سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٽيون)

 

صفحو : 16

420- مخدوم محمد مقيم ٻيلائي

        محمد مقيم ولد مخدوم ميان  سعدالله قادري اصل ديهه لڪڙي جا ويٺل آهن، جا بٺوري جي پرڳڻي ۾ هئي.  محمد مقيم ٺٽي ۾ علوم حاصل ڪري، ان کان پوءِ ٺٽي جي مشهور عارف ڪامل خواجه ابوالقاسم نقشبندي کان بيعت وٺي تصوف جي منزل طئي ڪري صاحب ڪماليت جو ٿيو. ٺٽي مان اچي ڳوٺ ٻيله سيد يعقوب شاهه ۾ مقيم ٿيو. چون ٿا ته هڪ دفعي انهي ديهه جي کيتن ۾ اچي ڪُئا لڳا جو فصل  چٽ ڪري پيا ڇڏين. جنهن تي ماڻهن اچي مخدوم محمد مقيم کي استدعا ڪئي ۽ واريءَ تي دم ڪرائي، اُها  ”واري“ وڃي کيتي ۾ اڇلايائون، ڪئن جو آزار لهي ويو. فصل پچڻ کان پوءِ ڪن مانهن  ٿورو ان آڻي مخدوم صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪيو.   اها ڳالهه جڏهن سندن والد ميان  سعد الله ٻڌي، تڏهن مٿن ڏاڍو ناراض ٿيو ته ڇو ماڻهن کان اناج نذراني طور ورتائين.ان کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ لڪڙي ۾ وري کيس اچڻ جي اجازت نه ڏنائين. مخدوم  سعد الله کي وفات واري بيماري ٿي ته هي نيڪ بخت فرزند ڏاڍي زاريءَ سان خدمت ۾ اچڻ جي اجازت گهري، مگر هن بزرگ  فرمايو ته هي لالچي ماڻهو آهي، اسان سان سندس ڪوبه ڪم نه آهيس، مگر سندس وفات کانپوءِ اُتي جي ماڻهن مخدوم  مقيم کي  آڻي سندس والد جي گادي تي ويهاريو ۽ جيتري به املاڪ يا مال اسباب هو، سو هن جي حوالي ڪيائون.

        (2)سندس عادت هوندي هئي ته اسر جو مسجد ۾ مراقبي ۾  ويٺا هوندا هوا ۽ مسجد جي چؤطرف گهاٽا وڻ بيٺل هوندا هوا، جنهن ڪري صبح صادق  اڀرڻ جو پتوئي ڪونه پوندو هو. پاڻ مراقبي ۾ گردن هيٺ ٿيل واري حالت ۾ ٻانگي کي  چوندا هوا ته اُٿي صبح جي ٻانگ ڏئي، هوڏانهن وڻن جي اونداهه ڪري پتوئي نه پوندو هو، خاص ڪري ان حالت ۾ جو سندس گردن به هيٺ هوندي هئي،  ماڻهن کي ان تي ڏاڍي حيراني ٿيندي هئي، ڪي ماڻهو  تحقيقات ڪرڻ لاءِ مسجد کان ٻاهر وڃي جاچيندا هوا ته برابر ان وقت صبح صادق اُڀريل هوندو هو، سندس اها ڪرامت ڏاڍي مشهور هوندي هئي.

        (3) جوانيجي زماني ۾  هميشه جمعه ڏينهن حديث شريف جو ڪتاب کولي واعظ  فرمائيندا هوا، مگر  پڇاڙي ڄمار ۾ وعظ ڪرڻ صفا ڇڏي  ڏنائون. ان تي ڪنهن معتقد کانئن پڇيو ته سائين ڪهڙو ڪارڻ آهي، جو هاڻي حديث جو وعظ ڇڏي ڏنو اٿو؟ فرمايائين ته هڪ ڏينهن وعظ ڪري رهيو هوس ته مسجد جي ٻاهران ڪن بازيگرن اچي بازي وڌي ۽ چوڪ وڄائڻ ۽ مسخريون   ڪرڻ لڳا،  جنهن تي حاضر مجلس هوريان هوريان ٿي اوڏانهن کسڪندا ويا، فقط هڪ سيد سڳورو وڃي وعظ جي مجلس ۾ بچيو، مگر ڏ ٺم ته ان جي دل به بازيگر جي  راند ۾ رڌي پئي آهي، هاڻي جڏهن  هن زماني  جي   وعظ ٻڌندڙن جي اها حالت آهي، ته پوءِ وعظ ڪنهن کي ويهي ڪجي.

        (4) جناب مخدوم محمد اسماعيل لاڙائي کان نقل آهي ته مخدوم محمد مقيم کي پنج روپيا روزينو غيب  مان ملندو رهندو هو. هڪ ڏينهن اسان کي پنجن رپين جي گهرج  ٿي، دل  ۾ چيوسين ته اهو ڪم مخدوم محمد مقيم وٽان ٿيندو، جنهن تي هڪ ماڻهو سندس خدمت ۾ موڪليو ويو.

        مخدوم محمد مقيم انهيءَ ماڻهو کي چيو ته روڪ رپيا ته هن وقت موجود ڪونه آهن، باقي ڪارا پيسا لڀندا. هن قلمدان ۾ ڏس ته ڪيترا پئسا پيا اهن. هن ماڻهو قلمدان جا پئسا ڳڻيا ته فقط هڪ روپيا جا نڪتا. عرض ڪيائين ته سائين فقط هڪ روپيا  جا آهن. مخدوم  صاحب فرمايس ته وري ته ڳڻي ڏس، ٻيهر ڳڻي ته ٻن روپين جا هوا. آخر ان   ريت پنجن دفعن ڳڻڻ سان پنجن روپيا جا ٿيا، هن کي چيائين ته چڱو هاڻي اهي رپيا کڻي روانو ٿئي.

        (5) ٺٽي جي شهر ۾ ڪنهن هندو پيغمبر خدا صلي  الله عليه وسلم جي  صحابين  سڳورن کي گاريون ڏنيون، جنهن تي ڏاڍو شور مچي ويو. مخدوم محمد هاشم جو زمانو هو. هن صاحب هندوءَ جي قتل ڪرائڻ  جي فتويٰ  ڏني ۽  هوڏانهن مخدوم صاحب جو هم  عصر وڏو عالم مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي ۽ ٺٽي جا ٻيا علماء هندو کي تعزير ڏيڻ جي  راءِ ڏنائون.

        ميان  نور محمد ڪلهوڙي جي حڪومت هئي، جنهن عالمن کي گهرائي مسئلي جي تحقيق ڪرڻ گهري. مخدوم صاحب  محمد هاشم جيڪا قتل جي فتويٰ ڏني هئي، حاڪم اُن موجب حڪم جاري ڪيو ۽  ٻئي ڪنهن به عالم کان ڪجهه پڇيائين به ڪونه!

        مخدوم ضياءُ الدين جو هڪ وڏو نامور علام هو، تنهن کي انهيءَ واقعي جو ڏاڍو افسوس ٿيو ته وقت جي حاڪم اسان کان  ڇو نه پڇيو؟ انهيءَ تشويش دور ڪرڻ جي ارادي سان لڪڙي جي ڳوٺ مخدوم محمد مقيم وٽ لنگهي آيو. کيس سموري ماجرا ٻڌائيندي فرمايائين ته اسان به عزت وارا  عالم هواسين،ا سان کان حاڪم ڇو نه پڇيو؟ فقط مخدوم محمد هاشم جي چوڻ تي هندو کي قتل ڪرائي ڇڏيائين، هواڏنهن شريعت  موجب ان کي فقط تعذير ڏيڻو هو، هاڻي اوهان هن مسئلي جي حق يا ناحق جو فرق حضور صلي الله عليه وسلم  جن کان سمجهي، پوءِ اسان کي ٻڌايو ته سچ ڇا آهي؟

        مخدوم محمد مقيم چيو ته حاضر انشاءَ الله تعاليٰ سڀاڻي اوهان کي جواب ڏيندس، جڏهن ٻيو ڏينهن ٿيو ته مخدوم ضياءُ الدين کي چيائين ته حضور رسول الله صلي الله عليه وسلم  فرمايو ته ”ڌي کي مارجي ته ننهن اک  رکي“ از انسواءِ حضور رسول الله صلي الله عليه وسلم اوهان تي گناهه جي چٽي به رکي اٿن. جنهن تي مخدوم ضياءُ الدين گناه لاهڻ لاءِ فقيرن کي کاڌو کارايو،  مگر گناهه معاف نه ٿيو. ان کان پوءِ  وري ٻي دفعي ڪفارو ڏنو، يعني کاڌو کارايو، پر اڃا به ٽئين دفعي جو حڪم ٿيو، جنهن کان  پوءِ مخدوم محمد مقيم فرمايو ته هاڻي  گناه معاف ٿي ويو.

        (6) مخدوم محمد مقيم  کي سندس  والد جي ورثي مان هڪ باغ ملڪيت ۾ آيل هو. پاڙي جي هڪ زميندار کي هن بزرگ سان خواه مخواه  حسد ٿي پيو ۽ ارادو ڪيائين ته ٺٽي جي نواب کي چغلي ڪري، مخدوم کان اهو باغ کسائي سرڪاري خالصه بڻايو  وڃي، ڪن ماڻهن اها ڳالهه اچي مخدوم صاحب سان ڪئي، جنهن تي پاڻ فرمايائون ته اهو زميندار نواب وٽ پهچي ئي ڪونه سگهندو ته باغ ڪيئن کسائيندو. آخر ٿيو به ائين جو اهو ماڻهو نواب ڏانهن ٺٽي ويندي واٽ ۾ فوت ٿي ويو. جڏهن اها ڳالهه ٻڌائين تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس ته اهو باغ گهوريو، جنهن ڪري هڪ ماڻهو جي جان وئي هلي. ان کان پوءِ ڏٺو ويو ته اُن باغ جا وڻ سڪڻ ۽ سڙڻ لڳا. سواءِ هڪ وڻ  جي باقي باغ صفا ويران ٿي ويو، انهيءَ سائي وڻ کي هڪ  مجذوب پاڻي ڏيندو هو ۽ تاتيندو هو. مجذوب چوڻ لڳو ته هي منهنجو وڻ  آهي، ان کي سڪڻ نه ڏيندس،  باقي وڻ مخدوم صاحب جا آهن، ڀلي ته اهي سڪي سڙي وڃن. (گلشن اولياء)

        مخدوم محمد مقيم جي تاريخ وفات جو سال مقرر ڪونه ملي سگهيو، مگر سندس  حالات مان معلوم ٿئي ٿو ته هو مخدوم علامه محمد هاشم ٺٽوي جو همعصر12 صدي هجري جي عارفن مان آهي.

 

 

421- درويش جان محمد چورنگائي

        ميان  جان محمد سنڌ جي ڪامل بزرگن مان ٿي گذريو آهي. سندس والد ٺٽي جو رهاڪو هو ۽ ٺٽي جي  نوابن وٽ خاص منشيگيري جو ڪم ڪندو هو ۽ شاهي  خط هي صاحب ئي  لکندو هو. ميان جان محمد، پاڻ کي فقط جاني جي نالي سان سڏيندو هو. هڪ ڏينهن فرمايائين ته جاني جي ماءُ ٺٽي جي مغلن جي ٻانهي هئي ۽ سندس پيءُ قوم جو  ملاح هو ۽ ٺٽي جي نواب وٽ منشي جي عهدي تي هو. هن عارف ڪامل جون ڪرامتون تمام گهڻيون آهن. دنيا ۽ دنيا وارن سان  گهٽ لاڳاپا رکندو هو. سندس وقت جو وڏو امير مير بهرام خان جو ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ هڪ وڏو  برک ماڻهو هو، سندس ڏاڍو معتقد هو ۽ سندس خدمت ۾ ايندو ويندو ۽ نذر نياز پيش ڪندو هو.

        هن درويش جي عادت هوندي هئي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا شئي آڻي ڏيندو هوس ته ان کان  پڇندو هو ته ڪنهن ڏني آهي. جواب ۾ جيڪڏهن چيو ويندو هو ته فلاڻي ڪي فلاڻي ماڻهو ڏني آهي ته پوءِ وٺڻ کان انڪار ڪندو هو، جو فرمائيندو هو ته آءٌ  هن کي ڪونه  سڃاڻندو آهيان. جيڪڏهن چيو ويندو هوس ته الله تعاليٰ موڪلي آهي ته پوءِ وٺندو هو ۽ چوندو هو ته اڳ به اهوئي ڏيندو رهي ٿو.

        (1) هڪ دفعي مير بهرام خان ٽالپر هڪ جبو ڪپهه پيل ۽ اوني ڪمبل ميان  شيخ محمد جي هٿان درويش ڏانهن موڪلي ڏنا ۽ چورنگائي جي زميندار کي لکي موڪليو ته ان جي رسيد درويش کان لکرائي موڪلجو، پر اها  ڳالهه بلڪل مشڪل هئي، ڇو ته دوريش ايڏو بي پرواهه هو، جو ڪنهن   جي هن کي ڪابه ڪاڻ نه هئي، جو ويهي رسيدون لکي. آخر مير صاحب جي حڪم کي مان ڏيڻ لاءِ چورنگائي جو زميندار پنهنجن ٻارن ٻچن سميت درويش جي در تي اچي  ڌرڻو هڻي ويٺا ته مير جي موڪيل شين جي رسيد لکي ڏيو! جنهن تي فرمائين ته بهرام ڪير آهي؟ آءٌ ته ان کي  سڃاڻان ئي ڪونه. اسان کي ڏيندڙ فقط الله تعاليٰ آهي، بهرام ڪير آهي. درويش انهي وڏيري جي ڳوٺ چورنگائي ۾ رهندو هو ۽ هن جو اهل عيال سمورا سندس خدمت ۾ هوندا هوا، جن جي منتن ۽ ننگ وجهڻ تي  رحم آيس. فرمايائين ته مس قلم ۽ ڪاغذ پرزو کڻي اچو، جنهن تي لکيائين ته ”يک  قرطه پنبه و يک کمبل پشميني به امر الاهي از دست  شيخ محمد رسيد“

        اها رسيد مير صاحب جي ماڻهو شيخ محمد جي حوالي ڪئي وئي، جو کڻي روانو ٿيو. ان ۾ ائين   ڪونه لکيائين ته مير بهرام وٽان هي شيون آيون، پر وري  بامرالاهي لکي پنهنجي ارادي يا عادت مان هڪ تر به نه هٽيو.

        (2) هڪ هندو بقال ڪيتريون موريون ڪنهن هٿان درويش ڏانهن  موڪلي ڏنيون، جنهن آڻي خدمت ۾ پيش ڪيون،  پڇيائين ته ڪنهن ڏنيون آهن. هن شخص جواب ۾ چيو ته  فلاڻي بقال.، فرمايائين ته آءُ ڪونه سڃاڻانس ۽ وڃي کيس موٽائي ڏئي جو  هو  اسان کي ڪڏهن به ڏئي نٿو سگهي. اهو ماڻهو موريون کڻي بقال وٽ موٽي آيو. اچي سارو معاملو بيان ڪيائين، جنهن تي بقال چيس ته  هاڻي وري کڻي وڃ ۽ دوريش کي وڃي چئو ته جناب من ”الله تعاليٰ ڏنيون آهن“ جڏهن انهن لفظن سان وڃي پيش ڪيائين ته درويش وٺندي فرمايو ته پهريان به هميشه اهو ڏيندو رهي ٿو.

        (3) هڪ پاڙي  وارت عورت جي عادت هوندي هئي ته پنهنجي مينهن جو کير گرم ڪري روزانو درويش کي اچي پياري ويندي هئي. هڪ ڏينهن اتفاق سان مينهن جو ڦر مري ويو، جنهن ڪري مڙڻ  کان جواب ڏئي بيٺي. مائي درويش جي خدمت ۾ اچي عرض ڪيو ته سائين ڏيهاڙي مينهن جو کير، جو خدمت ۾ آڻينيدي هيس، تنهن جو ڦرڙو مري ويو آهي ۽ کير ڏيڻ کان لت هڻي بيٺي آهي. اهي لفظ  ٻڌي درويش کي جوش وٺي ويو. چيائين ته مينهن مري  ته ڇا، جي سندس ڦر مري ته منهنجو ڇا، مون کي کير الله تعاليٰ موڪلي رهيو هو، مان ته توکي به ڪونه سڃاڻان ٿو.

        (4) نمرو فقير مونکو، جو گهڻو ڪري درويش جي خدمت ‎ ۾ رهندو هو، تنهن کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن صبح جي نماز کان پوءِ درويش  فرمايو ته اڄ شايد مير بهرام ايندو، اسان انهيءَ انتطار ۾ هواسين. پهر سج چڙهڻ وقت مير  بهرام پيرين اگهاڙي درويش جي لوڙهي واري لانڍي ۾ لنگهي آيو. درويش مير کي ايندو  ڏسندي چار پنج وکون استقبال لاءِ اڳتي وڌيو. مير  سندس پيرن تي ڪري پيو، جنهن کي ڀاڪر پائي ڏاڍي خوش خير عافيت ڪيائون. مير صاحب ٿوورو وقت ويهي هڪ بند ٿيل لفافو نذراني طور ڏيئي دعا گهري روانو ٿي ويو.

        نمرو فقير چوي ٿو ته اسان کي دل ۾ آيو، درويش هونئن ڪيڏو لا ابالي رهندو آهي ۽ اڄ هڪ دولت مند ماڻهوءَ سان  ڪيڏي نه مرحبا ڪئي اٿس، جو سندس عادت جي بلڪل برخلاف آهي.

        دوريش انهيءَ واهمه تي واقف ٿي فرمايو ته بهرام جي روح ”الست“ جي وقت ٻه سجدا ڏنا هوا ۽ ان کان پوءِ پنهنجي لٺ سان انهي لفافي کي ٿڏيندي فرمايائين ته هن کي هتان کڻ!

        (5) هڪ سيد ڪاري رنگ شڪل جو ڏاڍو سادو هو، جنهن تي ماڻهو عيب ڪندي، سندس سيد هجڻ جو انڪار ڪندا هوا،. جنهن ڪري سيد سڳوري کي ڏاڍي ڳڻتي هوندي هئي ۽ پريشان رهندو هو. ڪنهن ماڻهو چيس ته تون درويش جان محمد جي خدمت ۾ وڃ، جو صحيح ڪشف جو صاحب آهي، اهو توکي سمورو احوال ٻڌائي سگهندو.

        سيد صاحب هن زبرگ جي خدمت ۾  پهچي، ملاقات ڪري ماٺ  ۾  ويهي رهيو. درويش فرمايو ته مينهن ڪاري آهي پر کير مٺو ۽ اڇو ڏئي ٿي. رات ڪاري آهي، پر هن  ۾ ستاري جي صفت آهي. ان ريت هن  جي سيادت ڏانهن اشارو ڪري  ڇڏيائين ۽  سيد  صاحب کي ان تي اطمينان آيو، جنهن کان پوءِ اتان روانو ٿي ويو.

        (6) حافظ نمري کان نقل آهي ته ڪنهن ماڻهو خواجه محمد زمان  صاحب لواري واري  بزرگ جي حالت بابت اچي پڇيو. فرمايائين ته هو هن  ملڪ جو سردار آهي. اها سرداري جي پڳ پهريان جاني (مون) کي ٿي پهرايائون مگر جاني گهڻيون منٿون ۽ زاريون ڪري ان کان پنهنجي جند آزاد ڪرائي. هن قول جو مقصد آهي ته درويش کي مخفي رهڻ ظاهر ٿيڻ کان بهتر آهي.

        (7) ڪنهن ماڻهو کانئن دوزخ جي حقيقت بابت اچي پڇيو،  پاڻ فرمايائون ته دوزخ ڪجهه به ناهي. هو ته کٽي وارو کنڀ آهي، جنهن کي باهه ڏئي ڪپڙن کي صاف ڪيو ويندو آهي. (ساڳي طرح گنهگار انسانن کي انهيءَ کنڀ ۾ ڌوئي صاف ڪيو ويندو).  اهو قول رحمت جي  غلبي کان آهي. هن بزرگ تي رحمت جي تجليٰ طاري هوندي هئي، جنهن ڪري انهيءَ قول جو قائل ٿيو آهي. اها جمالي تجلي آهي، جنهن ۾ جلال يا قهر  کي ڪو دخل نه آهي، جيڪو عاشق جلال کي نٿو ڏسي ته دوزخ هن جي سامهون نٿو رهي.

اگر در دهد يک صلائي کرم

عزازيل گويد نصيب برم

        فائدو – اڳوڻن صوفين مان به محي الدين ابن عربي ۽ مولانا جلال الدين رومي جو ساڳيو مذهب آهي ته  دوزخ انسان جي گندگي جي ڌوئڻ لاءِ آهي. صاف ٿيڻ کان پوءِ سندس اصلي مرتبي تي پهچايو ويندو. محدث عالمن مان شيخ الاسلام احمد بن تيمه ۽ حڪيم الامت شاهه ولي الله دهلوي جو ساڳيو رايو آهي، جيڪو اسان جي سنڌ جي هڪ درويش جان محمد چورنگاري جي پيش ڪيو آهي.

        هن بزرگ جي وفات جي مقرر تاريخ نه ملي سگهي آهي پر سندس  حالات مان ظاهر آهي ته هو 12 صدي جي صوفين مان آهي.

 

 

422- ميان غلام شاهه پيرزادو لاڙائي

        هي بزرگ شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي اولاد مان راڄي نظاماڻي جي ڳوٺ ۾ رهندو هو ۽ سندس حالت ڪنهن حد تائين مجذوب واري هوندي هئي. شروع جواني جي زماني ۾ مٿس طلب خدا جو ايڏو جذبو پيل هو جو سندس والد حيران هو ته الائي جن آهيس يا ڪو ٻيو آسيب جنهن ڪري جن ڪڍندڙ ماڻهو آڻي گڏ ڪندا هوا ۽ جن ڪڍڻ جي ارادي سان کيس ڏاڍيون مارون ڪڍندا هوا.

        هڪ دفعي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تلهار ۾ تشريف فرما ٿيو. ميان غلام جي والد پنهنجي پٽ کي آڻي شاهه صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪيو ۽ عرض ڪيائين ته دعا ڪيوس ته جن جو اثر هن تان لهي وڃي. شاهه صاحب ميان غلام ڏانهن ڏسي فرمايو ته ”خدا ڪري  ته اهڙو جن لطيف کي به وٺي“ فرمايائين ته هن  جي پيرن مان زنجير ڪڍي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ حالت گهڻي درست ٿيڻ لڳس.

        هن درويش جي مستي واري حالت ۾ هي عادت هوندي هئي جو پنڃر جيڏي وڏي ڪاٺي ڪلهي تي کنيو هلندو وتندو هو. جيڪڏهن گهوڙي تي سوار ٿيندو هو ته به اها لٺ گهوڙي تي اڳيان رکيو ويٺو هوندو هو. جيڪڏهن ڪنهن  هنڌ وڃي ويهندو هو ۽ کيس ننڊ جي ٿوري اوجهراڪي اچي ويندي هئي ته  چوندو هو ته هتي جادو ٿي رهيو آهي. پوءِ اتان ڀڄي پاسي ٿيندو هو.

        ملاوي نالي نظاماڻي فقير  کان نقل آهي ته هڪ دفعي آءٌ ۽ ٻيا ڪيترا فقير، جن ۾ ميان غلام پيرزاه جو خاص مريد شادمان فقير نظاماڻي به هو، پيرزادي سان رات جي وڳڙي ۾ پراڻ دريا جي پتڻ ٽپڻ لاءِ اچي پهتاسين. ميربحر ٻيڙي ڇوڙي  روانو ٿي ويو هو.

        ميربحر کي گهڻوئي چيوسين  پر جواب ڏنائين ته هاڻ رات پئجي وئي آهي. صبح جو  ٻيڙي ڪاهي ايندس. جنهن تي پيرزادي فرمايو ته مهاڻي ۽ ٻيڙي کي ڇڏيو.، اچو ته اتان هلي گهوڙن کي دريا ۾ وجهون جتان پاڻي ٿورو هجي. اميد ته ٻيڙي کان سواءِ لنگهي وڃي پار پونداسين. پوءِ ٻه ٽي وکون کڻي هڪ هنڌ هلي پوءِ ان جي ڪناري تي بيهي هڪ فقير کي چوڻ لڳا ته تون اڳ ۾ ٿي. پوءِ پنهنجو گهوڙو پوئتان ڪري  وڌائين ۽ ٻيا فقير به گهوڙڻ سميت ڪاهي پيا. ،پاڻي گوڏي سٿر تي آيو ٿي. هڪ گهوڙي سوار مسافر جو پريان اهو  حال بيٺي ڏٺو سو به گهوڙي سميت پوراڻ ۾ ڪاهي پيو، پيرزادي فرمايو ته روڪيوس،  نه ته ٻڏي مرندو. هو فقيرن جي رو ڪڻ تي نه رڪيو. پوءِ ته گهوڙي سميت ٻڏندي ٻڏندي مس بچي ٻاهر نڪتو.

        پيرزادي غلام شاهه جي عادت هوندي هئي ته کاڌي  لاءِ جيڪا شئي ملندي هئن ته ان ۾  ٿورو پاڻي ملائي پوءِ کائيندو هو. عثمان فقير نظاماڻي کان نقل آهي ته ميان غلام شاهه پيرزادو 8 سال خسرو محموداڻي جي قبرستان ۾ وڃي رهيو هو، جتي منهنجو والد روزانو کيس پنهنجي هٿ سان ماني  پچائي کير کڻي وڃي ڏئي ايندو هو. هڪ ڏينهن ماني منهنجي ماءُ پچائي. پيرزادي صاحب ماني ڏسي منهنجي والد کي فرمايو ته اڄ ته هي ماني ماهواري ڏينهن واري زال جي پچايل آهي. ماني نه کاڌائين، فقط کير پيتائين.

        حسام نالي هڪ فقير پيرزادي صاحب جو هڪ خاص مريد هو، جنهن جو سمورو نمونو قلندرانه هوندو هو. هن کي هڪ گهوڙي مڇندري نالي هوندي هئي. هڪ ڏينهن چوڻ لڳو اڄ مڇندري چوي ٿي ته هن آڪڙي جي ڍنڍ ۾ ترنديس. هوڏانهن نه برسات جي موسم هئي ۽ نه وري ڪو آسمان تي ڪڪر هو. ائين ڪندي اچي ٿو اوچتو مينهن وسي. پوءِ آڪڙي ڍنڍ ايڏي وڏي ڀري، جو ان ۾ نظاماڻي فقيرن جون گهوڙيون بيٺل هيون، جي ڪلهوڙن کان ڦر ۾ هٿ آيون هيون سي سڀ ٻڏي ويون، باقي مڇندوي سا سلامت تري ٻاهر نڪري آئي.

        هڪ وقت اهو ساڳيو حسام  قلندر مراقبي ۾ ويٺو هو ته اوچتو ڪنڌ مٿي ڪري الله جو اسم وٺي نعرو هنيائين. پوءِ چيائين ته هن وقت سيد ميان ناگي شاهه جي روح جو پکي پاڪ جهان ڏانهن پرواز ڪري ويو. انا الله وانا اليه راجعون

        حاضرين مجلس  ان کان پوءِ ان ڳالهه جي جاچ ڪئي ته برابر ساڳي تاريخ ۽ ساڳي وقت سيد ناگي شاهه جو وصال ٿيو هو.

        پيرزادو غلام شاهه ۽ سندس مريد حسام  فقير اهي سڀ 12 صدي جا درويش آهن.

 

423- حافظ ابراهيم ٺٽوي

        قوم جو لائوٽ جو سنڌ ۾ هڪ ننڍي  درجي جي ذات هئي. هو ٺتي ۾ علم پڙهيو ۽ قرآن جو حافظ ٿيو ۽ وڏو نامور ٿيو.

        تحفت الڪرام لکي ٿو ته ”بفيض علم بجاني تصاعد نموده که استاذ دارا شکوه ولد شاهجهان بادشاهه شده، نامي روزگار مانده.

        يعني ته علم جي فيض ڪري ايڏي ترقي ڪيائين جو شهزادي دارا شڪوه ولد بادشاهه شاهجهان جو استاد مقرر ٿيو ۽  زماني ۾ ڏاڍو  نالو ڪڍيائين.

        تاريخ وفات جو مقرر سال معلوم نه ٿيو مگر شاهجهان جو زمانو  يارهين صدي هجري آهي، جنهن ڪري هي بزرگ به انهيءَ صدي جي رجالن مان آهي.

 

424- مخدوم ابوالخير ٺٽوي

        وقت جو وڏو فقيهه ۽  عالم  مخدوم ابوالخير مخدوم فضل الله ٺٽوي جي اولاد مان آهي. فضل الله مرزا عيسيٰ ۽ سندس پٽ مرزا محمد باقي ترخان سنڌ جي  حاڪمن واري زماني ۾ هڪ وڏو علامه ۽ پرهيزگار ٿي گذريو آهي. هميشه مدرسي ۾ پڙهائيندو رهندو هو ۽ وقت جا عام خاص ماڻهو سندس احترام ۽ عزت ڪندا هوا.

        مخدوم  ابوالخير هڪ وڏو هوشيار فقيه هو ۽ سندس فقه داني جو ايڏو بلند درجو هو، جو سلطان عالمگير فتاويٰ عالمگيري جي جمع ۽ تاليف جو ڪم جن علامن جي حوالي ڪيو ويو هو، تن ۾ ابوالخير به شريڪ هو. ٺٽي ۾ ڪنهن زماني تائين سندس اولاد رهيو، مگر هاڻي ڪنهن جو به پتو ڪونه آهي. وفات جو زمانو 11 صدي هجري سمجهي سگهجي ٿو.

 

425- سيد حبيب متعلوي

        سيد حبيب ولد سيد عبدالقدوس ولد سيد جمال ولد سيد عبدالڪريم بلڙي وارو. اسان جي سنڌ جي نامور شاعر سيد عبداللطيف ڀٽائي، هن سيد حبيب جو فرزند ارجمند آهي. سيد حبيب جي ولادت مٽيارين ۾ ٿي. ان کان پوءِ عزيزن جي اڻبڻت سيد هاشم شاهه قلندر جي مشوري موجب اتان لڏي اچي ڀئي پور ۾ ويٺو، جتي شاهه عبدالطيف تولد ٿيو. ڀئي پور کان پوءِ ڪوٽڙي مغل ۾ اچي مقيم ٿيو. اُتي مرزا بيگ مغل جي سندس فرزند شاهه عبدالطيف سان اڻ بڻت ٿي پئي  جتان نقل  مڪاني ڪري شاهه عبداللطيف جي مشوري سان ڀٽ جي واريءَ واري دڙي  کي اچي آباد ڪيائون.

        سيد حبيب شريعت جو پابند متقي ۽ پرهيزگار بزرگ هو ۽ هميشح ياد الاهي ۽ فڪر ۾ لڳو رهندو هو. تحفت الڪرام ۾ لکي ٿو ته:

        هو هميشه وجد  ۽ حال ۾ هوندو هو.، استغراق ڏاڍو رهندو هوس. چون ٿا  ڪڏهن ڪڏهن سندس نامور پٽ  سيد عبداللطيف  سندس خدمت ۾ حاضر ٿي گفتگو ڪندو هو ته پڇندو هو ته ڪير آهين؟ جڏهن هو  چوندو هو ته اوهان جو غلام عبدالطيف، فرمائيندو هو ته آءُ ته ٻڌائين  نه پيو. وفات کان پوءِ سندس وصيت موجب ڀٽ تي دفن ڪيو ويو. شاهه صاحب جي مريد مخدوم محمد صادق نقشبندي سندس سال وفات هيٺئين عربي فقري مان ڪڍيو آهي:

”الموت جسر يوصل الحبيب الي الحبيب“

1124هه

        يعني ته موت هڪ پل آهي، جو هڪڙو دوست ٻئي ڏانهن پهچي ٿو. تاريخ جو هي فقرو ڏاڍو ذومعنيٰ آهي.

 

 

426- ميان محمد حافظ فاروقي درازائي

        هي بزرگ وڏو اهل الله ۽ صاحب ڪماليت جو هو.ڪ شريعت ۽ طريقت جو پابند پنهنجي وقت ۽ قادري طريقي جو ڪامل مرد هو. سندس سلسله نسبت سيدنا حضرت عمر رضه سان وڃي ملي ٿو. سندس والد جو نالو هو مخدوم عبدالوهاب. اصل  سيوهڻ ۾ رهندا هوا، جتان سندس  وڏو  ڏاڏو مخدوم ابو سعيد لڏي گاگڙي (گڏيجي) ۾ اچي رهيو ۽ مخدوم جمار جو خليفو  ٿيو، جو صاحب غوث بهاءٌ الحق زڪريا ملتاني جو خليفو هو. مگر مخدوم  محمد حافظ  سيد عبيدالله جيلاني جو مريد ٿيو ۽ قادري طريقي ۾ مريد ڪندو هو.  مخدوم محمد حافظ ميان صاحب  ڏني جي نالي سان مشهور هو ۽ شاهه عبداللطيف جي همعصرن مان آهي. هڪ دفعي سفر ڪندي شاهه صاحٻ جي درازن ۾ ملاقات ٿي، ان وقت ميان صاحب ڏنو شهر کان ٻاهر کٻڙن  جي ويڙهه ۾ رهندو هو. شاهه صاحب فرمايس ته يار کي لڪائڻ نه گهرجي. آخر اتان  ڪڍائي ٻاهر ويهاريائينس. انهيءَ جاءِ تي فقيرن جي رهڻ لاءِ جايون ٺهرايون ويون. مسجد ۽ کوهه به کڻايو ويو، جي اڄ تائين موجود آهن. ميان صاحبڏنو (محمد حافظ) کي  ٻه پٽ هوا. (1) ميان صلاح الدين (وفات 1200هه) (2) ميان عبدالحق. گادي تي سندس مرشد سيد عبيدالله جيلاني هن ننڍي کي ويهاريو ۽ ميان صلاح الدين وڏي پٽ کي ڇڏي ڏنو. درازن جو مشهور سچل فقير صوفي انهيءَ ميان  صلاح الدين جو فرزند ۽ ميان محمد حافظ جو پوٽو آهي.

        خواجه محمد حافظ جو زمانو ڪلهوڙن جو زمانو هو ۽ سندس وفات ڪلهوڙن جي بادشاهت جي پوئين ڏينهن ۾ ٿي. نَوَن سالن گهٽ هڪ سؤ سال ڄمار حاصل ڪري، هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين. جيئن ته ڪنهن شاعر سندس تاريخ ولادت ۽ وفات  ڄمار جي  ورهين سميت هيٺين قطعي ۾ لکي آهي:

گل فردوس رحمت باغ فاروق

ز اسرار خدا واقف ڪماهي

ولايت او بود مشهور آفاق

ز فوق عرش اعظم تا بماهي

”محمد حافظ هادي“ تولد

                         1101هه

سنش ”ڪامل“ نقل مظهر الاهي

                  91                     1192

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org