300- شيخ عيسي ساموئي
هن بزرگ کي تاريخ وارا عيسي لنگوٽي به سڏيندا آهن،
ڇاڪاڻ جو هميشه قلندرانه وضع ۾ فقط هڪ لنگوٽي ۾
گذاريندو هو. ڄام سمن جي گادي واري هنڌ ساموئي ۾
گذاريندو هو. سندس معاصرن مان سيد احمد – بن سيد
محمد ميران ۽ شيخ حماد جمالي ۽ قاضي نعمت الله
علامه عباسي آهن. هڪ دفعي قاضي نعمت الله عباسي ۽
سيد احمد سندس صحبت ۾ ويٺل هوا، قاضي وقت جو وڏو
عالم ۽ ملڪ جو مفتي هو، تنهن سيد احمد جي ڪابه
پرواهه ڪانه ڪئي ٿي ۽ شيخ عيسيٰ سيد صاحب جي بي
حد تعظيم تڪريم ڪئي ٿي. جڏهن سيد صاحب موڪلائي
روانو ٿيڻ لڳو تڏهن به شيخ بي حد عزت ڏيڻ کان
پوءِ کائونس موڪلايو. قاضي کائونس پڇيو ته آخر
هيڏي تعظيم ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي، شيخ عيسيٰ فرمايو
ته مون کي ڪشف سان معلوم ٿيو آهي ته هن سيد مان هڪ
قطب زماني جو تولد ٿيندو. ان جو احترام ڪري رهيو
آهيان. آخر شيخ جي اشاري ڪرڻ تي قاضي صاحب پنهنجي
نياڻي جو نڪاح سيد احمد سان ڪرايو، جتان چار فرزند
پيدا ٿيا، جڏهن پويون فرزند سيد حسين تولد ٿيو
تڏهن چون ٿا ته اکيون ئي نه ٿي کوليائين، آخر شيخ
عيسي کي وٺي آيا جنهن جي اچڻ سان اکيون کولي ڏسڻ
لڳو. شيخ فرمايو ته هي اهو بزرگ آهي جنهن جي ڏسڻ
جو مون کي انتظار هو. هاڻي وڌيڪ دنيا ۾ رهڻ جو
ضرور ڪونه آهي، ان کان پوءِ شيخ عيسي ٽئين ڏينهن
وفات فرمائي ويو. اهو واقعو 831هه ۾ ٿي گذريو.
معارف الاانوار ۾ شيخ عيسي جي تاريخ من اتي الله
بقلب سليم جي فقره مان ڪڍي آهي.
شيخ ڪڏهن ڪڏهن نظم ۾ به ڪجهه چوندو هو جيئن ته شيخ حماد
جمالي جي هڪ مشهور رباعي جي جواب ۾ فرمايو اٿس.
قيد باشد حکيم در ره دوسد
دو گزک بوريا و پوستکي
گر تو آزاده بس ست ترا
دلکي پر ز درد دوستکي
شيخ عيسيٰ ڄام فتح خان بن ڄام سڪندر سمه جي زمانه وفات
ڪئي.
فائده – مير قانع تحفة الڪرام ۾ شيخ عيسيٰ لنگوٽي
ساموئي کي شيخ عيسيٰ سنڌي برهان پوري ڪري لکيو
آهي، هوڏانهن شيخ عيسيٰ برهان پوري پاٽ جو رهاڪو
اڪبر اعظم ۽ جهانگير جو هم عصر ۽ وقت جو وڏو ولي
محدث هو، جنهن جي وفات سال 1031هه ۾ ٿي آهي، پر
شيخ عيسيٰ لنگوٽي 831 ۾ وفات ڪئي اهي. ٻنهي جي وچ
۾ ٻن سون سالن جو فرق آهي، شايد هم نام هجڻ ڪري
مير قانع تي اهو اشتباه ٿيو آهي.
301- شيخ حماد جمالي ساموئي
شيخ حماد ولد شيخ رشيد الدين جمالي، قدوت الواصلين شيخ
جمال درويش اُچي جو ڏهٽو. اهو شيخ جمال اُچي حال
۽ قال جو صاحب سيد مخدوم جلال الدين جهانيان جهان
گشت (متوفي ) جو مريد هو. شيخ حماد سمن جي شهر
ساموئي ۾ مڪلي هيٺان رهندو هو. هميشه پنهنجي حجري
جي اندر ر هندو هو. جتان پير به ٻاهر نه ڪڍندو هو.
سندس طالب ۽ معتقد، حجري جي ٻاهران فيض پرائيندا ۽
گفتگو ڪندا هوا. هو هڪ وڏو عالم به هو،. جنهن ڪري
باطني فيض حاصل ڪرڻ وارن کان سواءِ ظاهري علم جا
طالب به کائونس فيض پرائيندا هوا.
سمن ڄامن جي حڪومت جو زمانو هو، جنهن ڪري حاڪم گهراڻي
جا سمورا فرد سندس معتقد ۽ با ادب دعا طلب رهندا
هوا.
هي بزرگ مٿي پيرين اگهاڙو رهندو هو. اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ
فقط هڪ نمد ٽڪرو ڪم آيل هوس ۽ بس. سمهڻ ۽ ويهڻ
لاءِ هڪ ڇنل تڏي ٽڪڙو، بستري جو ڪم ڏيندو هو.
پنهنجي حالت جو بيان هيٺيئن رباعي ۾ ڪيو اٿس.
دو گزک بوريا دو پوستکي
دلکي پر ز درد دوستکي
اين قدر بس بود جمالي را
عاشق رند لا ابالي را
حديقت الاولياء ۾ لکي ٿو ته ڄام جوڻي جي زماني ۾ ڄام
تماچي ۽ سندس فرزند ڄام صلاح الدين ٻئي حڪومت ۾
ڄام جوڻي سان مشترڪ هوا. اهي ٻئي پيءُ ۽ پٽ شيخ
حماد جي بي حد معتقد هوا. هوڏانهن ڄام جوڻي کي
هميشه خطرو هوندو هو ته شيخ جي دعا سان هي ٻئي ڄڻا
ضرور مون کي هن ملڪ کان دست بردار ڪرائي پاڻ والي
بڻبا. انهيءَ ڊپ کان ٻنهي کي گرفتار ڪرائي،دهلي
ڏانهن روانو ڪرائي ڇڏيائين.
ڄام تماچي جي والده، انهي حادثي کانپوءِ روزانو شيخ
حماد جي خدمت ۾ پهچي پنهنجي فرزندن جي رهائي لاءِ
التجائون ڪندي هئي. هڪ ڏينهن شيخ حماد جو هن ٻڍڙي
سمياڻي ڏانهن توجه ڇڪجي ويو کائونس پٽ ۽ پوٽي
بابت پڇا ڳاڇا ڪيائين. مائي روئندي پنهنجو سمورو
حال عرض ڪندي، هنن جي ڇوٽڪاري جي استدعا ڪئي.
احوال ٻڌڻ کان پوءِ شيخ حماد تي هڪ عجيب حالت طاري ٿي
وئي. ڪي سنڌي ڏوهيڙا بلند آواز سان چيائين. جن ۾
تماچي جي ملڻ جو شوق ظاهر ڪيل هو ۽ سنڌ جي حڪومت
هنن جي سپرد ٿيڻ جو اشارو هو. الله تعاليٰ جي
قدرت سان، انهي ساڳي رات دهلي ۾ پيءُ ۽ پٽ تي
بنديخانو کلي ويو. هڪ شخص شيخ حماد جي شڪل جهڙو
سندن رستي جو سونهون ٿي اڳيان ٿيو ۽ هي ٻئي گهوڙن
تي سوار ٿي، سنڌ ڏانهن روانا ٿيا.
سرڪاري ماڻهن کي جڏهن هنن جي ڀڄڻ جو پتو پيو ته پوئتان
ڊوڙيا مگر ڪجهه به حاصل ڪونه ٿين. آخر ٽن ڏينهن ۽
ٽن راتين جي سفر کان پوءِ جڏهن هالن جي لڳ کيبرن
جي ڳوٺ وٽ پهتا، تڏهن هڪ ڌڻ مان ٻڪري خريد ڪرڻ
لاءِ ڌنار کي چيائون، اهو ڌنار مخدوم نوح کيبرائي
هو،جنهن هنن کي ٻڌايو ته سنڌ جو والي ڄام تماچي
آهي. تماچي حيران ٿي چيس ته سنڌ جو حاڪم ته جوڻو
آهي. ڌنار (مخدوم نوح) چيو ته اها ڳالهه به ٺيڪ
آهي،. مگر آئون ٽن ڏينهن کان وٺي غيب مان منادي
ٻڌي رهيو آهيان ته سنڌ جي حڪومت تماچي کي ملي آهي.
هوڏانهن هنن جي بندي جاني مان ڇٽڻ جي مدت به اهي
3 ڏينهن هوا جو الله تعاليٰ جي قدرت سان ايترو پنڌ
ڪري سنڌ ۾ اچي پهتا هوا. ڄام جوڻي کي جڏهن پتو
پيو ته شيخ حماد منهنجن مخالفن جي حق ۾ دعا گهري
آهي، ته هڪدم پريشان ٿي شيخ جي خدمت ۾ پهتو، عرض
ڪيائين ته اوهان فقير آهيو. اوهان جو ملڪي معاملن
۾ ڇا وڃي؟ جنهن تي شيخ حماد ڏاڍو غصي ۾ اچي
فرمائڻ لڳو ته هن زمين جو وارث آءٌ آهيان.
جنهن کي وڻي تنهن کي ڏياريون. ان کان پوءِ ستت ئي ڄام
تماچي شيخ حماد جي خدمت ۾ پهتو. شيخ پنهنجي
لنگوٽي مان ڪجهه ڌاڳا ڪڍي، کيس ڏنا ته هڪ لڪڙي تي
جهنڊي وانگي ٻڌي، ميدان ۾ اچي. هو اڃا جهنڊو کڻي
روانو ٿيو، الله تعاليٰ جي حڪم سان اچي ماڻهن جو
انبوهه سندس چوطرف گڏ ٿيو. جڏهن جوڻي کي اها سڌ
پئي تڏهن هو به فوج گڏ ڪري ميدان ۾ آيو، مگر جوڻي
جي فوج، ڄام تماچي جي جهنڊي ڏسڻ سان بگڙجي وڃي
تماچي جو طرف ورتو. جنهن کان پوءِ ڄام جوڻو شڪست
کائي ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو. ملڪ دولت تماچي ۽ صلاح
الدين جي حوالي ٿيو.
فائدو – حديقة الاولياء جو مصنف سيد عبدالقادر ٺٽوي
ترخان گهراڻي جي مرزا جاني بيگ جي زماني جو آهي،
جنهن اهو سمورو واقعه لکيو اهي، مگر تاريخ معصومي
۽ فرشته ۽ ٻئي ڪنهن به تاريخ ۾ مٿيون واقعو درج
ٿيل نه آهي ته ڪو ڄام جوڻي تماچي ۽ سندس پٽ صلاح
الدين کي گرفتار ڪرئي دهلي موڪليو هو. بلڪ تاريخ
فيروز شاهه مان معلوم ٿئي ٿو ته جنهن ڄام کي سلطان
فيروز تغلق دهلي وٺي ويو هو سو ڄام خيرالدين هو،
بلڪ معصومي ڄام سمن جي متعق جو ڪجهه لکيو آهي سو
تاريخي تحقيق موجب سراسر غلط آهي.
بهرحال ڄام تماچي حڪومت حاصل ڪرڻ کان پوءِ هڪ وڏي رقم
آڻي شيخ حماد جي خدمت ۾ نذرانه طور پيش ڪندي عرض
ڪيو ته جڏهن ته آئون اوهان جي دعا سان هن درجه کي
پهتو آهيان ته هاڻي نذرانو قبول ڪندي دعا ڪريو ته
منهنجي اولاد هن ملڪ ۾ هميشه زمين جي مالڪ رهندي
اچي.، شيخ فرمايو ته هنن رپين مان خانقاه جي لڳو
لڳ مسجد جي تعمير ڪئي وڃي ۽ سنڌ جو پرڳڻو پنهنجي
اولاد کي وراهي ڏي ته آئنده انهن جي هٿن ۾ رهندو
ايندو. انهي مسجد جو نالو شيخ حماد مسجد مڪلي
رکيو جا پوئين زمانه تائين موجود رهندي آئي ۽
سنڌ ۾سمن جي حڪومت اگرچه ختم ٿي وئي مگر ”در تمام
سندهه تا کڇ الي يومنا اَکثر زمين تحت ملڪيت قوم
سمه ست مانده“ (تحفت الڪرام و
مقالات)
شيخ جو مقبرو ڪوه ملڪي تي ڄامن جي قبن لڳ آهي، ڪنهن به
ڪتاب ۾ سندس سن وفات موجود نه آهي، مگر سندس همعصر
بزرگن جي لحاظ موجب هو هجري نائين صدي جي رجالن
مان آهي. والله اعلم باالصواب.
302- ڄام نظام الدين سمو
سنڌ جي ديندار ۽ علم دوست عادل فاضل بادشاهن مان ڄام
نظاما لدين سمو هڪ بلڪل نيڪو ڪار نامور بادشاهه ٿي
گذريو آهي. ڄام سنجر سمه جي وفات کان پوءِ 25 ربيع
الاول 866هه سمورن صالحن ۽ عالمن ۽ رعيت جي اتفاق
سان تخت تي ويٺو ۽ سنڌ جو بلڪل مستقل بادشاهه ٿي
حڪمراني ڪرڻ لڳو.
هن ۾ نيڪ خصلتون ۽ تواضع ۽ نوڙت جون عادتون هن ڪري پيدا
ٿيل هيون جو ننڍپڻ ۽ شروع جواني جي زماني ۾ عربي
مدرسن ۽ درويشن جي خانقاهن ۾ طالب علم ٿي رهندو
آيو ٿي،ا ُتي جي علمي مجلسن ۽ بهترين صحبتن جو
اثر پيل هو جنهن ڪري پسنديده صفتن ۽ حميده وصفن
سان موصوف ٿيل هو. حڪومت جي زمانه ۾ به زهد ۽
عبادت ۾ حد کان وڌيڪ مشغول رهندو آيو ٿي، هن جي
فضيلت واري زندگي هن کان گهڻي وڌيل آهي جو ان مان
ڪجهه ٿورو به لکي سگهجي.
تخت نشيني کان پوءِ جلد ئي ٺٽه مان بکر اچي هڪ پورو
سال مقيم ٿيو، انهيءَ تر جي چورن ۽ ڌاڙيلن جو
بنياد اکيڙي ڇڏيائين ۽ بکر جي قلعي کي خوراڪي شين
سان ڀرپور ڪري ڇڏيائين. دلشاد نالي پنهنجي
ٻانهي کي جو طالب علمي جي زماني ۾ مدرسن ۾ سندس
خدمت ڪندو رهندو هو، بکر جو گورنر مقرر ڪري پاڻ
وري ٺٽه واپس آيو. هن جي زمانه ۾ عالم ۽ صالح
اولياء فقير نهايت فراغت ۽ آرام سان حياتي گذارڻ
لڳا. هنن لاءِ ماهيانه ۽ سالانه وظيفا مقرر ڪيا
ويا هوا. سپاهي ۽ رعيت به ڏاڍي آسودگي ۽ آرام ۾
وقت گذارڻ لڳا ملڪ مان چوريون، ڦريون، ڌاڙا، سڀ
بند ٿي ويا ۽ واپار وڙو ڏاڍو سهولت سان ٿيڻ لڳو.
هن شريعت جي پاء بندي تي ڏاڍو زور ڏياريو ۽ سموري ملڪ
جي قلم رو ۾ اهڙو انتظام رکايو جو محله جي مسجد ۾
هر هڪ ننڍو وڏو جماعت سان نماز پڙهڻ لاءِ اچي
حاضر ٿيندو هو. ڪوبه ماڻهو اڪيلي نماز ڪانه
پڙهندو هو. ماڻهن جي طبيعت ۾ ايتري قدر دينداري
گهر ڪئي وئي هئي جو ڪنهن ماڻهو کي ڪنهن وقت جي
جيڪڏهن جماعت سان نماز هٿ نه ايندي هوئن ته ڏينهن
تائين شرمندو ٿي استغفار يا الله تعاليٰ کان معافي
وٺڻ ۾ مشغول رهندو هو. ڄام نظام الدين ايڏو متقي ۽
پرهيزگار هو جو سموري ڄمار بي وضو آسمان ڏانهن نه
نهاريو هوائين ۽ ڪڏهن به پنهنجي اوگهڙ ڪانه ڏٺي
هوائين. هو پاڻ وڏو عالم ۽ علم ذوق وارو هو جنهن
ڪري وٽس هميشه انهيءَ وقت جي وڏن عالمن سان علمي
بحث مباحثا جاري رهندا هوس. سندس علم پروري جو
آواز شيراز تائين وڃي پهتو. دنيا جي وڏي فلاسفر ۽
عالم علامه جلال الدين دواني (متوفي ) شيراز
مان هجرت ڪري ڄام نظام الدين وٽ اچي رهڻ جي خواهش
ڏيکاري، پهريان هن صاحب پنهنجن ٻن شاگردن علامه
مير شمس الدين ۽ مير معين الدني کي ٺٽه موڪليو ته
ڄام کان سنڌ ۾ اچڻ جو مشورو ڪن، جنهن تي ڄام نظام
الدين خوشي جو اظهار ڪندي شيراز کان ٺٽه تائين
علامه جلال الدين دواني جي اچڻ لاءِ منزلون مقرر
ڪيون ۽ هر هڪ منزل تي کاڌو خوراڪ ۽ سواري جو جدا
جدا انتظام رکيو ويو. سفر خرچ لاءِ به تمام گهڻا
رپيا سندس شاگردن معرفت روانا ڪيا ويا، مگر افسوس
قاصد اڃا شيراز ۾ پهتا ئي ڪونه ته علامه جلال
الدين سنڌ جي سفر کان اڳ آخرت جو سفر ڪري چڪو هو.
مير شمس الدين ۽ مير معين الدين کي ڄام نظام الدين
جي صحبت مان ڏاڍو لطف حاصل ٿيل هو جنهن ڪري هو
شيراز کي ڇڏي موٽي اچي ٺٽه ۾ رهيا ۽ اتي ئي وفات
ڪيائون.
ڄام نظام الدين کي اسلامي جهاد جو ڏاڍو شوق رهندو هو،
سڀ ڪنهن هفته ۾ هڪ دفعه گهوڙن جي ڪُڙهه ۾ وڃي،
گهوڙن جي پ يشاني تي هٿ گهمائي چوندو هو ته، اي
نيڪ بختو! آءٌ نٿو گهران ته غزا يا جهاد کان
سواءِ اوهان جي پٺيءَ تي سوار ٿيان، ڇو ته منهنجي
چوطرف ته اسلامي حاڪم آهن. دعا ڪريو ته شرعي سبب
کان سواءِ ڪابه وک ٻاهر نه رکان ۽ نه وري ٻيو ڪو
ڌاريو هت اچي، متان ان ڪري بيگناهه مسلمانن جو رت
هاريو وڃي ۽ الله تعاليٰ وٽ شرمندو ٿيان.
ان هوندي به سندس سلطنت جي پوئين زمانه ۾ شاهه بيگ
ارغون جون فوجون قنڌهار مان سنڌ تي ڪاهي ايون،
اڪڙي چانڊڪي ۽ سڌوچن کي ڦريائون لٽيائون. ڄام صاحب
پٺاڻن ۽ مغلن جي مقابله لاءِ هڪ وڏو ڪٽڪ چاڙهي
روانو ڪيو. ٻنهي فوجن جو جلوگير نالي هڪ جاءِ تي
سخت مقابلو ٿيو. انهيءَ جنگ ۾ شاهه بيگ ارغون جو
ڀاءُ ابو محمد مرزا قتل ٿي ويو. مغلن شڪست کاڌي ۽
قنڌهار موٽي هليا ويا، جنهن کان پوءِ هن نيڪ
بادشاهه جي زماني ۾ وري سنڌ جو نالو ئي نه
کنيائون.
ڄام نظامالدين وڏي علم ۽ صلاحيت هوندي، ڪڏهن ڪڏهن شعر
به چوندو هو. جيئن ته پنهنجي نفس کي خطاب ڪندي
فرمائي ٿو ته:
ڍاي آنکه ترا نظام الدين خوانند
تو مفتخري مرا چنين مي خوانند
گر در ره دين ز تو خطائي افتد
شک نيست که کافر لعين مي خوانند
ڄام نظام الدين جي همعصر بادشاهن مان سلطان حسين
لنگاهه ملتان جو حاڪم هو، ٻنهي جي وچ ۾ ڏاڍي محبت
۽ مودت جو طريقو هو. هميشه هڪ ٻئي ڏانهن سوکڙيون
پاکڙيون موڪليندا رهندا هوا. ڄام نظام الدين 48
سال حڪومت ڪري 914هه (1508ع) ۾ هن دنيا فاني مان
وفات فرمائي ويو ۽ ڪوهه مڪلي تي کيس دفن ڪيو ويو.
(معصومي – مقالات شعراء – تحفت)
هڪ سال کان پوءِ مقبره تي سندس فرزند ڄام فيروز گنبذ
ٺهرايو، جنهن تي سنگ سرخ جو هيٺيون ڪتبو لکيل آهي.
قدبني هذه القبة الرفيعة و المرقد المنيعه السطان
الاعظم العدل الاقدم ناصرالحق و الدنيا و الدين
ابوالفتح فيروز شاهه علي المرقد ابيه السطان نظام
الدين بن السطان صدرالدين شاهه، بن السطان رڪن
الدين المدفون فيها في تاريخ سنة خمس عشر و
تسعمائة.
يعني ته هن بلند قبي ۽ عزت واري مقبري کي بادشاهه وڏي
عادل ۽ اڳواڻ، سچ ۽ دين دنيا جي مددگار ابوالفتح
فيروز شاهه پنهنجي والد سلطان نطام الدين جي مقبري
تي اڏايو، جو پٽ آهي سلطان صدرالدين شاهه ولد
سلطان رڪن الدين، جو هن ۾ دفن ٿيل آهي. سال 1915 ۾
هي قبو اڏايو ويو.
ڄام فيروز جي تخت نشيني کان ڄام نظام الدين وارو قائم
ڪيل انتظام سلطنت جو بگڙجي پيو. گهرو جهڳڙا ۽
لڙايون ۽ اختلاف به ٿيڻ لڳا، جنهن کان پوءِ مرزا
شاهه بيگ ارغون کي سنڌ تي چڙهائي جو موقعو ملي
ويو. ڄام گهراڻو ختم ٿيو ۽ ارغون خاندان جو سنڌ ۾
راڄ قائم ٿيو، جنهن جو مختصر تفصيل مرزا شهه بيگ
ارغون جي احوال ۾ آيل آهي.
303- شاهه عثمان فراش
مخدوم شاهه عثمان ولد محمد صديق مڪي. هن بزرگ جو والد
شيخ محمد صديق مڪي مان هجرت ڪري سنڌ ۾ پهتو ۽
سياحت ڪندي بکر قلعي جي ٻاهران جتوئي قوم جي هڪ
ڳوٺ ۾ پهتو. چون ٿا ته ڳوٺ جي مهانڊي نالي باگڙ
خان جتوئي کي خواب ۾ اڳ ئي هن بزرگ جي آمد جي
بشارت حاصل ٿي هئي ۽ جڏهن صديق مڪي اُتي پهتو ته
باگڙ خان کيس سڃاڻي ڏاڍي عزت ۽ احترام سان هن کي
پاڻ وٽ رهايو. انهيءَ واهڻ جو نالو به باگڙجي
رکيو ويو.
هن بزرگ اُتي رهي جتوئن جي معرفت شادي ڪئي، جنهن مان
کيس ٻه پٽ ڄاوا (1) شيخ حسن (2) مخدوم عثمان. هي
پويون ب زرگ 25 ربيع الاول سن 590هه ۾ تولد ٿيو ۽
پنهنجي والد جي تربيت ۾ رهيو.
مخدوم عثمان جڏهن سمجه جي ڄمار کي پهتو، تڏهن هڪ رات
خواب ۾ ارشاد ٿيس ته مخدوم شيخ بهاء الدين زڪريا
ملتاني جي خدمت ۾ پهچي پنهنجي امانت حاصل ڪر، ۽
مولا جي طلب کي لڳي وڃ! جو هو بزرگ به تنهنجي
انتظار ۾ آهي. مخدوم عثمان خواب مان بيدار ٿي،
سواءِ ڪنهن سمر کڻڻ جي ملتان جي راهه ورتي. جڏهن
شيخ بهاؤ الدين زڪريا ملتاني جي خدمت ۾ پهتو، تڏهن
نهايت شوق سان مرشد پنهنجي مريد سان ڀاڪر پائي
مليو. بروقت ئي کيس تلقين ڏئي سهروردي طريقي ۾
مريد ڪيائينس.
مخدوم عثمان پنهنجي استاذ وٽ باطني علم سان گڏ ظاهري
علم به پرائيندو رهيو. جئين ته تفسير، حديث، فقه،
تصوف وغيره علومن جو وڏو عالم ٿيو. توحيد تجريد جي
رازن ۽ رمزن مان به خوب پرايائين. برابر 8 سال
مرشد ڪامل ۽ استاذ مڪمل جي خدمت ۾ رهي ظاهري ۽
باطني فيض مان مالامال ٿيو. مرشد جو پنهنجي مريد
رشيد تي ايڏو راض هو جو طالب علمي جي زماني ۾ کيس
پنهنجو مصلو حوالي ڪري ڇڏيو هوائين. رات جو تهجد
نماز لاءِ کيس اچي اٿارنيدو هو ۽ صبح تائين گڏجي
مراقبي ۽ ذڪر فڪر ۾ مشغول رهندا هوا، آخر اٺن سالن
جي هم صحبتي کان پوءِ مخدوم عثمان کي سندس مرشد
سڳوري ”خرقه خلافت“ ڍڪائي سنڌ ۾ ديني خدمت لاءِ
روانو ڪيو.
جڏهن ملتان کان ٻاهر نڪرڻ جو ارادو ڪري روانو ٿيو، تڏهن
رستي ۾ حضرت بهاؤالدين زڪريا ملتاني، سندس مرشد
جو فرزند مخدوم صدرالدين عارف ۽ ان جو فرزند ڪامل
مخدوم رڪن الدين ابوالفتح کيس گڏيا. رڪن الدين ڏسي
فرمايو ته عثمان تننجي باقي امانت اڃا مون وٽ آهي،
اُها به وٺندو وڃ! پوءِ پنهنجي لٻ دهن مبارڪ مان
ڪڍي شاهه عثمان جي وات ۾ وڌائين.
شاهه عثمان جو چوڻ آهي، انهيءَ لٻ جي چوسڻ کان پوءِ فرش
کان عرش تائين تجلي الاهي جو سمورو راز کلندو
رهيو.
آخر ملتان مان ڪهي اچي، پنهنجي اباڻي ڳوٺ باگڙجي پهتو،
جتي سوين سنڌي مسلمان اچي سندس ارادت ۽ اعتقاد ۾
داخل ٿيا ۽ روزانو سندس وعظ نصيحت ۽ هدايت مان فيض
پرائڻ لڳا، مگر ڪجهه وقت کان پوءِ جوڻيجا ۽
ٿيٻا قوم جي استدعا تي باگڙجي مان نقل مڪاني ڪري،
انهيءَ تر ۾ فراشن جي ڳوٺ ۾ اچي رهيا ۽ آخر دم
تائين اتي ئي رهي، ارشاد ۽ رشد جو سلسلو جاري
رکندا آيا.
هن صاحب جون ڪيتريون ڪرامتون مشهور آهن. تانجو مانهو
سندس مماتي واري حالت ۾ به سندس ڪرامتن جا قائل
آهن.
چون ٿا ته هڪ دفعي خانپور ڏانهن پنهنجي جماعت سميت ڪنهن
مريد جي دعوت تي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ٻه هندو
عورتون جي حُسن ۽ سونهن ۾ لاثاني هيون، شاهه عثمان
جي آڏو اچي لنگهيون. پاڻ ڏسي فرمايائون ته سبحان
الله! هي ته قدرت جي باغ جا ڪهڙا نه سهڻا گل آهن!
عورتن جي ڪنن تي درويش جو جڏهن اهو آواز پهتو،
تڏهن هڪدم ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي پيون.
ٻي دفعي جو واقعو آهي ته هڪ شخص اچي عرض ڪيو ته منهن جي
زال انڌي ۽ سُنڍ آهي. دعا ڪريو ته پٽ ڄمي ۽ اکين
کانبه سڄي ٿئي. شاهه عثمان اُنهي سوالي کي پاڻي
تي پڙهي دم ڪري ڏنو، جنهن مان هن شخص ڪجهه پنهنجي
زال کي پياريو ۽ ڪجهه مان اکين تي ڇنڊا هنيائين.
الله تعاليٰ جي قدرت سان هو مائي اکين کان سڄي ٿي
پئي ۽ کيس هڪ حمل سان ٻه جاڙا پٽ ڄاوا!!
شاهه عثمان ڏاڍو سخي ۽ دريا دل درويش هوندو هو. خاص
طرح رجب جو سمورو مهينو عام خلق کي تمام وڏي انداز
۾ کاڌو کارائيندو ۽ 27 رجب تي هڪ وڏي دعوت ڪندو
هو، جنهن ۾ جدا جدا نمونن جا طعام تيار ٿيندا
هوا.
ايترين خوبين وارو هي خدا تعاليٰ جو ٻانهو رجب سن 663هه
۾ 73 سالن جي ڄمار ۾ هن دنيا فاني مان وفات ڪري
ويو. فراشنجي ڳوٺ ۾ ئي دفن ڪيو ويو. (رساله سوانح
حيات شاهه عثمان قلمي)
هن وقت اهو ڳوٺ تعلقه سکر ۾ آهي.
شاهه عثمان جي اولاد تمام گهڻي انداز ۾ موجود آحي، جن
کي پيرزادو ڪوٺيو ويندو آهي.
سرڪاري لکپڙهه ۾ انهيءَ ديهه جو نالو به شاهه عثمان
ديهه آهي، جتي هندو يا مسلمان زميندار، تماڪ جي
پوک ادب ڪري بلڪل نه پوکيندا آهن ۽ شاهه عثمان جي
اولاد مان پوءِ کڻي ڪهڙو به اڻ پڙهيل هجي ته به
هرگز تماڪ ڪونه ڇڪيندا آهن.
304- مخدوم صدرالدين فراش
مخدوم صدرالدين ولد شاهه عثمان فراشي – سلسله نسب
ابولهب سان ملي ٿو. سندس ولادت شعبان 630هه ۾ ٿي.،
پنهنجي والد بزرگ شاه عثمان جي وفات کان پوءِ
سندس جاءِ تي سجاده نشين ٿي رشد ارشاد ۽ خلق جي
هدايت ۾ مشغول رهيو. هو ظاهري علمن جو به تمام وڏو
عالم هو ۽ باطني علوم جو وڏو فياض هو. ڪشف ڪرامت
جو مالڪ هو. سوين سنڌي سندس فيض صحبت مان بهره ياب
ٿيندا رهيا.
هن صاحب جي ڪرامتن مان هڪ واقعو آهي ته پاڻ هڪ دفعي
ڪنهن ٻير جي وڻ هيٺان ويٺا هوا ته مٿان هڪ عورت
پير تي چڙهي هن کي ڌوڻي رهي هئي. مخدوم صدرالدين
مٿي ڏسي فرمايو ته تون ته مردن وانگي ٻير ڌوڻي رهي
آهين،تنهن ڪري تون مرد آهين. عورت اهي لفظ ٻڌي
انڪار ڪندي چيوته نه سائين مان زال آهيان. مخدوم
صاحب فرمايو ته نه! تون مرد آهين. عورت ٻير تان
لٿي ته هو برابر مرد ٿي پئي. ولي خدا جي زبان مان
نڪتل لفظ نه گٿو. هن بزرگ جون ٻيون به ڪيتريون
ڪرامتون آهن، جيڪي عام ماڻهن وٽ مشهور آهن.
ماه شوال 683هه ۾ هن دنيا مان رحلت فرمايائين ۽ پنهنجي
والد جي مقبره ۾ دفن ڪيو ويو.
(رساله سوانح حيات شاهه عثمان فراشي قلمي)
305- مولوي محمد صديق نورنگ پوٽو
محمد ولد مخدوم عبدالرحمان سنڌي. سنڌ جي علمي ۽ صوفي
خاندان مخدوم نورنگ جي اولاد مان هڪ مشهور عالم ۽
صوفي بزرگ هو. رواجي علمن جي سنڌ ۾ تحصيل ڪري، ان
کان پوءِ بمبئي ۾ وڃي رهيو، جتي هن خاندان جا
ڪاٺياواڙي مريد به آهن. هي بزرگ پاڻ قادريه طريقي
پير سيد شهيدالدين عليه الرحمة جهنڊي واري جو مريد
هو. بمبئي ۾ علم جي اشاعت ۽ خصوصًا جهونن سنڌي
ڪتابن جي ڇاپڻ لاءِ هڪ ڇاپخانو مطبع حسيني نالي
قائم ڪيائين ۽ انهيءَ ڇاپخاني ۾ قرآن شريف جو سنڌي
ترجمو ڪري، ان تي مفصل حاشيه لکي 1295هه ۾ پهرين
ڇاپرايائين. اهو ترجمو قاضي عزيزالله متعلوي جي
طرز تي تمام ٿورو ڦيرڦار تحت لفظ جهوني سنڌي ۾
آهي. ترجمو ايڏو مقبول پيو جو سندس حياتي ۾ وري
دوباره 1312هه ۾ سه باره 1317۾ ڇپجي ظاهر ٿيو. هر
هڪ دفعي هندستان جي علمائن ترجمه لاءِ تقريظون ۽
تعريفون لکيون اهن جن مان مصنف جي علمي عزت ۽
قابليت ۽ عام علماء جو ساڻس اعتقاد جو پتو پوي ٿو.
حضرت استاذي حاجي حسن الله پاٽائي فرمائيندا هوا
ته پاڻ جڏهن پهرين دفعي حرمين جي سفر تي بمبئي جي
رستي کان 1293هه ۾ وڃي رهيا هوا تڏهن مولوي صديق
انهي ترجمي جو ڪم ڪري رهيو هو ۽ حاجي صاحب تي ڏاڍي
زور آندائين ته بمبئي ۾ رهي، ساڻس ان ڪم ۾ مدد
ڪري، مگر پاڻ انڪار ڪيائون. ڇو ته سنڌ ۾ حاجي صاحب
جي درس تدريس جو ڪم وڏي پئماني تي چالو هو.
1317هجري ۾ پوئين دفعي سندس حياتي ۾ جيڪو ترجمو
شائع ٿيو ان تي مرزا منير الدين نظامي جبلپوري
جيڪا تقريظي نظم لکي آهي، سا هيٺ ڏجي ٿي ته يادگار
طور قائم رهي.
ز مطلعش شده طالع چو ماه برکت خير
شده فروغ زهي صبح و شام سندهه
ز جود همت و فيض محمد صديق
پر است از مي عيش و سرور جام سندهه
چو ديد حضرة ممدوح از نگاه کرم
ز قصد چرخ برين شد بلند بام سندهه
تمام سنده ز فضل و کمال خالي بود
نبود هيچ کس مطلع از نام سندهه
زهمتيکه ممدوح با خدا بخشيد
نمود بذل توجه سوئي نظام سندهه
ز خرچ درهم و دينار کرد قرآن چاپ
بلند گشت ز فيض اش بدهر نام سندهه
براي مصرعه تاريخ او نظامي گفت
کلام پاک مترجم بحرف عام سندهه
1317
مولوي صديق نورنگ پوٽي اٽڪل سال 1319 ڌاري هن دنيا مان
وفات ڪري دارجاوداني ڏانهن لاڏاڻو فرمايو ۽ بمبئي
۾ ئي دفن ڪيو ويو. |