سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٽيون)

 

صفحو :1

تذڪره مشاهير سنڌ

ڀاڱو ٽيون

مولانا دين محمد وفائي مرحوم

 

ناشر طرفان ٻه – چار لفظَ

        اها هڪ تسليم شده حقيقت آهي ته مرحوم مولانا دين محمد وفائي صاحب هڪ وڏو عالم، اديب ۽ صحافي هو.  صحافت کان علاوه هن ڪئين ڪتاب لکيا هئا.

        کيس هڪ ڌُن لڳل هئي ته سنڌ جي اوليائن،  عالمن ۽ شاعرن وغيره جي حياتيءَ جو احوال لکي شايع ڪريان. اهي هن قلمبند  ته ڪيا پر ڇپائڻ کان اڳواٽ ئي سندن مادي زندگي جو وقت پورو ٿي ويو ۽ پاڻ وڃي پنهنجي پالڻهار سان مليا. شال الله تعاليٰ جلشانھ  کيس جنت نصيب ڪري. آمين.

        سنڌي ادبي بورڊ مولانا صاحب جي خواهش کي عملي جامو پهرائڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو، جنهن ڪم ۾ مرحوم سيد حسام الدين راشدي صاحب جن ڪافي مدد ڪئي. انهي مواد کي ٽن حصن ۾ شايع ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو، جنهن جو پهريون حصو 1974ع ۾ سايع ڪيو ويو هو ۽ انهي جلد جو ٻيو ڇاپو به 1985ع ۾ شايع ڪيو ويو، جنهن ۾ 124 مشاهيرن جو احوال ڏنل آهي.

        بورڊ پنهنجي ڪوشش جاري رکندي هي ٽيون جلد به شايع ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ 148 مشاهيرن جي حياتي جو احوال ڏنل آهي. اهڙي طرح سان جمله 442 مشاهيرن جي زندگي جو احوال سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو آهي. جلد ٻي ۽ ٽئين جون فهرستون علامه غلام مصطفيٰ قاسم صاحب،  چيئرمن، سنڌي ادبي بروڊ تيار ڪيون آهن. سندن شڪريو ادا ڪرڻ آئون پننجو فرض ٿو سمجهان.

        محترم علي نواز وفائي، مرحوم مولانا دين  محمد وفائي جو لائق فرزند آهي. آئون سندن ٿورائتو آهيان جو هن صاحب هن ڪم ۾ ذاتي دلچسپي وٺي گھڻي مدد ڪئي آهي ۽ سمورو مواد پنهنجي نگراني ۾ ڇپايو اٿس، جنهن ڪري سڄو سارو ڪم مڪمل ٿي توهان صاحبن تائين پهچي رهيو آهي.

 

        خادم العلم

حيدرآباد سنڌ                          (محمد حسين ترڪ)

27- صفر 1407                       هجري سيڪريٽري

1- نومبر 1986ع                          سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

متن

تذڪره مشاهير سنڌ

(جلد ٽيون)

 

 

295- مخدوم اسماعيل پريان لويءَ

 

        ولي، ڪامل، عالم، عامل، فاضل جليل مخدوم اسماعيل قوم جوڻيجه، سنڌ ۾ نقشبندي طريقه جو امام ٿي گذريو آهي، تصوف ۽ عرفان سان گڏ هو بزرگ ظاهري علمن جو به وڏو عالم هو، هميشه ظاهري علم جي درس جو سلسلو جاري رکندو ايندو هو. هو خوشخط به هڪ ئي هو، معقو ‎ل ۽ منقول جا سمورا  درسي ڪتاب پنهنجي  قلم سان لکي پنهنجي ڪتب خانه ۾ جمع ڪيا هوائين. مريدن کي فيض تلقين ڏيڻ ۽ درس پڙهائڻ سان گڏ روزانه ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب جي هڪ يا ٻه جزء لکندو رهندو هو، ڪن جو چوڻ آهي ته پاڻ ڏينهن جو آرام ڪندو هو ته سندس قلم خودبخود لکندو رهندو هو. والله اعلم   مخدوم صاحب مريد آهي مخدوم جمال الله سنڌي پريان لوئي جوهو حافظ ايوب سنڌي جو. او شيخ محمد سعد لاهوري (وفات 1152) جو. او شيخ سيد آدم بنوري جو (وفات 1153) او شيخ احمد سرهندي امام رباني مجدد الف ثاني (وفات 1034) جو رحمة الله عليهم.

        مخدوم محمد اسماعيل پنهنجي زمانه ۾ ڪمالات ۽ ڪشف جي لحاط سان يڪتاءِ  زمانه هو، سندس ڪرامتون ايتريون آهن جن جو شمار ڪري نٿو سگهجي. هت ڪجهه ٿوريون ڪتاب ”آئينه جهان نما“ مان نقل ڪجن ٿيون.

 

        (1) هڪ ماهيڙي عورت ڏڌ  وڪڻڻ لاءِ پريان لوءِ ڏانهن آئي ٿي ته جهنگ ۾ واٽ ڀلجي ويس، اتفاقا اتان مخدوم صاحب اچي لنگهيو، مائي چيس ته سائين پريان لوءِ جو نه ڏس  ڏيو. مخدوم صاهٻ دل ۾ چيو ته محبوب جي ڳوٺ جو ڏس پڇي رهي آهي، تنهن تي مائي کي سڏي فرمايائين ته اکيون کڻي پور! مائي اکيون پوري جو پوءِ کڻي کولي ته مدينه منوره سندس سامهون هو. مائي کي چيائين ته اجهو هي پرين جو شهر آهي. ماهيڙي مائي بي خبر هئي، ڏاڍي حيران ٿي چوڻ لڳي ته مون کي جنهن ڳوٺ ۾ وڃڻو آهي سو هي ته اهو ڪونه آهي. پوءِ مخدوم  صاحب فرمايس ته اکيون بند ڪري پوءِ کول! مائي  حڪم جي تعميل ڪئي ته پوءِ سچ پچ پاڻ کي پريان لوءِ جي ٻاهران ڏٺائين.

        (2) هڪ شخص لوئي (کٿي) رنڱائڻ لاءِ پريان لوءِ جي هڪ اسماعيل نالي کٽيءَ ڏانهن آيو ٿي ته رستي ۾ مخدوم صاحب پنهنجي مسجد جي در وٽ مليس هو  ماڻهو ناواقف هو تنهن پڇيو ته اسماعيل کٽي ڪٿي رهندو آهي جنهن کان مون کي کٿو رڱائڻو آهي. مخدوم صاحٻ فرمايو ته  هڪ اسماعيل ته آئون به آهيان، اچ ته تنهنجي کٿي کي مان ئي رنڱي ڏيان. پوءِ هن شخص تي ايڏو توجهه وڌائون جو ڪجهه وقت بي هوش ٿيو پيو ۽ سندس دل ذڪر الاهي سان زنده ٿي  پئي ۽ رنڱجي  لال ٿعي ويو، هوش ۾ اچڻ کان پوءِ مخدوم صاحب جي پيرن تي ڪري پيو ته هي مون تي ايڏو احسان ٿيو آهي جو هزارن سالن ۾  به ڪنهن تي ڪونه ٿيو هوندو. مخدوم صاحب فرمايو ته بابا! اسان ته ان ريت رنڱيندا آهيون. ان کان پوءِ اسماعيل کٽي کي گهرائي کيس لوئي به رنڱائي ڏنائون.

        (3) هڪ شخص ڪنهن ولايت مان پارس پٿر (اڪسير) سندس خدمت ۾ کڻي آيو جنهن جي خاصيت هيءَ ته لوه يا  ٽامي کي لڳائجي ته سون ٿي پوي، مگر مخدوم صاحب اهو پٿر وٺي کڻي  کوهه ۾ اڇلايو، هن ماڻهو کي پنهنجي ڪئي ڪمائي جي ڪٽ  ٿي وڃڻ تي افسوس به ٿيو ۽ حيران به ٿيو. مخدوم صاحب کوهه کي گيڙو ڏياريو ته لوٽين ۾ ڪيترائي پارس پٿر اچڻ لڳا ۽ هن ماڻهوءَ کي چيائون ته جيڪو تنهنجو هجي سو سڃاڻي ڪڍ! فقيرن کي اڪسير يا پارس پٿر جي ڪابه گهرج يا لالچ نه ٿيندي آهي.

        (4) پير سيد موسيٰ شاهه گهوٽڪي واري جي خدمت ۾ هڪ شخص دهلي مان فيض وٺڻ لاءِ آيو، جو ڏاڍو مفلس ۽ تمام گنهگار هو. پير موسيٰ شاهه جيلاني فرمايس ته تون اڳ ۾ محنت ڪري دل کي صاف ڪر  ۽ پاڻ ۾ فيض حاصل ڪرڻ جو استعداد پيدا ڪر ته پوءِ توکي فائدو پهچايو وڃي. جنهن تي هو شخص نااميد ٿي گهوٽڪي مان ڪهي حضرت مخدوم صاحٻ جي خدمت ۾ آيو. سيد موسيٰ شاهه جو به سمورو قصو ٻڌايائين ۽ پنهنجي حالت جو به بيان ڪيائين. مخدوم  صاحب هن تي ايڏو توجهه فرمايو جو هڪ طرف سندس سينو کلي پيو ۽ ٻي طرف کان ايڏي رجوعات ٿيس جو وڏو دولتمند بڻجي پيو. واپسي وقت مخدوم صاحب فرمايس ته جڏهن گهوتڪي مان سيد صاحب وٽان  لنگهين ته چئجانس ته مهمان ڪو ٿانؤ پاڻ سان کڻي ڪونه ايندو آهي پر  سڀ انتظام ميزبان کي ڪرڻو پوندو آهي.

        (5) هڪ شخص  جي نياڻي ڪي ڌاڙيل پٺاڻ سنڌ مان زوري کڻي ويا هوا. افغانستان ۾ هن کي پنهنجي ٻانهي ڪري وڃي رکيو هوائون. هن جو والد مخدوم صاحب جي خدمت ۾ اچي ملتجي  ٿيو، ڪنهن به طريقي تي منهنجي ڇوڪري واپس گهرائي ڏيو. گهڻين زارين ۽ منتن کان پوءِ مخدوم هٿ ڊگهو ڪيو، ٿوري دير کان پوءِ ڏٺو ويو ته اها  ڇوڪري مجلس ۾ موجود هئي، هٿن کي اٽو لڳو پيو هوس. بيان ڪيائين ته آئون هڪ امير پٺاڻ جي گهر ۾ ڪنيزڪ هيس، هاڻي اٽو ويٺي ڳوٿم جو هڪ اوچتو جهٽڪو آيو ۽ پاڻ کي هت ڏسان ٿي.

        (6) قاضي عبدالمطلب  ڳوٺ قاضي ڪهنگ (تعلقه ميهڙ)  جي مخدوم صاحب کان سوال ڪيو ته مغرب جي نماز کان پوءِ شفق جي حد ڪيتري آهي يعني شفق جي معين ڳاڙهاڻ آهي يا ان کان پوءِ جيڪا هلڪي سفيدي پيدا ٿيندي آهي. مخدوم صاحب فرمايو ته ان جو جواب رات حضور  رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي دربار مان پڇي پوءِ ڏيندس. آخر رات جو جواب هي ملين ته ”هي الحمرة“ يعني شفق ڳاڙهاڻ آهي.

        (7) مخدوم صاحب جي حويلي ۾ هڪ نينگري ڪم ڪار ڪندي هئي، جڏهن وڏي ٿي تڏهن هن کي سندس عزيزن شادي ڪرائي ڏني، ڪجهه وقت کان پوءِ مخدوم صاحب هن ڇوڪري کي مبارڪ ڏيڻ ۽ ڏسڻ لاءِ سندس ساهري گهر لنگهي آيو، ڇوڪري مخدوم صاحب جو ٻڌي مڙس کي وٺي گهر جي در تي اچي مخدوم صاحب سان ملي پوءِ کيس پنهنجو مڙس ڏيکاريندي چيائين ته سائين اجهو منهنجو ته  هي مڙس آهي، اوهان جو مڙس ڪٿي آهي. مخدوم  صاحب تي انهن الفاظن جو ڏاڍو اثر ٿيو. زال مڙس ٻنهي تي اهڙو توجهه وڌائون جو حضور جن صلي الله عليه وسلم جو هنن کي حضور ٿيو، پوءِ فرمايائين ته اجهو منهنجو ته اهو مڙس آهي.

        پير سائين  سيد محمد راشد روضي ڌڻي عليه  الرحمة جو والد بزرگ پير سيد محمد بقا شهيد مخدوم صاحب جي اجازت لڌل خليفن ۽ مريدن مان هو، نقشبندي طريقه ۾ سڀ ڪجهه اتان حاصل ڪيو هوائين، راشديه قادريه طريقه جا ذڪر اذڪار ڏٺا ويندا ته اهي اندرئي نقشبندي نموني جا آهن. مخدوم صاحب جو مقولو آهي ته نقشبندي ۽ قادري طريقه ٻئي هڪٻئي جي ويجها آهن. قادري طريقو نور ذاتي ۽ نقشبندي نور صفاتي آهي قادري بادشاهه ۽ نقشبندي وزير آهي.

        مخدوم صاحب جو ٻيو مقولو آهي، ذڪر اذڪار سڀ هڪ شور آهن. اصل مقصد توحيد آهي. فرمايائون ته گم نامي عظيم مقصد آهي. فرمايو اٿن ته هميشه ويچارو ٿي رهجي،  مسڪين ٿي رهجي، ان ۾ ئي اصل مقصد آهي.

        مخدوم صاحٻ جي اڳيان ڪنهن ماڻهو هڪ سنڌي ڏوهيڙو پڙهيو.

سڪڻ سڀ ڪراءِ سکه منهن جا سپرين

آسائتيون اڀن ۾ ڀون پنا تارا

جڏهن واءِ من رکيو مينهن کي

        حضرت مخدوم صاحب جواب ۾ فرمايو ته:

سپون م ساراهه

هيج جنين جو ههڙو

سڄڻ آئي ساڃاهه

اُتي ويڙن وسري

(ملفوظات خزينت المعرفت)

        سنڌ ۾ جڏهن احمد شاهه ابدالي آيو هو، تڏهن مخدوم صاحب جي ملاقات لاءِ به پريان لوءِ ۾ پهتو ۽  دهلي جي فتح لاءِ دعا گهريائين.

        سردي جي موسم ۾ افغانستان جي علائقه مان ڪي مسافر وٽن اچي مريد ٿيندا هوا، برابر ٽن مهينن جي محنت کانپوءِ خرقه خلافت ڍڪي روانا ٿي ويندا هوا، سندن دستور هوندو هو، جو پهريان مريد جا دنياوي احتياج دور ڪري، پوءِ کين ذڪر اذڪار ۾ مشغول ڪندا هوا.    (مفلوظات روضي ڌڻي)

        مخدوم صاحب کي نرينو اولاد ڪونه هو. فقط نياڻي هئس، جا مخدوم احمدي عباسي کهڙن واري جي فرزند محمد عاقل سان شادي ڪرائي ڏني هوائين. ان مان ضياءُ الدين نالي هڪ فرزند پيدا ٿيو، مگر اهو جواني جي زماني ۾ وفات فرمائي ويو. هي بيبي صاحبا مستجاب الدعوات عابده زاهده هئي ۽ هڪ ڪروڙ صلوات شريف پڙهي هوائين.

        مخدوم  محمد اسماعيل 8 ربيع الاول ڇنڇر ڏينهن 1174هه ۾ دنيا مان وفات فرمائي ۽ پريان لوءِ ۾ ئي دفن ڪيو ويو. ڪنهن شاعر سندس قطعه تاريخ هيٺيئن ريت لکيو آهي.

چون زينجا رخت بست آن باز جبروت

تهي کرد آشيانه قيد ناسوت

چون رفت آن رهنما فرياد برخواست

ز زرات جهان از ماه تا هوت

کدا مي باز اسماعيل مخدوم

که ميلش بود کلي سو ها هوت

وقوع رحلت آن قطب عالم

غريو افگند در سکان ملکوت

بهشتم از ربيع الاول او رفت

به شنبه چون که باز آمد ز خانوت

ز تاريخش بمن هاتف چنين گفت

مقامي روح پاکش جاءِ لاهوت

1174هه

 

296- شيخ ابوالحسن ڪبير سنڌي مدني

 

        سندس نالو آهي ابو الحسن محمد بن عبدالهادي،  تتوي سنڌي. شروعات ۾ ٺٽي جي دارالعلم والعمل ۾ ان وقت علمن جي تحصيل ڪري ان کان پوءِ مديني شريف ڏانهن هجرت ڪيائين ۽ باقي ڄمار اُتي ئي علم حديث جي خدمت ۽ درس تدريس ۾ ختم ڪيائين. مديني شريف جا علماء فضلاء سندس شاگردي کي، پنهنجي لاءِ عزت ۽ شرف جو ڪارڻ سمجهندا هوا. مشرق، مغرب جي هزارن فاضلن کانئس حديث جون سندون حاصل ڪيون، ۽ وقت جو هڪ وڏو زاهد، اهل الله تارڪ دنيا درويش محدث هو. هو اگرچه حنفي مذهب جو  عالم هو، مگر سندس تحقيق موجب جيڪو به حنفي  مذهب جو مسئله، حديث جي خلاف هوندو ته هو ان کي ڇڏي، حديث شريف تي عمل ڪندو هو.

        سندس معاصرن مان مديني شريف ۾ شيخ ابوالطيب محمد بن عبدالقادر سنڌي، حنفي مذهب جو هڪ وڏو عالم مديني شريف ۾ رهندو هو. هنن بزرگن جا ڪيترن مسئلن ۾ ڏاڍا اختلاف رهندا هوا، جن مان ڪن جو ذڪر شيخ محمد عابد سنڌي تراجم مشائخ ۾ ڪيو آهي.

        لکي ٿو شيخ ابوالحسن رحه حديث تي عمل ڪندو هو، ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن به مذهب ڏانهن لاڙو ئي نه هوندو هوس. هو نماز ۾ رڪوع کان اڳ ۽ رڪوع کان پوءِ هٿ مٿي کڻندو هو ۽ نماز ۾ ٻئي هٿ سيني تي ٻڌندو هو. شيخ ابوالطيب  سنڌي حنفي مذهب جو پيرو سندس همعصر هو، هي بزرگ وري پنهنجي مذهب تان هڪ تر به پوئتي نه هٽندو هو. ڌرين جا پاڻ ۾  بحث مباحثا رهندا هوا. جڏهن شيخ ابوالحسن کيس دليل ڏيندو هو ته شيخ ابوالطيب جوابن کان عاجز رهجي ويندو هو، اهو جهيڙو ٻنهي صاحبن جي وچ ۾ هلندو آيو ٿي ته ترڪي جي سلطان وٽان قسطنطنيه مان مدينه منوره ۾ هڪ حنفي عالم قاضي مقرر ٿي آيو، جنهن وٽ شيخ ابوالطيب  وڃي دانهن ڏني ته شيخ ابوالحسن سنڌي اوهان جي مذهب ۽ اوهان جي  امام کان ڪن مسئلن ۾ مخالف آهي. جنهن تي قاضي صاحب شيخ ابوالحسن کي گهرائي کائونس پڇا ڳڇا ڪئي. قاضي صاحب کي ملاقات کان پوءِ معلوم ٿيو ته شيخ سنڌي ته هر هڪ علم ۾ امام آهي ۽ مدينه جا سمورا  ماڻهو سندس شاگرد آهن، جنهن کان پوءِ قاضي کي دعا پنڻ ۽ معافي گهرڻ کان سواءِ ٻي ڪابه مجال ڪانه رهي. هوڏانهن شيخ ابوالطيب سو پنهنجي ارادي تي مضبوط رهيو، پوءِ جيڪو به سال بسال مدنيه منوره ۾ حنفي قاضي ايندو هو ته ان وٽ شيخ ابوالحسن جي اختلاف جي شڪايت ڪندو رهندو هو، مگر هر هڪ شيخ جي ملاقات کان پوءِ سندس معتقد ٿي رهندو هو. آخر هڪ سال هڪ اهڙو قاضي آيو جو حنفي مذهب ۾ ڏاڍو معتصب هو، جنهن وٽ پڻ شيخ ابوالطيب شڪايت ڪئي، قاضي شيخ ابوالحسن کي پاڻ وٽ گهرائي حڪم ڪيو ته هٿ دُن هيٺان ٻڌ ۽ رڪوع ۾ هٿ مٿي نه کڻندو ڪر. شيخ چيس ته هرگز ائين نه ڪندس. قاضي حڪم ڪيو ته هن کي وڃي اهڙي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ قيد ڪيو جتي پنهجا عضوا به نه ڏسي سگهي ۽ اُتي ئي هنگي مٽي. شيخ ابوالحسن برابر 6 ڏينهن انهيءَ ڪاري بندي خانه ۾ پيو هو. مدينه جا رهاڪو شيخ کي منتون ڪندا ۽ سمجهائيندا رهيا ته هو  قاضي جو کڻي چيو مڃي ٻاهر نڪري اچي پر شيخ جو هڪ ئي جواب هو ته جا شيءِ مون وٽ صحيح نه آهي تنهن تي ڪڏهن به عمل نه ڪندس ۽ جا شيءِ مون وٽ حضور جن جي حڪمن مان ثابت ٿيل اهي تنهن کي ڪڏهن به ڪونه ڇڏيندس ۽ ان تي قسم کڻي ويٺو. مدينه وارا آخر  قاضي وٽ ميڙ وٺي ويا، قاضي به ضد مان قسم کنيو ته جيڪڏهن  شيخ کي سيني تي هٿ ٻڌودو ڏٺم ته کيس قيد ڏانهن موٽائي اماڻيندس. مدينه وارن شيخ کي سمجهايو ته هاڻي هيئن ڪر جو بدن تي چادر ويڙهي ان جي اندران نماز ۾ هٿ ٻڌندو رهه ته جيئن قاضي جي هٿن جي ڊول تي نظر نه پوي ۽ قسم نه ڀڄيس ۽ تون به ڀلي سيني تي چادر اندران هٿ ٻڌي نماز پڙهندو رهه ته تنهنجو به قسم به نه ٽٽي. شيخ اها صلاح قبول ڪئي ۽ ان تي عمل ڪندو رهيو. مگر اڃا ٿورو ئي عرصو گذريو هو ته شيخ مسجد نبوي ۾ نماز پڙهي رهيو هو ته ڪنهن ماڻهو اچي چيو ته قاضي اوچتو مري ويو، شيخ اهي لفظ ٻڌي نماز ۾ ئي چادر اڇلائي ڇڏي.

(تراجم مشائخ محمد عابد سنڌي قلمي)

        شيخ ابوالحسن درس تدريس کان سواءِ حديث جي ڪتابن تي  ڏاڍا عمده حاشيه لکيا آهن جن مان حديث جي ڇهن ڪتابن جا حاشيه ته مصر ۾ ڇپيا به آهن.

        (1) حاشيه سنڌي عليٰ صحيح بخاري، هن حاشيه بابت ڪشف الظنون جي مصنف لکيو آهي ته بي حد مفيد ۽ معنيٰ خيز آهي. (2) حاشيه صحيح مسلم (3) حاشيه سنن ترمذي، (4) فتح الودود حاشيه سنن ابو دائود، (5) حاشيه سنن ابن ماجه، (6) حاشيه سنن نسائي، (7) حاشيه مسند امام احمد بن حنبل، (8) حاشيه فتح القدير فقه، (9) الفتوحات النبوته،  (10) منهل الهذات في معدل الصلوات، (11) تحفة المحبين شرح اربعين، (12) ابناء الانباء في حيات الانبياءِ (13) رساله قرات خلف الامام، (14) النظر شرح شرح نخبة الفکر وغيره.

        شيخ ابوالحسن تمام وڏي ڄمار کي پهچي، شيخ محمد حيات سنڌي کي پنهنجو جاءِ نشين بڻائي، 1138هه ۾ هن دارفاني مان لاڏاڻو فرمائي ويو ۽ جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو. رحمة الله عليه رحمة واسعة.

297- مخدوم يعقوب پلچه

 

        عارف ڪامل، ڪرامتن جو مالڪ سيٺارن جي پرڳڻي ۾ رهندو هو (هن وقت اهو علائقه ٽنڊه ڊويزن سان سڏيو وڃي ٿو) هو وڏو سخي ۽ هزارن ڪرامتن جو صاحب آهي جن مان قدري هيٺ ڏجن ٿيون.

        (1) هڪ سواليءَ  کائونس ڪجهه اچي گهريو، مخدوم صاحب چيس ته منهنجو ٻانهو جهنگ ۾ مينهون چاري رهيو آهي ۽ کائونس هڪ مينهن وٺي وڃي پنهنجي ڪم جي پورت ڪر، مخدوم صاحب جي ٻيلي کي جڏهن مينهن خيرات ۾ ڏيڻ جو  پيغام پهتو تڏهن هن ڀلي مينهن جا 3 ڪاسا کير جا ڏيندي هئي سا سوالي کي ڪاهي ڏني. مخدوم اها ڳالهه ٻڌي ٻانهي کي چيو ته جنهن صورت ۾ تو چونڊ ڀلي مينهن خدا جي راهه ۾ ڏني آهي ته آئون توکي ان جي عيوض آجو ڪريان ٿو، مخدوم صاحب جي گهرواري جڏهن اها ڳالهه ٻڌي تڏهن مخدوم کي چيايئن ته توهان ٻانهي سان جڏهن ايڏي نيڪي ڪئي آهي تڏهن آئون به توکي اُهي سڀ حق معاف ڪريان ٿي جيڪي زوجيت (زال مڙس) جا شرعي طرح اوهان سان لاڳو آهن.

        (2) هڪ دفعي مخدوم صاحب فقيرن جي جماعت سان منڱن جي کيتي ۾ آيل هو، جماعت لاءِ کاڌو تيار ڪرڻو هو پر اُتي نه ديڳڙو يا ڪنو هيو ئي ڪونه! جنهن تي ڏاڍو لاچار ٿيا، آخر هڪ وڏو ٺڪر ٽڪر هٿ آين جنهن ۾ ٿورو سوراخ به هو، مخدوم صاحب جي حڪم سان ان کي اهڙو پاسيرو ڪري چاڙهيائون،  جيئن هن مان پاڻي نه هارجي، جڏهن پاڻي ٽهڪڻ لڳو تڏهن فرمايائين ته ماڻهو گهڻا آهن، سئون ڪري رکوس ۽ گهڻوئي کاڌو تيار ڪرڻو آهي. الله جي قدرت سان ايترو طعام ان ۾  پچي تيار ٿيو جو سڀئي کائي آسودا ٿيا، ان کان پوءِ مخدوم صاحب فرمايو ته هر هڪ ماڻهو ان ٺڪر کي پوري زور سان ڪوڏر جو ڌڪ هڻندو وڃي، ائين ڪيو ويو مگر ايڏو مضبوط هو جو ڪٿان به ڀڃي نه سگهيو.

        (3) روايت آهي ته هڪ هندو پنهنجين نياڻين جي شادي ڪرائڻ لاءِ هڪ خرار سارين جو قرض وٺي ڏاند تي کنيو آيو ٿي. پتڻ ٽپڻ وقت اوچتو سندس ڏاند وڃي درياهه ۾ ڪريو. هندو ڏاڍو غمناڪ ٿيو. مخدوم اها ماجرا ڏسي هندو کي دلاسو ڏيندي چيو ته درياهه ۾ کڻي ٽٻي هڻ، اندر جيڪو ماڻهو نظر اچي، تنهن کي منهنجا سلام ڏئي ڏاند ان سميت گهريس. هندو به دل جهلي کڻي ٽٻي هنئي، ته سندس پير وڃي سڪ تي کُتا. اڳتي وڌي ته هڪ نيڪ مرد بيٺو آهي، تنهن سان سمورو احوال بيان ڪيائين. جنهن تي ڏاند سندس حوالي ڪيو ويو. اڃا ڏاند جي رسي کان ڇڪيائين ته پاڻ کي درياهه جي ٻي ڀر بيٺو ڏٺائين. ان کان پوءِ هميشه لاءِ اهو  هندو مخدوم صاحب جو  خادم ٿي رهيو.

        مخدوم يعقوب مرزا شاه حسن ارغون جي (وفات 902) جو همعصر ۽ هم زمان آهي. يعني ته نائين صدي اوليائن مان آهي. (تحفه)

 

 

 

298- شيخ پريو ڪوهه گنجي

 

        شيخ پريو اصل ويرداس نالي هڪ  مشهور مجذوب ۽ موحد ۽  حال قال وارو سالڪ هو، اصل برهمڻ هو مگر پوءِ ذات پات جي ٻنڌڻن کان جدا ٿي برپٽ ۽ جهبنگل ۽ جبل ۾ جانورن سان وروهون ڪندو وتندو هو. ماڻهن کان ائين ڇرڪندو هو جيئن ڪانءُ ڪمان کان ڀڄي. گهڻي وقت کان پوءِ ڪوهه گنجه (گنجي ٽڪري) تي اچي  رهيو، ماڻهو به هوريان هوريان سندس زيارت لاءِ اچڻ لڳا ۽ ڪجهه ماڻهن سان به ٿورو انس ٿيڻ لڳس، ڪشف جي ذريعي ماڻهن جا دلي مطلب يا  ارادا کين ٻڌائيندو  هو.

        حديقة الاولياء جو مؤلف سيد عبدالقادر ٺٽوي لکي ٿو ته آءٌ سندس خدمت ۾ ويو هوس، ان وقت ڪي سنڌي ۾ ڏوهيڙا ويٺي چيائين. دل ۾ آيو ته الائي سندس جوڙيل يا ٻئي ڪنهن جا، اڃا يترو خيال آيو ته پاڻ  فرفمايائين ته اهي بيت فقير اسحاق لوهار جا آهن. ٻيون ٻه چار ڳالهيون دل ۾ آندم، جن جا بروقت جواب ڏيندو  ويو.

        هڪ ماڻهو سندس  ڏسڻ لاءِ ويو مگر ڏاڍو بکايل هو. کيس چيائين ته ٿوهر جي جهتن ۾ ديڳڙو رکيو اٿئي اهو کڻي چلهي تي چاڙهه ۽ منجهس پٿرن جون ٻه چار مٺيون کڻي وجهه! هن حڪم جي تعميل ڪئي ته ايتري ۾ جهنگ مان هڪ سوا هرڻي اچي اتي حاضر ٿي، جنهن مان کير ڏهي ورتائون. ديڳڙي مان عمدو پلاءُ ڪڍي کير سان کائي بکايل ماڻهو پنهنجو پيٽ ڀريو.

        هن بزرگ جي وفات 903 ۾ ٿي ۽ گنجي ٽڪري تي دفن ٿيل آهي.       (تحفه – حديقه)

 

299- درويش راڄو رائدڻي

 

        هڪ مجذوب  مطلق واصل بحق درويش، هميشه مٿي پيرين اگهاڙو سير ڪندو رهندو هو. هڪ جاءِ تي ڪڏهن به قرار ڪري ڪونه ويٺو. سندس زبان تي جو ڪجهه به جاري ٿيندو هو سو ڪپيندڙ ترار وانگي ڪم ڏيندو هو. هن کي جڏهن ڪوبه معاملو درپيش ايندو هو ته اُتي بيهي سنڌي ڏوهڙو بلند آواز ۽ خوش الحان سان چوندو هو. پوءِ انهيءَ ڏوهڙي ۾ هو سڀ ڪجهه چوندو هو ۽ جيڪي چوندو هو سو ٿي پوندو هو.  چون ٿا ته هڪ دفعي ڪڇ ڀڄ جي پرڳڻي ۾ مينهين جي واڙي تي پهتو، ٿورو کير چڪو گهريائين، اُتي مڙس ماڻهو ڪونه هوا. زالون بي ادبي سان سامهون ٿيون ۽ درويش کي ڪجهه به نه ڏنائون، درويش ڪاوڙجي نعره هڻي اتان روانو ٿي ويو. مالڪ ڇا ٿا ڏسن ته مينهون پنهنجن ڦرن سميت گم! گهڻي وقت کان پوءِ وري درويش اچي اُتان لانگهائو ٿيو. زالن سڃاڻي ورتو، اچي  پيرن تي  ڪريون ۽ مڙسن کي ٻڌايائون ته هي اهو ساڳو فقير آهي جنهن جي اسان بي ادبي ڪئي هئي، فقير کان معافي ورتي وئي، جنهن کان پوءِ فرمايائين ته وڃي وٿاڻ ۾ ڏسو ته ميهون آهن؟ ڏسن ته برابر سمورو مال ساڳي حال تي موجود آهي.  ڌنارن کان پڇيو ويو ته ايترا ڏينهن ڪٿي هوا، چيائون ته اسان روزانه هميشه جي دستور موجب مينهون صبح جو ڇوڙي ويا هواسين ۽ وري اڄ ئي شام جو  واپس آيا آهيون. ڏينهن وري ڪٿي گذريا آهن. درويش راڄي جي وفات سن 997 هجري ۾ ٿي ۽ پنهنجي ڳوٺ رائدن ۾ دفن ڪيو ويو.   (تحفة الڪرام)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org