سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٻيو)

 

صفحو :3

145- خواجا عبدالرحمان مجددي ٽکڙائي رحه

        خواجه حضرت  حاجي عبدالرحمان ولد خواجه حاجي عبدالقيوم مجددي قندهاري رحه سن 1244هه قنڌار ۾ تولد ٿيو.، سن تميز کي پهچڻ کانپوءِ سمورا رواجي علم، قنڌار ۾ مختلف استادن وٽان حاصل ڪيائون ۽ نقشبندي جي طريقي، باطني ڪمالات، پنهنجي والد بزرگ جي خدمت ۾ تحصيل ڪيائون. والد بزرگ جي وفات سن 1271هه بعد پوري استقامت سان سندن رشد و ارشاد واري  مسند تي مقيم ٿيا.

        حضرت خواجه صاحب خلق محمدي جو پورو پورو مجسمو هو. تواضع، توڪل، صبر، رضا، خدمت خلق ۽ خلق خدائي، رحم سخاوت، تقويٰ طهارت ۽ شريعت تي استقامت ۽ ٻيون بهترين انساني وصفن جو مالڪ هو.

        پهرين دفعي پنهنجي سموري اهل و عيال سميت سن 1297هه ۾ قنڌار مان حرمين شريفين روانا ٿيا. پورا پنج سال انهيءَ مقدس ملڪ ۾ رهي پوءِ واپس ٿي جڏهن سنڌ ۾ پهتا، تڏهن ٽکڙ جي ساداتن جي تقاضا سان ٽکڙ ضلع حيدرآباد ۾ هميشه لاءِ اقامت ڪيائون ۽ اتي ئي خلق کي فيض بخشيندا رهيا. اگرچه سنڌ ۾ مريدن ۽ معتقدن وٽان کين بي شمار آمدني هئي. مگر پاڻ پنهنجي نفس جي ضرورت کان وڌيڪ ڪجهه به خرچ نه ڪندا هوا. خوراڪ پوشاڪ يا رهڻ جي  مڪان ۾ ڪوبه تڪلف يا تڪليف روا نه رکيائون. نهايت سادي نموني ۾ آخر تائين ڄمار گذاريندا رهيا. گهڻو ڪري پنهنجي آمدني  مسڪين ۽ ضرورتمند فقيرن ۽ عزيزن کي ڏئي ڇڏيندا هوا. ڪو ٿورو حصو پنهنجي اهل و عيال تي خرچ ڪندا هوا. سموري ڄمار، دنيا جي املاڪ يا  اسباب مان ڪجهه به ڪونه گڏ ڪيائون، فقط ڪتابن سان شوق هوندو هوَن، جتي به ڪو ناياب ڪتاب ٻڌندا هوا. ته قيمت سان اهو هٿ  ڪندا هوا. يا قلمي نسخي جو نقل ڪرائي وٺندا هوا.

        ڪتابن جي حڦاطت جو ڏاڍو خيال رکندا هوا، ۽ مطالعه جو شغل به رات ڏينهن جاري رهندو هو. پنهنجن فرزندن ۽ دوستن کي هميشه علم حاصل ڪرڻ جي نصيحت ۽ هدايت ڪندا رهندا هوا.

        حرمين شريفين جي سفر جو شوق دل ۾ هوندو هو. ڪل ست ڀيرا حج جو سفر ڪيائون. پنهنجي حال کي لڪائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪندا هوا.

        سندن مريدن مان جيڪڏهن ڪو ماڻهو روبرو يا خط جي ذريعي واکاڻ ڪندو هو ته اُن تي ڏاڍو ناراض ٿيندو هو.

        فقيرن ۽ مهمانن جي پنهنجي هٿن سان خدمت ڪرڻ ۽ تڏي تي ويهي رهڻ ۾ ڪوبه شرم يا آر محسوس نه ڪندا هئا. ايترين جهجهين وصفن ۽ اخلاقن وارو ولي خدا، 71 سالن جي ڄمار ۾ 2 ذي القعد سن 1325 ۾ جمعه ڏينهن هن بي بقا عالم کان اک پوري هميشه واري لقاءُ کي وڃي پهتو.

(تذڪره الصلحا و بيان الاتقياء)

        سندس فرزند خواجه محمد حسن جان مرحوم خواجه عبدالرحمان جي سوانح ۾ هڪ  مستقل ڪتاب انيس المريدين لکيو آهي، جنهن ۾ سندس اخلاق، عادات ۽ ڪرامات تفصيل سان بيان ڪيل آهن.

        حضرت خواجه صاحب جي وفات تي جن شاعرن تاريخي مرثيا لکيا آهن، تن مان علامه مرحوم سيد اسد الله شاهه ٽکڙائي جي تاريخ بي نظير آهي. جا هيٺ درج ڪجي ٿي.

وهو هذا

هاحزن   آن مطلع سرو رفت از جهان،

71     1315

واويلا هائي        رحلت کرد آن عين اليقين.

71             1315

پاک    امجد چارسازي       مقتدائي عارفان

71     1315                  1244

بوئي احمد     سروناز مرشد هر انس و جان

71              1315

پاکبازي زيب ده آن   اسرار گنج

بزم ايزد کامل دنيا و دين    فخر زمان

بود مهدي نائب شرع محمد حق شناس

 

زاهد و امجد به همين نو باده باغ جنان

 

بو ئي  دين بدر سمارشد صاحب عقل و فهم

 

مهبط اجراد ارحم خواجه سرهنديان

شد وجهي رضي الله عنھ طالبا

محو ابدي نيکنامي مخزن سرنهان

الم، واقف سرفرقان و نور عدل

کلي زهد فيض اعليٰ عطيه و  لا مکان

 

 

146- مخدوم امين محمد اول هالائي

        حضرت مخدوم نوح عليه الرحمة جو فرزند ۽ سندس سجاده نشين بزرگ مخدوم امين محمد هڪ صاحب شريعت ۽ صاحب طريقت ۽ ڪرامت هو. سندس ولادت باسعادت 5 ربيع الاول سن 952 ۾ ٿي ۽ سندس والد بزرگ مخدوم صاحب جو ارشاد آهي ته مخدوم امين محمد جي ولادت وقت مون کي ڪيترن پيغمبرن جي ارواحن وٽان روحانيت جي ذريعي مبارڪباد جا تحفا حاصل ٿيا.هن ذڪر اذڪار ۽ سهروردي طريقي جون سموريون منزلون پنهنجي والد بزرگ جي خدمت ۾ طئي ڪيون. جڏهن سندس ڄمار 46 سالن کي پهتي، تڏهن پنهنجي والد جي جاءِ تي سجادگي جي مسند تي ويهي ذڪر جي تلقين ڏيڻ لڳو.

        هي بزرگ ظاهر ۾ شريعت وج ايڏو پابند هو جو ڪنهن حالت ۾ شريعت جي ظاهري حڪمن جي برخلاف ڪونه ويندو هو.

        مخدوم صاحب جي حياتي ۾ مهمانن جي خدمت ۽ نگر جو سمورو ڪم سندس سنڀال ۾ هوندو هو. هڪ دفعي ذوالحج جي عيد ڏينهن ڪو  بزرگ مهمان ٿي جماعت ۾ شريڪ ٿيڻ وارو هو. مگر هن بزرگ غسل ڪرڻ لاءِ واهه جي ڪناري تي دير ڪئي. مخدوم صاحب ارشاد فرمايو ته  نماز پڙهڻ ۾ جلدي نه ڪجو جو  اڄ هڪ اهل الله جماعت ۾ شريڪ ٿيڻ وارو آهي. جڏهن هو اچي، جماعت ۾ چپ چاپ داخل ٿيو،تڏهن ارشاد ٿيو ته هاڻي آيو آهي. نماز شروع  ڪريو. عيد نماز کان پوءِ مخدوم صاحب پڇيو ته ماڻهو ڪيڏانهن ويا، عرض ڪيو ويو ته گهرن وارا پنهنجن گهرن ڏانهن ويا، باقي سمورن مسافرن ۽  ٻاهرين کي صاحبزاده  امين محمد گهر وٺي ويو جتي سڀني جي مهماني ڪئي اٿس. اُن تي مخدوم صاحب 3 دفعا فرمايو ته الله تعاليٰ خير ڪريس ۽ برڪت ڏئيس!

        عبدالرحيم خان خانان، جڏهن مرزا جاني بيگ جي جنگ لاءِ سنڌ ۾ پهتو تڏهن کيس چيو ويو ته مخدوم نوح تازو وفات ڪري ويو آهي. جيڪڏهن تون سندس معذرت لاءِ اڳ ۾ پهچندين ته تنهنجي فتح آهي. جيڪڏهن مرزا  جاني بيگ اڳ ۾ آيو ته پوءِ هو ڪامياب ٿيندو. جنهن تي خان خانان تمام جلد هالن ۾ مخدوم امين  محمد جي خدمت ۾ پهچي عذر  خواهي ۽ سنڌ جي فتح لاءِ دعا  گهري ۽ دربار اڪبري جون تمام گهڻيون سوکڙيون پيش ڪيون ۽ سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ اڪبر بادشاهه پاران جاگيرن جي عطيه جو هڪ پروانو به پيش ڪيو.

        مخدوم امين شريعت جو تمام گهڻو پابند هو ۽ هميشه مريدن ۽ دوستن کي حلال  کاڌي جو تاڪيد فرمائيندو هو.

        هڪ دفعي پنهنجي  ڪنهن مريد کي شهر کان ٻاهر ڪنهن ڪم لاءِ روانو ڪندي تاڪيد ڪيائينس ته انهيءَ ڳوٺ ۾ جتي تون وڃي رهيو آهين، اُتي چورن جون پاٿاريون آهن.، تنهن ڪري، انهن جي مهماني هرگز نه کائج ۽  نه انهن جو پاڻي پئج!

        اُهو فقير برابر 12 ڏينهن، انهن ماڻهن جي ڳوٺ ۾ رهيو پيو هو مگر ڪنهن جو  به نه کاڌائين ۽ نه پيتائين. جڏهن ڪم پورو ٿيس، تڏهن واپس اچي هالن ۾ روزو کوليائين!

        هڪ دفعي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو ڪم چيائون  مگر اُهو ماڻهو پنهنجي گهر جي لڏپلاڻ ۾ مشغول هو. ۽ مخدوم صاحب جي حڪم جي تعميل ۾ سستي ڪندي چيائين ته مان لڏپلاڻ ۾ لڳو پيو آهيان فراغت ئي ڪانه آهي. جنهن تي پاڻ فرمايائون ته اسان جو ڪم الله جي حوالي باقي اهو ماڻهو سو هميشه لاءِ لڏپلاڻ ۾ رهندو. پوءِ ڏٺو ويو ته اهو ماڻهو هميشه دربدر هوندو هو ۽ ٿورا ڏينهن به ڪنهن گهر ۾ آرام ڪري نه ويهندو هو.

        نقل آهي ته هڪ بزرگ سندس خدمت ۾ آيو ۽ دل ۾ وهم گذريس ته اڄوڪي زماني ۾ ”غوث“ الائي ڪير هوندو. مخدوم صاحب جواب ۾ فرمايو ته جنهن کي تون هٿ ڏئي رهيو آهين.

        (دليل الذاڪرين مسودات ڪتب خانه مخدوم غلام  حيدر صاحب)

        حضرت مخدوم امين محمد سورنهن سال ٻه مهينا سجاده نشيني تي رهي 63 سالن جي مسنون ڄمار کي پهچي جمعه ڏينهن ٻن پهرن جو ست شعبان المعظم سن 1015 وفات فرمائي. شرف الابرار مان سندس سال وفات حاصل ٿئي ٿو.

 

147- مخدوم ابو محمد هالائي

        حضرت ابو محمد ولد مخدوم امين محمد اول ولد مخدوم نوح عليه الرحمت هي بزرگ 9 محرم الحرام سن 980 پنهنجي ڏاڏي بزرگ جي حياتيءَ ۾ تولد ٿيو ۽ تصوف جو طريقو پنهنجي جد امجد ۽ پنهنجي والد بزرگ کان حاصل ڪيائين. پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ سجاده نشيني جا فرائض مٿس عائد ٿيا، جي بخوبي ادا ڪيائين، سندس هٿ تي ڪيترن بزرگن کي فيض ۽ ڪرامت حاصل ٿيو. جن مان شيخ هاشم ابن حماد هڪ مشهور بزرگ آهي. (جنهن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ اڳتي ايندو).

        مخدوم ابو محمد شريعت جو بيحد پابند هوندو هو. ڪشف جي ذريعي، ڪجه به معلوم ٿئي، اُن تي نه هلندو هو. هر حالت ۾ کيس شريعت جو لحاظ مقدم رهندو هو.

        روايت آهي ته درويش ٻڍو سهتو جو حضرت مخدوم معظم نوح عليه الرحمت جي مريدن مان هو، سو ٻهراڙي ۾ وڃي ماڻهن کان ، کير مکڻ زوري ڦري ماري فقيرن کي کارائيندو هو. جنهن تي حضرت ابو محمد کيس منع ڪئي ته ائين ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. فقير چيو ته هڪ ڏينهن حضور رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ڪچهري جو شرف نصيب ٿيو هوم جتي مخدوم معظم به موجود هو. مخدوم صاحب حضور صه جن کي عرض ڪيو ته هي فقير زوري ڪجهه کاڌو حاصل ڪري فقيرن کي کارائي ٿو، جنهن تي نبين جي سردار پنهنجو هٿ مبارڪ منهنجي هٿ ۾ ڏئي فرمايو ته جو ڪجهه ماڻهن کان وٺي فقيرن کي کارائي ٿو،ان ۾ به انهن ماڻهن جي ڀلائي آهي.

        حضرت ابو محمد فرمايو ته درويش ٻڍا اگرچه ائين آهي،  پر ان هوندي به توبهه ڪر. ڇو ته اسان کي ظاهر شريعت تي هلڻو آهي. جيڪي به تو ڏٺو، اُها هڪ جدا شئي آهي. جنهن کانپوءِ ٻڍي سهتي توبهه ڪئي ۽ زوري وٺڻ ڇڏي ڏنائين.

        حضرت مخدوم ابو محمد 35 سال ٽي مهينا سجاده نشين رهي، ستر سال، 9 مهينا، 29 ڏينهن جي ڄمار ۾ 8 ذي القعد سن 1050هه ۾ وفات فرمائي.

 

 

148- مخدوم ابراهيم هالائي

        مخدوم ابراهيم ولد حضرت مخدوم نوح ملقب به ادهم ثاني. هن بزرگ بابت تحفت الڪرام ۾ لکي ٿو ته:

        ”ميان ابراهيم بزرگ زمانه و معتقد عليه طائفه عليه بوده“ يعني مخدوم معظم جي اولاد مان، ميان ابراهيم زماني جو وڏو ماڻهو ۽ سهرورديه نوحيه جماعت جو معتقد عليه هو.

        هن بزرگ شروع زندگي جو وڏو حصو اعتڪاف ۽ چلن ۾ گذاريو. هڪ قبرستان ۾ جو آبادي کان تمام پري هو، برابر چار چلا ويٺو، جتي کائڻ پيئڻ جو ڪوبه سامان ڪونه هو. جنهن ڪري پورا 5 مهينا کاڌي پيتي جو محتاج نه ٿيو. روزو کولڻ وقت فقط پاڻي مان آڱر آلي ڪري زبان تي رکندو هو ۽ هڪ ٻه ترن جو داڻو کائي  روزي کولڻ سنت ادا ڪندو هو. فرمائيندو هو ته کاڌي پيتي جي نفس کي ضرورت ڪانه رهي آهي. فقط سنت جي لحاظ ڪري روزو کولجي ٿو. انهن  چئن چلن ۾ عالم ارواح ۽ ملائڪ وغيره وٽس حاضر ٿيا، مگر هنن ڏانهن ڪوبه توجهه نه ڪيائين. الله تعاليٰ جي ذڪر کانسواءِ، سندس زبان تي ڪجهه به جاري نه رهيو.

        هڪ دفعي پوئين چلي وقت، خوبصورت پري چهره عورتن جي هڪ وڏي ٽولي آئي. انهن کان  پڇيائين ته اوهان ڪير آهيو؟ هنن جواب ۾ چيو ته اسان اُهي زالون آهيون، جو پنهنجي مڙسن جي پوئتان ستي ٿي جيئري پاڻ کي باهه ۾ جلايو هيوسين. جڏهن ٻين جا ارواح اوهان جي ڏسڻ لاءِ اچڻ لڳا ته اسان کي به اشتياق ٿيو ته اوهان جي زيارت جو شرف حاصل ڪريون، جو  حاصل ڪيوسين.

        حضرت ابراهيم هميشه نماز جماعت سان ادا ڪندو هو پوئين وقت ۾ هميشه مسجد ۾ اعتڪاف ڪندو هو ته جيئن  باجماعت فوت نه ٿئي. حديث شريف ۾  آيو آهي ته جيڪو ماڻهو چاليهه ڏينهن جماعت سان نماز ادا ڪندو ته  منافقي کان پاڪ رهندو. انهيءَ قول تي سندس عمل هوندو هو.

        سادگي ۽ بي نفسي هن حد تائين منجهن هئي، جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي خادم جعفر نالي کي، ان جي ڀري ٻڌائڻ ۽ کڻڻ ۾ مدد ڪندا هوا ۽ فرمائيندو هو ته سموري ڄمار ۾ اهو ئي دنيا جو ڪم ڪيو اٿم.

        هڪ عيد جي موقعي تي گهر ۾ کاڌي لاءِ ڪجهه به ڪونه هو. جڏهن اهو پتو پيس تڏهن فرمايائين الحمد لله جو اها سنت به ادا ٿي، جو بعض وقتن حضرت رسالت پناهه جي گهر ۾ به عيد ڏينهن کاڌي لاءِ ڪجهه نه هوندو هو.

 (دليل الذاڪرين)

        مخدوم ابراهيم جي بزرگن ۾ ڪرامت جا  ٻيا به ڪيترائي چشم ديد واقعا مٿئين رساله ۾ آيل آهن. مگر هت طوالت سبب ڇڏيا وڃن ٿا. پننجي والد جي وفات کانپوءِ اگرچه گادي نشين سندن وڏو ڀاءُ مخدوم امين محمد هو. مگر جماعت جو فيض حاصل ڪرڻ لاءِ هن بزرگ ڏانهن رجوع رهندو هو. جيئن تحفة الڪرام ۾ لکيل آهي.

        سندس وفات يارهين صدي جي آخر ۾ ٿي آهي. رحمت الله عليه الرحمة واسعة

 

 

149- مخدوم جلال محمد هالائي

        حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي جليل القدر فرزندن مان هڪ بزرگ آهي، تحفت الڪرام  ۾ لکي ٿو ته:

        مخدوم جلال بايات بزرگي و سترگي محاسن کمال والا بي مهال زيستھ“

        يعني ته مخدوم جلال بزرگي ۽ ساراهيل نشانين ۽ بيشمار ڪماليت جي خوبين وارو هو. دليل الذاڪرين ۾ لکي ٿو ته هڪ دفعي، هڪ ماڻهو تي ٺٽه جي گورنر شاد خان ڳورو ڏنڊ وڌو، ويچارو ڏنڊ هلڪي ڪرائڻ جي لاءِ مخدوم جلال محمد کي حاڪم ڏانهن ميڙ وٺي ويو. مگر شاد خان مخدوم صاحب کي نه مڃيو، جنهن تي مخدوم صاحب فرمايو ته هي ماڻهو، هن ملڪ جي حڪومت جو لائق نه آهي، تنهن ڪري هن کي هتان بدلي ڪري سندس جاءِ تي سيد امير خان (ابوالبقا امير خان) کي گهرايو وڃي ٿو ته ٺٽي جو اهو ئي حاڪم ٿي رهي. انهن لفظن کان پوءِ ڏٺو ويو ته ستت ئي شاد خان جي بدلي ٿي  ۽ ٺٽي تي امير خان مقرر ٿي آيو. وڌيڪ لکي ٿو ته:

        ”مخدوم جلال محمد مقبول الکلام بودند هرچه بر لسان شان جاري شد عز اجابت مي يافت“

        يعني ته سندس ڪلام درگاهه الاهي ۾ قبول هوندو هو. جيڪي به سندس زبان تي جاري ٿيندو هو، سو قبول پوندو هو.

        مطلب ته مخدوم صاحب جا 12 ئي  پٽ شريعت جا پابند ۽ پرهيزگار هوا، جن جي قول يا فعل مان ڪوبه ڪڏهن غير شرعي فعل صادر نه ٿيو هو،

        (فائده) سيوهڻ جو رهاڪو ملا قاسم نالي، جو ڪنڀار ڪو ڪم ڪندو هو تنهن پنهنجي سموري ڄمار هن ريت ٺاهي هئي، جو چار مهينا حرمين شريفين جي سفر ۾ لڳائيندو هو ۽ ان کان پوءِ موٽي اچي پنهنجي ڌنڌي کي لڳندو هو. انهيءَ آمدرفت ڪري هن کي اندر جي ڏاڍي صفائي حاصل ٿي هئي. هن جو چوڻ هو ته مون کي حضور رسول الله صلي الله عليه وسلم کان حڪم ٿيل آهي ته مخدوم نوح جي اولاد جي خدمت سبب سعادت ۽ نيڪي حاصل ٿيڻ واري آهي.

(دليل الذاڪرين)

 

150-  درويش يحيٰ رائٽوهالائي

        حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت  جي مريدن ۽ خليفن مان هڪ ڪامل بزرگ آهي. هميشه رياضتن ۽ مجاهدن ۾ گذاريندو هو. ان سان گڏ ظاهري ورد وظيفا به پڙهندو رهندو هو. جيئن ته حزب البحر – حرز يماني - حرز محبوبي – حزب جعفري ۽ سبعات عشر ۽ اوارد فتحي ۽ ٻيا وظيفا پڙهندو هو.

        هڪ دفعي شيخ محمود فخري سان ملاقات ڪندي ظاهر ڪيائين ته  منهنجي   هر هڪ دم ۾ چار سئو دفعا الله جو نالو ذڪر ٿئي ٿو. مگر اهو ذڪر اڃا مون وٽ شمار  ۾ آهي. ڇو ته ذڪر  جا اهي درجا آهن جو

مالا عين رئت ولا اذن سمعت

نه اکين ڏٺا آهن ۽ نه ڪنن ٻڌا آهن.

        ڏٺو ويندو ته ساڳي ئي وقت ۾ درويش جي زبان مان ذڪر جو آواز به ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ هوڏانهن قرآن شريف به ويٺو پڙهندو هو.

        حضرت مخدوم صاحب جي وفات کانپوءِ هميشه سندس فرزند مخدوم ابراهيم  ادهم جي خدمت ۾ رهندو آيو. جو ڪجهه به نذرانو ملندو هو. يا فتوحات ٿيندي هئي ته اهو سمورو فقيرن کي ڏئي ڇڏيندو هو ۽ پاڻ  بکن تي گذاريندو هو ۽ سندس انهيءَ قلندرانه روش ڪري، سندس عيال به بکون ڪڍندو هو. چون ٿا ته زر جواهرن جي هن وٽ ڪمي ڪانه هئي. مگر ان مان ڪجهه به خريد ڪونه ڪندو هو، ڇو ته دنيا جي درويشن جي نظرن ۾ ڪابه عزت ڪانه ٿيندي آهي.

        جڏهن هن جي وفات جو ويلو آيو تڏهن ميان ڪامل محمد ولد مخدوم ابراهيم مٿانئس ويو. هن لاءِ ته سڪرات جي وقت وٽانئس تصوف يا خداشناسي جو ڪو نڪتو ٻڌي. مگر درويش يحيٰ چپ ئي نه کوليو.  جڏهن سندس روح بدن جي پڃري مان پرواز ڪري  ويو تڏهن سندس جنازه کي غسل ڪفن ڏياري رات جي وڳڙي ڪري هڪ ڪوٺي ۾ ڪري رکيائون. ميان ڪامل محمد انهيءَ ڪوٺي جا دروازا بند ڪرائي اندر وڃي ويٺو جنهن کانپوءِ درويش يحييٰ جي روح کيس اچي چيو ته سڪرات جو وقت ڏاڍو اڻانگو ۽ ڏکيو هيو. جنهن ڪري اوهان کي ڪو جواب نه ڏيئي سگهيس ٿي،  ته متان حق تعاليٰ جي ڪا حقيقت اهڙي طرح بيان ٿي وڃي، جنهن کي شريعت قبول نه ڪري، هاڻي جڏهن بدن جي لباس کان روح جدا ٿيو آهي ته اوهان سان روحاني گفتگو ڪري سگهان ٿو. ميان ڪامل محمد صبح تائين انهيءَ حجري ۾ ويٺو  رهيو ۽ صبح جو درويش کي وڃي دفن ڪيائون.

        دليل الذاڪرين جو مولف لکي ٿو ته:

        ”اين نقل بلا واسطه از حضرت محمد ڪامل بسمع رسيد“

يعني اها ڳالهه مون سڌي سنئين حضرت محمد ڪامل (مخدوم نوح جي پوئين) کان ٻڌي آهي.

        درويش يحييٰ يارهين صدي جي ولين مان آهي.

 

 

151- سيد ساجن متعلوي

        سيد ساجن بن قاسم متعلوي هڪ ڪامل اڪمل عارف درويش حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي خليفن مان هو.

        هو ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد سان گڏجي حضرت مخدوم نوح جي خدمت ۾ پهتو ۽ ان کانپوءِ جو ڪجهه پرائڻو هوس سو پرائيندو رهيو. دليل الذاڪرين ۾ روايت آهي ته مخدوم صاحب جي خدمت ۾ جيڪڏهن ڪو صحيح نسب سيد ايندو هو ته پاڻ استغراق واري حالت ۾ ان جي تعظيم لاءِ اُٿي بيهندا هوا، تان جو ٻڍاپڻ ڪري، پٺي ڏنگي ٿي وئي هئي ته به ائين دستور هوندو هو. پر جيڪڏهن صحيح نسب نه هوندو هو ته ان ڏانهن توجهه ڪونه ڪندا هوا. ان  حالت کي سامهون رکندي ڪيترا سادات  پنهنجي سچي سيد هجڻ جي پرک لاءِ حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ ايندا رهندا هوا ته کين يقين اچي ته سندن  نسب جو معاملو ڪيئن آهي.

        سيد ساجن  کان نقل آهي ته منهنجو والد سيد قاسم پڻ ٻين ساداتن سان گڏجي مخدوم صاحب جي خدمت جو ارادو ڪيائين ته پنهنجي نسب جي پرک  ڪرائي وڃي.

        جڏهن مخدوم صاحب جي خدمت ۾ پهتا، تڏهن پاڻ سروقد اُٿي بيٺا ۽ وڌيڪ فرمايائون ته منهنجي لاءِ جيڪي کرمو (سڪل کارڪون) سوکڙي طور آنديون اٿَو سي سموريون هن سيد زادي (ساجن سوائي) کي ڏيو. جو کارڪن خريد ڪرڻ وقت اوهان کان گهري رهيو هو.

(دليل الذاڪرين)

        تحفت الڪرام ۾ لکي ٿو ته سيد ساجن جو لقب سوائي هو. متعلوي جو رهاڪو مخدوم نوح جو مريد پنهنجي وقت جو وڏو مشائخ ٿي گذريو آهي. سندس مشهوري سبب هن جي حالات ۽ ڪرامات لکڻ جي ضرورت ئي ڪانه آهي. سندس درگاهه زيارتگاهه اهل الله جي آهي.، صفحه 166 ارشاد الطالبين ۾ لکي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن ساجن سوائي هڪ ئي وقت ۾ جدا جدا روپن  ۽ رنگن ۾ جلو گر ٿيندو هو. ٻي  روايت آهي ته جڏهن  هي بزرگ تمام ٻڍڙو ٿي ويو، تڏهن شادي ڪرڻ جو خيال ٿيس. اُڍيجا قوم مان سڱ گهريائين مگر هنن سندس ٻڍاپڻ ڪري انڪار ڪيو. آخر گهڻي ڪوشش کانپوءِ راضي ٿيا. جڏهن عقد نڪاح ڪري سيد صاحب کي ڪنوار جي ڪوٺي ۾ پهچايو ويو، تڏهن پنهنجي بيبيءَ  جي بستري تي هٿ رکي فرمايائين ته ابراهيم ۽ صالحان جي ماءُ مٿو ته مٿي ڪر! صبح جو قبيلي جي زالن اچي ڪنوار کان پڇيو ته رات ڪيئن گذري. جواب ۾ چيائين ته مان پنهجي مڙس کي ڳڀرو نوجوان ڏٺو. باقي ٻيا ماڻهو الائي هن کي ڪيئن ٻڍو سڏي رهيا آهن. سيد صاحب کي انهيءَ بيبيءَ مان هڪ پٽ سيد ابراهيم ۽  هڪ ڌيءَ صالحه ٿيا. سيد ابراهيم جو اولاد ابراهيماڻي سادات اڃا تائين مشهور آهن.

(ارشاد الطالبين)

        سيد ساجن سوائي قسمت سانگي مٽياري ڇڏي لاڙ  ملڪ ۾ ڪوڇي جي ملڪ ۾ رهيو ۽ اُتي ئي يارهين صدي ۾ وفات ڪيائين ۽ دفن ٿيو ۽ سندس اولاد سجاده نشين آهي. سال به سال اُتي ميلو لڳندو آهي. جتي گهڻون ئي واپار هلندو آهي.  

 

 

152- سيد عبداللطيف تارڪي نصرپوري

        هي درويش سيد پڻ حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي مريدن مان آهي. ارشاد الطالبين ۾ لکي ٿو ته:

        ”وي ولي کامل و مرشد روزگار و صاحب ڪشف و ڪرامات بود و بکمال ولايت آراسته“

        روايت آهي ته هڪ دفعي سگداسي چانورن جي ٻيڙي ڀريل ٺٽي جي نواب لاءِ درياء مان وڃي رهي هئي. جڏهن درويش جي مڪان وٽان اچي لنگهي، جو دريا جي ڪناري تي هو تڏهن پنهنجن مريدن کي حڪم ڪيائين ته هي چانور بيت المال جي خزاني مان آهن تنهن ڪري ڦري کائي پي  ڇڏيو، جو اوهانجو به حق آهي، فقيرن حڪم جي تعميل ڪندي، ٻيڙي تي قبضو ڪري ورتو، جڏهن اهو اطلاع ٺٽي جي حاڪم وٽ پهتو. تڏهن فقير صاحب کي حاضر ڪرڻ لاءِ چوبدار روانا ڪيائين.

        فقير صاحب کي ڪشف ذريعي معلوم ٿي ويو ته اجهوڪي اجهو نواب جا ماڻهو پهچي رهيا آهن. پاڻ پاسيرو ٿي ويو ۽ پنهنجي خليفي عيسن کي چيائين ته نواب جا ماڻهو منهنجو اچي پڇن ته تون پاڻ کي پيش ڪج. آخر درويش لطيف بدران خليفي عيسن کي ٺٽي وڃي هڪ ڪوٺي ۾ بند ڪري ڪاٺ ۾ وڌو ويو. مگر ان وچ ۾ ٺٽي ۾ اچي اوچتو پاڻي ظاهر ٿيو، جنهن ڪري گهر گهٽيون ۽ بازاريون سڀ پاڻي ئي پاڻي ٿي ويون. نواب حيران رهجي ويو ته آخر اها ڪهڙي ماجرا آهي.

        نوڪرن عرض ڪيو ته فقير جو ڪاٺ ۾ پيو آهي، اتان هي پاڻي اچي رهيو آهي، ۽ شهر ٻڏڻ تي آهي. نواب حڪم ڪيو ته قيد مان ڪڍي، اسان جي سامهون آندو وڃي.

        پر فقير چيو ته جيستائين ڏوهه معاف نه ٿيو آهي. تيستائين نه آءٌ ايندس ۽ نه وري هي سيلاب ئي بند ٿيندو. نواب اها ڳالهه ٻڌي معافي ڏني ۽ ان کانپوءِ فقير وٽس حاضر ٿيو ته ادب سان اُڀو ٿي آجيان ڪندي چيائين ته اي سيد لطيف پاڪ ڀلي آئين، جنهن تي فقير چيس ته آئون لطيف پاڪ نه آهيان پر آءٌ ان جو مريد آهيان ۽ هو صاحب پنهنجي جاءِ تي موجود آهي.

        ان کانپوءِ نواب معافي ورتي ۽ فقير عيسن کي تمام گهڻيون سوکڙيون ۽ شيون ڏيئي سيد لطيف پاڪ جي خدمت ۾ روانو ڪيائين ان کانپوءِ اهو نواب هميشه سيد صاحب جي نهايت نيازمندي سان خدمت ادا ڪندو رهندو هو.

        ان قسم جون سندس ٻيون به ڪرامتون آهن. هتي طوالت ڪري ايتري تي اڪتفا ڪئي وڃي ٿي.

        مخدوم نوح پنهنجي مرشد جي وفات کانپوءِ هو سندس فرزند مخدوم ابراهيم جي خدمت ۾ سوکڙيون کڻي ايندو هو. ۽ خدمت ادا ڪندو هو. (دليل الذاڪرين)

        هو يارهين صدي جي عارفن مان آهي ۽ سندس گنبذ نصرپور جي ٻاهران اڀرندي طرف کان آهي.

 (ارشاد الطالبين)

 

 

153- ميان هاشم همداني

        ميان هاشم همداني، حضرت مخدوم نوح جي خليفن ۽ مريدن مان آهي. هميشه ذڪر اذڪار ۾ مشغول رهندو هو.

        هڪ دفعي جو واقعو آهي ته هو مراقبي ۾ مستغرق هو ۽ عصر جي نماز جو وقت تنگ ٿي رهيو هو ۽ سج لهڻ تي هو کيس هوش آيو ۽ سج ڏانهن ڏسي کيس چيائين ته ٿورو بيهه ته آئون وضو ڪري نماز پڙهي وٺان پوءِ لهج.

        ڏٺو ويو ته فقير عصر جي نماز تمام آرام سان ادا ڪئي پوءِ به اڃان سج بيٺو هو.

 (ارشاد الطالبين)

        سندس مقبرو ڪاتيار ۽ بلڙي جي وچ ۾  ڏکڻ  طرف آهي. هو يارهين صدي جي عارفن مان آهي.

 

 

154- شيخ اسماعيل قريشي بديني

        شيخ اسماعيل حضرت بهاءُالدين زڪريا ملتاني جي اولاد مان، حضرت مخدوم نوح جي مريدن مان آهي.

        هن جو مقبرو درياء جي هن طرف گروجي ڳوٺ ۾ آهي.

(ارشاد الطالبين)

        تحفت الڪرام ۾ آهي ته هن جو مقبرو بدين جي ٻاهران آهي.

        هو ڪشف و ڪرامت جو مالڪ ۽ وڏو بزرگ هو. سندس ڏاڙهي ايڏي ڊگهي هئي جو پنهنجي وقت ۾ شيخ اسماعيل ”ريش دراز“ جي لقب سان مشهور ٿيل هو.

        نقل آهي، هن جڏهن وفات ڪئي ته کيس ڪفن ڏيئي، دفن ڪري ڇڏيائون مگر ٿورن ڏينهن کانپوءِ ڏٺائون ته جنهن حجري ۾ ويهي بندگي ڪندو هو، ساڳي جاءِ تي ويٺو نمازون پڙهي.

        جنهن تي مٺو  پيرزادي جو ملڪن پور جو رهاڪو هو تنهن چيس ته تون مخدوم نوح جو مريد آهين. هو شريعت جو سخت پابند هو. تنهن جو هن ريت جيئرو ٿي موٽي اچي حجري ۾ ويهڻ شريعت جي مخالف آهي،  آخر هي ڇا ڪري رهيو آهين؟ ان کانپوءِ هو انهيءَ حجري مان غائب ٿي ويو. جنهن  جو پوءِ وري پتو ڪونه  رهيو.

        (ارشاد الذاڪرين)

        اسماعيل ريش دراز يارهين صدي جي وجودين صوفين مان آهي.

 

 

155- سيد حيدر جياني سنائي

        سيد حيدر سنائي ولي ڪامل مرشد اڪمل حضرت مخدوم بلاول جي فيض يافتن مان آهي.

        هو ٻارهن سالن جو ٻارڙو هو ته مخدوم بلاول  ۽ مولانا عمر هليه جي خدمت ۾ پهتو اُتي سندن نگراني ۾ ظاهري باطني علم حاصل ڪيائين. تاريخ معصومي ۾ آهي ته:

”نظر تربيت يافته“

        يعني ته هنن جي نگراني ۾ تربيت ورتائين ۽ بلند مرتبي تي رسيو. هن کان ڪيتريون ڪرامتون ظاهر ٿينديون رهيون.

        روايت آهي ته سيد محمد ميران شاهه جونپوري (جنهن مهدي هجڻ جي دعويٰ ڪئي هئي) سو جڏهن حج تان واپس سنڌ ۾ آيو ته هن حڪم ڪيو هو ته سنڌونديءَ جي ڪناري تي جيڪو به ولي رهندو هجي، سو سندس ٻيڙي جون رسيون اچي ڇڪي. سيد ميران صاحب تي هڪ ڪارو ڪڪر پاڇو ڪندو رهيو ٿي. ٻيڙي جڏهن سن پهتي، تڏهن سيد حيدر کي به پيغام پهتو ته اچي ميران محمد جي ٻيڙي جون رسيون ڇڪي. سيد حيدر اچي ڏٺو ته مٿس ڪڪر ڇانو ڪري رهيو آهي پوءِ ته پير مان هڪ پادر لاهي ڪڪر ڏانهن اڇلايائين ته ڪڪر غائب ٿي ويو. جنهن ڪري سيد حيدر ٻيڙي ڇڪڻ جي زحمت کان ڇٽي پيو.

(ارشاد الطالبين رساله سوانح سيد حيدر سنائي.)

        دليل الذاڪرين ۾ روايت آهي ته هڪ دفعي سيد حيدر، پنهنجي ڳوٺ واري مسجد ۾ ظهر جي نماز پڙهي ليٽيو پيو هو ته مخدوم نوح عليه الرحمت  وٽن اچي پهتو ۽ کين چيائين ته اقم الصلوات لذڪري (يعني ته منهنجي يادگيري لاءِ اُٿي نماز ادا ڪر! سيد صاحب فرمايس ته من علمڪ يعني توکي ڪنهن ڄاڻايو آهي. فرمايائين ته علمني ربي منهنجي پالڻهار ڄاڻايو آهي). پوءِ اُٿي وڃي نماز ادا ڪيائون. ۽ سمورو وقت مسجد ۾ ئي ويٺا رهيا. مخدوم صاحب جڏهن موڪلائڻ لڳو تڏهن ٿورو (اٽو) سيد صاحب سندن حوالي ڪيو. چيائين ته هي ”اٽو“ مخدوم بلاول (مرشد) مون کي امانت طور ڏنو هو ته منهنجي وفات کانپوءِ هڪ بزرگ فخرالدين جي اولاد مان لطف الله نالي (مخدوم نوح جو اصلي نالو) پيدا ٿيندو، تنهن کي ڏج. ۽ ان کان پوءِ ڪنهن قسم جا  ماڻهو حاصل ڪندا ۽ ان بزرگ جي مهماني ۽ خدمت ضروري آهي. اهو اٽو ان وقت کان وٺي مون وٽ امانت طور رکيل آهي. مخدوم صاحب اهو اٽو قبول ڪيو ۽ هڪ سال ٿيو هين، جو روزي سان رهيل هوا، ۽ ڪجهه  به نه کاڌو هوائون. پوءِ جڏهن هالا ۾ پهتا تڏهن انهيءَ اٽي مان ماني پچرائي روزو کوليائون.

        ارشاد الطالبين ۾ لکي ٿو ته، سيد حيدر جڏهن مخدوم بلاول کان فيض ڪرڻ واري ڄمار کي پهتو، تڏهن مخدوم صاحب جي خدمت ۾ برابر ستر ماڻهو موجود هوا ۽ ذڪر جي تلقين ڏيڻ وقت، اُهي ستر ماڻهو ولايت جي انهيءَ درجي کي پهچي چڪا جنهن تي سيد حيدر پهچي چڪو هو.  جنهن کانپوءِ سيد حيدر ٻين ماڻهن کي فيض رسائيندو رهيو ۽ سندس مريدن مان شيخ حسن بانگو هڪ مشهور ولي ۽ صاحب ڪرامت ٿي گذريو آهي.

        سيد صاحب 937هه ۾ ارادي جو علم هن دنيا مان کڻي عالم عقبيٰ ڏانهن روانو ٿي ويو. رحمته الله عليه

(معصومي)

        سندس مقبرو سن جي شهر ۾ مشهور معروف آهي. اڄ تائين سندس اولاد انهيءَ شهر ۾ مقيم آهي.

 

 

156- شاهه خيرالدين سکري

        شاهه خيرالدين هڪ عارف ڪامل ۽ ولي مڪمل ولد سيد احمد بغدادي 911 ۾ تولد ٿيو. سندس نسب پنجن واسطن سان سيد عبدالقادر جيلاني سان ملي ٿو. نوجواني ۾ ئي بغداد مان مڪي شريف اچي پهتو اُتي برابر 14 سال علم پرائيندو رهيو. ان کانپوءِ حرمين مان سڌو سياحت جي ارادي سان سنڌ ۾ اچي پهتو ۽ هن ملڪ ۾ ڪيترائي مريد ۽ ارادتمند سندس عقيدت جي لڙي ۾ پوئجي ويا. هو پهريان حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي خدمت ۾ اچي رهيو ۽ مخدوم صاحب جي وفات تائين ساڻن لاڳاپا رکندو ۽ فائدو پرائيندو آيو. ۽ سندس وفات کانپوءِ مخدوم صاحب جي اولاد ۽ خليفن سان شاهه خيرالدين جو تعلق رهيو.

        شاهه خيرالدين جو زندگي جو ساٿي، خليفه درويش ميان سڌو سمو کان روايت آهي ته:

        ”از زبان معجز بيان حضرت شاهه خيرالدين شنيدم که چون از ولايت عرب، در اين ديار سند آمد اولا بملازمت مخدوم معظم بردم“

(دليل الذاڪرين)

        يعني ته جڏهن پهريان هن سنڌ ديس ۾ آيس تڏهن پهريان ئي اچي مخدوم نوح جي خدمت ۾ رهيس.

ارشاد الطالبين ۾ لکي ٿو ته:

        ”شاهه خيرالدين بکري وڏن ولين مان اولاد  حضرت شيخ عبدالقادر محي الدين جيلاني مان آهي. هو صاحب ڪشف ۽ ڪرامت جو هو. هن کان اسرار الاهي جا ڪيترا مقولا ظاهر ٿيندا رهيا ٿي ۽ غيب  جا نڪتا بيان ڪندو هو.“

        شاهه خيرالدين عالم صوفي، بدعات کان پرهيز ڪندڙ بزرگ هو. کانئس روايت آهي ته هڪ ڏينهن مخدوم نوح عليه الرحمت فرمايو ته اڄ مسجد ۾ هڪ اهل بدعت صوفي ايندو. هو جو ڪجهه به ڪري انجو چيو نه مڃجو. پوءِ ڏٺو ويو ته هڪ درويش آيو، جنهن پيالي ۾ پيشاب ڪري پاڻي وجهي چيائين ته جيڪو هن کي پيئندو، سو ولايت جي درجي کي  رسندو.  مگر مخدوم صاحب جي حڪم موجب ڪوبه ان جي ويجهو ڪونه ويو.  پوءِ پاڻ اهو پاڻي پي مسجد مان روانو ٿي ويو.  جڏهن مخدوم صاحب مسجد ۾ تشريف فرما ٿيو، تڏهن فرمايائين ته هو بدعتي فقير جو ڪجهه چئي رهيو هو، سو ٺيڪ هو، مگر جيڪو فائدو بدعت واري ماڻهو مان حاصل ٿئي، اهو ڪجهه  نه آهي. جو به فائدو حاصل ٿئي سو ضروري آهي ته سنت جي طريقي تي هجڻ گهرجي. ان ۾ سراسر منفعت آهي.

        فقير حسين سومرو کان روايت آهي ته حضرت شاهه خيرالدين کان ٻڌم هو هڪ وڏو ڪامل ۽ وقت جو  مرشد هو، پاڻ فرمايائون ته حضرت مخدوم نوح جا جيترا صحبتي ۽ ساٿي آهن، سي قيامت ڏينهن، حضرت بي بي فاطمه جي فرزندن جي پاڙي ۾ هوندا.

(دليل الذاڪرين)

        پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي عليه الرحمت جي ملفوظات ۾ هڪ نقل آهي،  جنهن جو حاصل مطلب هي آهي، شاهه خيرالدين جي مريدن مان هڪ درويش سنڌو نديءَ جي ڪناري تي سکر لڳ جهوپڙي ٺاهي مراقبه ۾ ايڏو ته  محو ٿي ويٺو، جو درياءَ اُتي تمام پري ڇڏي ويو ۽ جهوپڙيءَ تي واري وري ويئي. پر هن درويش کي ڪابه سڌ ڪانه رهي. هڪ دفعي شاهه صاحب انهيءَ گوشه نشين فقير کي سنڀاليو کين ٻڌايو ويو ته اهو فقير سکر جي ٻاهران ٻيٽ تي هڪ جهوپڙي ٺاهي عبادت ۾ وڃي مشغول ٿيو هو. پوءِ جي خبر ناهي ته الائي ڇا ٿيو ۽ ڪيڏانهن ويو.

        شاهه صاحب گهوڙي تي سوار ٿي انهيءَ جهوپڙي واري  هنڌ آيو ۽ جهوپڙي  تان واري پري ڪري ڏٺائون ته فقير محويت ۾ ستو پيو آهي. شاهه صاحب سنڌي زبان ۾ فقير کي فرمايو ته:

نه تون ڪعبو نه تون قبلو جو رهين منجهه سجود.

 

ان تي فقير سجاڳ ٿي جواب ڏنو ته:

ڪوهه ڪندو قبلو، جن سڃاتو سلطان

پرين اسين پاڻ، ته ڪريون سجدو ڪنهن کي

        شاهه خيرالدين عمر جو پويون حصو اچي سکر ۾ هڪ ٽڪري تي رهيو ۽ اُتي ئي ماڻهو کانئس ذڪر اذڪار  سکڻ ۽ فيض پرائڻ ايندا هوا. سندس مريدن ۾ سيد نصيرالدين متعلوي هڪ نامور درويش ٿي گذريو آهي ۽ سڌو درويش ته سندس خليفو ۽ خاص خدمت گذار  هيو. شاهه صاحب بلڪل پوئين وقت ۾ ٽڪري تان سکر جي انهيءَ مسجد ۾ اچي رهيو، جتي هاڻي سندس مقبرو  آهي. اُتي ترخاني مغلن جا گهر هوا جن نذرانه طور شاهه صاحب کي رهڻ لاءِ ڏنا. 27 رمضان المبارڪ سن 1027-115 ورهيه ڄمار کي پهچي وفات فرمايائون (لب تاريخ سنڌ وغيره) ڪنهن شاعر سندس تاريخ وفات هيٺئين ريت فرمائي آهي.

شاهه خيرالدين مه برج شرف

مقبل درگاهه ايزد سر مدي

سال تاريخ وصالش عقل گفت

مرشد ڪامل طريق احمدي

1027 

 

        شاهه صاحب بنا اولاد جي دنيا مان لاڏاڻو فرمايو. جنهن ڪري سندس گادي تي سڌو فقير ويٺو. ان کانپوءِ هن جو فرزند درويش يحييٰ مسند جو مالڪ ٿيو. انهن ٻنهين درويشن جا حضرت مخدوم نوح جي جماعت ۽ فرزندن سان گهاٽا لاڳاپا رهيا.

(دليل  الذاڪرين)

        هن وقت شاهه صاحب جي مقبري جا مجاور پيرزاده مٿئين درويش جو اولاد چيا وڃن ٿا.جن جي حوالي درگاهه جي سنڀال آهي.

        شاهه صاحب جي مقبري تي سن 1174 ۾ ميان غلام محمد مجاور هڪ عاليشان گنبذ تيار ڪرايو. سيد اسد الله ساقي بکري مير محمد معصوم جي ڏهٽي گنبذ جي تعمير جي تاريخ هيٺئين ريت لکي آهي.

شه خيرالدين سرور سالڪان

ولي خدا زبده عارفان.

زهي روضه اش مظهر نور حق

بيا يند فيض زيارت ڪنان

غلام محمد سجاده نشين

ز سعيش بناءِ روضه نو نشان

چو ساقي طلب ڪرد تاريخ آن

بگفتا خرد ”درگهه فيض دان“

       1174

 

157- حسن ٻانگو ڀاڻوٺي

        درويش حسن ٻانگو هڪ مشهور ڪرامتن جو مالڪ ۽ راهه سلوڪ جو سالڪ سيد حيدر سنائي جو خليفو ۽ مريد آهي. سيد حيدر جي وفات کانپوءِ مخدوم نوح سان به ارادتمندي رهندي آئي. دليل الذاڪرين ۾ آهي ته درويش حسن  جي گهر ۾ ٻير جو وڻ هوندو هو جنهن جا ڏاڍا مٺا ٻير هوا. اتان ٻير کڻي مخدوم صاحب لاءِ آڻيندو هو ۽ ادب کان سندس فرزندن جا نالا وٺي پيش ڪندو هو. مخدوم صاحب ان مان ڪجهه به نه کائيندو هو. هڪ ڏينهن عرض ڪيائين ته اوهان ٻيرن مان الائي ڇو نه ٿا کائو.  حضرت  مخدوم صاحب جواب ۾ فرمايو ته اوهان  ٻير ٻين جي نالي ڏيو ٿا تنهن ڪري منهنجو حق نه ٿو رهي. جنهن کانپوءِ درويش حسن پنهنجي هٿن سان ٻير کڻي مخدوم صاحب کي پيش ڪيا، جتان پاڻ ڪجهه کاڌائون.

        هن جي عادت هوندي هئي جو روزانو هڪ ماني پچارائي پاڻ وٽ رکندو هو ۽ هڪ سوا ٻڪري به وٽس بيٺي هوندي هئي. پوءِ جيڪو به مهمان وٽس هوندو هو پوءِ کڻي هڪ سئو هجن، تڏهن به ان ماني مان ٽڪر ڀڃي ۽ کير جو چڪو ڏنو ويندو هو، جنهن مان سمورا ڍاپي وينداهئا. نقل آهي ته هڪ مسافر سندس خدمت ‎ ۾ آيو، جنهن جي احوال مان معلوم ٿيس ته هو مسافر قرآن مجيد جو حافظ آهي. درويش  پڇيس ته ٽيهه سيپارا پوري طرح ياد اٿوَ. چيائين ته هائو سائين. چيائين ته قرآن پڙهندي تنهنجي دل ۾ عشق جي نشتر ڪانه ڇپي آهي. پوءِ حافظ تي توجهه وڌائين، جنهن  ڪري عشق الاهي جا مٿس دروازا کلي پيا ۽ وحدت جي دريا ۾ غرق ٿي ويو. مگر پوءِ ستت ئي سندس سيني واري پڃري مان روح جو پکي پرواز ڪري بهشت جي باغ ۾ وڃي پهتو.

 (ارشاد الطالبين)

        درويش حسن ٻانگو ڏهين صدي جي رجالن مان آهي. ڀاڻوٺ تعلقه هالا ۾ مشهور آهي.

 

158- ميرڪ محمود ثاني ٺٽوي

        ميرڪ محمود ولد ميرڪ عبدالباقي پوراني پنهنجي  وڏن جي جاءِ تي ٺٽه جي شيخ الاسلام جي عهدي تي پهتو.،  ترخان گهراڻي پاران، ساڳي ريت کيس وسيع اختيارات حاصل هوا، جيئن سندس وڏن بزرگن کي حاصل هوا. وڏي علم و فضل جو مالڪ هو. ڪڏهن ڪڏهن شعر  ڏانهن به توجهه فرمائيندو هو. جيئن ته هيٺيون شعر سندس يادگار آهي.

شيوه آزادي از ارباب دولت خوش نماست

ورنه نخلي که خالي از ثمر شد سرهو هست

13 صفر 1055 جي هن بي بقا حويلي کان دارالبقا ڏانهن روانو ٿي ويو. سندس وفات  ۾ ڪنهن شاعر هيٺيون قطعو لکيو آهي.

يگا نه قدس نزاد ممالک اسلام

که سايه گستر از و بود است مسعودي

گذشت سيز دهم صفر ز عالم قدس

ندائي ارجعي آمد بلحن دائودي

به بزم گلشن جنت رسيد و رضوان گفت

خوش آمدي تو شاهان اين مکان بودي

زهي عقل چو تاريخ فوت او جستي

بگو که ”يافته ميرڪ مقام محمودي“

1055 

(مقالات و تحفه)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org