306- قاضي عبدالرحيم شڪارپوري
سنڌ جو شمالي علائقو دهلي کان ڇڄي جڏهن قنڌهار جي ماتحت
ٿيو، انهيءَ زماني ۾ شاهه زمان بادشاهه ولد احمد
شاهه ابدالي طرفان قاضي عبدالرحيم لودين شڪارپور
جو قاضي صدرالصدور ۽ امين مقرر ٿي آيو. هو هڪ وڏي
علم ۽ فضيلت جو مالڪ هو. انصاف ۽ عدالت سان شمالي
سنڌ کي مالا مال ڪري ڇڏيو. شاهه زمان پاران سندن
تقرري بابت، جيڪو پروانو صادر ٿيو، ان جو اختصار
هيٺئين ريت آهي.
آنکه بنا بر ظهور امانت و ديانت و حق شناسي سيادت پناهه
و فضيلت آگاه ملا عبدالرحيم لودين در اينوله برتبه
اميني و محڪمه الڪار شڪارپور سرفراز و ممتاز
فرموديم چنانچه بايد و شايد از فضل و دانش او سزد
و آيد بلوا زم امر مزبور و مراسم شغل مذکور
پرداخته همه اوقاف در محکمه شرعيه آنجا حاصر بوده
در اجر الي المودات شرعي و مسئله تسعير نرخ نامه
وغيره، که در اتفاق افتد لازمه سعي نموده از قرار
احڪام کتاب و شريعت رسالت پناهي در انعقاد امورات
قيام داشته باشند الخ 21 – شوال 1208هه
قاضي صاحب جي اخراجات لاءِ سرڪار پاران تنخواه مقرر
ڪانه هئي، پر شڪارپور ۽ سندس ماتحت ڳوٺن تي
سالاني اوڳڙ رکيل هئي، جا هندن مسلمانن کان سرڪار
پاران وصول ڪري قاضي صاحب کي پهچائي ويندي هئي، جا
ڪل رقم 333 آهي. اُن مان 70 روپيا شڪارپور جي هندن
۽ 70 رپيا مسلمانن کان ورتي ويندي هئي. قنڌهار
پاران شڪارپور جي حاڪم سردار محمد خان مهر سان ان
بابت به هڪ قبالو آهي، جنهن ۾ قاضي صاحب جي
اخراجات لاءِ تجويز ڪيل آهي. اُن وقت شهر جو مکي
نٿومل هندو هو، جنهن جا پڻ انهي اقرارنامي تي
دستخط آهن. اهو قبالو 14 رمضان 1210هه ۾ تحرير ڪيو
ويو آهي.
قاضي عبدالرحيم صاحب جن تي ؟ محڪمه شرعيه پاران جيڪي
فرائض مقرر ڪيل هوا، تن ۾ مقدمن جو نبيرو ۽ هندن
کان شرعي جزيو وٺڻ، اناج جا اگهه مقرر ڪرڻ، پنهنجن
ڪارندن پاران تور ماپ جي نگراني ڪرڻ ۽ ٻيا ڪم
هوا. جنهن ۾ شڪارپور جو شهر ۽ سندس گردنواحي
امروٽ، باگڙجي ۽ سکر، لکي ۽ ٻيا شهر اچي وڃن ٿا،
جن جو تفصيل هڪ قبالي ۾ ڏيکاريل آهي. سرڪار
پاران سالانه امداد کانسواءِ قاضي صاحب کي گوسڙجي
۽ مرزا پور، امروٽ جون جاگيرون به سرڪار پاران
امداد ٿيل هيون، اِهي سندس اولاد ۾ آخر تائين
رهنديون آيون مگر انگريزن جي راڄ کانپوءِ، سندن
پيش نه ڪرڻ سبب، اهي ضبط ٿي ويون.
قاضي عبدالرحيم پنهنجي فيصلن جو هڪ مجموعه فتاويٰ جي
صورت ۾ ڇڏي 9 شعبان 1245هه ۾ وفات فرمائي ويو ۽
شڪارپور ۾ دفن ٿيو. (ڪاغذات ڪتبخانه قاضي بهادر
شاهه)
307- قاضي عبدالنبي شڪارپوري
عبدالنبي ولد سيد قاضي عبدالرحيم لودين هن بزرگ جي
ولادت شڪارپور سنڌ ۾ ٿي ۽ پنهنجي والد وٽ رواجي
علومن جي تحصيل ڪري، وڏي ڪماليت ۽ فضيلت جو مالڪ
ٿيو ۽ والد جي وفات کان پوءِ شهر شڪارپور ۽ سندس
گرد نواح جو قاضي مقرر ٿيو ۽ بادشاهه محمود ولد
شاهه زمان ابدالي قنڌهاري سندس مقرري جو پروانو
موڪليو ۽ ان کان پوءِ شاهه شجاع الملڪ به سندس
مقرري بحال رکي، مگر ان وچ ۾ افغانستان ۽ سنڌ جي
بادشاهتن ۾ انگريزن جي اچڻ ڪري وڏو تفرقو پئجي ويو
هو ۽ شجاع الملڪ قنڌهار جي تخت تان تڙجي ويو ۽ سنڌ
مان مير رستم جي طاقت کي ختم ڪيو ويو. اهو سڀ
ڪجهه قاضي عبدالنبي جي سامهون ٿيندو رهيو، مگر ان
هوندي به قاضي صاحب پنهننجي عهدي تي بحال رهيو.
ڇاڪاڻ جو شروع ۾ انگريزن جي اهائي پاليسي هئي جو
ملڪي معاملات کي اصلي حالت تي هلائيندي هوريان
هوريان اُن ۾ ڦير ڦار ڪندا آيا. شڪارپور کي جڏهن
ضلعو مقرر ڪيو ويو ۽ اُتي لفٽيننٽ ڊگسن ڊپٽي
ڪليڪٽر مقرر ٿي آيو، تڏهن قاضي صاحب کي هڪ خط لکيو
ويو، جنهن جو اختصار هيٺين ريت آهي.
بنام فضليت پناهه، شرافت دستگاه قاضي عبدالنبي مسرور
باشند آنکه تمامي کاغذات بيع نامهائي و گروي
نامهائي از معرفت مختيار کار شکارپور نزد شما
خواهد رسيد، بايد که همگي کاغذات مذکوره در دفتر
خود نگاه ه داشته باشند و بموجب دستور لوا زمانه
حق بگيرندکه حضور انور کاغذات صدر بايشان سپرد
نموده است. درين باب قد غن رانند – 10 اپريل 1852
انگريزن سنڌ تي 1843ع ۾ قبضو ڪيو. ان کان 9 سال پوءِ به
اسلامي حڪومت وارن قاضين کي دستاويزن تي دستخط ڪرڻ
۽ مهر هڻڻ جا اختيارات هوا. ڪاغذ شروع ۾ اگرچه
ڊپٽي ڪليڪٽر وٽ وڃن ٿا، مگر تيستائين هو ڪارگر نه
آهن، جيستائين قاضي عبدالنبي مهراڻو لوازمو حاصل
ڪري مٿن دستخط نه ٿو ڪري.
قاضي عبدالنبي هڪ وڏو ديندار بزرگ هو. شهر ۾ سندس وقت ۾
نماز جي سخت پاءِ بندي هئي. ڪوبه مسلمان نماز نه
پرهندو هو ته ان کي تعذير ڏنو ويندو هو ۽ سندس
شرعي فيصلي کي سڀ ڪو ماڻهو خوشي سان قبول ڪندو هو.
شڪارپور ۾ هڪ مشهور پهاڪو هوندو هو ته ”قاضي نبو
شهر جو ابو.“
هي صاحب فقه ۽ منطق جو وڏو عالم هو. بعض منطقي ڪتابن تي
سندس حواشي به آهي. جن مان سندس علمي جلاليت جو
قدر ڪري سگهجي ٿو.
هي بزرگ 15 صفر سن 1250هه ۾ هن دنيا جي ڌنڌن کان منهن
موڙي، آخرت واري آرام ڏيندڙ حويلي ۾ وڃي آسودو ٿيو
۽ پنهنجي والد جي پهلو ۾ دفن ڪيو ويو.
308- قاضي محمود علامه ٺٽوي
وقت جو وڏو عالم فاضل، عباسي خاندان جو چمڪندڙ فرد
قاضي محمود علامه مرزا عيسيٰ ۽ مرزا احمد باقي
ترخان (922 کان 973هه) جو هم عصر ۽ مفتي هو. علمي
فضيلت ۾ هڪ بي نظير فاضل ۽ قاضي نعمت الله ثاني
علامه عباسي جي سوٽاڻ مان هو. علم ۽ فطضيلت هن
خاندان ۾ موروثي آيل هئي. علامه محمود ڪجهه وقت
ٺٽه ۾ پنهنجي خاندان مان علم حاصل ڪيو. ان کان
پوءِ مولانا عبدالخالق گيلاني جو علامه عبدالله
يزدي منطقي جو برک شاگرد هو. ان وٽ تحصيل ڪيائين.
مولانا گيلاني قندهار مان بکر اچي مير معصوم وٽ
رهيو. اتي درس ڏيندو رهيو. ان کان پوءِ ٺٽي ۾ اچي
ميرڪ جي مڪان ۾ مقيم ٿيو، ٺٽي جي وڏن وڏن فاضلن
کائن درس ورتو، جن مان هڪ قاضي محمود به آهي.
مير معصوم قاضي صاحب جي تعريف ۾ لکي ٿو ته:
”تعريف قاضي مذکور محتاج بيان نيست، چه بايد کرد که فضل
مراتب دانش ايشان از تعريف و توصيف مستغني است“
(معصومي)
قاضي محمود جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن جن مان تذڪرة
الاولياء جن ۾ اڪثر سنڌ جي ولين جو ذڪر آهي.
حاشيه متين (نحو) حاشيه زبده منطق ۽ ٻين درسي
ڪتابن تي حاشيه ۽ شرح آهن. (تحفت الڪرام)
مرزا عيسيٰ جي فوج جو قاضي ٿي گهڻوئي وقت ڪم ڪندو رهيو
۽ درس تدريس ۽ تصنيف جو به شغل جاري رکندو ايندو
هو.
اگرچه هو بزرگ پنهنجي علمي بلندي سبب شعر شاعري کان
گهڻو بلند هو، مگر ان هوندي به ڪڏهن ڪڏهن شاعري
ڏانهن به توجه فرمايو اٿس.
پيش لطف ايزدي تحصيل حاصل سعي ما است
امي را چوکند از علم خود صاحب کتاب
اگرچه سندس تاريخ وفات جو تعين معلوم نه ٿي سگهيو آهي،
مگر سندس معاصرن جي حالات مان ظاهر آهي ته هو ڏهين
صدي هجري جي رجالن مان آهي.
309- حبيب الله سنڌي نوشهرائي
موحد عالم فاضل حبيب الله سنڌي اصل تعلقه نوشهري فيروز
جي ڳوٺ کاهي جو رهاڪو، سنڌ جي مٽياري شهر ۾ علم جي
تحصيل ڪرڻ کان پوءِ مديني شريف هجرت ڪري وڃي مقيم
ٿيو. اتي جي علماءِ ڪرام کان حديث جون سندون حاصل
ڪيائين ۽ پڪو موحد ۽ بدعات جي بيخ ڪن ٿي رهيو.
سندس ننڍو ڀاءُ قاضي عثمان محمد شاهه به ڪجهه وقت
کان پوءِ مديني شريف ۾ پنهنجي ڀاءُ سان اچي
مليو، جنهن پڻ محدثانه ۽ موحدانه رنگ سندس صحبت ۾
اختيار ڪري، ان کان پوءِ سنڌ ۾ واپس اچي رهيو.
جنهن جو جدا ذڪر ڏنل آهي.
مرحوم حبيب الله مديني شريف ۾ ئي وڏي ڄمار کي رسي وفات
فرمائي. سندس وفات جو واقعو 16 رمضان المبارڪ سن
1238هه ۾ ٿي گذريو. جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو.
مدينه منوره ۾ شيخ حبيب سنڌي جي نالي سان مشهور
هو، لاولد فوت ٿيو، سندس ڀاءُ قاضي عثمان جي اولاد
مان سنڌ جو نامور حڪيم شمس الدين حيدرآباد ۾
ڪماليت جو مالڪ طبيب آهي.
310- ابوالعباس دائودي
ظاهري مذهب جو وڏو عالم فاضل، محدث هجري جي ٻئي صدي بني
عباس جي زماني ۾ منصوره سنڌ جو قاضي هو.
ظاهري مذهب ۾ هن جا تمام گهڻا ڪتاب لکيل آهن. سندس
تذڪره ياقوت حمدي ۽ ٻين تاريخ جي ڪتابن ۾ آيل آهن.
(البرهان دهلي)
311- ابن لاعرابي سنڌي
ابن الاعرابي بن زياد سنڌي، هي اصل سنڌي غلام زادو
آهي، جو ٻئي صدي هجري ۾ عباسين جي زماني ۾ سندس
والد بصري ۾ رهيو. هو عربي لغت جو تمام وڏو عالم
هو. وٽس هزارن ماڻهن عربي لغت سکي.
پروفيسر احمد امين مصري لکي ٿو تهِ
”ڪان ابن الاعربي علماء من العلامه اللعة و الادب و
الشعر“
(ضحي الاسلام)
يعني ته ابن الاعرابي لغت، ادب ۽ شعر جو هڪ وڏو جهنڊو
هو.، هن عربي لغت ۽ ادب ۾ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا
۽ وٽس تمام گهڻن ماڻهن، شاگردي جو شرف حاصل ڪيو.
جن مان ثقلب لغوي ۽ ابن السڪيت مشهور اهن. سندس
تصنيفات مان ڪتاب في السماء البئر و صفاتها، ڪتاب
في اسماء الخيل و انسا بها، ڪتاب الانواع وغيره.
(ضحي الاسلام)
312- مخدوم محمود فخرپوٽو کاهاني
ڏهين صدي جي زبردست عالمن مان مرزا شاهه حسن ارغون جو
معاصر هو. هو سنڌ مان طلب علم لاءِ هجرت ڪري،
هرات خراسان ۾ شيخ الاسلام علامه احمد تفتازاني
جي صحبت ۾ وڃي رهيو ۽ اُتي علومن مان بهره ور ٿيو.
شيخ الاسلام جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ هو وري سنڌ ۾ واپس
اچي پنهنجي ڳوٺ کاهان ۾ رهيو.
مير معصوم لکي ٿو ته:
”عالم رباني بوده انتشار علوم در ديار سند از و شد و
صاحب علم ظاهر و باطن بوده“
ظاهري علم سان باطني علم جي ڪماليت به هرات مان ڪري
موٽيو هو. رستي ۾ ايندي، هن وٽان ڪيتريون ڪرامتون
ظاهر ٿينديون رهيون. چون ٿا ته هن جي حضرت خصر
عليه السلام (روحانيت) سان ملاقات ٿيندي رهندي
هئي، تنهن ڪري جيڪو به طالب علم وٽس پڙهيو، سو
ارجمندي جي درجي تي پهتو. سنڌ ۾ هن جي وجود ڪري
علم پکڙيو.، سندس وڏن مشهور شاگردن مان قاضي ڏتو
سيوستاني آهي. جو مرزا شاهه حسن ارغون جو استاذ
۽ وڏو عالم هو.
(معصومي)
313- قاضي ڏتو سيوستاني
قاضي ڏتو ولد مخدوم شرف الدين ولد شيخ محمود سيوستاني،
مولانا محمود هڪ وڏو عالم ۽ متقي فاضل نامدار
روزگار ٿي گذريو هو. اهڙي طرح سندس فرزند شرف
الدين مخدوم راهو جي لقب سان هڪ وڏو نامور بزرگ
هو. سندس فرزند قاضي ڏتو، سنڌ جو مرزا شاهه حسن
پاران قاضي القضات مقرر ٿيو هو. هن ڪيترن ئي فاضلن
جي صحبت مان فيض پرايو.
ابتدائي علوم پنهنجي والد کان حاصل ڪري، ان کان پوءِ
علامه عبدالعزيز ابهري ۽ مخدوم محمود فخرپوٽي کان
علوم حاصل ڪيائين. حديث جو علم مخدوم بلال وٽ حاصل
ڪيائين.،هو فارسي عربي زبانن کان سواءِ ترڪي زبان
جو وڏو ماهر هو. سندس والد مخدوم راهو، هڪ وڏو
صاحب حال ۽ قال هو. سندس وفات بعد، هن جي وصيت
موجب سهروردي طريقي ۾ مخدوم بلال سان بيعت ڪئي
هوائين. هن بزرگ اُنهيءَ زماني ۾ جڏهن ڪتاب بلڪل
ناياب وندا هوا، قرآن جا تفسير مطالعي مان ڪڍيا
هوا.ڪن جو چوڻ آهي ته اڃان به زياده تفسير سندس
نظر مان گذريل هوا. هن جو حافظو ايڏو زبردست هو،
جو صفحن جا صفحا، ڪنهن به ڪتاب جا ياد پڙهندو
ويندو هو.
مرزا شاهه حسن ارغون سندس علميت تي عاشق هو، جنهن ڪري
وٽس ڪيترو وقت پڙهندو رهيو ۽ کيس پاڻ کان گهڻو ڪري
جدائي نه ڪندو هو. مرزا فرمائيندو هو ته علامه عمر
جارالله زمحشري جيڏو، وڏو عالم آهي.، مرزا صاحب
قاضي ڏتي جون تقريرون پنهنجي دستخط سان لکندو
ويندو هو. مير محمد معصوم لکي ٿو ته مان به علامه
قاضي صاحب جي خدمت مان درس ورتو آهي. مرزا شاهه
حسن ايڏو وڏو ادب ڪندو هو جو کيس استاذ يا مخدوم
سان نه سڏيندو هو ۽ ڏتي جي بجاءِ عثمان نالو رکيو
هوائينس.
هو علم جفر ۽ ٻين مشڪل علمن جو به وڏو عالم هو. سندس
وفات جي مقرر تاريخ معلوم نه ٿي سگهي، پر سندس
معاصرين مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته هو ڏهين صدي جي
وڏن عالمن مان ٿي گذريو آهي.
(معصومي تحفت الڪرام)
314- مخدوم رڪن الدين ٺٽوي
مخدوم رڪن الدين مشهور مخدوم، سندس نسب جو سلسلو سيدنا
ابوبڪر صديق سان وڃي ملي ٿو. هو هڪ وڏو عالم فاضل،
عابد، زاهد، جناب مخدوم بلال جي خليفن مان آهي.
هميشه عبادت، اطاعت ۽ وظيفن ۾ رهندو هو. تقويٰ ۽
طريقت جا طالبو هدايت جي راهه جا پانڌيئڙا سندس
مضبوط ارادتمندي ۾ ٻڌل هوندا هوا۽ سندس سلوڪ تي
سندس ڀروسو رهندو هو.
هو حديث جي علم جو وڏو عالم ۽ زماني جو يگانو فاضل هو.
سندس طبع شريف جي نتيجن مان حديث جو ڪتاب شرح
اربعين ۽ فقه ۾ شرح ڪيداني ۽ ٻيا به ڪيترائي
رسالا مشهور آهن.
جنهن زماني ۾ همايون بادشاهه سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيو هو،
تنهن زماني ۾ هن بزرگ وفات ڪئي.، اهو سال 949 هجري
هو، ٺٽي جي ڪوهه مڪلي تي دفن ڪيو ويو.
(معصومي)
315- مخدوم ميران ٺٽوي
مخدوم ميران ولد مولانا يعقوب، معقول ۽ منقول جي علمن
جو جامع ۽ مرزا شاهه حسن ارغون حاڪم سنڌ جو استاذ
هو. هن درس مان تمام گهڻا شاگرد فائدي وارا ٿي وڏن
درجن کي پهتا. سندس اولاد مان مشهور عالم فاضل
مخدوم جعفر بوبڪائي ٿي گذريو آهي، جنهن جو بيان
جدا ايندو.
مخدوم ميران ٺٽي ۾ وفات فرمائي ڪوه مڪلي تي دفن ڪيو
ويو. ”وارث الانبياء“ مان سندس سال وفات 949 هجري
حاصل ٿئي ٿو. (تحفه – معصومي – مقالات)
316- ميرڪ عبدالرحمان ٺٽوي
ميرڪ عبدالرحمان بن ميرڪ محمود شيخ الاسلام، هي بزرگ به
پنهنجي ڀاءُ ميرڪ عبدالوهاب وانگي علم، فن ۽ هنر،
سخاوت ۾ يگانو روزگار هو. سخاوت جو ايڏو صاحب هو
جو ٿوري آمدني هوندي به ايندر ويندڙ هميشه وٽس
عمدو طعام کائيندا ۽ خوش حال ٿي ويندا هوا. سندس
پويون زمانو مرزا محمد باقي ولد مرزا عيسيٰ ترخان
جو هو ۽ مخدوم باقي هڪ ظالم ۽ ڪنجوس هو، جنهن ڪري
کيس هميشه خطرو رهندو هو ته سندس حڪومت ۾ ڪو
انقلاب نه اچي وڃي.، هو شڪي مزاج ۽ وهمي ماڻهو هو،
جنهن ڪري ميرڪ عبدالرحمان ۽ سندس سوٽ ميرڪ
عبدالوهاب جي سخاوت کان ڏاڍو ڊپ رهندو هوس ته
متان ڪا مخفي سازش ڪري حڪومت جو تختو نه اونڌو
ڪري ڇڏين.
992 هجري ۾ سلطان جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه جي
دربار جو خاص نوڪر شاهه خواجه نالي حج جي سفر تان
موٽندي اچي ٺٽي ۾ ميرڪ عدبالرحمان جي گهر ۾ مهمان
ٿيو. ميرڪ پنهنجي عادت موجب، سندس ايڏي مهمان
نوازي ڪئي، جيئن هڪ امير ڪبير جي ڪرڻ گهرجي. شاهه
خواجه جڏهن ٺٽه مان بادشاهه جي درٻار ۾ پهتو تڏهن
ميرڪ ڏانهن سندس واکاڻ ۽ شڪريه جا خطوط
موڪليائين، جنهن ڪري مرزا محمد باقي کي شبهو
جاڳيو ته ميرڪ جا بادشاهي درٻار ۾ رسوخ ۽ تعلقات
ممڪن آهن ته مون تي حملي جو ڪارڻ ٿين، جنهن تي هو
ڊپ وچان ميرڪ عبدالرحمان کي عيد ڏينهن 991 پنهنجي
سوٽ سيد ميرڪ عبدالوهاب سان گڏ شربت شهادت جو
پيتائين.
(معصومي)
317- سيد حسين شاهه مراد شيرازي ٺٽوي
وقت جو ولي ڪامل، عالم عامل، سيد حسين بن سيد احمد بن
سيد محمد شيرازي ٺٽوي سندس ڏاڏو سيد محمد شيراز
مان هجرت ڪري سنڌ ۾ وارد ٿيو. شجره نسب هن بزرگ
جو هيٺين ريت آهي.
سيد حسين بن سيد احمد بن سيد محمد شيرازي بن سيد محمود
(متوفي 694) بن سيد ابو سعيد ابراهيم مڪي ( متوفي
645) بن سيد قاسم مڪي (متوفي 620) بن سيد هارون (
متوفي 532) بن سيد عقيل (متوفي 512) بن سييد
اسماعيل (متوفي 439) بن سيد علي (390) بن سيد جعفر
ثاني (متوفي 271) بن امام حسن عسکري بن امام نقي
بن امام محمد تقي بن امام علي رضا بن امام موسيٰ
ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام محمد باقر بن امام
علي زين العابدين بن امام سيدنا حسين بن سيد علي
ابن ابي طالب رضي الله تعاليٰ عنهم اجمعين.
سيد حسين صبح سج اڀرڻ ويل ٺٽه ۾ 12 ربيع الاول 831 هجري
۾ ڄام فتح خان سمه جي ايام حڪومت ۾ تولد ٿيو. قرة
اعين جي فقره مان سندس ولادت جو سال حاصل ٿئي ٿو.
جڏهن چئن سالن جي ڄمار کي پهتو تڏهن سندس والد
مدرسه ۾ تعليم لاءِ ويهاريو. مگر پهرين ڏينهن بسم
الله ۽ الحمد لله جي پڙهڻ کان پوءِ وڌيڪ علمن
حاصل ڪرڻ جي ضرورت ڪانه رهيس. هن مادرزاده عالم
۽ ولي تي سڀ ڪجهه کليل هو. ڏهن سالن جي ڄمار ۾
جامع مسجد ٺٽي جي ممبر تي قرآن ۽ حديث شريف مان
وعظ فرمايائين، جنهن جو عام تي ڏاڍو اثر پيو. سيد
حسين جي ولادت کان اڳ ۾ شيخ عيسيٰ ساموئي ۽ ٻين
ڪيترن ڪاملن پيشنگويون ڪيون هيون. انهي پيشنگوئي
جي بنياد تي ٺٽي جي مشهور عالم قاضي نعمت الله
عباسي پنهنجي نياڻي سيد احمد کي پرڻائي ڏني هئي.
سيد حسين اگرچه پويون فرزند هو، مگر ڪشف ڪرامت ۽
علمي صلاحيت سبب هوئي سڀ ۾ وڌيڪ نامور ۽ عام ماڻهو
جو مرجع بڻيو. سندس مجلس ۾ هميشه تفسير ۽ حديث جو
ذڪر اذڪار رهندو هو. سنت جو ايڏو تابع هو جو حضور
جن جي پيروي ۾ محلي واري مسجد ۾ هڪ صفو ٺهرايائين
جتي هڪ الله جي طالب مسڪينن جي ٽولي رهندي هئي جن
کي اصحاب صفه سڏيو ويندو هو ۽ انهن جي نگراني ۽
پرداخت سندس وڏي ڀاءُ سيد علي جي حوالي هوندي هئي
۽ پاڻ انهن فقيرن سان اچي ريهاڻيون ڪندا ۽گڏجي
ويهندا هوا، جيئن حضور رسول الله صلي الله عليه
وسلم جن مديني جي اصحاب صفه سان ڪندا هوا. سندس
عادت هوندي هئي جو سال ۾ هڪ دفعو پنهنجي سموري
املاڪ خيرات ڏئي دنيا جو ترڪ ڪندو هو. نماز تهجد
هڪ سؤ رڪعتون ادا ڪندو هو. هر هڪ وضو وقت ڏندڻ
ضرور ڏيندو هو. عام ماڻهن تي نظر پوڻ کان گهڻو
ڪري جهنڊ ۾ رهندو هو.، سندس جواني جي عروج جي
زماني ڄام نظام الدين سمون سنڌ جي عادل حاڪم جو
زمانو هو. هڪ دفعي برسات نه پوڻ ڪري قحط جو سخت
انديشو ٿي پيو. سيد صاحب ڏانهن ڄام نظام الدين
باران نماز لاءِ رجوع ڪيو. پاڻ شهرکان ٻاهرنڪري
دعا گهريائون ته بي پايان برسات شروع ٿي وئي.،
سندس وڏي ڀاءُ سيد علي کان نقل آهي ته سيد حسين
شاهه مراد هڪ رات تهجدجي نماز ۾ پڙهندي تمام گهڻو
وقت سجدي ۾ سر رکيو پيو هو، جڏهن پنهنجو مٿو مبارڪ
مٿي کنيائين ته عرض ڪيم ته ايڏي ڊگهي مدت اڄ ڇو
سجد يم هوا، فرمايائون ته سجدي ۾ جڏن سبحان ربي
الاعليٰ ٿي پڙهيم تڏهن جواب آيو ٿي ته لبيڪ يا
عبدي. انهيءَ جواب جي ايڏي ته لذت آئي ٿي جو دل
ئي نه ٿي گهريو ته ڪو مٿو مٿي کڻان.
سندس صحبت فيض مان هڪ هزار چار سؤ فقير مجاز خليفا ۽
ڪشف ڪرامت جا مالڪ ٿيا. سنڌ جي عادل بادشاهه ڄام
نظام الدين سمي مريد ٿيڻ لاءِ عرض ڪيو، مگر پاڻ
انڪار ڪندي فرمايائون ته دولتمندن سان اسان درويش
جي ڪهڙي نسبت آهي. ڄام کي وڌيڪ ارشاد ڪيائون ته
ملڪ جو گشت ڪري مظلومن جي فرياد ٻڌ ۽ مخلوقات سان
انصاف ۽ عدل ڪري الله تعاليٰ کي راضي رک. حديث ۾
ارشاد آهي ته ڪلڪم راع و ڪلڪم مسئول عن رعيت.
اوهان مان هرهڪ رعيت جو مالڪ آهي ۽ هر هڪ کان سندس
رعيت بابت پڇا ڪئي ويندي. وڌيڪ فرمايائينس ته
تخلقوابا اخلاق الله – الله تعاليٰ جي عادتن
جهڙيون عادتون ڌاريو.
نقل آهي ته سندن محلي واري مسجد سان لڳو لڳ هندن جو هڪ
مندر يعني بت خانه هو، نماز جي وقت تي هندو پوڄاري
گهنڊ گهڙيال وڄائيندا هوا، جنهن ڪري نماز ۾ خلل
پيدا ٿيندو هو. جماعت جي فقيرن سيد صاحب سان ان
جي شڪايت ڪئي. پاڻ حڪم ڪيائون ته انهيءَ جاءِ تان
مندر بند ڪرايو وڃي، هيڏي سيد صاحب جو اهو حڪم
نڪتو، هوڏانهن وري ڄام نظام الدين کي مندر جي
عبادت خانه ۾ دست اندازي جي دانهن. ڄام صاحب
پنهنجي خزانچي ديوان لکسير ۽ پنهنجي ڀاڻيجي ۽
ناٺي ڄام مارکه کي موڪليو ته سيد صاحب کان وڃي
تحقيقات ڪريو ته ڇا ٿيو آهي ۽ جڏهن هي ٻئي صاحب
خدمت ۾ حاضر ٿيا تڏهن ڄام مارکه تي ته ايترو اثر
ٿيو جو هڪ نظر سان دنيا جي اسبابن کي ترڪ ڪري
تارڪ دنيا ۽ صاحب دل بڻجي ويو. لکسير خزانچي عرض
ڪيوته هن مندر جي بدلي جاءِ ڏيو ته اتي مندر
اڏايو وڃي ۽ منهنجي پٽ کي دعا ڪريو ته قيامت
تائين سندس نالي قائم رهي. سيد صاحب اهي ٻئي
ڳالهيون قبول ڪيون. مندر لاءِ جدا زمين ڏني وئي ۽
لکسير خزانچي جي پٽ مولي کي ناموري لاءِ دعا ڪئي
وئي جو اڄ تائين مولي ٺٽيءَ جو محله نگر ۾ مشهور
آهي.
ڄام مارکه هڪ ڏينهن هڪ وڻ هيٺان ويٺو هو اتي ڏٺائين ته
سون جي نهر وهي رهي آهي، اٿيو جو ته ان تي مٽي
هارڻ لڳو. سيد صاحب کي جڏهن اها سڌ پئي تڏهن مارکه
جي بجاءِ سندس نالو الڀو يعني بي طمع رکيائين،
جو اڄ تائين انهيءَ نالي سان مشهور آهي. هڪ ڏينهن
سيد صاحب مسجد صفه ۾ دنيا جي قنائيت تي واعظ
فرمائيندو رهيو:
فمن ڪان يرجوا لقاء ربه فليعمل عملاً صالحاً.
يعني جنهن کي الله جي ديدار جي اميد آهي ته اهو ضرور
نيڪ عمل ڪري ۽ الله جي بندگي ۾ ٻئي ڪنهن کي به
شريڪ نه ڪري. ان آيت شريف جو تفسيل ڪري رهيا هوا
ته انهي ڏينهن تي ٿورو بخار ۽ مٿي جو سور ٿين، جو
اهو ڊگهو ٿيندو رهيو. آخر پهرين ربيع الاول سن
893هه ۾ سومر ڏينهن ظهر جي وقت هن دنيا فاني مان
لاڏاڻو فرمائي، هميشه واري جهان ڏانهن سڌارجي
ويا. ساجداً مخلصاًالله مان سندس وفات جو سال نڪري
ٿو.
سندن وفات کان پوءِ ڪنهن ڪامل شخص ڪشف جي مالڪ خواب ڏٺو
ته رسول الله صلي الله عليه وسلم مسجد ۾ ويٺا
آهن، جتي سيد شيخ عبدالقادر جيلاني ۽ سيد حسين
شاهه مراد موجود هوا، پاڻ فرمايائون ته هي منهنجي
اولاد مان ڏاڍا چڱا ماڻهو آهن جو منهنجي سنت تي
قائم رهندا آهن، مگر سيد حسين هر هڪ قول ۽ فعل ۾
منهنجي تابعداري ۾ سڀ کان وڌيڪ رهيو آهي.
سيد صاحٻ وفات کان پوءِ پنهنجي پوئتان 3 فرزند ڇڏيا.
(1) سيد منصور (2) سيد نعمت الله (3) سيد حماد.
سندن پٺيان سيد منصور گادي تي ويٺو ۽ سندس جنازه
نماز به انهيءَ فرزندپڙهائي. سندس جنازه سان ايڏو
انبوهه خلق جو اچي شريڪ ٿيو، جو ڪيترا هندو اها
حالت ڏسي، اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي ويا.
هن وقت انهيءَ شيرازي خاندان جا سادات ٺٽي ۾ موجود آهن،
مگر هو عام طرح سنڌي سيدن وانگي شيعي مذهب ڏانهن
لاڙو رکندڙ آهن. هوڏانهن هنن جا وڏا بزرگ مضبوط
رنگ ۾ اهل سنت جماعت جا پيرو هوا. جيئن جو سيد
شاهه مراد جي مفلوظات ۾ آهي، جو پاڻ عقيدي بابت
فرمائين ٿا: ياران او صلي الله عليه وسلم
بزرگواران امت اند، چهار يار با صفائي وي فاضل
ترين از ديگران – بعد از ايشان عشره مبشره، بعد
ازان اهل بدر، بعد ازيشان اهل اَحد وغيره. خليفه
اول ابوبکر صديق، بعد وي عمر، بعد وي عثمان، بعد
از وي علي مرتضيٰ رح.
(معارف الانوار)
هن جو محي الدين ابن عربي ۽ ٻين صوفين وانگر هي به
عقيدو هو ته، الله تعاليٰ ڪافر کي به معاف ڪري
سگهي ٿو، جيئن ته سندس مقولو آهي ته:
”پروردگار تعاليٰ کفر را به بندگان به بخشد“
(معارف الانوار از محمد صالح بن زکريا ٺٽوي) |