381- مير محمد شفيع رضوي ٺٽوي
سيدمحمد شفيع رضوي بکري، سيد محمد يوسف مهدوي بکري ٺٽوي
جي اولاد مان امير باتوقير ۽ اهل قلم شهيد ٿي
گذريو آهي. مغليه دربار مان کيس پهريان لطف علي
خان جو لقب حاصل ٿيو ۽ ان کان پوءِ شجاعت علي جي
خطاب سان سرفراز ٿيو.
شروعات جي تعليم ٺٽي مان حاصل ڪري وڏي ڪماليت جي درجي
کي پهتو ۽ حڪومت ۾ پوري طرح رسوخ حاصل ڪري
ورتائين. سلطان فرخ سير جي زماني ۾ جڏهن ٺٽي جو
گورنر عطر خان ولد نواب سيد خان چنگيزي مقرر ٿي
آيو، تڏهن ڏٺو ويو ته هو ملڪ راني جو اهل ثابت نه
ٿيو. دربار شاهي ۾ شڪايتون پهچڻ لڳيون، جنهن تي
مير لطف علي خان کي مقرر ڪيو ويو ته عطر خان کان
چارج وٺي، گورنر جا اختيارات پنهنجي قبضي ۾ آڻي،
مگر عطر خان انڪار ڪيو.
لطف علي خان هڪ وڏو جري ۽ بهادر مرد هو، جنهن عطر خان
سان جنگ جوٽي، هڪ سال اندر کيس گهيري ۾ سوگهو ڪيو
هو. ان کان پوءِ عطر خان جنگ جي ميدان ۾ قتل ٿي
ويو ۽ ٺٽي جي حڪومت بالاستقلال مير لطف علي خان جي
قبضي ۾ آئي. جيتوڻيڪ مير لطف علي خان 1125هه ۾
حڪومت جو مالڪ ٿي چڪو هو، مگر 1127هه ۾ عطر خان جي
قتل کان پوءِ هن جو ڪوبه مقابل يا حريف باقي ڪونه
بچيو. انهيءَ زماني ۾ شاهي دربار مان کيس ”شجاعت
خان“ جو خطاب عطا ٿيو هو. آخر سال 1128هجري ۾ دهلي
دربار مان کيس معزول ٿيڻ جو پروانو پهتو. ان کان
پوءِ به سرڪار پاران وڏن وڏن عهدن تي مقرر ٿيندو
رهيو ۽ عزت آبرو جي حياتي گذاريندو رهيو. هو وڏو
بهادر هو، جنهن ڪري ڪنهن کي مجال نه هوندي هئي ته
سندس سامهون ”مڇن کي وڪڙ ڏئي“ آڪڙ ڪري هلي. ان سان
گڏ ڏاڍو متواضع، حليم ۽ بردبار طبع هو ۽ سليم
الطبع غريب نواز هو. شعر شاعري ۾ وڏي دسترس هئس.
نظم کان سواءِ نثر ۾ به ڪماليت جو مالڪ هو.
ٺٽي جو مشهور ۽ بي مثال شاعر محمد حسن سندس شاگرد ۽
تربيت يافته هو ۽ سندس خدمت ۾ رهي هن ڪماليت حاصل
ڪئي هئي. شعر ۾ همت تخلص ڪندو هو. هڪ دفعي سندس
حقو ڀڄي پيو جنهن ڪري نقاش ڏانهن مرمت لاءِ
موڪليائين، مگر هن دير ڪئي. جنهن ڪري پنهنجي هڪ
دوست ڏانهن حقي بابت هڪ خط لکيائين جنهن مان سندس
فارسي نثر نويسي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
”حقه تمباکو که در طريقت صوفيه طوطي دست آموز طراز گاه
عرفان بود و در حلقه صوفيان صفا کيش بذکر خفي و
جلي دم کشي مي نمود از دست مريد بي وقوف خفتي
کشيده، از پا افتاده، بر زمين غلطيده بي عصا و
امانده، شانه و عمامه از دست داده، آبرو ريخته
سربسته انداخت چون جن گرفته گنگ گشت ناچار حواله
نقاش کهنه کار شده که اصلاح حالش نمايد آن سر حلقه
سلسله نقشبندان آن رياضت کيش را در حجره خانقاه
وعده خلافي چندين اربعين گذشته برنمي آرد چوب
چوبدار مي خواهد“
نظم جو نمونو:
لاله گوني مي شود گويا ز اشک خونيم
بسکه دارم داغ پنداري که دا عستانيم
رونگر دانم من از تيغ جفائي دشمنان
همچو اسماعيل در کوئي تو من قربانيم
که بود پروائر از دست هيا داند هر
يونسم در دهر، اما در دهان ماهيم
هستم اکنون از غلامان علي مرتضيٰ
در لقب لطف علي بنوشت در پيشانيم
تمام گهڻو اولاد ڇڏي ٻڍاپڻ جي زماني کي رسي 1144 هجري ۾
هن دنيا مان گذري ويو. محمد محسن شاعر هن فقري
مان سندس سال وفات ڪڍيو آهي.
”ادخله في الجنات بلاحساب“
1144هجري
(مقالات و تحفه)
382- ملا جلال ٺٽوي
ملا جلال تخلص ”راعي“ مرزا جاني بيگ ٺٽه جي درباري
شاعرن ۽ اميرن مان هڪ فضل علم وارو بزرگ هو. مرزا
جي مدح ۾ هڪ قصيدو چيائين، جنهن مان ڪجهه شعر
هيٺئين ريت آهن:
زهر ز عدل تو آسوده خلق رحماني
حلول کرده بدلهائي خلق چون جاني
ز بس نوال و کرم عقل خيره گرويده
نداند آنکه بگويد تو بحر يا کاني
بدست تربيت ”راعي“ آن چنانه باليد
که رفته رفته نهند پا به تخت سلطاني
مرزا کي پويون مصرعو ناپسند آيو، جنهن ڪري مرزا جي
عنايت وارين نظرن کان ڪري پيو. ان جو شاعر جي طبع
تي ايڏو صدمو رسيو، جو زهر کائي آپ گهات ڪري غيرت
کان جند ڇڏايائين. سندس فرزند جمال محمد نالي جو
اهو پڻ شاعر قاب”راهي“ تخلص ڪندو هو. تنهن پنهنجي
والد جي تاريخ وفات هيٺئين مصرعه مان حاصل ڪئي.
”کرد جان را وقف ننگ و آبرو“
1000 هجري
تمت تمام شد، جلد رابع، مسوده کتاب ”مشاهير سنڌ“ بعونه تعاليٰ،
بوقت ظهر مورخه يکم ماه شهبان المعظم 1367 هجري،
مطابق 9 جون 1948ع، بقام کراچي گاڙي خاطه
عبد دين محمد وفائي
383- شيخ مسعود سنڌي
شيخ فاضل عمادالدين مسعود بن شيبة بن حسين سنڌي، جنهن
جو سرڪاري طرح ”شيخ الاسلام“ لقب هو. هو حنفي مذه
جو وڏو فقيه عالم مصنف ٿي گذريو آهي. ملا علي
قاري پنهنجي ڪتاب آثارالجنة ۾ لکي ٿو ته سندس
تصنيفات مان طبقات الحنفية ۽ ڪتاب التعليم مشهور
آهن. (نزهت الخواطر)
ڪتاب التعليم جو هڪ نسخو مصر ۾ موجود آهي. باقي طبقات
الحنفية ناياب آهي. نزهت الخواطر جي مصنف سيد
عبدالحي لکنوي کيس 8 صدي هجري جي رجالن ۾ آندو
آهي.
384- قاضي محمد حسين ٺٽوي
محمد حسين بن قاضي علي محمد بن قاضي شيخ فريد بن قاضي
شيخ محمد اُچ ٺٽوي خانداني قاضي ٿي رهيا آهن.سندس
وڏو بزرگ شيخ محمد سيد محمد مهدي جونپوري جو مريد
هو ۽ مرزا شهه بيگ ۽ مرزا حسن بيگ ارغون جي زماني
۾ ٺٽي جو قاضي مقرر ٿيو. جنهن جو بيان ڪنهن ٻئي
هنڌ ڪيو ويو آهي.
قاضي محمد حسين پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ قضا جو
منصب سنڀاليو ۽ اهو زمانو حضرت محي الدين عالمگير
جي سلطنت جو هو.
مير قانع لکي ٿو ته:
”در کمال بزرگي و فرط سترگي اوقات برکات بانقضا
رساينده“
سندس قضا واري زماني جو هڪ واقعو آهي ته سن 1099هه ۾
سلطان عالمگير پاران نواب مريد خان، نومسلم ٺٽي جو
گورنر مقرر ٿي، شهر ۾ پهچي رهيو هو. ساڻس ڪيترا
هزار راجپوت سفر ۾ ساڻ هوا. جڏهن شهر جي دروازي تي
پهتا تڏهن معلوم ٿين ته گورنر جي محلات تائين پهچڻ
واري رستي ۾ ”وڏي گوشت“ جي قاساين جي بازار اچي
رهي هئي. مريد خان راجپوتن جو خيال رکي، قاضي محمد
حسين کي چورائي موڪليو ته بهتر هيئن آهي ته فقط
اڄوڪو ڏينهن وڏي گوشت جي بازار کي بند ڪرايو. هن
لاءِ ته متان هندو راجپوتن کي اها ڳالهه گران گذري
۽ ڪو فساد جهيڙو ٿي پوي. مگر جنهن صورت ۾ ملڪ اندر
عالمگيري انتظام اهڙو رکيل آهي جو ڪنهن به وڏي کان
وڏي ماڻهو جو ڊيڄارڻ ۽ خوفزده ڪرڻ جي ماڻهو پرواهه
نه ڪندا هوا، تنهن ڪري قاضي محمد حسين، مريد خان
حاڪم جي پرواهه نه ڪندي رات و رات ڪاساين کي
چورائي موڪليو ته صبح جو هميشه کان به وڌيڪ ڳئون
ذبح ڪري، بازار ۾ وڪري لاءِ آڻي رکجو. گورنر کي
اها ڳالهه معلوم ٿي وئي ته قاضي نه فقط حڪم نه
مڃيو پر ان جي سختي سان مخالفت به ڪئي آهي، مگر
بادشاهه جي انتظام ۽ گرفت جو خيال رکي، چپ رهجي
ويو ۽ بادل ناخواسته پنهنجي فوج سميت اڳوڻن حاڪمن
جي رسم موجب اتان ئي کيس لنگهڻو پيو. مريد خان ٻه
سال ٺٽي ۾ رهيو، مگر سندس هندو لشڪرين شهر وارن کي
ڏاڍو ايذاءُ ۽ تڪليف پهچائي، جنهن ڪري شهر وارن
بادشاه کي عريضو لکيو. قاضي صاحب جو انهيءَ سموري
معاملي ۾ هٿ هو.
بادشاهه دين پناهه حڪم موڪليو ته مريد خان جا هيٺان
نقطا مٿي ڪري (مرتد خان بڻائي) کيس موتوف ڪيو وڃي
ٿو. جنهن کانپوءِ هو ٺٽي جي قلعي تغلق آباد ۾ رهيو
پيو هو، جو کيس اکين ۾ درد هو ۽ اتان جي آب و هوا
کيس موافق ٿيندڙ هئي. بادشاهه کيس تيستائين شهر
مان نڪرڻ جو حڪم نه ڏنو، جيستائين دهلي مان نواب
زبردست خان ٺٽي ۾ پهتو. ان کان پوءِ مريد خان کي
واپس گهرايو ويو. (تحفه ٿوري ڦير گير سان)
قاضي محمد حسين صاحب سلطان عالمگير جي زماني ۾ ئي اکين
کان نابينا ٿي پيو هو ۽ سندس حياتي ۾ ئي سرڪاري
طرح سندس فرزند محمد يحيٰ کي قضا جي منصب تي مقرر
ڪيو ويو. قاضي صاحب سن 1103هه ۾ وفات ڪري ويو.
385- محمد محسن شاعر ٺٽوي
محمد محسن ولد نور محمد ولد محمد يعقوب پاٽولي. سندس
وڏا ريشم فروشي جو ڌنڌو ڪندا هوا. هي ٻارڙو جڏهن
هوش ۾ آيو، تڏهن مڪتب ۾ داخل ٿيڻ وقت، تعليم وٺڻ
واري زماني ۾ ئي شعر و شاعري ڏانهن سندس توجه
ٿيندو رهيو ۽ اڃا ڪجهه وڏو ٿيو ته رنگين طبعي وارو
جوهر ظاهر ٿيڻ لڳو. اڳتي ٺٽي جي گورنر سيد مير لطف
علي خان رضوي بکري جي صحبت ۾ رهي، سندس طبع پنهنجو
اصلي جوهر ڏيکارڻ لڳي. مير صاحب پاڻ هڪ وڏو شاعر
هو ۽ شعر و سخن جو چرچو سندس مجلس ۾ رهندو ايندو
هو. جنهن ڪري محسن جو مزاج شگفته بڻجندو ويو.
انهيءَ زماني ۾ آقا محمد شيخا تخلص مقبل اصفهاني
ٺٽي ۾ اچي مقيم ٿيو. هو هڪ محب اهل بيت ۽ اهل زبان
شاعر هو. محسن سندس خدمت ۾ پهچي کانئس سخن جي
اصلاح ڪرائيندو رهيو. آخر محسن جو درجو ايڏو بلند
ٿيو جو مير قانع لکي ٿو ته:
”در تته باين کمال شاعري و لطافت سخن و ملاحت کلا الخ“
يعني ته ٺٽي ۾ ايڏي شاعري ۾ ايڏي ڪماليت ۽ پاڪيزه سخن ۽
لطافت ڪلام وارو شاعر پيدا ڪونه ٿيو. هندي تمثيل
۽ شڊاعرانه مناسبتن کي ايراني ۽ هندوستاني استادن
جي رنگ ۾ رواج ڏيارئين، لکي ٿو ته:
”در ملک بيقدر واقع شده، والا سخنش سزاوار زيب مجلس امرا است“
يعني ته بيقدري ملڪ ۾ پيدا ٿيو نه ته سندس سخن اميرن جي
مجلس لائق آهي. سندس حياتي ۾، سندس ڪلام سموري ملڪ
۾ پکڙجي ويو. جيڪو به علمي ذوق وارو ٺٽي ۾ آيو ٿي
۽ سندس ڪلام کان واقف ٿيو ٿي ته ”ديوان محسن“ کي
ڏاڍي شوق سان نقل ڪرائي ويندو هو.
هندستان مان جيڪي به ٺٽي ۾ حاڪم مقرر ٿي ايندا هوا ته
محسن جي ڏاڍي رعايت ۽ ادب ڪندا رهندا هوا. خصوصا
ٺٽي جي بلڪل پوئين حاڪم نواب صادق علي خان صاحب
سان سندس گهاٽا لاڳاپا هوا ۽ سفر حضر ۾ سندس معيت
۾ رهندو هو ۽ ان جي شان ۾ ڪي قصيدا به لکيا اٿس.
سموري زندگي شاعرانه وضع ۾ رهيو. سندس صحبتون فيض ۽
فائدي کان خالي نه هونديون هيون. سموري زندگي
سرشار ۽ سرخوش گذاريندو هو. جڏهن 1149هه ۾ دهلي جو
تصرف سنڌ تان ختم ٿي، ٺٽو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي
حوالي ٿيو، تڏهن محمد محسن شاعر جو ميان صاحب سان
تعلق ٿيو ۽ کيس 8 آنا روزينو مقرر ڪري ڏنو ويو،
جنهن مان پنهنجو گذران ڪندو رهندو هو.
هڪ دفعي ميان نور محمد مرحوم ڏانهن قصيدو لکي روانو
ڪيائين، جنهن ۾ کيس خطاب ڪري ٿو:
اقبال چاکر فلک از راه کينه ام
سرگشته بهر درانه که نموده ست همچو آس
از بسکه گشته ستمجز کتاب دل
از خاطرم گشته شيرازه حواس
گر نيستم چو طالب و عرفي درين زمان
دارم سخن بسي و ندارم سخن شناس
جنهن زماني ۾ ميان صاحب پاران ٺٽي جو ناظم شيخ شکرالله
(وفات 1164هه) هو. ان وقت ميان نور محمد هيٺيون
مصرعه طرحي ناظم ڏانهن ٺٽي موڪليو ته ان تي پهريون
مصرعو لڳايو وڃي.
مصرعه: سيه چشمي ز هند آ ورد پيغام رهه آهو
ناظم صاحب محسن شاعر کي گهرائي مصرعه سامهون رکيو، جنهن
تي شاعر في البديهه فرمايو ته:
نگه از زلف مشکين تو شد دام رم آهو
سيه چشم ز هند آ ورد پيغام رم آهو
باين و حشت نگاهي چشم الفت از تو مي دارم
بود آغاز رمهاي تو انجام رم آهو
زمين را چشم حيرت باز شد بهر تماشائي
بصحرا نقش پائي نه نشست از گام رم آهو
محسن شاعر جي چؤطرف شاگردن جو به وڏو حلقو هوندو هو. جن
۾ ڪي ايراني نوجوان، سخن سنج ۽ سخن فهم به هوندا
هوا. آقا زڪي ڪرماني جو نادر شاهه جي زماني ۾ سنڌ
۾ پهتو ۽ ٺٽي ۾ اچي مقيم ٿيو. ان جون ٺٽي جي
شاعرن سان ملاقاتون ٿينديون هيون. ان جون ٺٽي جي
شاعرن سان ملاقاتون ٿينديون هيون. ان کان پوءِ
جڏهن خدا آباد اچي رهيو، تڏهن هميشه پنهنجا شعر ۽
مضمون، جيڪي ٺيڪ نظم ۾ نه بيهاري سگهندو هو، اُهي
محسن ڏانهن موڪليندو هو ته درست ڪري موڪلي يا
مرڳوئي پاڻ لکي ذڪي جي نالي موڪلي. جنهن تي محسن
وڏا داستان ۽ مثنويون لکي موڪليندو هو ۽ زڪي
ايراني پنهنجي نالي پيش ڪندو هو.
مير قانع لکي ٿو ته:
آقا زکي ده باشي کرماني در عهد نادريه ببلده رسيده با محمد محسن
شاعر تته خيلي ميجوشيد. بعد ازان که از تته بخدا
آباد رفت. اکثر فرمايش شعر به محمد محسن مذکور مي
نمود در معافي و مطالب چندين که از خودش خاطر خواه
سر برنمي زد از طبع مومي اليه التقاظ مي کرد تا
بنامش داستانها و مثنويها گفته مي فرستاد. فقير
ازان جمله چند مسوده نزد ميان غلام علي ولد ميان
محمد محسن مذکور ديده ام“
(مقالات)
ميان نور محمد جي خدمت ۾ هڪ وڏو عالم مولوي محمد جعفر
ايراني رهندو هو. ان وقت ايران جو هڪ شاعر سيف
الله نالي اچي رهيو، جنهن جو محسن شاعر سان تعلق
پيدا ٿيو. هڪ دفعي سيف شاعر پنهنجي رباعي لکي
محسن کان داد گهريو ۽ محسن جواب ۾ نظم لکي کيس داد
ڏنو ۽ سندس حوصله افزائي ڪئي. هن ايراني شاعر تي،
ٺٽي جي استاد سخن پاران آفرين ملڻ تي ايڏو اثر ٿيو
جو کيس جواب ۾ لکيائين:
مدحم کرده استس محسن خلق الله
آن مظهر جامع کمالات الله
من لائق هجو، واو مدح کنند
لاحول ولا قوت الا باالله
محسن شاعر نظم ۾ وڏا وڏا دستان لکيا آهن. سندس تصنيفات
مان هيٺيان ڪتاب يادگار آهن، جن مان ڪي ناياب ٿي
چڪا آهن ۽ ڪي اڃا موجود آهن.
(1) عقد دروازده گوهر (امامن اهلبيت جي مناقب ۾) (2)
حمله حسيني (جنهن ۾ 12 هزار شعر آهن، حمله حيدري
جي تتبع تي لکيو ويو آهي) (3) ديوان محسن (4)
قصائد محسن (5) بياض محک کمال (جنهن ۾ ايران ۽
هندستان جي شاعرن جي ڪلام جو انتخاب آهي. تتبع ۾
سندس غزليات به موجود آهن) (6) طرز دانش نظم در
بيان ولادت حضرت صاحب الزمان. هو اهل بيت جي
واکاڻ ۽ تعريف ۾ ايترو وڌيل آهي جو ظاهربين کيس
شيعت ڏانهن نسبت ڪري سگهي ٿو، مگر هو حقيقت ۾ اهل
سنت جماعت جو پابند شاعر آهي، مگر ايراني اثرات ۽
ٺٽي ۾ وقت بوقت شيعه عالمن جي آمد رفت ڪري انهيءَ
زماني جي شاعري تي مدح ۽ منتقبت اهل بيت جو رنگ
چڙهيل هو، جنهن ڪري محسن جي ڪلام ۾ اهو رنگ نمايان
نظر اچي رهيو آهي. فرمائي ٿو:
به دين احمدي مومن زند لاف
که هم مشرب بود با چشمه صاف
بسني داد چون ابر بهاران
مزاج معتدل با چار ياران
هيڏي وڏي پائي جو فارسي گو سنڌي شاعر 42 سالن جي ڄمار
۾ 20 شوال سن 1163هه ۾ هن دنيا فاني مان رحلت ڪري
دارجاوداني ۾ وڃي آسودو ٿيو. سندس فرزند غلام علي
مداح آيت ڪريمه ”ان رحمت الله قريب من المحسنين“
مان سال وفات حاصل
1163هه
ڪيو آهي.
386- غلام علي مداح ٺٽوي
غلام علي ولد محمد محسن شاعر ٺٽوي، تخلص ”مداح“ 1145هه
۾ ٺٽي ۾ تولد ٿيو. سندس والد هڪ سجع مصرعه ۾ تيار
ڪئي، جنهن مان سندس تاريخ ولادت حاصل ٿئي ٿي. اعني
”غلام علي بي بدل باخت“.
جڏهن دنيا جي سياه سفيد ۾ تميز ڪرڻ جهڙو ٿيو، تڏهن ٺٽي
۾ هڪ طرف پنهنجي والد جي شاعري جي ڌوم ڏٺائين،
بئي طرف سمورو شهر علم ۽ فضيلت وارن سان ڀرپور
هو. شعر سخن جي مشق سان گڏ عربي علومن ڏانهن به
پورو پورو توجه ڪيائين، عربي زبان جو چڱو فاضل
عالم ٿيو. شعر شاعري ۾ مير علي شير قانع سان
صحبتون رهيس.
مقالات شعراء جي تتمه مان معلوم ٿئي ٿو ته مير قانع ۽
ميان مداح جا طرحي مصرعن تي هميشه طبع آزمايون
ٿينديون رهيون آهن. مولوي مداح تمام گهڻو ڪري
ميان سرفراز ڪلهوڙي ولد ميان غلام شاهه وٽ سندس
صاحبزادگي جي زماني ۾ رهندو هو ۽ سندس شاعري ۽ ٻين
علمن ۾ استاد هو ۽ هڪ باڪمال انسان هو. سندس
ڪماليت جو اندزو هيٺئين تاريخي قطعي مان ڪري سگهجي
ٿو جو سيد نجم الدني محي الدين ثاني ڪشميري جي
فرزند نصيرالادين ابوبڪر جي تولد تي لکي اٿس. اهو
سيد صاحب پهريان 1165هه ۾ ٺٽي ۾ وارد ٿيو هو ۽
هزارين ماڻهو سندس معتقد بڻيا ۽ مريد ٿيا. ان کان
پوءِ وري 1168هه ۾ ٺٽي ۾ حج بيت الله تان موٽندي،
ڪراچي بندر تان پنهنجي پٽ جي تاريخ ولادت تي قطعه
لکي ٺٽي جي شاعرن ۾ جذبو پيدا ڪيائين ته ڪو ٻيو به
ان تي طبع آزمائي ڪري.
از دو مصرع و حروف نقطه و بي نقط
محققي در چار تاريخ است بيت منجلي
واقف باب ولايت، گلشن لوح هم
عارف کامل نصيرالدين ابي بکر ولي
هن رباعي جي پوين مصرعن مان جيڪڏهن هڪ هڪ مصرعه جا جدا
جدا عدد ورتا ويندا ته سال تاريخ حاصل ٿيندو. يعني
ٻه تاريخون ٻن مصرعن مان، اهڙي طرح هر هڪ مصرعه جا
بي نقط لفظ شمار ڪيا ويندا ته به سال ملندو ۽
نقطن وارن اکرن کي شمار ڪيو ويندو ته به سال حاصل
ٿيندو. ان ريت چار تاريخون ملنديون.
انهيءَ قطعه موڪلڻ کان پوءِ پاڻ به ڪراچي مان ڪهي ٺٽي
پهتو ۽ مير علي شير قانع کي گهرائي طبع آزمائي
لاءِ چيائين، جنهن صاحب 3 شعر لکي 63 تاريخون ان
مان ڪڍيون، جن جو جدا بيان ايندو. ميان غلام علي
مداح به ان جي تتبع ۾ پنهنجي طبع آزمائي فرمائي ۽
قابليت جو جوهر ڏيکاريو. چئن خانن جي دائري ۾ ٻه
بيت لکيائين،جن کي جتان به هيٺان مٿان ابتو سبتو
پڙهيو وڃي ته وزن ۽ شعر به پورو بيهندو ۽ ماده
تاريخ به هر پهلو کان حاصل ٿيندو. اهو ٻن شعرن
وارو دائرو هي آهي.
اقدم و اعلم
فائق نامي
نيک بهادر
اعبد اطهر |
اوثق عادل
و اصل اقدس
نافع کامل
حاکم اکبر |
عاقل اکمل
مدرک و اطيب
سيد و ارجح
اصدق او في |
پر دلدانا
از همه والا
موقن اعطي
منعم و مولي |
مداح ان شعرن جي سمجهاڻي تي هڪ قطعه لکيو آهي، جنهن ۾
فرمائي ٿو ته؛
بعنون حق و احد و اهلبيت
رقم خامه فکر من زد دو بيت
به نعت گل گلشن احترام
شه دين محمد عليه السلام
که از باغ هر مصرعه چو ز دم
بابيات شکل مربع رقم
به مجموع هر چار جزء از شمار
عيان گشت تاريخ اي نامدار
بود سال تاريخ اي نکته ور
هار و صد و شصت و هشت دگر
اگر از يمنش وگر از يسار
بهر خو خواهي بخوان جز و چار
گر از فوق و گر تحت دگر عکس آن
بترتيب با خير ترتيب خوان
به وزن و معنيٰ و تايرخ نيز
خلل نيست در نزد صحب تميز
ازين نظم دلکش شدم بهره ور
به تبعيت قانع نامور
الاهي با عزاز اهل قبول
نبي و علي و دو سبط و بتول
روا ساز مقصود مداح را
دگر کام هر اصلاح را
مداح جون نظمون ۽ نعتون ۽ قصيدا ۽ غزليات بي شمار آهن.
مگر انهي خاندان جي پوئر نه هجڻ ڪري، اڄ ناياب
نظر اچن ٿا. سندس سال وفات اگرچه پوري طرح معلوم
نه ٿي سگهيو آهي، مگر مير قانع جي تصنيفات مان
معلوم ٿئي ٿو ته هو صاحب تاريخ تحفت الڪرام جي
تصنيف 1182هه تائين به زنده هو.
(والله اعلم باالصواب)
387- مرزا شاهه حسن ارغون
عالم فاضل، بادشاهه عادل مرزا شاهه حسن بن مرزا شهه
بيگ بن مرزا ذوالنون ارغون، سندن ڏاڏي جو نسب
چنگيز خان ترڪ سان وڃي ملي ٿو. ارغون خان ۽ سندس
فرزند غازان خان پهريان اسلام آندائون ۽ ان کان
پوءِ ايران ۾ سلطنت جو بنياد وڌائون ۽ هنن جي
اسلام آڻڻ ڪري مغلن جي قوم جو وڏو حصو اسلام ۾
داخل ٿي ويو. مگر ان کان پوءِ ستت ئي چنگيزي
خاندان جي انهيءَ شاخ مان ايران جي سلطنت نڪري
تيموري خاندان جي وڏي ڏانهن منتقل ٿي وئي. مگر ان
هوندي به تيموري مغلن ۽ ارغوني مغلن جا پاڻ ۾
عزازت ۽ محبت جا تعلقات رهندا آيا ٿي.
جڏهن سلطان ظهيرالدين بابر هرات تي قابض ٿيو تڏهن مرزا
شاهه حسن جو ڏاڏو مرزا ذوالنون ۽ سندس والد شه بيگ
وٽس هوا. ان کان پوءِ ڪن اختلافن سبب مرزا شهه بيگ
قنڌار تي اچي قابض ٿيو ۽ ٻن سالن تائين مرزا شاهه
حسن بابر بادشاهه جي خدمت ۾ ڪابل ۾ رهيو پيو هو.
بادشاهه فرمائيندو هو ته مرزا شاهه حسن اسان وٽ
نوڪري لاءِ ڪونه آيو آهي، پر اسان کي بادشاهن جي
قاعدن ۽ ادبن سيکارڻ لاءِ آيو آهي.
مرزا شاهه حسن 866هه ۾ تولد ٿيو هو. سندس والد هڪ وڏو
عالم فاضل هو، جنهن ڪري مرزا شاهه حسن کي به
ننڍپوڻ کان وٺي علم پرائڻ جو ڏاڍو شوق رهندو آيو
ٿي. اهو شوق آخر ڄمار تائين قائم رهيس. بادشاهت
واري زماني ۾ به برابر روزانو سبق وٺندو ۽ مطالعه
ڪندو رهندو هو. سندس والد (وفات 928هه ۾) سنڌ جي
حڪومت تي قابض ٿيو. سندس عدل انصاف ۽ علم پروري جو
آواز ايران خراسان تائين پهچڻ لڳو، جنهن ڪري جدا
جدا ملڪن مان ڪيترائي وڏا وڏا عالم صوفي، سنڌ ۾
پهچي مرزا صاحب جي نوازشات مان مالامال ٿيڻ لڳا.
مرزا هڪ وڏو مجاهد ۽ ڪامياب بادشاهه هو. هڪ طرف
ميدان جنگ ۾ رڌل هوندو هو ته ٻئي طرف عالمن جي
مجلس ۾ مشغول رهندو هو.،
بادشاهت جي زماني ۾ قاضي ڏتي سيوهاڻي ۽ مخدوم ميران
ٺٽوي، شيخ مصلح الدين لاري ۽ علامه يونس سمرقندي
وٽان سبق پڙهندو رهندو هو. جنهن فن ۾ ڪوبه وڏو
عالم يا وڏو ڄاڻو معلوم ٿيندو هوس ته ان کي
گهرائي، وٽانئس حاصل ڪري وٺندو هو. خوبي وري هي به
هوندي هيس ته جيڪا تقرير ٻن استادن کان ٻڌندو هو
ته اُها لکي ڇڏيندو هو.
مير محمد معصوم فرمائي ٿو ته:
باوجود تقلد قلاده حکومت مي خواند، آنرا به فارسي تقرير
نموده در قيد کتابت مي آورد و کاتب قريب جزء مرزا
مولي اليه بدست خط خود در کتب خانه قاضي ڏتو
سيوستاني درس ايشان تحصيل علم مي نموده ديده
بود. شايد تاحال بدست اولاد قاضي مرحوم آن اوراق
موجوده باشند (معصومي)
مرزا شه حسن پنهنجي حڪومت کي تمام وڌائي وسيع بڻائي
ڇڏيو هو. هڪ طرف ملتان تي قبضو ڪري ورتائين ته ٻي
طرف کان رياست ڪڇ ڀڄ جو سمورو علائقو سندس قبضي ۾
هو. قنڌار کان وٺي ويندي عربي سمنڊ تائين سندس
قبضو هو، مگر پوءِ قنڌار ۽ ملتان، سلطان
ظهيرالدين بابر کي نذرانه طور ڏئي، باقي ملڪ تي
قابض رهيو. سندس سلطنت جي سموري قلمرو ۾ ڪڏهن به
ڪنهن ماڻهوءَ سان نه ظلم ٿيو ۽ نه بي انصافي ٿي.
جو ماڻهو جتي هوندو هو، سو بيحد آرام سان
گذاريندو هو. ٻچپڻ کان وٺي پنهنجي وفات تائين
ڪڏهن به جنگ يا مقابلي ۾ هن شڪست ڪانه کاڌي.،
هميشه ڪامياب ۽ سوڀارو ئي سوڀارو رهندو هو.
سڀ کان ڏکيو واقعو جيڪو سندس وقت ۾ ٿي گذريو، سو آهي
بادشاهه همايون جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ مرزا جو پريشان
ٿيڻ. اگرچه ارغون گهراڻو همايون جو معتقد ۽ مطيع
هو ۽ سندس والد جا گويا خادم هوا ۽ بيحد ادب ڪندا
هوا، مگر جڏهن شير شاهه سوري هندن سان ٻڌي ڪري،
دهلي جي تاج ۽ تخت کان بادشاهه همايون کي محروم
ڪرڻ گهريو ته ان وقت بادشاهه همايون سان سندس
ڀائرن به ڏاڍي بيوفائي ۽ بي پرواهي ڪئي، جنهن ڪري
بادشاهه پريشان ٿي، سنڌ ڏانهن رخ رکيو. مرزا شاهه
حسن پهريان ارادو ڪيو ته بادشاهه جي آجيان ڪجي،
مگر پوءِ سندس اميرن مشورو ڏنو ته بادشاهه شڪست
خورده آهي ۽ هن جا امير به بيڪار ٿي چڪا آهن ۽ فوج
بک مري رهي آهي، تنهن ڪري سندس مدد ڪرڻ جي معنيٰ
آهي ته پاڻ لاءِ ”سياسي موت“ کي سڏڻ. تنهن ڪري وقت
جي مصلحت موجب بادشاهه کي ڪنهن به طرح ٽاري ڇڏجي.
بادشاهه رمضان شريف جي 28 تاريخ خميس ڏينهن 947هه
روهڙي ۾ پهچي ويو. پاڻ ٻٻرلوءِ جي باغن ۾ حرم
سراءِ سميت منزل انداز ٿيو ۽ فوج جنهن جو تعداد
ٻه لک کن هو سا روهڙي کان وٺي ٻٻرلوءِ تائين
پکڙيل هئي. رمضان جو آخري جمعو بادشاهه ٻٻرلوءِ
۾ ادا ڪيو ۽ ڌاريجن جي قوم جا ماڻهو سندس خدمت ۾
هزارن جي تعداد ۾ اچي حاضر ٿيا. مگر شه حسن، بکر
کي، سلطان محمود بکري جي حوالي ڪري، پاڻ سيوهڻ
مان ٿيندو سڌو ٺٽو هليو ويو ۽ بادشاهه ايلچي
موڪلي کيس گهڻو ئي سمجهايو، مگر هو باز نه آيو.
بکر جي علائقه ۾ تمام سخت قحط هو،جنهن ڪري بادشاهه
درٻيلن ۾ پات مان ٿيندو يڪدم جمادي الاول 948هه
سيوهڻ پهتو. مگر سيوهڻ جو قلعوبند هو. بادشاهه
گهيرو وڌو، کاڌي لاءِ داڻو به ڪونه پيو ملي، ڏاڍا
تنگ ٿيا. پر ان هوندي به پورا ٻه مهينا گهيرو
وجهيو ويٺا هوا. آخر بک کان لاچار ٿي بادشاهه وري
روهڙي موٽي آيو ۽ سلطان محمود بکري ڏانهن قاصد
موڪلي اناج جي گهر ڪيائين. محمود اگرچه مرزا جو
ماڻهو هو، مگر بادشاهه جي ادب ڪري 3 سو خرار اناج
جا بادشاهه جي گهرو خرچ لاءِ ڏياري موڪليائين. ان
وچ ۾ بک کان تنگ ٿي بادشاهه جو لشڪر سنڌ جي ڳوٺن
۾ چڙهي چڪو هو. ان وچ ۾ شير شاهه راجپوتانه جي هڪ
راجا سان صلاح ڪري بادشاهه کي مدد ڏيڻ لاءِ دعوت
نامو موڪليو. بادشاهه روهڙي مان روانو ٿي جيسلمير
۽ جئپور مان ٿيندو اڳتي وڌندو ويو ته کيس معلوم
ٿيو ته دغا ٿي رهي اهي. آخر اتان موٽندي 949هه ۾
امرڪوٽ ۾ پهتو. اتان روزانو ٿي جون (بدين) وٽ
پهتو. اُنهيءَ زماني ۾ اُتان سنڌ ندي وهندي هئي،
جنهن ڪري مرزا شهه حسن بيگ ارغون اچي سندس اڳ
ورتو. آخر گهڻي ڇڪتاڻ کان پوءِ 950هه ۾ بادشاهه
سنڌ جي پچر ڇڏڻ تي راضي ٿيو ۽ مرزا شهه حسن ان کي
غنيمت سمجهي، بادشاهه کي هڪ لک گني ۽ 3 سو اٺ ۽ 3
سو گهوڙا ۽ ٻيو سامان سفر جو موڪلي، دريا تي پل
وجهائي ڏني، جتان بادشاهه جو لشڪر لنگهي، قنڌار
ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ ارغون گهراڻي وارا جو برابر
ٽي سال سنڌ ۾ بادشاهه جي فوج هجڻ ڪري بيحد پريشان
هوا، تن کي هاڻي آرام سان ساهه پٽڻ جو موقعو مليو.
بادشاهه جو قنڌار جي رستي کان ايران ڏانهن اُسهڻ کان
پوءِ، بادشاهه جي ننڍي ڀاءُ مرزا ڪامران، حاڪم
قنڌار، مرزا شاهه حسن کي قاصد موڪلي، سندس نياڻي
ڪوچڪ بيگم جو سنڱ گهريو. ان کان پوءِ پاڻ 951هه ۾
سنڌ ۾ اچي شادي ڪري، وري ڪابل روانو ٿي ويو.
هن مان ظاهر آهي ته شهه حسن جي، بادشاهه جي مخالف ڀاءُ
سان ساز باز هئي،جنهن ڪري سنڌ سندس حوالي نه
ڪيائين ۽ بادشاهه کي برابر 3 سال پريشان ڪندور
هيو.
تاريخ طاهري واري جو چوڻ آهي ته بادشاهه همايون اُنهن
ماڻهن مان هو، جن جون دعائون درگاهه خداوندي ۾
قبول پونديون آهن.
بادشاهه جي ناراضگي جو هي نتيجو نڪتو ته مرزا شهه حسن
بيگ تي فالج بيماري جو حملو ٿيو هو،جنهن ڪري کيس
هڪ آرام نه ايندو هو ۽ ٺٽي کان وٺي بکر تائين،
ٻيڙي ۾ سوار ٿي درياء جي ٿڌي هوا پيو وٺندو هو.
جيڪڏهن دريا کان ٻاهر آڻيندا هوا ته بدن ۾ هڪ قسم
جي سوزش محسوس ٿيندي هيس. مرزا جي بيڪار ٿيڻ ڪري،
حڪومت ۾ ڏاڍو رولو ۽ رڳڙو پيدا ٿي ويو. ٺٽي وارن
سندس خاص درباري مرزا عيسيٰ ترخان جي بيعت ڪئي ۽
بکر تي سلطان محمودبکري قابض ٿي ويو.
مرزا شهه حسن 11 ربيع الاول 962هه ۾ علي پوٽي پتڻ،
تعلقه سيوهڻ وٽ ٻيڙي ۾ وفات ڪري ويو. سندس لاش،
ٺٽي ۾ امانت طور دفن ڪري، ان کان پوءِ مڪه معظمه
رواني ڪئي وئي جتي جنت المعليٰ ۾ سندس والد جي
گنبذ ۾ دفن ٿيو.
مرزا شهه حسن سموري زندگي ۾ فقط ٻه نڪاح ڪيا. (1) ماهه
بيگم ڌي مرزا مقيم ارغون جو سندس چاچو هو ۽ ماهه
بيگم سڳي سوٽ هيس، جنهن مان ڪوچڪ بيگم پيدا ٿي،
جنهن جو مرزا ڪامران سان نڪاح ٿيو.
(2) گلبرگ بيگم اها نينگري بابر بادشاهه جي وڏي امير
مير خليفه جي نياڻي هئي. مرزا شهه حسن هڪ عريضه
لکي بادشاه کان انهيءَ سنڱ جي گهر ڪئي هئي. بادشاه
اها مائٽي منظور فرمائي بيگم کي سندس ننڍي ڀاءُ
حسام الدين سان بکر موڪلي ڏنو ۽ ٻئي طرف کان مرزا
جي اڳ ڄائي ڌيءَ ناهيد بيگم جو نڪاح وري مرزا
خليفه جي پٽ محب علي خان سان ڪرايو ته جيئن مغلن
جا پاڻ ۾ لاڳاپا مضبوط رهن.
مگر گلبرگ بيگم ۽ مرزا جو پاڻ ۾ پورو ٺاهه نه ٿيو، جنهن
ڪري ٻن سالن کان پوءِ ڌرين ۾ جدائي ٿي وئي ۽ بيگم
صاحبا هندستان هلي وئي ۽ ستت ئي دهلي ۾ وفات
ڪيائين.
مرزا شهه حسن کي نرينو اولاد ڪونه هو، پر پنهنجو نيڪ
نالو ڪافي ڇڏي ويو هو. هو ٻين علمي ۽ عدل، انصاف
جي اوصاف سان گڏ عمدو شاعر به هو. شعر ۾ ”سپاهي“
تخلص هوندو هوس. مير معصوم لکي ٿو ته مان سندس
دستخط ڪيترائي شعر ڏٺا. ”مقالات الشعرا“ ۾ سندس
ڪجهه ڪلام مان ڏنل آهي، جو هيٺ لکجي ٿو:
عشقت که بود مايه ارباب سلامت
از وي نبود حاصل ما جزء به ندامت
ان کس که به تيغ ستم عشق تو ميرد
نبود هوس زنده کيش روز قيامت
عمر است که اي سرو خدامند گآتي
غائب نه شد از ديده من آن قد و قزامت
اي شاهه تو در بارگهه ناز مقيمي
مارا بسر کوي نياز است قامت
پاءِ بوس سنگت گربه ”سپاهي“ ندهد دست
تا زنده بود مي گز انگشت ندامت
مرزا جي وفات تي مفتي غلام سرور لاهوري هيٺئين ريت
قطعه تاريخ نظم ڪيو آهي:
قطعه
چو منزل گزين شد بخلد برين
ازين دهر بر چيد دامان حسين
بصد حسن تاريخ وصلش بگو
امير جهان تراج احسان حسين
962هه
(فائده) ڪي تاريخ وارا مرزا شهه حسن کي شاهه حسين به
لکندا آهن ۽ انهيءَ بنياد تي مفتي غلام رسول مٿئين
قطعه ۾ سندس نالو ”حسين“ ڪري آندو آهي، مگر تحقيق
موجب صحيح نالو حسن آهي. |