سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٽيون)

 

صفحو : 12

 

 

388- مولوي عطاءُ الله فيروز شاهي

        مولانا حاجي عطاءُ الله صاحب چنو فيروز شاهه، تعلقه خيرپور ناٿن شاهه ۾ تولد ٿيو. شروع ۾ پنهنجي ڳوٺ واري آخوند صاحب وٽان فارسي پڙهي، ان کان پوءِ موري جي  مشهور عالم ميان عبدالرؤف مورائي وٽ وڃي عربي جا ڪتاب شروع ڪيائين. جتي شرح جامي تائين پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي استاذ جي اجازت سان اتان روانو ٿي شهدادڪوٽ ۾ ميان مولانا نور محمد ۽ سندس فرزند ڪامل مولانا گل محمد صاحب جي مدرسه ۾ اچي شامل ٿيو. علم جو شوق ايڏو هوس جو موري کان شهدادڪوٽ ويندي درياء ٽپڻ وقت سندس ڳوٺ فيروز شاهه بلڪل ويجهو پيو ٿي، مگر هو  ڳوٺ ڏانهن نه لڙيو. تعليم جو شوق کيس سڌو شهدادڪوٽ ڇڪي ويو. شروع ۾ ميان نور محمد وٽان ڪتاب پڙهڻ لڳا، مگر پوءِ ستت ميان صاحب حج جي سفر تي روانو ٿيو ته سموري مدرسي جي شاگردن جي تدريس سندس وڏي فرزند ميان گل حسن صاحب جي حوالي ٿي،جنهن ڪري مطول تائين ميان گل محمد وٽ پڙهي فارغ ٿيا ۽ ميان نور محمد جي سفر حرمين تان واپسي وقت، دستاربندي ڪري پوءِ پنهنجي وطن ۾ اچي مدرسو قائم ڪيائون. سالن جا سال، سواءِ ڪنهن اُجرت ۽ مزدوري جي درس تدريس ۽ تحرير تقرير جو ڪم ڪندا رهيا ۽ سون جي تعداد ۾ سندس هٿ هيٺ شاگرد فارغ التحصيل ٿي، سنڌ ۾ علمن کي پکيڙيندا رهيا.

        سندن وڏن  مشهور شاگردن مان مولانا حاجي حامد الله لاڙائي سنڌ ۾ هڪ وڏو نامور عالم فاضل فقيهه ٿي گذريو آهي. از انسواءِ مولوي محمد صاب آگرو، مولوي رضا محمد ڏيرو، مولوي محمد ملوڪ ميهڙائي،  سيد قطب شاهه پنجه، مولوي احمد صاحب ڪرمپوري (سيوهڻ)، مولوي محمد اسماعيل سومرو، (فيروز شاهي)، مولانا حاجي غلام محمد ملڪاڻي نقشبندي به اوائل وقت ۾ وٽن پڙهندو رهيو. ان کان پوءِ حيدرآباد  ۾ وڃي مولانا محمد حسن صاحب وٽ فارغ ٿيو. ازانسواءِ ٻيا به ڪيترا بزرگ آهن، جن وٽانئس علمي فيض حاصل ڪيو، جن مان وڏا نامور فقيهه ٿي گذريا آهن.

        مولانا عطاءُ الله صاحب فارسي زبان جو اعليٰ درجي جو  انشا پرداز  هو ۽ عربي ادب تي به ڪافي عبور هوس. سندس استاذ زاده مولانا غلام صديق صاحب شهدادڪوٽ جو مٿس وڏو اعتماد هوندو هو، جنهن ڪري عطاءُ الله جي تحرير کي ٻين وقت جي عالمن کان وڌيڪ ترجيح ڏيندو هو.حضرت مخدوم حاجي حسن الله پاٽائي ۽  مولانا علي محمد مهيري لاڙائي سان سندن تحريري مناظارا ٿي گذريا. وقت جا عالم ڪيترن سوالن حل ڪرائڻ ۾ ڏانهس رجوع ڪندا هوا.

        مولانا عطاءُ الله تي ظاهري علم هوندي به تصوف جو رنگ غالب ٿيل هو. مثنوي رومي، ديوان حافظ، مڪتوبات امام رباني جو مطالعو ايتريقدر جاري رکيو هوائين جو اهي ڪتاب گويا برزبان ياد هئس.

        روهڙي ڏانهن وار مبارڪ جي زيارت لاءِ سال ۾ هڪ دفعو ضرور ويندا هوا ۽ ڪن بزرگن جي مقبرن تي به ختمي لاءِ ايندو ويندو هو. پنهنجن استادن جي فتويٰ موجب جمعي کان پوءِ آخر  ظهر جي نماز جو ڏاڍو تاڪيد ڪندو هو. تصوف يا روحانيت جي  غلبي ڪري، آخر ڄمار ۾ گريه تمام گهڻو ڪندو هو. معتقدين جي عرض ڪرڻ تي ڪڏهن ڪڏهن وعظ فرمائيندو هو. سندس هڪ هڪ سخن موتين جهڙو هوندو هو.

        مولانا عطاءُ الله پنهنجي زندگي ۾  ٻه نڪاح ڪيا، مگر نرينو اولاد  ڪنهن مان به نه ٿيو، هڪ نياڻي تولد ٿي، جنهن جو نڪاح پنهنجي هڪ عزيز شاگرد مولوي عبدالرحمان سان ڪرائي ڇڏيائون. ايترين خوبين ۽ وصفن ۽ علم وارو هي بزرگ 15 رجب سن 1325هه ۾ هن دنيا فاني کان رخصت ٿي هميشه لاءِ وڃي دارجاوداني ۾ آراميو.

        (مولانا فيروز شاهي جي هڪ ٻڍي شاگرد جي خط جو اختصار آهي).

        سندس وفات تي منهنجي دوست مولوي  دين محمد صاحب اديب  فيروز شاهي جو فارسي ۾ ڊگهو مرثيو اهي، جنهن مان ڪجهه شعر هيٺ ڏنا وڃن ٿا:

اوستاد اوستادان ياد آر

آنکه کردش حق فريد روزگار

آنکه نازد سندهه بر فضلش بسي

آڻکه باغ فضل را فسصل بهار

آنکه اندر صبغة الله منصبغ

آنکه بر شمع سنن پروانه وار

يعني آن علامه فيروز شاهه

آن عطاءُ الله عطائي کرد گار

جاه دنيا و دين نمودش حق عطا

در ديار دين و دنيا کامگار

ز احتشابش شرع دارد اقتدار

ز انتباشش ورع آرد افتخار

چون ضميرش چهره اش برمنير

زين دو معنيَ در جهان او نامدار

درسگاهش بوستان علم و فضل

طالبانش نغمه سنجان چون هزار

از حديث و فقه و تفسير کتاب

کرد جاري خوب انهار و بهار

وقف کرده عمر خود در نشر عللم

علم را دادن فروغش شاهکار

طرز تحريرش بديع و دلفريب

دام تقريرش کند دانا شکار

منشاتش خوب رنگين و بديع

در بلاغت بي نظير روزگار

دست درکارش دل در ذکر يار

خلوت اندر انجمن  بودش شعار

از بيان من کمالات اش فزون

مي ندانم گفت هم يک از هزار

بود ام ده ساله وقت وصل او

درسه پنجه (53) شد کنونم روزگار

منظر جان بخش او پيشم هنوز

تازه تر شد، مي شوم  زان اشکبار

عمر او باشد اديبا شصت سال

از ره تخمين نمودم اين شمار

بود چون مشغول ذکر و تذکره

بهر وصلش ”تذکره“ دان يادگار

     1325

از رياض خلد حق! گورش نما

مهبط انوار گردانش مزار

        هي قصيدو 70 شعرن تي مشتمل آهي، جنهن مان مٿيان اشعار منتخب ڪري درج ڪيا وڃن ٿا.

 

 

389- مخدوم ابراهيم ڀٽي هالائي

        صوفي مخدوم محمد ابراهيم تخلص خليل مخدوم احمد ڀٽي جي اولاد  مان هڪ نامور بزرگ ٿي گذريو آهي.

        سنڌي فارسي زبان  جو عمدو شاعر ۽ پونئين  وقت جي شاعرن ۾ هڪ نامور شاعر ٿي گذريو آهي. علم، فضل ۽ تصوف ۾   ڏاڍو ماهر ۽ وقت جو معتقد عليه بزرگ هو. نظم کان سواءِ سنڌي نثر نويس به هڪ ئي هو. اردو ۾ هڪ ”نشتر“ نالي ناول پنهنجي زبان ۾ واقعي جي صحت جي لحاظ کان عجيب شي آهي،جنهن جو سنڌي ۾ مخدوم صاحب ترجمو ڪيو ۽ ان وقت جي سنڌي دانن سندس داد ڏنو.

        مرحوم سيد اسد الله ٽکڙائي، قاضي هدايت الله متعلوي، رئيس شمس الدين بلبل ۽ ٻين وقت جي فاضلن، شاعرن  سان طرحي مصرعن تي سندس شعربازي يا مشاعرا رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهند اهوا.

        افسوس جو هي بزرگ  انسان 4 ربيع الاول 1331هه جي هن هلندڙ دنيا جي حياتي کان منهن موڙي، هميشه جي آرام واري حياتي کي وڃي حاصل ڪيو. سندس معاصريصن مان جن بزرگن وفات تي قطعات تاريخ لکيا آهن، ته تن مان ڪجهه  هيٺ  ڏجن ٿا:

علامه فدا ٽکڙائي

جناب حضرت صوفي محمد ابراهيم

که برد سبقت در فضل و علم از همه اقران

فصيح و فاضل و فائق و فهيم در هر فن

بحسن نظم نظامي و ثاني حسان

شنيد  چو از حق  ارجعي اليٰ ربک

گستت از همه پيوست با خدائي ياگان

ببار بارش غفران رحمتش يا رب

بحق سرور عالم شفيع انس و جان

سن وصال مکرم نجيب حق مخدوم

فدا نوشتربه لوح مزار او غفران

                1331هه

 

 

ايضاله

فدا سال ترحيل آن محترم

رقم کرد ”مخدوم  و الاتبار“

    1331هه

از شمس الدين بلبل مرحوم

چهارم مه ربيع الال از شوق

همين سر الاهي گشت مکتون

حق وصل آن خليل حق هاتف

بگفتا مقبره مخدوم مرحوم

1331هه

از مرزا قليچ بيگ مرحوم

اي دريغا محمد ابراهيم

مرد مخدوم صوفي دوران

بچهارم ربيع الاول رفت

سوءِ جنت ز عالم گذران

صحبتش بس که بود روح افزا

دل عالم گداخت از هجران

خواستم سال فتوش از هتف

در جوابم ”بگفت او غفران“

    1331هه

 

 

ايضاله

فکر کردم براي سال وفات

آمد آواز درد غم الم

        1331هه

 

 

390- قاضي  شفيع محمد پاٽائي

        عالم فاضل شاعر، قاضي شفيع محمد تخلص قاضي بن  قاضي احمدي صديقي پاٽائي مخدوم عبدالواحد سيوستاني صاحب البياض جو دخترزادو (ڏهٽو( وقت جو  وڏو عالم ۽ صوفي ٿي گذريو آهي. اوائلي ڄمار ۾ علمن جي تحصيل حضرت مخدوم حاجي فضل الله پاٽائي جي خدمت ۾ ڪيائين ۽ ان کان پوءِ نقشبندي طريقي ۾ مخدوم محمد يوسف کيناريوالا جو مريد ٿيو ۽ هميشه دين اسلام جي احڪامن جاري ڪرڻ ۽ تبليغ حق جي  ڪم ۾ مشغول رهندو هو.

        هي بزرگ ديني امورن ۾ ايڏو تشدد پسند هوندو هو، جو حق چوڻ ۾ ڪنهن به طاقت يا قوت کان نه ڊڄندو هو. جيڪي به صحيح صحيح سمجهندو هو ، سو چئي ڏيندو هو.

        مون سان منهنجي استاذ مخدوم حاجي حسن الله پاٽائي بيان ڪيو ته انگريزن جي اوائل حڪومت واري زماني ۾ قاضي شفيع محمد جي نوجواني جو  زمانو هو ۽ خيرپور ناٿن شاهه تعلقه ۾ سندس زمينداري هئي. جڏهن وٽس ڍل جي چٺي  پهتي، تڏهن ڍل  ڏيڻ کان انڪار ڪندي فرمايائين ته اهل ڪتاب يا عيسائين تي اسان جو حق  آهي ته کانئن  ڍل وصول ڪريون، جيئن قران شريف ۾ ارشاد آهي ته ”حتيٰ يعطو الجزية عن يد وهم صاغرون، يعني ته اهل ڪتاب ذليل ٿي جزيو ادا ڪن. ان حالت ۾ هي ڪيئن ٿيندو جو اسان، مسلمان ذليل ٿي نصارن کي جزيو يا ڍل ڏيون. آخر ان ضد جو نتيجو اهو نڪتو جو قاضي صاحب جي زمين ڍل ۾ نيلام ٿي وئي، مگر هن ان جي ڪابه پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجي ارادي تي مضبوط   رهندو آيو.

        چون اٿ ته جڏهن کيس معلوم ٿيندو هو ته ڪنهن  امير ماڻهو يا وڏيري جي گهر ۾ نوجوان اڻ پرڻيل ڇوڪريون ويٺيون آهن، تڏهن مختصر جماعت وٺي ڪاهي انهن  جي در تي وڃي ڌرڻو  ماريندو هو. تيستائين نه کائيندو هو ۽ نه پيئندو هو، جيستائين نياڻين  جا  وارث مائٽي يا شادي جو پڪو وعدو ساڻس نه ڪندا هوا. ميهڙ تعلقي جي ٿيٻن وڏن زميندارن سان هڪ دفعو اهو معاملو ڪيو هوائين، جنهن ڪري ڪن خاندانن جون نوجوان ويٺل  ڇوڪريون قاضي کي خط لکي پنهنجي حالت ۽ ضرورت کان واقف ڪنديون هيون ۽ هنن جي مشڪل ڪشائي لاءِ هي بزرگ وڃي پهچندو هو.

        قاضي شفيع محمد صاحب کي ڪجهه وقت پنهنجي حد جي هندو مختيارڪارن کي  اسلام جي دعوت پهچائڻ جو اچي شوق جاڳيو. ان  زماني ۾ هندو فارسي جا قابل ۽ اهل  قلم هوا، جنهن ڪري هنن کي جيڪي دعوت ناما موڪليا اٿس، سي گهڻو ڪري فارسي نظم ۾ آهن. خيرپور ناٿن شاهه جي ڪاردار مولچند کي پهرين اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏنائين، مگرهن قبول نه ڪئي. ان کان پوءِ انهيءَ تعلقي جي ٻئي ڪاردار  ديوان گيانچند کي هڪ خط لکيائين. گيانچند ان باري ۾ خيرپور ناٿن شاه جي ديندار مولوي سيد مصري شاه سان مشورو ڪيو. جنهن چيس ته قاضي محمد نيم مجذوب آهي، تنهن ڪري توکي جواب ڏيڻ نه گهرجي. جنهن کان پوءِ ٻيو دفعو قاضي صاحب جيڪو کيس خط لکيو آهي، سو بعينه هي آهي.

بسم الله الرحمان الرحيم

لا الھ  الا الله محمد رسول الله

شکر خدا که اين نبي کرد پاک و صاف

از امتش هزار گناه و خطا معاف

با ترک اين باطل ايک کلمه هر که خواند

از شرک ماتقدم بر گردنش نه  ماند

بر هندو ان فتاد يا حسرت العباد

قومي ست بيحيا که  کسي آن چنان نباد

ديدند از جمال مهاديو  با کمال

آلت که شد مساحت  او ده هزار سال

جائي که گنگ و جممن دو دريا  بهم شدند

از نقص عقل خويش در و راهه گم شدند

اين نامه شد نوشته بنام گيانچند

گر عاقل ست مي شودش پند ما پسند

اي کاردار جلد  مسلمان شو بيا

اين است بخت و دولت اقبال و کيميا

منکر مشود که بر جسد آفت همي رسد

اي البلاءِ اعظم منم آفتة الحسد

بکشاءِ چشم عبرت و راه خدا بگير

يعني که دين ملت اسلام را پذير

اري  بنور عقل اگر نيک بنگري

کار پيمبر است نه کاري ست سرسري

ديدي که مولچند ز انکار دين  چه ديد

اسپش بجز خريد نيا بد خو خريد

بر شاهه مصري و پريل آرد اعتماد

آخر دکان ايشان يک فائده  نداد

زين پيش نامه بنوشتم بسوئي تو

تا مدت سه ماه نيامد جواب او

مي بايدت نوشت زلا و نعم جواب

بر ما بلاغ بود و بر خدا حساب

(تاريخ 6- ذي القعد 1301هه)

        ساڳي مٿئين مهيني جي 12 تاريخ ميهڙ جي مختيارڪار ديوان پنڃي مل کي  اسلامي دعوت  جو فارسي ۾ خط لکي، آخر ۾ سنڌي زبان ۾  خطابت ڪري ٿو ته:

پنيا پروڙج اکر ڪو اسلام  جو

بهرو بهشتي وٺج ڪلمي ڪلام جو

ڌرم ڇڏي وٺ دين سچو محمد ڄام جو

جو شافع مشفع آهي ڏينهن قيام جو

اجهو اوٽ اُميد سيد پنهنجي سام جو

ذمي دار ضمان امت جي آرام جو

مومن مسلمان ٿي، پنيا پڙهه ڪلمو

ڪلمي سان ڪڍ قلب مان ڪوڙ مڪر ملمو

ڪلمي وارن  جو آهي زور وڏو ذمو

جڏهن ٿئي ڏينهن جمو ته ڪا ٽوهر  جي تدبير ڪج!

ديوان پارو مل ڏانهن هڪ منظوم خط ۾ لکي ٿو:

اي  قلم کاتب وحي خداي

دعوت اسلام بگو جا بجائي

است حقي تو ب مشک و عبير

وائي که دزدي بتو سازد دبير

پابدت که نامه به پارو نوشت

تا مگر ايندر سقر در بهشت

ايکه کني  نوکري انگريز

ياد کن از واقعه رستخيز

دين يقين که مسلماني ست

ملت هندو همه ناداني ست

        انگريزن جي اوائلي حڪومت هئي،  کيس  معلوم ٿيو ته ڪابل جو بادشاهه امير ايوب خان هندستان ۽ سنڌ تي ڪاهي رهيو آهي. هي ماڻهو جو اسلامي حڪومت وڃائي ويٺا هوا، تن کي ڏاڍو انتظار هو ته ڪنهن به صورت ۾ غير اسلامي جو پاڇو کڄي ۽ مسلماني بادشاهت وري قائم ٿئي،  جنهن ڪري قاضي شفيع  محمد صاحب امير ايوب ڪابلي جي مرحبا ۾ هڪ فارسي قصيدو لکيو، جنهن ۾ فرمائي ٿو:

خسرو عاليجناب، آ۾ده همچو عقبا

حکم نصاريٰ شد خراب، گرديد از عالم نهان

آمده ايوب خان

صوفي صافي صفات، ناصر صوم و صلواة

باد  هميشه حيات

زندگيش جاوردان – آمد ايوب خان

کرد نصاريٰ و داع بنگل هاي و قلاع

کامدارد شجاع

بچه شير زيان – آمد ايوب خان

        امير ايوب خان سنڌ ۾ آيو الائي نه آيو، مگر قاضي صاحب پنهنجي مقصد کي هڪ طولاني قصيدي ۾ ادا ڪري ڇڏيو، جنهن مان چند شعر مٿي ڏيکاريا ويا آهن.

        فارسي ۾ سندس گهڻو ئي ڪلام آهي ۽ ڪلام ڏاڍو مضبوط ۽ پختو آهي.

        مولوي ميان خير محمد جوڻيجو پاٽائي کي هڪ خط  غزل جي انداز ۾ لکيو اٿس، جنهن مان سندس فارسي  زبان تي قدرت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.  فرمائي ٿو ته:

غريبم و بيکس اما خوشم بر بوريا اينجا

نه قارو نم نه خضرم تابيابي کيميا اينجا

بباغستان شدي محرم بطائو سان شدي همدم

منم چون فاخته در شوره  زاري گياه اينجا

دلم دوري نمي  خواهد، بياد تو همي کاهد

مکان بي طمع اينجا، مقام بي ريا اينجا

اگر هرسيم بر راسيم و زر بايد عجب حال ست

شمارا  کارسيم آنجا و کارسيميا اين جا

ازان اين نورچشم تيز بين گشتي بحمد الله

مکمل ساختم چشمت بميل طوطيا اين جا

”شفيعا“ دوستان را باد دائم حب روحاني

چه باشد جسم خاکي گر ربود آنجاؤ يا اين جا

        عربي جي  مشهور قصيدي برده جو نظم ترجمو ڪيو اٿس ۽ سنڌ ۾ اهو  پهريون ئي ۽ متبرڪه قصيده جو ترجمو آهي، جنهن جي منڍ وارن شعرن جي ترجمي ۾ فرمائي ٿو:

ڪي سبب سارين سڄڻن، جي پرين پاڙيچا

هاريم هنجون هيج مان گڏي رت ڦڙا

ڪي وريا واؤ وصال جا، سڄڻن سامهان

يا چمڪي وڄڙي رات ۾ پرين جي پاران

        سنڌي، فارسي ۽ سرائيڪي ٻولين کان سواءِ عربي ۾ به سندس قصيدا ۽ خطبا ۽ نظمون آهن، جنهن مان هن بزرگ جي همه داني جو پورو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

        مون سان منهنجي  استاد مخدوم  حاجي حسن الله پاٽائي بيان ڪيو ته هڪ دفعي سيوهڻ ۾ شيعن ۽ سنين جو مناظرو هو، جنهن ۾ هي بزرگ به وڃي شريڪ ٿيو. ماڻهو هو ڏاڍو سخت مذهبي ۽  جوشيلو، انهيءَ مجلس ۾ ڪنهن  شيعي جي زبان مان اصحابن سڳورن جي شان ۾ گستاخي جو گٿو لفظ نڪري ويو، جنهن تي هن بزرگ کي ڏاڍو  غصو ۽ غم ٿيو. انگريزي راڄ مضبوط نموني ‎ ۾ قائم ٿيو هو، جنن ڪري هي مذهبي بزرگ به ڪنهن  به طريقي تي پنهنجي غصي  جي آگ کي وسائي نه ٿي سگهيو. غم  کي پي ويو ۽ ڄمار ۾ به ستر سالن کي اچي پهتو هو. ان جو اهو اثر نڪتو جو رت جا اسهال اچڻ لڳا. سيوهڻ مان روانا ٿي پاٽ ۾ پهتا ته ٻئي ڏينهن وفات فرمائي ويو. انالله و ناعليھ  راجعون. اهو واقعو سال 1312هه ۾ ٿي گذريو.

 

 

391- مرزا عطا محمد شڪارپوري

        قوم جو ٻگهيو، اصل شڪارپور جو رهاڪو، شڪارپور جي شهر تي جنهن زماني ۾ قنڌهاري  افغانن جو قبضو هو ۽ فارسي علومن کي  ڏاڍو رواج هو. فارسي عربي جي تعليم حاصل ڪيائين، فارسي ۾ انشا پردازي ۾ ايڏي وڏي دسترس ۽ محاورو پيدا ڪيائين جو شڪارپور ۾ قنڌار مان جيڪي گورنر مقرر ٿي ايندا هوا تن جي سرڪاري لکپڙهه جو منشي مقرر ٿيندو هو. فارسي کان سواءِ پشتو ۾ به ماهر هو ۽ عربي جو عالم هو. افغانستان ۽ سنڌ ۾ اسلامي سلطنت جي زوال وقت جيڪي تفرقه آيا سي سمورا هن صاحب اکين سان  ڏٺا ۽ هڪ هڪ  واقعي ۾ موجود هوندو هو.

        هن صاحب افغانستان ۽ سنڌ جي ٽالپرن جي زوال تي هڪ  مفصل تاريخ لکي، جنهن ۾ شاهه شجاع الملڪ، امير تيمور خان ولد احمد شاهه ابدالي جي افغانستان مان شڪست کائي سنڌ ۾ اچڻ لاهور، لڌيانه پشاور ۾ دربدر ٿيڻ ۽ آخر ڪابل ۾ قتل ٿي وڃڻ وغيره جو مفصل بيان آهي. ان کان سواءِ حيدرآباد  ۽ خيرپور جي ٽالپرن جي باهمي اختلاف ۽ انگريزن جو سنڌ تي قبضو ۽ افغانن ۽ ٽالپرن جي تعلقات تي به پوري تفصيل سان روشني وڌل آهي.

        شاهه شجاع الملڪ جي ڪابل مان تڙجڻ کان پوءِ جڏهن افغانستان جي تخت تي امير فتح خان شرف الورزاء  جي امداد سان، امير محمود خان قابض  ٿيو ته منشي عطا محمد ان وقت شرف الورزاء جو درباري خاص منشي هو ۽ شرف الورزاء سان پشاور، ڪابل قنڌار جي سفر ۾ ساڻ هو ۽ شرف الورزاء ڪابل ۾ هڪ ست ماڙ ٺهرائي هئي، جنهن ۾ جشن ڪندو هو. ان جي تعريف ۾ مرزا عطا محمد لکي ٿو:

        در شهر کابل بر کنار رود يک برج عمارت عالي منقش باب خلاد لا جورد، استادان ماني کرداد، تيار نموده بودند که نقاشان چڍين انگشت تحير بدندان ميگر فتند.  وزرق برق رنگ آميز هالي چشم بينده خيره مي گرديد. مشتمل بر هفته طبقه. در هر طبقه حوايض مربع و مسدس درست نموده فوارهائي ترتيب داده بودند که از دريائي در خوض هاي بالا برج مير سد. و مقباله هر حوض درميان سطح آئينه هائي نصب کرده بوند. آب از فوارهاي مي جهيد، در ميان هر آئينه سر  مي زد، گوناگون رنگ هائي مي ن مود شرف الورزاء وزير فتح خان روزي دران برج جشن جمشيدي نموده بود. اين خاکسار عاجز نيز حاضر بود چون تعريف مذکور اگر مفصل مي نمايم، يک جزء علاحده خواهد شد.

        مرزا عطا محمد اگرچه هميشه اميرن  ۽ عياش سردارن جي سنگت صحبت ۾  رهندو آيو مگر سندس دل تصوف جي چاشني  چکيل هو، جنهن ڪري عين عيش عشرت واري حالت ۾ به کيس دنيا فاني جو نقشو سامهون رهيو  ٿي. اسرف الورزاء جي جشن وقت جو هڪ طرف راڳ رنگ ۽ چنگ جو آواز اُٿي رهيو هو ته ٻئي طرف کان صراحي جي قلقل چو غلغل اٿي رهيو هو. ڪشميري ڪنڃريون مجرن ڏيڻ ۾ محو هيون. ان وقت سندس دل تي جيڪو اثر ٿيو، ان جو اندازو سندس هيٺئين نظم مان ڪري سگهجي ٿو. فرمائي ٿو ته:

قدح کرد روزي از مينا سوال

که اي از تو روشن دل و جد  وحال

صفا دلت صبح انوار را

خيال قدت سرؤ گلزار را

جگر تشنه از حسرت قلقلت

نظر بر کمين کا رنگ ملت

 اگر ان نماز است قهقه چر است

اگر لهو ب اشد سجودت کر است

صراحي ز غيرت جنون ساز شد

که از خون جگر شعله پرواز شد

اي چشمت از نور عبرت تهي

نداي ز  او ضاع دهر آگهي

همه چشمي و نسيتي ديد ور

همه گوشي و از جهان بيخبر

به مثل تو خضر حقيقت نما

نه زيبد براه طريقت خطا

که داده است بر قتل عابد صلاح

که گفريت خون مصليٰ مباح

ازين غم  بدل خون نه گريم چرا

بر اوضاع دنيا نه خندم چرا

يکي غافل از رمز هائي مني

نو آميز نيرنگ علم و  دلي

ز  طاق  سرا يافته آئينه

صفا در بغل طبع بي کينه

دران آئينه صورت خويش ديد

گرفتار شد هر قدر بيش ديد

        ان کانپوءِ ستت اشرف الورزاءِ وزير فتح خان پنهنجي بادشاهه جي فرزند ۽ ولي عهد شاهزاده ڪامران جي هٿان عذاب کائي مارجي ويو، جنهن کانپوءِ افغانستان ۾ وري اچي خانه جنگي ۽ تفرقو پيدا  ٿيو.  محمود شاهه جي خاندان مان ڪابل قنڌار جي حڪومت هلي وئي. هو وڃي هرات ۾ روپوش ٿيا. ملڪ تي  سردار دوست محمد خان ۽ سندس ساٿي اميرن جو قبضو ٿي ويو. ان زماني ۾ منشي عطا محمد شڪارپور ۾  واپس اچي رهيو  ته شڪارپور جو حاڪم سردار شيردل خان مقرر ٿي آيو، جنهن منشي صاحب کي گهرائي پاڻ وٽ انشاپردازي جي ملازمت ۾ رکيو. هڪ سال کان پوءِ  جڏهن شيردل خان قنڌار  واپس وڃڻ لڳو ۽ سندس جاءِ تي سردار رحم دل خان شڪارپور ۾ وارد ٿيو، تڏهن منشي عطامحمد تي سردار شير دل خان  قنڌهار هلڻ لاءِ زور رکيو مگر سندس والدين اجازت نه ڏني، جنهن ڪري رهجي ويو. هي صاحب رحم دل خان گورنر شڪارپور جو ساڳي ريت پرائيويٽ سيڪريٽري يا منشي ٿي رهيو. هوڏانهن شير دل خان جا پيغام  به کيس هميشه ايندا رهندا هوا ته ڪيئن به ڪري قنڌار ڏانهن هليو اچي، شڪارپور ۾ مرزا عطا محمد قنڌاري هڪ وڏو اهل قلم رهندو هو، جيڪو هن لالچ تي آيل هو ته رحم دل خان جو سيڪريٽري ٿي رهي، مگر منشي عطا محمدجي موجودگي ۾ سندس بخت  ياوري نه ٿي ڪري سگهيو، جنهن پڻ منشي عطا محمد کي قنڌار وڃڻ لاءِ منٿون ڪيون ته هن لاءِ ميدان صاف ٿئي. هوڏانهن شير دل خان جي نوازشات جي به ڪشش هئي، جنهن ڪري هي صاحب قنڌار روانو ٿي جڏهن سردار شير دل خان جي خدمت ۾ پهتو،  تڏهن سردار  صاحب جو ان وقت گويا مطلق العنان حاڪم هو. منشي عطا محمد جي ڏاڍي دلجوئي ڪئي ۽ پنهنجي هڪ منشي يا سيڪريٽري لاءِ هڪ وڏي مجلس دعوت جي ڪوٺائي، قنڌار جي اڪابرن سان سندس تعارف ڪرايائين ۽ کيس پنهنجي سموري ڪارخاني جو عام مختيار بڻائيائين. لکي ٿو ته  ٻه لک چاليهه هزار روپيا خرچ لاءِ هميشه سندس هٿ ۾ ر هندا هوا، مگر امانت ۾ ايمانداري جي هي حالت هئي جو هڪ ڪوڏي به ميري ڪانه ٿي ۽ نه وري سردار صاحب به کانئس ڪڏهن حساب جي تنگ طلبي ڪئي.

        اشرف الورزاء جي قتل کان پوءِ افغانستان ۾ جيڪو انقلاب آيو ان جو اصل مقصد هو ته اشرف الورزاء جو شاهزاده  ڪامران  کان انتقام ورتو وڃي. هوڏانهن شاهزادو ان وقت هرات جي قلعي ۾ هو. انهيءَ انتظام لاءِ  قنڌار ۾ سردار شير دل خان جڏهن وڏي فوج وٺي هرات تي چڙهائي ڪئي، تڏهن به  منشي  عطا محمد ساڻس مصاحب هو.  جنهن جو تفصيل  سان  ذڪر پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو اٿس. منشي عطا محمد قنڌار مان موڪلائي آخر وري شڪارپور ۾ اچي رهيو. ان  زماني ۾ شڪارپور افغانن جي قبضي مان نڪري چڪي هئي ۽ حيدرآباد جي ميرن پاران سيد ڪاظم علي شاهه ولد سيد آغا اسماعيل جي حوالي هئي ۽ خيرپور  وارن ٽالپرن پاران، رئيس عالم خان مري شڪارپور ۾ موجود هوا. ان وقت منشي عطا محمد جو سيد ڪاظم  علي شاهه سان تعلق هو، مگر پوءِ ستت ئي شاهه شجاع الملڪ لڌيانه مان شڪارپور پهتو، جنهن ڪري ٽالپرن جو قبضو وري شڪارپور تان کڄي ويو. ڪاظم علي شاه ۽ منشي عطا محمد وڃي خيرپور ۾ رهيا. اُتي خيرپوري مير، رٿون رٿڻ لڳا ته ڪيئن به ڪري شجاع الملڪ کي سنڌ مان تڙيو وڃي. عالم خان مري، جو  عقل جو سادو ۽ بهادر ماڻهو هو، تنهن جو مقابلو شجاع الملڪ جي ماڻهن سان سکر جي ٻاهران ٿيو ۽ عالم خان قتل ٿي ويو. پوءِ ٽالپرن باقاعده جنگ جو اعلان ڪيو.

        جيڪي بلوچي فوجون سکر لڙڻ آيون ٿي، تن ۾ مير ڪاظم علي به شريڪ ٿيو جنهن منشي عطا  محمد کي به هلڻ لاءِ چيو. جنهن جواب ڏنو ته  نه اسلامي جهاد آهي ۽ نه وري ڪا اهڙي ضرورت آهي، تنهن ڪري هو خيرپور مان سڌو شڪارپور هليو آيو ۽  ميدان جنگ ۾ بلوچ شڪست کائي هارائي ڀڄي ويا.

        سنڌ تي انگريزن جي قبضي کان پوءِ هي صاحب ڪجهه وقت مير علي مراد خان جي خدمت ۾ رهيو. اگرچه سندس وفات جو سال معلوم نه ٿو ٿئي، مگر 1272هجري تائين هو زنده هو ۽ انهيءَ سال سنڌ  ۽ افغانستان جي تاريخ لکي پوري ڪئي اٿس.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org