءَ شغل مان  واندو ٿي ڪٿي ٿو اسان ڏانهن اچي، اُٿ ته پاڻ هلي ملونس. شاهه صاحب خواجه صاحب جي سامهون اچي فرمايو ته:

سامي سفر هليا ڪو پروڙي پنڌ

جني هيٺاهان ڪنڌ، آءٌ نه جيئندس اُن ريءَ

        خواجه صاحب جواب ۾ فرمايو ته:

ڪين آهين، ڪين ٿيون وڃي ڪين ڪماء

لاڳاپا لوڪ جا ”لا“ سين سڀ لهراءِ

سامي پوءِ سلنداءِ، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي

        شاهه صاحب ورندي ڏني:

قلم وهو ڪانه، سرتيون ڪنهن سڀاڳ لئي

انگ اڳي ئي لکيو،ا ُت نه پهچي ٻانهن

ڪنهن کي ڏيان دانهن، پرين مان سين هيئن ڪيو!

        خواجه صاحب وراڻو ڏنو:

ويهه وڃي وٽ تن، قلم جنين جي هٿ ۾

ميٽيون انگ اڳيون واري ٻيو لکن

پنو سو پاڙهن، جنهن مان پسڻ ٿئي پرين کي.

        ان کان پوءِ شاهه صاحب پڇيو ته فنا کان پوءِ ڇا آهي؟ ان بابت ڪو پتو آهي.

پاڻ فرمايائون ته ”فنا کان اڳ ۾ ڇا آهي؟“

        شاهه صاحب اهو جواب ٻڌي خاموش رهجي  ارادو ڏيکاريائين ته بيعت ڪري، مگر خواجه صاحب فرمايو ته اسان نقشبندي طريقي وارن وٽ راڳ گانو حرام آهي، سواءِ ڪن خاص حالت جي. شاهه  صاحب فرمايو ته مون سموري ڄمار سرود سماع ۾ صرف ڪئي آهي، هينئر ان جو ڇڏڻ مون لاءِ محال آهي. پوءِ هڪ ٻئي سان ڪجهه وقت رهاڻ ڪري شاهه صاحب روانو ٿيڻ لڳو. خواجه صاحب موڪلائڻ لاءِ هڪ اجرڪ  پاکر شاهه صاحب کي ڏني. چون ٿا ته شاهه صاحب انهيءَ اجرڪ کي سانڍي رکيو ۽ وصيت ڪئي هوائين ته ان جو کيس ڪفن ڏنو وڃي، مگر پوءِ اها اجرڪ سندس جنازي تي وڌي ويئي ۽ ان کان پوءِ لاهي سندن مقبري کي ڍڪائي وئي. شاهه صاحب جڏهن به خواجه صاحب کي ياد ڪندو هو ته هي بيت پڙهندو هو.

سي مون ڏٺا ماءُ، جن ڏٺو پرين کي

تنهين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي

        خواجه صاحب جو دستور العمل هوندو هو ته صبح جي نماز پڙهڻ کان اڳ وڏي  ويل اچي حجري ۾ ويهندا هوا ۽ اُتي ڪي فقير به ساڻن مراقبه ۾ مشغول رهندا هوا. ان کان پوءِ صبح جي نماز پڙهي جڏهن سج اڀرندو هو ته ٻاهر اچي عام مجلس ڪندا هوا. ناشتي کانپوءِ ٻن پهرن تائين اُتي ئي ويٺا هوندا هوا. ڪڏهن ڪڏهن ٻن پهرن جو حويلي ۾ وڃي آرام به ڪندا هوا، پر پيشين جي نماز وري جماعت سان ادا ڪندا هوا ۽ سومهڻي جي نماز تائين ٻاهر جماعت سان ويٺا هوندا هوا.

        سندن رهڻي عام جماعت سان برابر هوندي هئي. ان  ۾ ڪو فرق ڪونه آندائون. وڏائي يا عام جماعت کان جدا ٿي رهڻ هتي ڳالهه ئي ڪانه هئي. هر وقت ذڪر اذڪار ۽ قلب ڏي متوجه ٿيڻ جو ارشاد ڪندا رهندا هوا. فرمائيندا  هوا ته هي پاڪ مڪان آهي، تنهن ڪري هت ذڪر خدا کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ڪرڻ گناهه عظيم آهي.

        تصوف ۽ تصوف وارن جون ڳالهيون به سندس مجلس ۾ هلنديون هيون. پاڻ قرآن شريف جي آيتن يا حديث يا مثنوي مولانا روم جي ڪن شعرن يا خواجه حافظ شيرازي جي ڪلام تي روشني به وجهندا هوا ۽ سندن ملفوظات ڪي مريد جمع ڪندا رهندا هوا، جن ۾ معرفت ۽ طريقت جا نهايت فلسفيانه نقطه جمع ٿيل آهن، جن کي شيخ عبدالرحيم گروهڙي ۽ فقير ابراهيم سوڍو  جدا جدا ڪتابن ۾ جمع ڪيو آهي.

        ڪڏهن ڪڏهن خواجه جي زبان مان سنڌي ڏوهيڙا جاري ٿي ويندا هوا، جن ۾ معرفت ۽ طريقت جا اسرار بيان ڪيل آهن. اهي ڪل 85 بيت آهن، جن جو فقير عبدالرحيم گروهڙي عربي زبان ۾ شرح ڪيو آهي.

        خواجه صاحب جن وٽ معرفت جي رستي ۾ هندو مسلمان فرق ڪونه هوندو هو. هڪ دفعي ڪو هندو فقير وٽن لنگهي آيو. اسم ذاتي جي تلقين ورتائين. پاڻ کيس فرمايائون ته تون ظاهر ۾ بيشڪ هندو ڌرم تي قائم رهندو اچ، پر باطن الله سان ڳنڍيو پيو هجيئي.  ڏنل امانت کي حفاظت سان سانڍيندو اچج. ان تي حافظ پنهور جو سندن خليفو هو،نتهن عرض ڪيو ته قبلا هي ڪهڙي  مسلماني آهي. پاڻ فرمايائون ته ميان توکي مسلماني جي ڪهڙي سڌ!!

        خواجه صاحب جي زماني ۾ سنڌ تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومت هئي، ميان غلام شاهه ۾ پيري ۽ ميري ٻه ڳالهيون هيون، مگر خواجه صاحب جون ڳالهيون ٻڌي پرپٺ سندن معتقد ٿي پيو هو. ڪيترا دفعا خواجه صاحب سان ملاقات لاءِ پيغام  موڪليائين مگر درويش انڪار ڪندي فرمايو ته اسان فقيرن کي ايڏهن  اچڻ جي تڪليف کان معافي ڏيو.

        ميان صاحب هڪ دفعي پنهنجي وزير ديوان خانچند هٿان خواجه صاحب ڏانهن لواري جاگير جو پروانو موڪليو، مگر پاڻ قبول نه ڪيائون. ميان غلام شاهه کان پوءِ سندس فرزند ميان سرفراز گادي تي ويٺو ته اُهو ته مرڳوئي پاڻ کي خواجه صاحب جو مريد سڏائڻ لڳو.، ان به جاگير جا پروانا موڪليا، مگر قبول نه پيا.

        خواجه صاحب جي عادت هوندي هئي ته پاڻ وٽ  ڪجه به جمع ڪري ڪونه رکندا هوا. جيڪي به روزانو ايندو هو، سو جماعت تي خرچ ڪري ڇڏيندا هوا. تانجو وفات واري ڏينهن به سڀ کان پهريان جماعت کي کارائي پياري، سار سنڀال لهي ان کان پوءِ اکيون ٻوٽيائون ۽ پنهنجي حقيقي مالڪ جي درگاهه ۾ وڃي حاضر ٿيا.

        آخر ڄمار ۾ شادي ڪئي هوائون، جنهن مان هڪ فرزند خواجه گل محمد پيدا ٿيو ۽ هو اڃا ڏهن سالن جو مس ٿيو ته خواجه صاحب کي کنگهه ۽ ٿڌ جي بيماري ٿي پئي، ان جو  علاج به ڪرائيندا رهيا مگر فرمايائون ته هاڻي وصال جو وقت پهچي ويو آهي.

        آخر 4 زوالقعد سن 1188هه ۾ هن دنيا فاني مان رحلت فرمائي ويا. آية شريف رضي له قولا مان سندس حال ۽ قال موافق سال تاريخ ملي ٿو.

قطعه تاريخ از مير نظر علي خان ٽالپر

سر اقطاب دوران کز کمالش

بدوران کس نبوده از همالش

چون پيغمبر بتصديق يقين دان

بنام و نسبت و خلق و خصالش

نه دنيا دار باقي هنر هرگز

بجز حق هيچ نامدار خيالش

بوفق وحي و آثار پييغمبر

بياران بود تنبيهه و مالش

زمانه چون شمار اندر رسانيد

بعمر مصطفيٰ شصت و سه سالش

خطاب ارجعي بشنيد از حق

ازان شد زين جهان در دل ملالش

بوقت چاشت، چهارم ماهه ذي قعد

ازين دار فنا شد انتقالش

ندائي خلوت با ما حق آمد

چو مي بنوشت تاريخ وصالش

علي کو خاک بوس درگهه اوست

نظر باشد کند روزي بحالش

(مرغوب الاحباب و فردوس العارفين)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org