سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٽيون)

 

صفحو : 13

 

392- پير سيد علي گوهر شاهه راشدي رحه

        صاحب طريقت و شريعت، دريائي معرفت جو  شناور پير  سيد علي گوهر ولد پير سيد  صبغت الله شاهه ولد پير سيد حضرت محمد راشد روضي ڌڻي رحمت الله عليهم اجمعين.

        هي بزرگ اگرچه پير سيد صبغت الله صاحب جي 14 فرزندن ۾ ننڍو هو، مگر جنهن صورت سندس والد جو ساڻس خاص قلبي  تعلق هو ۽ هن جي تعليم ڏيارڻ ۽ طريقت ۽ سلوڪ جي رستن سيکارڻ ۾ خاص اهتمام رکيو هوائين، تنهن ڪري سندس وڏن ڀائرن والد بزرگ جي وفات کان پوءِ   کيس گادي تي ويهاريو ۽ پاڳارو بڻايو. پنهنجي حياتي ۾ ئي کيس وڏو ڀاءُ ڪري سڏيندو هو. پنهنجي والد بزرگ جي وفات کان پوءِ سندن ملفوظات ”حزينت المعرفت“ نالي جمع ڪئي  اٿن،جنهن مان سندن فارسي داني ۽ علمي قابليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هي بزرگ جيئن  ظاهري علومن جو وڏو عالم فاضل هو تيئن تصوف ۽  قادريه راشديه طريقي ۾ به ڪامل هو. ان سان گڏ زماني جي حالات موافق به کيس هلڻ چلڻ جو ڍنگ هو. سندس والد مخلصن ۽ متعقدن جي جيڪا جماعت سيد احمد بريلوي ۽ اسماعيل شهيد مجاهد دهلوي جي امداد لاءِ تيار ڪئي هئي، تنهن کي سنڀاليو ۽ جان باز مريدن جو هڪ جٿو سندس چؤطرف جمع ٿيل هو. سنڌ جي حڪومت  ۾ اُن وقت انگريزن جا پير ڄمندا  ويا ٿي. انگريزن جي شرارت سان خيرپور جي ٽالپرن ۾ وڏو  اختلاف پيدا ٿيل هو. پير صاحب جي مرضي هئي ته ان موقعي مان فائدو وٺي، سنڌ جي ڪنهن حصه تي قبضو ڪجي. ان سلسلي ۾ مير علي مراد خان ٽالپر جو ان وقت پنهنجن ڀائرن کي شڪست ڏئي اتر سنڌ جي مير سهراب (متوفي 1251) واري سموري علائقه تي انگريزن جي ارادي موجب قابض ٿيو هو، تنهن سان پير صاحب تعلقات پيدا ڪيا. مير علي  مراد خان هڪ دفعي لاڙڪاڻي واري پرڳڻي جي  محصول اڳاڙڻ ۽ انتظامي بندوبست لاءِ سفر ڪيائين. ان کان پوءِ جڏهن شڪارپور جي محصول تي حيدرآباد ميرن جي ماڻهن ۽ خيرپور جي ڪار وارن جو اختلاف وڌيو ته ان زماني ۾ به پير صاحب مير علي مراد سان گڏ سفر ۾ آيل هو ۽ ان موقعي تي پير صاحب ڀلا گهوڙا ۽ عمديون تراريون ڪافي تعداد ۾ هٿ ڪيون. (تاريخ مرزا عطا محمد شڪارپوري)

        چيو وڃي ٿو ته مير علي مراد خان پير صاحب سان وعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن آئون رياست جي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس ته ان مان چوٿون حصو اوهان کي ڏياريو ويندو، مگر مير صاحب پنهنجي ڪاميابي کان پوءِ جواب ڪڍي ڏنو. جنهن کان پوءِ مير صاحب جي هڪ عام مختيار ملازم شيخ علي حسن سهارنپوري، جو رياستل مان  نيڪالي کائي چڪو هو  ۽ مير صاحب کان وير وٺڻ جو وجهه ڳولي رهيو هو، تنهن اچي پير سائين علي گوهر سان مشورو ڪري مير علي مراد کي ڌڪ ڪڍڻ جي سٽ سٽي ۽ رٿ رٿي. آخر شيخ علي حسن اُن وقت جي انگريز آفيسرن وٽ چغلي کاڌي ته سرڪار سان قرآن تي ڪيل معاهدي وارن ورقن مان مير صاحب هڪ ورق ڦاڙي ان جي جاءِ تي ٻيو وڌو آهي. آخر اهو مقدمو مير صاحب  تي سکر جي فوجي ڪئمپ ۾ هليو، جتي انگريزن جو طرف ثابت ٿيو. مير علي مراد خان ڪوبه  جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن ڪري مير علي مراد کان  اهو سمورو علائقو کسيو ويو، جيڪو شروعات ۾ رياست طور کيس انگريزن  ڏيڻو  ڪيو هو. يعني ته نواب شاهه ضلع جو ساهتي پرڳڻو ۽ روهڙي ڊويزن وارا سمورا تعلقا مير صاحب کان واپس  ورتا ۽ فقط موجوده رياست خيرپور جو ٽڪرو کيس حوالي ڪيو ويو.

        مرزا عطا محمد شڪارپوري پنهنجي تاريخ ۾ لکيو  آهي ته انگريزن ان مقدمي ٺاهڻ  لاءِ پير علي گوهر صاحب ۽ منشي علي حسن سهارنپوري کي رياست جي واپس ڪيل علائقن مان ڪجهه حصو ڏيڻ جو دلاسو ڏنو هو، مگر پوءِ اُهو پورو نه ڪيو ويو.

        ان کان پوءِ مير صاحب ۽ پير علي گوهر جو پاڻ ۾ سخت اختلاف رهيو. آخر سکر ۾ پير صاحب ناگهان وفات ڪري ويو، ڪن جو چوڻ آهي ته کيس مخفي طرح مير صاحب پارن زهر ڏياري سندس جان ورتي ويئي،  مگر اهو واقعو ڪٿي به لکيل نظر  ڪونه  آيو آهي. فقط پير ميان علي گوهر جي خانداني ماڻهن ۽ معتقدن پاران هڪ روايت  ٿيل آهي.

        پير  ميان علي گوهر عابد زاهد نيڪوڪار بزرگ هو. هو سنڌي  زبان جو   ڏاڍو چڱو شاعر هو ۽ سندس تخلص  هو ”اصغر“. هن بزرگ جون ڪافيون ۽ مولود ۽ مناجاتون سنڌي زبان ۾ عام جام موجود آهن. الله تعاليٰ مٿس رحمت ڪري شال.

        سندس وفات ڇنڇر ڏيهن 5 ماهه ربيع الثاني 1268 هجري  ۾  ٿي.

چراغ الدين جي فقري مان سندس سال وفات  ملي ٿو.

    1268هه

قطعه تاريخ از فقير قادر بخش بيدل

جناب پير علي گوهر آن کريم و رشيد

چو  ارجعي از درگاهه راز شنيد

گذاشت جسم درين در نگاهه ناسوتي

به سوءِ گلشن لاهوت مرغ جانش بريد

بسوئي اهل خود آرد رجوع هر چيزي

به جز وحدت آخر قطره  سفيد رسيد

بتافت رخ ز ظهورات آن سراپا نور

بتافت معنيٰ سيمرغ وش نهان گرديد

دلم چو سال وصالش بجست هاتف گفت

به آفتاب به پيوست نور حي وحيد

1268هه

 

393- پير رشيد الدين صاحب العلم الثالث

        عارف ڪامل ولي فاضل صاحب صدق و يقين پير سيد رشيدالدين ولد پير سيد محمد ياسين ولد پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي رضي الله تعاليٰ عنهم اجمعين، ننڍي ڄمار ۾ پنهنجي والد بزرگ جي خدمت ۾ سندس تربيت ۽ تعليم حاصل ٿي. ظاهري علومن مان ايترو گهڻو بهرو ڪونه ورتائين، مگر ذڪر افڪار ۽ ذڪر اشغال جيترا به قادريه راشديه خاندان جا هوا، سي سمورا حاصل ڪري، پوءِ ڪماليت جي درجي کي رسيو.

        پنههنجي وڏي ڀاءُ پير فضل الله جي شهادت کان پوءِ هن بزرگ کي سجاده نشين مقرر ڪيو ويو. پوءِ اگرچه کائونس وڏا ڀائر ٻيا به موجود هوا، مگر لياقت ۽ اهليت جي لحاظ کان هي صاحب ئي کين وڏو نظر آيو، جنهن ڪري رشد ارشاد جو معاملو سندس سپرد ڪيو ويو. هن بزرگ معرفت ۽ خداشناسي جي طريقي جي تجديد ڪئي ۽ سندس مسلڪ اهل حديث جي مذهب موجب هوندي هئي. اگرچه پاڻ ظاهري علم پڙهيل ڪونه هو، مگر ان هوندي به وڏن مشڪل  علمي مسئلن ۾ هن ڏانهن رجوع ڪيو ويندو هو ته نهايت مختصر لفظن ۾ ان جو جواب ڏئي مسئلو حل ڪندو هو.

        سندس زندگي هڪ عارفانه ۽ حڪيمانه حياتي هئي. سندس قول ۽ فعل جماعت  وارا ساٿي ياد ڪندا هوا، جن کي پوءِ سندس وڏي فرزند مولانا ابوتراب رشد الله شاهه صاحب ملفوظات جي صورت ۾ جمع ڪيو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هو بزرگ اهل حديث وارن جي قول موجب اُٺ جي گوشت کائڻ کان پوءِ وضو ڪندو هو. مماتي وارن بزرگن کان مدد وٺڻ جو قائل نه هو ۽ پنهنجي مريدن کي ان کان منع ڪندو هو. هڪ دفعي سندس جماعت ۾ گفتگو ٿي ته پير سائين جن جو مذهب يا دين الائي ڪهڙو آهي؟ پوءِ کانئن روبرو اهو سوال ڪيو ويو،تڏهن فرمايائون ته جيڪي ماڻهو قبرن وارن ولين کي پرپٺ  سڏيندا آهن، اهو اسان  جو دين نه آهي.

        هڪ دفعي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مقبري تي آيا. ٻاهر نڪري فرمايائون ته شاهه  صاحب اندر ڪونه هو. سندس روح ٻاهر ملاقات ڪندي چيو ته آءٌ هنن بتن ۽ نذرانن کان بيزار ٿي ٻاهر هليو ويو آهيان.

        سندس قول  آهي ته الله تعاليٰ ڀڳل دلين وارن مسڪينن سان آهي.

        فرمائيندا هوا ته هي دنيا، دنيا وارن جي  زال آهي، جيڪو ان کي تڪيندو سو دنيا وارن کي ڪين وڻندو.

        هڪ دفعي سندس ڪنهن مريد کان مولانا حامد الله لاڙ واري پڇيو ته  اوهان جو مرشد ڪهڙا لطيفا ڪمارائيندو آهي. فقير جواب ڏنو ته سندس منهن مبارڪ ڏسڻ سان لطيفا کلي پوندا آهن. تڏهن مولانا فرمايو ته اهو  ته ساڳيو نمونو حضور رسول ڪريم جي  زماني و ارو آهي، جو اصحابي سڳورا سندن زيارت سان فيضياب ٿي ويندا هوا جو اُن زماني ۾ لطيفن ڪمائڻ جو فن ڪونه هو.

        هي بزرگ هميشه جهاد في سبيل الله جي تياري ۾ رهندو هو ۽  ان لاءِ هڪ دفعي بيعت ورتي هوائون ۽ ان وقت سڀ کان پهريان سندن وڏي فرزند پير رشد الله شاه سندن بيعت ڪئي، پوءِ ٻين جماعت وارن بيعت ڪرڻ فرمائي. ڪن خاص فقيرن کان هيٺين چئن ڳالهين جي جدا بيعت به وٺندا هوا. (1) رات ڏينهن جي گذران کان وڌيڪ پاڻ وٽ نه رکندس (2) ڪوڙ ڪڏهن نه  ڳالهائيندس (3) جيڪو اسان کي ڏکوئيندو تنهن لاءِ دعا گهرندس (4) ڪنهن کان به سوال نه ڪندس. پاڻ فرمائيندا هوا ته جيڪڏهن انهيءَ بيعت وارا هڪ هزار ماڻهو جمع ٿي وڃن ته پوءِ جهاد فرض ٿي پوي.

        سندن قول آهي ته گنهگار سان بغض نه ڪجي، پر گناهه کان نفرت ڪجي. سندن ارشاد هو ته نماز پڙهڻ کان اڳ ۾ استغفار ڪري پوءِ نماز شروع ڪجي ته پوءِ نماز مان ڏاڍو لطف ۽ لذت ايندي. فرمائيندا هوا ته پيسي جي تنگي ٿئي ته ڪجهه خيرات ڪجي ته اها  تنگي رفع ٿي ويندي.

        فوت ٿيل ماڻهو جي پوئتان جماڻا  ۽ مانيون ڪرڻ ٺيڪ نه چوندا هوا ۽ وڏن ماڻهن ۾ رواج آهي ته هو بيوه عورتن کي شادي نه ڪرائيندا آهن، تنهنجي سخت مخالفت ڪندا هوا. بلڪ هڪ دفعي ته پنهنجين بيبين کي به فرمايائون ته منهنجي وفات پڄاڻا، جنهن کي شادي جو خيال ٿئي ته ان کي منع ڪانه آهي.

        پنهنجي ڏاڏي  بزرگ حضرت سائين روضي ڌڻي جي ملفوضات بابت فرمائيندا هوا ته اُن ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون آهن جي پير سائين روضي وارن  جي علم موافق نه آهن، چڱو  ته اُهي ڪڍي ڇڏجن.

        هن بزرگ هستي جي روحاني ڪشش ايڏي زبردست هوندي هئي جو سنڌ کان سواءِ بمبئي، رياست ڪڇ ڀڄ، ڪاٺياواڙ، بلوچستان، پنجاب مان سوين ماڻهو سندن صحبت ۽ فيض پرائڻ لاءِ ڇڪجي  ايندا هوا. لنگر جي هي حالت هوندي هئي جو ڪڏهن کاڌي پيتي لاءِ عام جام هوندو هو ۽  ڪڏهن ته فاقن تي فاقا ٿيندا رهندا هوا.

        سندن مجلس ۾ ڪي فقير صوفيانه ڪافيون به ڳائيندا هوا جن مان توحيد ۽ عشق الاهي جا راز پروڙيا ويندا هوا ۽ پاڻ به ڪيتريون ڪافيون تصنيف ڪيون اٿن جي ڇپجي پڌريون ٿيون آهن. آخزوند احمد ملا سانوڻي هالائي سندن شان ۾ هڪ فارسي قصيدو لکيو آهي، جو هيٺ ڏجي ٿو.

پيغمبر صفت پير مرشد زمان

يد او يد حق بود بيگمان

رخش نور تابان چو بدر الدجيٰ

صباح هدايرت جنيش لقا

اگر ابر گويم ز فيض کرم

حد اوصاف اورا نباشد بهم

به بين در گهش ملجاء خاص و عام

رحمي بر حال هر مستهام

شهود خدا از لقائش حصول

يقين مستفاد از عروج و نزول

لبش را بود  باده يحي العظام

دلش مطلع نور رب الکرام

بود پير مهدي رشيدالزمان

با مکان دائر مکان لا مکان

چو اندر حدوث است نور قدم

ز امکان واجب شدم ملتزم

شها مقتدي، پير ما م هتدي

نظر لطف  فرما باين مبتلا

اگر دور ماندم من از نقص خويش

تو انعام فرما در خورد خويش

کليد کرم شد بدست تو ضم

مراحل فرماءِ از قيد هم

چو من آدم بر درت التجا

تو از لطف فرما قبولم صدا

خدايا تو  اولاد آن شاهه دين

بعمر و هديٰ دار  دائم قرين

بود احمدي داغدار قديم

به اسلاف و اخلاف بنده  صميم

سگ داغ دار نه گيرد کسي

منم داغڊارت  ز عهد بسي

        جناب پير صاحب بيعت ڌڻي رح وفات کان ٿورو وقت اڳ ۾ فرمايائون ته تصوف جا لطيفا سڀ منسوخ ڪيا وڃن ٿا. آئنده جيڪو فقير بيعت ڪري ته ان کي توحيد نامو پڙهايو وڃي. ان کان پوءِ قادري طريقي جو ذڪر ۽ الله تعاليٰ جي 99 نالن جي سمجهاڻي ڏجو. فنا في الشيخ ۽ فنا في الرسول ۽ فنا في الله جو فڪر سيکارجو!

        حضرت مولانا عبيدالله صاحب  سنڌي فرمائيندو هو اسماءُ الحسنيٰ! يعني الله تعاليٰ جي نوانوي نالن جو شغل مان پير سائين رشيدالدين بيعت واري کان سکيو هو. وڌيڪ مولانا جو چوڻ هو ته تصوف جي طريقي جو مجدد هو، جنهن ڪري کيس حق هو ته اڳوڻن جا ذڪر ۽ شغل منسوخ ڪري نئون رستو سمجهائي.

        حضرت پير  سائين بيعت واري رح 63 سالن جي ڄمار ۾ 7 ربيع الاول سن 1317هه هن فاني دنيا مان وفات فرمائي، ملاء اعليٰ سان وڃي مليو. سندس مقبرو پير جهنڊي، ضلع حيدرآباد ۾  مسجد جي اُتر پاسي کان آهي.

رحمت الله عليه رحمة واسعة

        ساندن ملفوظات ۾ آهي ته وفات کان پوءِ سندن نراڙ تي ”بسم الله“ جو اکر چٽن حرفن ۾ ڏسڻ ۾ آيو، جو  ڪيترن حاضر ماڻهن ڏٺو!!

 

 

 

 

 

394- مخدوم عبدالله فيروز شاهي

        قدوت العارفين مخدوم عبدالله عرف ”پيروڄ“ جناب مخدوم بهاوالدين زڪريا ملتاني جي خليفن مان هڪ وڏو ڪامل درويش ٿي گذريو اهي. هو گهڻي ڪشف ڪرامات جي ظهور سبب ”وڄ“ جي نالي  سان مشهور ٿيل هو، جنهن کي اڄ تائين عام ماڻهو پير وڄ ڪري سڏيندا آهن. سندس مقبرو فيروز شاهه تعلقه ميهڙ ۾ مشهور  معروف آهي. چون ٿا ته گذريل زماني ۾ هي بزرگ هڪ ڳوٺ عالم پور ۾ رهندو هو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين ۽ اُتي ئي دفن ٿيو. سنڌ ندي جي پائيندڙ ۾ اهو ڳوٺ ٻڌڻ لڳو، جنهن تي شهر جي هڪ نيڪ بخت مرد حاجي سلطان کي خواب ۾ چيو ويو ته بزرگ عبدالله جي لاش کي اتان ڪڍي فيروز شاهه ۾ دفن ڪيو وڃي، جنهن کان پوءِ سندس لاش اتان نقل ڪري فيروز شاهه ۾ آندي وئي ۽ سندس اولاد به اُتي ئي مقيم ٿيو.

        وفات کان پوءِ  3 فرزند ڇڏي ويو، مخدوم ابراهيم، مخدوم احمد،  مخدوم اسحاق. مخدوم احمد جي اولاد مان گهڻو ڪري عالم درويش ۽ اهل الله ٿي گذريا آهن. هن وقت مخدوم عبدالله جي اولاد مان ميهڙ تعلقه ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن، جن مان ڪي زميندار ۽ ڪي پڙهيل، ڪي ملازمت پيشه آهن. سنڌ جو نامور عالم مولانا عطاءُ الله فيروزشاهي به انهيءَ مخدوم جي اولاد مان ٿي گذريو آهي.

        هي بزرگ ستين صدي جي  ولين مان آهي.

 

 

 

 

395- مولانا عبدالمجيد فيروز شاهي

        هي بزرگ مخدوم عبدالله پيروڄ جي اولاد مان ۽ مولانا عطاءُ الله فيروز شاهي جو سڌو سنئون ڏاڏو آهي. ننڍپڻ ۾ يتيم ٿي پيو. سڀ کان پهريان مخدوم محمد صادق گجيرائي وٽ تعليم وٺڻ وڃي رهيو، مگر اُتي پڙهائي جو پورو بندوبست نه هو، جنهن ڪري هي علم جو شائق طالب العلم پريشان ٿي پيو ۽ پنهنجي استاد بزرگ کان رخصت گهريائين ته ڪنهن ٻئي مدرسي ۾ وڃي علم جي طلب ڪري. اها ڳاله سندس استاذ کي ناگوار  گذري، جنهن ڪري هن معصوم شاگرد کي ڇينڀ  ڪئي ۽ موڪل ڏيڻ کان انڪار ڪيو. انهيءَ رات مخدوم محمد صادق کي  ڪنهن بزرگ خواب ۾ اشارو ڪيو ته پنهنجي   شاگرد عبدالمجيد کي اجازت ڏئي ۽ کائونس معافي به وٺ. صبح  ٿيو ته استاد شاگرد جي آڏو اچي بيٺو. معافي گهرندي کيس موڪل ڏنائين ۽ سفر خرچ لاءِ هڪ رپيو ۽ هڪ چادر به عطا ڪيائينس. هي نينگر اُتان روانو ٿي درياء اُڪري سڌو مٽيارين ۾ مخدوم محمد عثمان متعلوي جي مدرسي ۾ پهتو. مخدوم محمد عثمان هن پنهنجي شاگرد کي ڏسي فرمايو ته بابا! تون هئين ڪٿي؟ تنهنجي لاءِ اڳ ۾ ئي مون کي خواب ۾ سيدنا شيخ عبدالقادر جيلاني سفارش ڪري ويو آهي. ڀلي آئين.

        ميان عبدالمجيد پنهنجي استاذ جو خاص  خادم ٿي رهيو. استاذ جي پيڻ لاءِ هميشه  سنڌو دريا تان پاڻي ڀري آڻيندو هو. جڏهن سموري علم کان فراغت حاصل ڪيائين ته پوءِ ميهڙ تعلقي جي ناري جي ڳوٺ ۾ پهريان درس ڏيڻ لڳو. ان کان پوءِ آخر فيروز شاهه ۾ اچي رهيو ۽ اُتي ئي آخر عمر تائين رهيو.

        چون ٿا ته مٽيارين ۾ هڪ درويش ”الهه بنده“ نالي رهندو هو جنهن مولوي عبدالمجيد صاحب کي چيو هو ته هڪ وقت اهڙي هوا لڳندي، جنهن ڪري توکي سخت کنگهه ٿي پوندي ۽ اُن ۾ تنهنجو انتقال ٿيندو. آخر ٿيو به ائين. مولوي عبدالمجيد جي وفات 13 صدي جي وچ  ڌاري ٿي آهي.  پوئتان هڪ فرزند خيرمحمد نالي  ڇڏي ويو، جنهن جو فرزند مولانا عطاءُ الله ٿي گذريو آهي.

 

 

396- محمد علي طالب بکري

        سنڌ ۾ فارسي جا شيرين گو شاعر جيترا به ٿي گذريا آهن، تن مان محمد علي طالب به  هڪ ئي آهي.

        هي شاعر شيرين مقال اصل بکر جي لڳ ڪنهن ڳوٺ جو ويٺل آهي ۽ سندس والد جو نالو حاجي محمد پناهه آهي. جيئن ته فرمائي ٿو ته:

نام پدر ماست محمد پناه

ساخته در ظل محمد پناه

حاجي حرمين شريفين هست

را تر فرخنده مقامين هست

برسرم  سايه اين پاينده باد

از سببش بختم فرخنده باد

نيز مرا نام محم دعلي ست

طالب هم باز تخلص علي است

طالب خير آمده ام از خدا

طالب  زان گشت تخلص مرا

 مسکن ما ملحق بکر حصار

قريه رهي هست همان جا قرار

        قلعه بکر جي لڳ ڪهڙي ڳوٺ  جو رهاڪو آهي، ان جو پتو ڪونه ٿو پوي. هن بزرگ جي روهڙي جي ميان رحمت الله موءِ مبارڪ جي مجاور سان گهاٽي دوستي هئي. وٽس ايندو ويندو هو. کيس پنهنجو شعري سخن به ٻڌائيندو هو. هڪ ڏينهن ميان رحمت الله کيس چيو ته ڇو نه موءِ  مبارڪ جي ظهور جي تاريخي واقعي کي نظم ۾  آندو وڃي، جنهن تي هن صاحب، ان قصه کي فارسي نظم ۾ آندو، جو 446 شعرن ۾ وڃي ختم ٿيو آهي. لکي ٿو ته:

هست يي شخص نيک ذات

سلمهج الله عن الحادثات

کاشف اسرار کنو ز علوم

واقفر اسرار  رمو ز قيوم

نطق دل آويز ز بس دلکشا

لعل شکر ريزش صد جان فزا

واصف انوار از روئي رسول

عاکف بود آگه موئي رسول

در ته آن رحمت دار مقر

رحمت الله شده نامور

من که شدم ناظم نظم اين کتاب

از سببش يا فتم اين نصاب

پيش ازين نزدش چون رفتمي

گفتني خويش بدو گفتمي

او به چنين خلق بگشتي انيس

بامن بيچاره مسکين جليس

جمله در ان سمع قبول آمدي

ناظم را ناطق تحسين شدي

گفت بروزي بمن خام هوش

ناطم اين نامه بشو دار گوش

تا شرف لطف خدايت رسد

بهر ازين باب دعايت رسد

داد بمن ورقه  تاريخ او

گفت بمن ناظم تاريخ شو

يا فتم اين عز ازان آستان

دست فگنديم باين داستان

”نامه ظهور“ آمد نامش نکو

باز اين قصه مارا شنو

        اهو رسالو 25 رمضنا المبارڪ 1272هه ۾ تماميت کي رسيو آهي. جيئن ته فرمائي ٿو ته:

سال وي از هاتف کردم سوال

بهر چنين نامئه فرزخده خال

از مدد او قلم اينجا نوشت

وه چه بود قصه نيکو سرشت

بود ز هجرت بحساب و شمار

سال به هفتا دو صد با هزار

باز دو سال از بران فزود

خاتمه نسخه درين سن به بود

از رمضان جمله آخر بدان

روز از وبيست و پنجم عيان

وقت ضحيٰ جلوه از آفتاب

بود که شد خاتمه اين کتاب

        ميان محمد علي طالب خواجه نظام الدين مجددي سرهندي شڪارپوري جو مريد آهي. ظهور نامه ۾ پنهنجي مرشد ڪامل جي تفصيل سان تعريف ڪئي اٿس.

        سندس ڪلام ۾ جيڪا رواني آهي، سا ٻئي ڪنهن شاعر جي ڪلام ۾ گهٽ نظر ايندي. هو هڪ مخلص ديندار ۽ عاشق رسول صلي الله عليه وسلم ٿي گذريو آهي.

        هي بزرگ 13 صدي هجري  جي آخر ۾ ٿي گذريو آهي. الله تعاليٰ مٿس رحمت ڪري شال. آمين.

 

 

397- فقير سچيڏنو صوفي درازائي

        سنڌ جو مشهور صوفي موحد شاعر سچل فقير جو اصل نالو حافظ عبدالوهاب آهي. هو فرزند آهي ميان صلاح الدين ولد ميان محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو.

        هن درويش جي نسب جو سلسلو وڃي سيدنا اميرالمؤمنين عمر فاروق سان ملي ٿو، جنهن ڪري درازن وارا فقير فاروقي نسب يا قوميت سان مشهور آهن.

        درازن جي فاروقين جي شجره نسب ۽ تاريخي حالات مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن جو وڏو شيخ شهاب الدين محمد بن قاسم فاتح سنڌ جي فوج ۾ گڏجي سنڌ ۾ آيو ۽ سيوهڻ جي فتح ٿيڻ کان پوءِ اتي جو حاڪم بنايو ويو ۽ انهيءَ خاندان جا وڏا سلطان محمود غزنوي جي گهراڻي تائين سيوهڻ جا حاڪم رهندا آيا. ان کان پوءِ ڪي سيوهڻ ۾ رهيا ته ڪي ٽڙي پکڙي ٻين طرفن ڏانهن هليا ويا. 7 صدي هجري  ڌاري هنن جا ڪي وڏا بزرگ سيوهڻ مان لڏي راڻيپور جي لڳ گاگڙي پرڳڻي ۾ اچي ويٺا ۽ اُتي مخدوم جمار جا مريد ٿيا، جنهن جو مقبرو ”گڏيجي“ ۾ آهي، جتان پوءِ درازن جي ديهه کي اچي وسايائون ۽ اُتي پيري مريدي جو سلسلو قائم ڪيائون.

        سچل فقير جو والد ميان صلاح الدين اگرچه ميان صاحبڏني جو وڏو پٽ هو، پر گادي ننڍي پٽ ميان عبدالحق کي ڏياري ويئي هئي، جنهن ڪري سچل فقير جي پرورش ۽ تعليم تربيت پنهنجي چاچي جي نظرداري هيٺ ٿيندي رهي. ڇو ته ميان صلاح الدين اُن زماني ۾ وفات ڪئي هئي، جڏهن سندس ننڍڙي ٻار يعني سچل سائين هوش ئي ڪونه سنڀاليو هو.

        ننڍي هوندي کيس هڪ آخوند ميان عبدالله جي حوالي ڪيائون، جنهن وٽ قرآن شريف ياد ڪيائين ۽ ان کان پوءِ چوڏهن ورهين جي ڄمار تائين انهيءَ وقت جي درسي ڪتابن عربي فارسي جي تحصيل ڪري فارغ ٿي ويو. هو ظاهري علم به پڙهندو هو ته ساڳي وقت ئي پنهنجي چاچي ميان عبدالحق جي صحبت ۾ باطني فيض به حاصل ڪندو رهيو ٿي ۽ هن کي پنهنجو مرشد  ڪري ورتائين. ميان عبدالحق جي وفات (1213هه) کان پوءِ جڏهن سندس فرزند ميان قبول محمد پهريون (وفات 1245هه) گادي تي ويٺو هو، ته باقي ذڪر افڪار  ان کان حاصل ڪري خلافت جو درجو حاصل ڪيائين، جنهن ڪري کيس خليفو سچل ڪري سڏيندا هوا.

        سچل فقير ننڍي هوندي کان وٺي هڪ طرفو رهڻ پسند ڪندو هو. گهڻو ڪري ماڻهن سان ايترو رلندو ملندو ئي ڪونه هو. وڏي ڄمار ٿيس ته پنهنجي مرشد جي حاضري ۾ گذاريندو هو.

        سچل فقير اگرچه مجرد رهڻ کي گهڻو پسند ڪندو هو، پر ان هوندي به سندس چاچي ۽ مرشد ميان عبدالحق پنهنجي نياڻي سان شادي ڪرائي هوس، جنهن مان فقط هڪ فرزند پيدا ٿيو، مگر اهو به ننڍڙي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو.

        سچل فقير پاڻ مريد نه ڪندو هو،  ڇو ته گادي وارا ٻيا هوا، پاڻ هنن جو مريد هو، جنهن ڪري ڪوبه وٽس مريد ٿيڻ جي ارادي سان ايندو هو ته ان کي به پنهنجي مرشد وٽان کيس مريد ڪرائيندو هو، پر ان هوندي به ڪيترا فقير، سندس صحبت ۾ اچي رهندا هوا ۽ گهڻوئي ڪجهه وٽانس پرائيندا هوا. جيئن اڳڙن جو فقير يوسف، جنهن کي يوسف نانڪ سڏيندا آهن ۽ فقير يعقوب،  حاجي محمد عثمان چاڪي لاڙڪاڻو، فقير محمد صالح لاڙڪاڻي وارو، فقير گهرام جتوئي، محمد صالح دونهين وارو ۽ ٻيا.

        سچل فقير شروع حياتي ۾، پنهنجن مائٽن وانگي نماز روزي جو ڏاڍو پابند رهندو هو. وڏي ڄمار ۾ گهڻو ڪري استغراق ۾ رهڻ لڳو، جنهن ڪري هو باقاعده نماز جو پابند ڪونه هو. سموري زندگي ۾ ڪوبه نشو نه ڪيائين.  تماڪ  به ڪونه واپرايائين. هو مذهب ۾ پنهنجي وڏن بزرگن وانگي اهل سنت جماعت جو پابند هو. اگرچه قادري طريقي جو فقير هو، پر هن پنهنجي لاءِ، هڪ ٻيو رستو تيار ڪيو هو. قادري وارن وٽ،  راڳ سرود ۽ حسن پرستي ناجائز آهي. مگر هي صاحب پاڻ شاعر هو. ڪڏهن  ڪڏهن پاڻ به تنبوري تي پنهنجون ڪافيون ڳائيندو ۽ ٻين جو راڳ به ٻڌندو هو.

        خيرپورميرس جا ٽالپر سندس خاندان ۽ هن فقير جا  ڏاڍا معتقد هوندا هوا، جنهن ڪري هنن جي ڪچهري ۾ ويندو هو ۽ ڪڃرين جو راڳ ٿيندو هو ته فقير به ويٺو رهندو هو.

        کهڙن واري مخدوم صاحب ميان عاقل محمد جو انهيءَ زماني ۾ ڏاڍو زور هو ۽ شريعت جي پائبندي لاءِ سندس حڪم جي مجال آهي، جو ڪو نابري واري. خود مير سهراب ۽ مير رستم خان به مخدوم صاحب جي حڪم اڳيان گردن جهڪائيندا هوا.

        مخدوم صاحب سچل فقير کان ناراض رهندو هو، ڇاڪاڻ جو فقير سرود تي راڳ ڳائيندو  ۽ ٻڌندو هو. سچل فقير ڪيترا دفعا وڃي مخدوم صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته کيس تعذير ڏنو وڃي، پر مخدوم صاحب کيس معاف ڪندو رهندو هو.

        سچل فقير عادت  جو سادو ۽ کاڌو پيتو به هميشه سادو کائيندو هو. ڏڌ چڪي ۾ ٿورا مرچ وجهي ماني ٽڪر سان کائي ڇڏيندو هو. هڪ ڪاٺ جي صندل تي هميشه مٿي کي بيراڳڻ ڏيو ذڪر فڪر ۾ رهندو هو. ڏاڙهي تمام ڊگهي رکندو هو، جو ان وقت جو اهو رواج هو. مٿي ۾ سائي ڪپڙي جي ٽوپي ۽ پيراهن ۾ گوڏ ڍڪيندو هو. سموري زندگي ۾ هڪ ٻن دفعن کان سواءِ ڪڏهن به ٽهڪ ڏيئي نه کليو، هميشه خاموش  ئي خاموش ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺو هوندو هو.

سندس شاعري

        سچل فقير، سنڌي، سرائڪي ۽ هندي ۽ فارسي ۾ شعر چيو آهي، پر گهڻو ڪري سرائڪي ۾ سندس ڪافيون ۽ ڏوهڙا آهن. رياست جي ميرن جي زبان سرائڪي هوندي هئي، جنهن ڪري سچل فقير به انهيءَ زبان ۾ ڪلام چيو آهي. سندس شعر جو سمورو متن يا بنياد وحدت الوجود يا همه اوست جي صوفياني خيال تي ٻڌل آهي ۽  ڪڏهن ڪڏهن بيخودي جي حالت ۾ منصور وانگي انالحق جو دم به هنيو اٿس.

        چون ٿا ته جڏهن بيخودي  جي حالت ۾ ڪافي يا ڪو ٻيو شعر اُچارڻ لڳندو هو، تڏهن سندس ٻالڪو يا منشي، اُهو لکندو ويندو هو. پوءِ جڏهن هوش ۾ ايندو هو ۽ کيس ڪلام ڏيکاريندا هوا،  چوندو  هو ته هي ته چوڻ واري چيو آهي، مون کي ته سڌ به ڪانه آهي. سچل فقير پنهنجو ڪيترو شعر ساڙائي ٻارائي به ڇڏيو هو، ڇو ته کيس ڊپ هو ته متان ماڻهو بي سمجهائي ڪري هي ڪلام پڙهي، شريعت جو رستو ڇڏي گمراهي ۾ ڪاهي پون. ان هوندي به فقيرن جيڪو ڪلام کائونس لڪائي ڇڏيو ۽  نه ڏيکاريو، تنهن جو شمار ڪيو ويو ته نون لکن کان وڌيڪ بيت موجود هوا، جن ۾ ڪافيون، ڏوهيڙا ۽ سي حرفيون ۽ ڪجهه مرثيا ۽ غزل هوا.

        ازانسواءِ سچل فقير فارسي ۾ گهڻو ڪجهه چيو آهي. فارسي ڪلام  ۾  پنهنجو تخلص ڪٿي ”آشڪار“ ۽ ڪٿي ”خدائي“ آڻي ٿو. ديوان آشڪار ته ڇپجي به چڪو آهي. باقي سندس هيٺيان رسالا  مثنوي رومي جي بحروزن تي اڻ ڇپيل موجود آهن. (1) وحدت نامه (2) راز نامه (3) مرغ نامه (4) رهبر نامه (5) گداز نامه (6) عشق نامه (7) وصلت نامه. انهن سمورن رسالن ۾ وحدت الوجود جي صوفيانه مسئلي جو ذڪر ڪيل آهي. ڪٿي ڪٿي پنهنجي ذڪر اذڪار ۽ عارفانه شغل جو بيان به ڪري ٿو. جيئن ته رازنامه ۾ فرمائي ٿو:

راهه مولا در لطائفهائي نيست

درد عشقي در و ظائفهائي نيست

نفسي و قلبي و روحي را مگر

رو بدر وي  عشق او باشي اسير

پاس انفاس ست همچو دايهء

ميشود از دايهء سرمايهء

پاس انفاس ست راه عاشقان

پاس انفاس ست صدق صادقان

اي ز پاس انفاس عشقش سرزند

در زماني قلعه هستي بشکند

        سچل فقير جو خيال آهي ته دل جي صفائي لاءِ جيڪي لطيفا ڪمايا ويندا آهن، تن کان  بهتر آهي ته پاس انفاس جي شغل ۾ رهجي ، اهوئي  هڪ رستو آهي، جنهن جو مطلب وڏي منزل تي رسي سگهي ٿو.

        پاس انفاس ذڪر جو  مطلب آهي، جو دم هيٺ وڃي يا مٿي اچي، تنهن ۾ الله جو اسم ذاتي جاري رهندو اچي. ڪن بزرگ صوفين جو چوڻ آهي ته هيٺ دم وڃڻ وقت لا الھ جو لفظ تصور ڪجي ۽ ٻاهر ڪڍڻ وقت الاالله جو خيال رکي ۽ هي سمجهي ته اندر جون سموريون آلودگيون ٻاهر اڇلائيندو رهان ٿو ۽ ٻاهر جا انوار اندر هضم ڪريان ٿو. ان ريت هر هڪ پساهه جي نگهباني ڪندو رهي.

        سچل فقير پنهنجي مسلڪ ۽ صوفيانه شغلن کي قرآن حڪيم مان معلوم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي، پنهنجي ڪلام ۾ فرمائي ٿو:

غير قرآن اين کتبهاءِ دگر

جمله قشرست اين بدون بي خير

باز قرآن متعلق ست باکمال

تو چه داني تا چه گفت ذوالجلال

من همه تفسير قرآن خوانده ام

مغز قرآن را ازان بر خوانده ام

        هن وقت سچل فقير جا پيروي ڪندڙ ۽ سندس پويان گادي نشين درازائي فقير گهڻو ڪري لاقيدي ۽  مذهب کان بيزار ۽ شيعا ٿي چڪا آهن. ڀنگ نوشي ۽ شراب خوري هنن وٽ عام جام آهي. هو پنهنجي سمجهه موجب سچل کي به رافضي ۽ بد مذهب تصور ڪندي، ڄڻ ته سندس پيروي ۾ اهي ڪم ڪري رهيا آهن. هوڏانهن فقير صاحب پڪو سني هو ۽ نشي جي سمورن قسمن کان پاڪ صاف زندگي گذاريندو هو. پنهنجي رساله وصلت ۾ چئن يارن جي واکاڻ ۾ فرمائي ٿو:

مصطفيٰ و مرتضيٰ هر دو يکي است

در ابوبکر و عمر کسي را شکي است

سر احمد بود عثمان در جهان

احمد ش گفته رفيقي في الجنان

        گدازنامه ۾ پنهنجي زندگي جي هڪ پهلو تي هيٺئين ريت روشني وجهي ٿو:

من طالب باده انگوريم

ز اين شراب انگوري من دوريم

باده وحدت ز لطف شهه و راز

خواجه عبدالحق بهر دو سر راز

از يد ساقي کوثر خورده ام

زان سبب اين گوءِ سبقت برده ام

        سچل فقير گهڻو ڪري بيمار نه رهندو هو. کائيندو وري ڇا هو، جو بيمارين جو شڪار ٿئي. تمام وڏي ڄمار 72 سالن  کي پهچي، 15 رمضان المبارڪ 1242هه ۾ وفات ڪيائين. درازن ۾ ئي دفن ڪيو ويو.

        مولوي قادر بخش بيدل روهڙي واري سندس وفات جون تاريخون هيٺين جملن مان ڪڍيون آهن. ”پرغم – آفتاب – اوج عشق“ شعر:

سالک مستانه سچو چونکه پيوسته بحق

سرمست هو پيوسته شد تاريخ آن

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org