سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٻيو)

 

صفحو :6

176- سيد عبدالواسع بکري

        عبدالواسع بن عبدالملڪ بکري، هي بزرگ پنهنجي والد سان گڏ بکر (سنڌ) مان علاوء الدين شاهه بادشاهه جي گهرائڻ تي دهلي آيو هو. پنهنجي والد جي شهادت کانپوءِ دهلي  مان  هجرت ڪري، سرهند شريف ۾ اچي مقيم ٿيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين ۽ مقبرو به اُتي ئي آهي. قطعه تاريخ از مفتي غلام سرور لاهوري.

عبدالواسع سيد هر دوسريٰ- مقتدا و رهنما و متقي

شمع عشق و صال پاک او -  باز فرما سيد مخلص ولي

        880                              880

سيد عبدالواسع بکري جي پويان سيد عبدالخالق قادري طريقي جو  پير يادگار رهيو. هو سرهند مان نقل ڪري اچي لاهور ۾ رهيو. لاهور جي مشهور بزرگ سيد محمود حضوري (متوفي 942) جي دامادي ۽ مريدي جو شرف حاصل ٿيس. لاهور ۾ هڪ وڏو تلاءُ ٺهرايائين جتان مريض غسل ڪري شفاياب ٿيندا هوا. هن بزرگ سن 907 هجري ۾ وفات فرمائي. (گنج تاريخ از غلام سرور لاهوري)

 

 

177- سيد عبدالله بکري

        سيد عبدالله بن سيد اسد الله بکري، سيد قطب الدين بکري جي اولاد مان چشتي طريقي جو پير ۽ وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. بکر جي قلعي مان هن وقت به  سيد قطب الدين يا شاهه قطب جي مزار مبارڪ موجود آهي. سيد عبدالله جو ساڻس هيٺئين ريت سلسله نسب ڳنڍجي ٿو.

        عبدالله بن سيد اسد الله بن سيد برهان الدين  بن سيد عبداحمان بن سيد خواجه محمد جان بن سيد محمد سمعان بن سيد منصور بن سيد قطب الدين بکري.

        سيد عبدالله صاحب مغليه سلطنت واري زماني ۾ بکر مان سير سياحت جي ارادي سان هندستان جو سفر ڪندي، بهار پرڳڻي ۾ اچي  وارد ٿيو ۽ مخدوم الملڪ سيد شرف الدين احمد بهاري جي درگاهه تي اچي مقيم ٿيو. ۽ اتي ڪشف طور روحاني ارشاد ٿيس ته هن ملڪ ۾ رهي پوي.

        درگاهه تان روانو ٿي جهنگل ۾ هڪ تلاءَ تي بيٺل وڻ هيٺان توڪل ڪري ويهي رهيو، جنهن کان پوءِ ڪيترائي معتقد ۽ مخلص ماڻهو سندس چو طرف گڏ ٿيڻ لڳا. عام ماڻهن جو هڪ وڏو هجوم ٿيڻ لڳو.

        سيد اسد الله سندس والد جو هن جي جدائي ۾ سخت پريشان هو. آخر اهو صاحب پنهجي بي بي سميت پنهنجي فرزند جي ڳولا ۾ نڪتو جو آخر هن کي بهار پرڳڻي جي انهيءَ ڳوٺ ۾ اچي مليا، جتي هن  صاحب پنهجي درگاهه جو بنياد رکيو هو. هن وقت انهيءَ ڳوٺ جو نالو ”شيخپوره سيدان“ سان مشهور آهي. هن وقت به سيد صاحب جو اولاد  سجاده نشين ۽ جاگيردار آهي. بکري سادات جي نالي سان شهرت جو مالڪ آهي.  (رساله صوفي 1924)

 

178- سيد علي سيوستاني

        هي بزرگ اصل شيراز جو رهاڪو مخدوم شهباز قلندر جي سفر جي ساٿين مان آهي. جو اخيردم تائين ساڻس رهندو آيو. چون ٿا ته هو اميرانه زندگي گذاريندو هو ته اوچتو جذبي محبت الاهي پيدا ٿيس. مخدوم لعل شهباز جي سنگت  ۾ رهي سيوهڻ ۾ اچي رهيو. هو شيخ علي بغدادي کان پوءِ ٻئي نمبر ۾ شهباز جو خليفو هو. شيخ علي پنهنجي حياتي ۾ ئي، اُهي سڀ شيون  سپرد ڪيون، جيڪي سهروردي قلندري طريقي ۾ فقيرن سان لاڳو رهنديون آهن.

        شيخ علي بغدادي جي وفات 687 کانپوءِ هي بزرگ فقيرن جي سنڀال ۽ ذڪر جي تلقين ڏيندو رهيو مگر پاڻ ساڳي صدي ۾ وفات ڪيائين ۽ لعل شهباز جي قبه جي اڀرندي کان کيس دفن ڪيو ويو. رحمت الله عليه (سير قلندري از خضر علي سيوستاني)

 

179- پير سيد محمد بقا شهيد لڪعلوي

         عارف ڪامل فاضل اجل سيد  محمد بقا لڪياري پير سيد حضرت محمد راشد روضي ڌڻي رحمت الله عليه جو والد ۽ راشدي خاندان جو مورث اعليٰ. سندن وڏا لڪعلوي مان لڏي اچي سائدي (ديهه گاگڙي هاڻي تعلقه گمبٽ) ۾ مقيم ٿيا. ان کان پوءِ سيد صاحب پنهنجن عزيزن کان جدا ٿي، رحيم ڏني  ڪلهوڙي جي ڳوٺ ديهه فريد آباد ۾ اچي ويٺو.

        (رحيم ڏني ڪلهوڙي جي نياڻيءَ جي اولاد مان ڳڙهي ياسين تعلقه ۾ وڏيرن  جو خاندان آهي، جن جون اڃا تائين راشدي خاندان سان مائٽيون آهن).

        رحيم ڏني ڪلهوڙي جي ڳوٺ ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ پير صاحب جناب مخدوم اسماعيل پريالوءِ واري سان نقشبندي طريقي  ۾ بيعت ڪئي ۽ سندن سلسلو هيٺئين ريت امام رباني مجدد الف ثاني سان وڃي رسي ٿو.

        پير سيد محمد بقا لڪياري مريد مخدوم اسماعيل (متوفي ) جو اهو خواجه جمال الله سنڌي جو اهو حافظ حاجي ايوب سنڌي جو  اهو مريد شيخ سعدي لاهوري جو اهو سيد آدم بنوري (متوفي) اهو حضرت امام رباني شيخ احمد مجدد الف ثاني جو.

        هڪ دفعي مخدوم اسماعيل رحه کيس فرمايو ته تنهنجي بيعت هڪ ٻئي بزرگ سان به ٿيڻ واري آهي هو تو وٽ مسافر ٿي اچي مقيم  ٿيندو ان کان  توکي فيض ۽ هدايت حاصل ٿيندا. پير صاحب عرض ڪيو ته ان جي سڃاڻپ جي ڪهڙي علامت آهي؟ مخدوم صاحب فرمايو ته هنجي سامهون ڪا مئل شئي زنده ٿي پوندي. پير محمد بقا وٽ مينهون هيون. جن تي پاڻ به گذران ڪندو هو ۽ مهمانن ۽ مريدن کي ماني کارائيندو هو. هڪ دفعي بغداد جو پير سيد عبدالقادر ثاني (متوفي 1190) سنڌ جو سفر ڪندو، روهڙي شريف ۾ موءِ مبارڪ جي زيارت لاءِ آيو ۽ ان کانپوءِ  پير محمد بقا جو مهمان ٿيو ۽ مرده کي زنده ڪرڻ واري علامت وٽانئس ڏسڻ ۾ آئي. جنهن کانپوءِ قادري طريقه  ۾ ساڻس بيعت ڪيائين.

        ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته هڪ ٻلي رستي ۾ پيل هئي، سا  سيد عبدالقادر بغدادي ثاني جي ٿڏي سان زنده ٿي پئي. گلزار قادري جي مصنف لکيو آهي، بغدادي پير صاحب کي مهماني ۾ مڇي تريل ۽ ماني ڏني ويئي، جنهن تي بغدادي صاحب فرمايو ته ميان محمد بقا مڇي ته جيئري آهي. اها ڪيئن کائڻ لاءِ آندي اٿَو.  عرض ڪيائين ته سائين مان ته ترائي کڻي آيو آهيان. پوءِ ڏٺو ويو ته مڇي جون ڪرڙيون ڦٿڪي ٻاهر ٿيڻ لڳيون. ان کانپوءِ حضرت محمد بقا صاحب به پنهنجي مرشد جي بيعت ۾ هم رڪاب ۽ هم سفر رهيو. آخر بغدادي پير صاحب ضلع جهنگ پنجاب جي ڳوٺ سڌانه ۾ اچي مقيم ٿيو. ۽ هميشه اتي رهڻ جو ارادو ڪيائين. جنهن کانپوءِ جڏهن پير  محمد بقا صاحب کانئس رخصت وٺي ڳوٺ موٽڻ لڳو، تڏهن مرشد صاحب فرمايس ته جڏهن واپس اچو تڏهن رام تڙ (روهڙي) جا ڏندڻ پاڻ سان آڻجو. جناب پير محمد بقا صاحب ڳوٺان ڪم ڪار لاهي دوباره مرشد جي ملاقات لاءِ روانو ٿيو. تڏهن پير ڪوٽ (سڌانه) جي ٻاهران)  ميلن پهچڻ وقت پنهنجي مرشد جي ڏندڻ  آڻڻ  وارو ارشاد ياد پيو، جنهن تي ڏاڍو افسوس ٿيس ته هاڻي مرشدن کي ڪهڙو جواب ڏيندس. آخر پڪو ارادو ڪري وري سنڌ ڏانهن واپس  وريو. ۽ هلندي هلندي اچي روهڙي وٽان ڏندڻ هٿ ڪيائين ۽ جنهن کانپوءِ منزلون طئه ڪندي آڻي مرشد جي خدمت ۾ حاضر ڪيائين.

        پير عبدالقادر ثاني ميان صاحب کي ڳلي لڳايو ۽ نهايت قرب ۽ محبت سان پيش آيو. ارشاد فرمايائين ته آئنده اوهان ۽ اوهان جي اولاد تان اسان ڏانهن سفر ڪرڻ معاف آهي. هي به ارشاد فرمايائين ته تنهنجي اولاد ۾ غوث ۽ قطب پيدا ٿيندا، جيئن ته ائين ٿيو. ان کان پوءِ پير ميان محمد بقا کي ڪجهه تبرڪات ڏئي سنڌ ڏانهن رخصت ڏنائون جنهن صاحب سنڌ ۾ رهي سوَن ماڻهن کي قادري ۽ نقشبندي طريقن تي فيض پهچايو.

        زندگي جو سمورو پويون حصو فقط مهمان نوازي ۽ ياد خدا ۾ گذاريندو رهيو.

        هڪ دفعي شيخ طيب جي قبرستان لڳ هڪ مسجد ۾ پٿر جي وڏن داڻن واري تسبيح ڦيرائي خاموش ذڪر ڪري رهيو هو. داڻن جو ٺهڪو يا کڙڪو بلند ٿي رهيو هو.  رستو ويندي ڪن چورن کڙڪو ٻڌي گمان ڪيو ته شايد ويران مسجد ۾ ڪو ماڻهو روپيا ڳڻي خزانو پوري رهيو آهي جنهن تي هن بزرگ تي بي خبري ۾ ڪاهي آيا ۽ کيس ترارن جا ڌڪ هڻي شهادت جي درجي تي پهچايائونس. مگر پوءِ ڏٺائون ته الله واري وٽ ڇا رکيو هو؟ ڪنهن شاعر سندس شهادت جو قطعه تاريخ هيٺئين ريت لکيو آهي:

چون سيد محمد بقا شد شهيد

حلاوت از رحمت الاهي چشيد

بسي بود نافع بهر خاص و عام

کزو زود طالب فدا شد رشيد

خرد سال تاريخ او در دلم

بگفتا بدرجه شهادت رسيد

1198

        پنهنجي پويان چار فرزند ڇڏي ويو. (1) سيد عبدالرسول شاهه (2) سيد ميان عبدالسليم شاهه (3) پير سيد محمد راشد شاهه صاحب (عرف روضي ڌڻي) (4) پير سيد علي مرتضيٰ شاهه صاحب.

 

180- پير سيد صبغت الله شاهه راشدي

        عالم فاضل صوفي ڪامل حافظ سيد صبغت الله ولي پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي عليه الرحمت. هي بزرگ حضرت روضي ڌڻي جي سڀني فرزندن ۾ وڏو فرزند ۽ سندن گادي نشين  ٿيو. ۽ انهيءَ کانپوءِ هن خاندان جي گادي نشين بزرگن تي پاڳاري جو لقب پيو.

        ظاهري علمن جي ختم ڪرڻ کانپوءِ نقشبندي ۽ قادري طريقه ۾ سلوڪ جون سموريون منزلون پنهنجي والد بزرگ جي خدمت ۾ ختم ڪيائين. والد بزرگ جي مٿس ايڏي مهرباني هئي جو عام مريد ۽ ٻيا ماڻهو  انهيءَ وقت ۾ ئي هن صاحب کي خليفت الله جي لقب سان سڏيندا هوا ۽ سندس بيحد ادب ڪندا هوا. سي جدا جدا ڀائرن ۾ ورهائجي ويا. مگر هن صاحب پنهنجي عقلمندي سان هڪ اهڙي سرفروش جماعت جو بنياد رکيو  جنهن تي سندس پوٽي جناب پير حزب الله شاهه صاحب جي زماني ۾ ”حرن“ جو لقب پيو.

        سفر يا حضر ۾  هن بزرگ جي عادت هئي ته مولانا روم جي مثنوي جا ڪي ٽڪرا پڙهي ان  جو ترجمو جماعت کي ٻڌائيندا ۽ تصوف جا نڪتا بيان ڪندا هوا. بعض وقتن تي قرآن ۽ حديث بيان فرمائي وعظ ڪندا هوا. اگرچه پنهنجي مائٽن جي رواج موجب  حنفي مذهب جو پابند هو مگر ان هوندي به ڪيترن مسئلن ۾ هنجو پنهنجو مجتهدانه رنگ هوندو هو. سندس زماني ۾ جي علمائن هن ڳالهه ۾ اختلاف پيدا ٿيل هو ته جمعه نماز کانپوءِ (آخر ظهر) اڳين جون چار رڪعتون پڙهجن، يا نه. گهڻن  حنفي عالمن جو خيال هو ته پڙهڻ گهرجن، ڇو ته جمعه  نماز ادا ڪرڻ لاءِ ضروري شرط آهي ته وڏو شهر هجي. ۽ ان ۾ حاڪم مسلمان، اسلامي حڪم به جاري رکندو اچي ته پوءِ جمعه فرض  ٿيندو. جيڪڏهن ائين نه هوندو ۽ پوءِ به  جمعه پڙهيو ويو ته اهڙي مشڪوڪ حالت ‎ ۾ ظهر جون فرض چار رڪعتون به پڙهجن.

        ان بابت سندن فتويٰ هئي ته خليفو يا مسلمان بادشاهه جو شرط غير ضروري آهي، تنهن ڪري جتي به اچي ته جمعه ادا ڪري ڇڏجي. سندس تحرير جي عبارت هيٺين ريت آهي:

        وجبت الجمعة اين ماڪان المصرالذي ورد في شانھ انا مدينة العلم وڪان الخليفة الذي ڪان في حقھ اني جاعل في الرض خليفة. وڪان الجماعة موجودا اعني مڪان الذي سمي بجمع الجمع

(خزينت المعرفت)

        هن عبارت جو اصل مطلب هيٺين سوال مان نڪري ٿو. جو خليفه ملا حبيب الله هالائي کائون سوال ڪيو ته جمع ۾ خليفه جو شرط ڪيئن آهي. پاڻ فرمايائون ته انسان خدا جو خليفو آهي پوءِ جتي به جمعو ادا ڪري جائز آهي. خليفه گل محمد هالائي (مصنف ديوان گل) کي هڪ سوال جو جواب ڏيندي فرمايائون:

نماز آخر ظهر از شک عدم جواز جمعه مي خوانند. و عبادت شکي هيچ نيست و نماز آخر ظهر نيز هيچ نيست

(خزينت المعرفت)

        اصل ۾ آخر ظهر نماز جي غير ضروري هجڻ ۽ جمعه جي تعيين سان ٿيڻ جو قائل شروع ۾ خاندان جو باني، پير سائين روضي ڌڻي رحمت الله هوا. ان کانپوءِ اهو مسئلو هن جماعت ۾ مضبوط ٿيندو ويو.

        پير  سائين صبغة الله جماعت کي نماز پاڻ پڙهائيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻانگ به پاڻ  ڏيندو هو. هڪ دفعي صبح جي ٻانگ ڏيندي  ”اصلوات خير من النوم“ جو جملو چوڻ وسري ويو. پوءِ ڪنهن فقير ياد ڏياريو. مگر مجتهدانه رنگ ۾ جواب ڏيڻ فرمايائين ته جيڪا جماعت نوم يا ننڊ ۾ هجي، تنهن لاءِ اهو جملو ضروري آهي.  مگر جا جماعت هميشه سجاڳ آهي. تنهن لاءِ غير ضروري آهي. يعني ته فراموشي واري حالت ۾   به اها تاويل ڪئي وئي.

        نماز تراويح سمورو مهينو جماعت سان پڙهڻ ضروري نه سمجهندو هو. جيئن امام مالڪ رحه جو مذهب آهي. رمضان شريف جي پوئين ڏهي ۾ اعتڪاف ڪندو هو. ۽ جمعة الوداع جو هڪ خاص رنگ ۾ نظم و نثر ۾ خطبو پڙهندو هو. رمضان شريف جي مهيني ۾ سندس ڳوٺ ۾ ڪوبه مسلمان کليو کلايو نه کائي سگهندو هو. هڪ دفعه مير سهراب خان جو  نوڪر، پير ڳوٺ ۾ رمضان شريف ۾ کائي رهيو هو. جنهن کي جماعت جي فقيرن روڪيو هو مگر هن پرواهه نه ڪئي. ڇو ته حاڪم جو ماڻهو هو. پير صاحب کي اطلاع ڪيو ويو، جنهن ارشاد فرمايو، اسان کي  سراب جي عزت کان اسلام جي عزت وڌيڪ ڪرڻي آهي. ضرور مير جي نوڪر کي تعذير ڏنو وڃي، آخر هنجو منهن ڪارو ڪري، گڏهه تي چاڙهي شهر ۾ شهرت ڪئي وئي.

        ٽالپرن جو زمانو هو. هڪڙا حيدرآباد ته ٻيا خيرپور ۾ حڪمراني ڪري رهيا هئا. هوڏانهن پنجاب ۾ رنجيت سنگهه جو راڄ هو. انگريز  سڀني جي ڪمزوري مان فائدو وٺي، آهسته آهسته ملڪ ۾ پير کوڙيندو ويو ٿي. سکن جي ظلمن ڪري دهلي مان شاهه عبدالعزيز بن امام ولي الله دهلوي جهاد جي تحريڪ هلائي، جنهن جي وفات کان پوءِ سندس مجاهد مريد سيد احمد غازي بريلوي ۽ سندس ڀائٽيي مولانا اسماعيل شهيد، سکن سان جهاد ڪرڻ ۽ دهلي ۾ وري مضبوط اسلامي سلطنت قائم رڪڻ جي ارادي سان نڪتا. سفر ڪندي ۽ ڪهندي ڪهندي اچي پير ڳوٺ ۾ جناب  پير سيد صبغت الله شاهه جا مهمان بڻيا.  پير صاحب سندن مرحبا ڪئي ۽ مهمانيون ڪيون ۽ جماعت ۾  جهاد جو روح ڦوڪيو. ان وقت راڻي پور ۾ پير صالح شاهه پهريون سجاده نشين هو. ان وقت به سيد احمد  غازي ۽ پير صاحب گڏجي دعوت جهاد لاءِ آيا.

        مگر هن صاحب قبول نه ڪيو. مگر ان وقت هڪ سرويچ جماعت جو بنياد پوندو رهيو جا اڳتي هلي اسلامي سلطنت جي قيام جو ڪم ڏئي. انهيءَ ساڳي زماني ۾ رنجيت سنگهه سنڌ تي ڪاهڻ جو ارادو ڪيو. ٽالپرن ۾ مقابلي جو اصلي حوصلو ڪونه هو. جنهن ڪري رضاڪارانه نموني ۾ پير صبغت الله شاهه صاحب جماعت کي سکن ڪافرن سان جهاد لاءِ تيار ڪيو ۽ چوطرف دعوت ناما لکي، هنن کي الله جي  واٽ ۾ سر ڏيڻ لاءِ آماده ڪيو.

        انهيءَ سڏ تي لاڙ ملڪ مان هڪ معزز بلوچن جي ٽولي آئي، جا مال املاڪ اولاد تان آسرو کڻي اچي پهتي، جنهن تي پير صاحب جماعت کي فرمايو ته اوهان جهاد لاءِ جيڪو قدم کنيو آهي. ان جو ثواب اوهان کي الله تعاليٰ ڏيندو. ۽ پاڻ هنن کان ڏاڍا خوش ٿيا. مگر هنن جواب ۾ عرض ڪيو ته قبلا اسان کي ثواب جي سڌ ڪانه آهي. اسان ته آيا آهيون فقط اوهان جي قدمن ۾ قربان ٿيڻ. اگرچه انگريزن جي وچ ۾ پوڻ ڪري رنجيت جو رولو سنڌ تان تي ويو. مگر حرن جي جماعت جو  بنياد پئجي ويو. ان وقت ”فرق وارا“ ۽ سالم جماعت ۾ ورهايل ڪونه هوا. پر سمورا مريد هڪٻئي سان رلي ملي رهندا هوا. اهو فرق پوءِ جناب پير سيد حزب الله شاهه  صاحب جي  زماني ۾ پيدا ٿيو. هو بزرگ زماني جي معاملات کي منهن ڏيڻ سان گڏ عابد زاهد ۽ ذاڪر ۽ صاحب تلقين جو به زبردست هو. سيد احمد بريلوي جو هڪ زبردست روحانيت جو مالڪ صوفي هو. ۽ مولانا  اسماعيل شهيد سندس موحد مريدن مان هو. ان  بابت روايت آهي ته پير ڳوٺ ۾ رهڻ  وارن ڏينهن ۾ هڪ  دفعي پير سائين روضي  واري جي مقبري تي ٻئي ڄڻان گڏ هوا. اتي مولانا اسماعيل تي ايڏو توجهه وڌائون جو هو بزرگ عالم چوڻ لڳو ته ”زهي صدق ارادت ايشان و زهي مرشد کامل ايشان“

        دهلي جي مجاهد جماعت مان ڪي مسافر غلطي کان اولهه ڏانهن پير ڪري سمهيل هوا. جنهن تي ڪنهن فقير وڃي، پير سائين سان ڳالهه ڪئي ته  بي ادبي ڪن ٿا.  پاڻ فرمايائون ”الله جي واٽ ۾ جهاد لاءِ سر ڏيڻ هليا آهن، تنهن ڪري  هو مئلن ۾ داخل آهن ۽ مئل ماڻهو جا اولهه ڏانهن پير ٿين ته ان ۾ ڪو عيب ڪونه آهي.“ اگرچه روحانيت جو مالڪ ۽ روحانيت جي ذريعي فيض حاصل ڪرڻ جو قائل به هو مگر وفات ڪيل بزرگن تي نذر نياز ڏيڻ جو ڏاڍو مخالف هو. سندس ملفوظات شريف ۾ آهي:

        ”ناقل بلال فقير که روزي حضرت خليفة الله در وعظ احاديث بيان فرمودند که آن کسان که ماده گائو يا بزغاله يا غيره بطريق نذرانه به نيت اهل مقابر درگورستان ذبح مي کنند، کشننده وکشانيده يعني آهن مرد و مامور هردو کافر مطلق اند وبر خورندگان حرام ست

(خزينت المعرفت قلمي)

        صاحبزادگي جي زماني ۾ سنڌي، هندي، فارسي ۾ شعر به  چوندو هو. مگر پوءِ والد بزرگ جي منع فرمائڻ تي اهو شغل صفا ترڪ ڪري ڇڏيائون. فارسي ۾ مسڪين تخلص ڪندو هو، ۽ اهو ساڳيو تخلص سندس پوٽي پير حزب الله به اختيار ڪيو.

        فارسي ڪلام تمام ٿورو آهي. نموني طور هيٺ هڪ غزل ڏجي ٿو:

يار من در نقاب مي آيد – سر من در رکاب مي آيد

خواب آلوده بخت نو بيدار – نرگس نيم خواب مي آيد

هوس وصل هل رآني را – لن تراني جواب مي آيد

تشنگي صدف چون شود بسيار – بهر سقيش سحاب مي آيد

عاشق بيگناه را کشتن – دالبران را ثواب مي آيد

رونمودن به همچومن  مسکين – نازنين را حجاب مي آيد

 

        جناب پير صاحب وڏي ڄمار کي پهچي هيٺيان فرزند پوءِ تان ڇڏي وفات فرمائي ويو.

        (1) پير غلام مصطفيٰ شاهه (2) پير عبدالقادر شاهه (3) پير علي محمد شاهه (4) پير علي حيدر شاهه (5) پير شاهه مراد شاهه (6) پير مان علي ذوالفقار شاهه (7) پير علي گوهر شاهه (سجاده نشين).

        سندس وفات تي ڪيترن ئي شاعرن قطعات تاريخ ۽ مرثيا لکيا آهن. مگر  انهن مان سندس خليفه آخوند گل محمد هالائي جيڪي قطعات لکيا آهن. تن مان ڪجهه هيٺ درج ڪجن ٿا.

        قطعه تاريخ في القميه از خليفه گل محمد هالائي

غوث عالم رشد فياض ما کان کرم

کامل و اکمل مربي و مهدي و اعليٰ همم

صبغت الله پير مان آن محي دين احمدي

محي دلها ماصي عصيان و آثام اُمم

چون به امر ارجعي نقل مکان زين دار کرد

وائي واويلا زعالم خواست تا لوح و قلم

در بيان سال و صال از اسم پاک آن شفيع

صبغت الله زيب دلها گفته ام بيش و کم

         1246

ايضالھ که از هر مصرعه سال تاريخ حاصل مي شود

 

نائب دين خليفة الله خاص – خاص در بزم خاص، خاص الخاص

حق نما با حقيقت حق بود – بحق از خلق غير حق بزدود

کرد صورت مثال ظهور – بي مثل از ته ظلال نور

چون شد ازظل باز سوئي اصل – رفت از اصل سوي اصل الاصل

من هاتف شديم در سر سال – در جواب و سوال، قيل و قال

او بما گفت مابوي گفتيم – حد تاريخ را در سفتيم

گفتمش بود شمع انجم خلق – گفت جامع رشيد در دل فرق

                1246                          1246

گفتمش بود بحر اعظم جود – گفت وه خوش دل و کريم وجود

1246                  1246

گفتم اين فرد با فتوت بود – گفت هئي آن علي سخاوت بود

1246                  1246

گفتم او بدر پير ضياء وجود – قال قد شاع شمس يوم شهود

1246                  1246

 

گفتمش مهدي چه خوب مثال – قال لي ڪان ذاتھ  لازال

1246                  1246

گفتش مظهر کمال هدا – گفت وه روشن جمال خدا

1246                          1246         

گفتمش زيب در طريقت شد -  گفت حق بود در حقيقت شد

1246                          1246

فتم آن مرشد بمع صفات – گفت هي هي وجود جامع ذات

1246                          1246

گفتم از رفعت صفاتي او – گفت حق وجود ذاتي او

1246                          1246

گفتم آن شرح از صفات حق – گفت وي واحد بذات حق

1246                          1246

گفتم از اسم در مثل چون شد – گفت بالله ذات بيچون شد

1246                          1246

چون گذشت از فهوم عام کلام – ختم شد والسلام والاکرام

 

181- قاضي عنايت الله متعلوي

        عالم فاضل فقيھ  عنايت الله بن محمود بن حاجي محمد سعيد. مخدوم فيروز ٺٽوي جي اولاد مان مٽارين ۾ 1276 سن ۾ ليلت البرات 15 شعبان جي تولد ٿيو. شروع ۾ قرآن شريف جي تعليم کان فارغ ٿي، قاضي محمد اسماعيل  (متوفي 1286)  ۽ قاضي عبدالحميد (متوفي 1305) مولانا محمد مقيم متعلوي فارسي جا علوم پڙهي فارغ ٿيو. عربي جا شروعاتي ڪتاب حافظ حاجي عبدالوالي متعلوي (متوفي 1312) وٽ صرف نحو جا ڪتاب پڙهيائين. تفسير قاضي حاجي عبدالواحد بن ابراهيم متعلوي وٽ. باقي علوم سمورا جامع العلوم مولانا مولوي محمد حسن مرحوم حيدرآباد (متوفي 1309) ۽ مولوي حاجي احمد علوي (متوفي 1341) جو پڻ ساڳي حيدرآباد واري مدرسه ۾ تعليم ڏيندو هو. اُتي فارغ ٿيو. ان کانپوءِ 1304 ۾ مڪه شريف جو سفر درپيش آيس. مڪه جي مدرسه هنديه ۾ سيد عبدالله (متوفي 1310) وٽ نوح جو مشهور ڪتاب الفيه ابن مالڪ ۽ ٻيا ڪتاب پڙهيائين. مڪه شريف جي مشهور صوفي عالم شيخ محمد مراد النقشبندي المجددي کان تصوف وغيره ڪتابن جي اجازت حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ مدينه منوره ۾ شيخ الدلائل سيد محمد حسين ۽ سيد محمد بن ظاهرالوطري الحنفي کان دلائل الخيرات جي اجازت حاصل ڪيائين. نقشبنديه طريقه ۾ پهريان شيخ ولي  محمد ملاڪاتيار واري جو مريد ٿيو. ان کان خط ڪتابت جي ذريعي شيخ محمد مظهر بن شيخ احمد سعيد مجددي مهاجر مڪي کان تصوف  ۽  اخلاق  ۾ علم جا فائدا حاصل ڪيائين. ظاهري علم پڙهائڻ کان وڌيڪ سندس  لاڙو ذڪر اشغال ڏانهن رهندو آيو. ۽ مٽيارين ۾ پنهنجي مشهور فاضل ۽ شاعر ڀاءُ قاضي هدايت الله سان گڏجي گذاريندو  ۽ ڪتابن جي مطالعه ۾ مشغول رهندو هو. بي نظير ڪتاب ۽ اعليٰ درجه جو خوشخط هو. عربي فارسي زبان ۾ بي ساخته مضمون لکڻ تي قدرت هوس.

        سموري  زندگي متوڪلانه گذاري 20 شوال المڪرم سن 1322 ۾ هن دنيا فاني مان رحلت فرمائي ويو.

(مسوده دستخط قاضي عنايت الله)

 

 

182- آخوند اميد علي سانوڻي هالائي

        عالم فاضل،  عامل شاعر نقشبندي طريقي جو صوفي آخوند اميد علي تخلص سها ولد حاجي عبدالله ملا سانوڻي، خواجه عبدالقيوم  مجددي قنڌهاري جي مريدن مان هڪ ڪامل شخص ٿي گذريو آهي.، گهڻو وقت حيدرآباد جي ٽالپرن وٽ گذاريندو هو. هو  سندس کلي دل سان خدمتون ڪندا رهندا هوا. علم جعفر ۽ عمليات ۽ علم تڪثير ۽ اعداد  جو وڏو ماهر هو. ۽ انهيءَ فن ۾ سندس دستخط هڪ رسالو به نظر مان گذريو آهي جنهن ۾ مستحصله نقش ڀرڻ جون واٽون ڏيکاريل آهن. هو فارسي جو  نهايت عمدو شاعر آهي ۽ تاريخي ماده ڪڍڻ جي فن ۾ هڪ بي مثل قابليت جو مالڪ هو.

        قصيده برده جو شرح فارسي نظم ۾ ٻن نمونن ۾ نهايت اعليٰ نموني ۾ ادا ڪيو اٿس. ان سان گڏ نثر ۾ به اُن جي هيٺ ترجمه ڏنل آهي، ته جيئن وڌيڪ وضاحت سان قصيده جو مطلب دل نشين ٿئي. هڪ شعر جو  نموني طور ترجمه هيٺ ڏجي ٿو.

فمالعينيک ان قلت اڪفنا همتا – ومالقلبک ان قلت استفق بهم

(1) چيست اين چشمانت راگريند گر گوئي بمان

ورهمي گوئي دلت را هوش کن گردديهم (پريشان)

(2) پس چيست چشم گريه کنان ترا اثر

گر گويمش که گريه مکن گريد او بهتر

باز اين دل تراچه رسيد ست آفتي

گويم بهوش شو شود هوش بيخبر

        سندس فارسي شعر جو نمونو هي آهي، حضرت عارف حاجي جن ۾ مناجات ۾ فرمائي ٿو:

خد اوندا دلم را زندگي ده

نکار نيکوئي فرخندگي ده

زبانم را بذکر خويش بکشا

بکا مم شکر شکرانه بفرسا

شب نااُميديم را صبح گردان

بفيروزي چو خورشيد درخشان

گل پزمرده از باد خزاني

بخندان از نسيم جاوداني

پنهنجي محبوبه جي نالي تي هيٺين نظم لکي اٿس:

بگوش هرکه رشدد همچومن ملامت عشق

زنده به تعبيه نام حسن به نو بت عشق

حقيقتي ست نهان در حقيقت صورت

خوشا حقيقت حسن است در حقيقت عشق

لبش چه لب که لب کوثر و لب حيوان است

مگر بيوسه شوم، خضر در طريقت  عشق

يقين که مفتئي عشاق مي دهد فتويٰ

بخون من بستم کيش در شريعت عشق

مرا بجا دوئي چشمانش رخنه درکار است

بيک نگاه دلم را ربود غيرت عشق

تبارک الله که دلبري پري پيکر

نهاد در دل ويرانه ام وديعت عشق

نوشت از سر هربيت نام موزونش

سها بشيفتگي نا مه وثيقت عشق

 

        هن فارسي جي خوشگو شاعر ۽ صوفي جو و صال 15- ربيع الاول سن 1298 ۾ ٿيو. سندس هڪ همعصر عزيز آخوند احمد هيٺين ريت قطعه تاريخ لکي آهي:

فرقت ياران عذاب  داغ دهد بردلي

نيست کسي را گذار خواه نبي و ولي

عابد و ساجد تمام – جاهد عقبيٰ مدام

خاصه با خلاق حق باسم اميد علي

بر دل او نقش است شاه قيوم الست

بود زخيل ڪرام شيخ مجدد ولي

بيک اجل چون رسيد گوش دل او شنيد

فا دخلوا جنات عدن شارب جام  ملي

1298

ماه ربيع لاولين پانزدهم يوم ثلث

(1)بود هزار دو صد و نود هشت تلي

سال وصالش بگوش گفت با احمد شروش

عابد و حافظ (2) وائي اميد علي

وهود خل بجنت السلام مان به سندس سال وفات ملي ٿو.

(از مسودات آخوند احمد هالائي)


(1)  مخفف تالي (2) اِتي هڪ حرف ڇڏيل آهي

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org