166- محمد روش روشن ٺٽوي
محمد روشن نام، ذهين تخلص، روشن ذهن شاعر ۽ ذهين طبع
فاضل هو. ٺٽه جو حاڪم مرزا جاني بيگ تخلص وقاري جو
سخن سنج ۽ نڪته پرور ۽ شاعرن جو قدر دان ۽ گنج بخش
هو. ذهين مرزا جو معاصر ۽ مداح رهندو آيو. هڪ غزل
۾ فرمائي ٿو.
بذهني حاصل است در بي نيازي
وقار از درگهه مرزائي غازي
يعني ته ذهين هن بي نيازي يا بي پروائي واري حالت ۾
مرزا غازي جي درگاهه مان کيس عزت ۽ وقار حاصل
آهي. هن شعر ۾ مرزا غازي جو نالو سندس تخلص سميت
ذو معنيٰ واري طريقي تي، ادا ڪري ويو آهي. مرزا
غازي کي جڏهن قندهار ۾ زهر ڏيئي نوجواني جي زماني
۾ شهيد ڪيو ويو. ( سن 1021هه) ذهين سندس ماتم ۾ هن
دنيا فاني کان دل کڻي فقيري ۽ ويراني اختيار ڪئي
مرندي تائين سير سياحت ڪندو رهيو. (مقالات
الشعراء)
مير علي شير لکي ٿو ته هڪ ڪتاب ۾ هن جي وفات 1009هه نظر
مان گذري آهي. جڏهن اُن جا عدد ورتم ته ”مرد ذهين“
مان سواءِ 109
ڪنهن گهٽ وڌ جي سندس تاريخ وفات جو سال حاصل ٿيو.
هوڏانهن انهيءَ ساڳي ڪتاب مقالات ۾ ۽ ماثر الامراء ۽
تحفت الڪرام ۾ مرزا غازي جي وفات 1021هه ثابت ٿيل
آهي. پوءِ هي ڪيئن ثابت ٿيندو ته مرزا وقاري جي
وفات کان پوءِ درويشي اختيار ڪئي۽ دنيا کان تارڪ
ٿي رهيو پر فوت وري 1009هه ۾ مرزا کان اڳ ۾ ٿي
ويو. معلوم ٿئي ٿو ته مير قانع کي ذهين جي وفات جي
صحيح تاريخ هٿ ۾ نه آئي آهي. جنهن ڪري ئي لکيو اٿس
ته ”در نسخه تاريخ وفاتش تسع الف بنظر آمده.“
والله اعلم بالصواب
167- قاضي محمد جعفري ٺٽوي
قاضي محمد اُچي پنهنجي زماني جي مشهور عالمن مان هو.
اُچ ۽ ملتان جي گڙٻڙ ۽ فسادن کان پوءِ بکر ۾ اچي
رهيو. ان کان پوءِ ٺٽه جو قاضي مقرر ٿيو. حقيقت ۾
ديني علمن ۾ ڏاڍو ماهر هو ۽ عربي ادب جو ڏاڍو
ڄاڻو هو. مقدمن جي فيصلن ۾ ڏاڍو انصاف ۽ احتياط
ڪم آڻيندو هو. مرزا عيسيٰ ترخان جي اوائل حڪومت ۾
قضا جي هٿ، سندس حياتيءَ جو دفتر ويڙهي ڇڏيو
(معصومي)
مير قانع لکي ٿو ته قاضي محمد، حضرت جعفر طيار بن ابي
طالب جي اولاد مان آهي. هو زماني جي مشهور عالمن
مان آهي. اصل هرات جو رهاڪو هو. جتان پهريان اُچ ۾
اچي رهيو. ڄام نظام الدين جوڻي جي زماني ۾ جڏهن
سيد ميران محمد مهدي جون پوري ٺٽي ۾ آيو تڏهن وقت
جي عالمن هن تي ڪفر جون فتوائون ڏنيون. پر قاضي
محمد جو حقيقت کان واقف هو. صوفين جي مقامن جي
خبر هوس.
هن ولي ڪامل بابت ظاهري عالمن جي فتوائن کي پوري طرح رد
ڪد ڏنائين، جنهن ڪري سيد ميران محمد مهدي، سندس
حال تي توجه فرمايو ۽ سندس ترقي ۽ سندس اولاد جي
بلند مرتبه ٿي رهڻ جي دعا فرمائي، جنهن ڪري سندس
اولاد ۾ اڄ تائين بزرگي ۽ عزت جا آثار ۽ علامتون
موجود آهن. جو زمانه جي مختلف حوادثن ڪري به اُنهن
۾ انقلاب نٿو اچي.
قاضي محمد ملتان ۽ اُچ جي انقلابي حالتن کان پوءِ بکر
۾ اچي رهيو، مگر سندس شهرت گهڻي حد تائين ”اُچي“
جي نالي سان ٿيندي رهي.
تڏهن قاضي شڪر الله جي درخواست تي ئي مرزا شاهه حسن
بيگ ارغون اهو عهدو قاضي محمد کي گهرائي ان جي
سپرد ڪيو. ڇاڪاڻ هرات ۾ قاضي شڪر الله ۽ قاضي
محمد جي وڏن جو ڏاڍو گهاٽو لاڳاپو هو. ان کان پوءِ
ٺٽه ۾ ظاهري عزازت ۽ گڏ قبرستان هجڻ جو سيدن ۽
قاضين جو رابطو قائم ٿي ويو.
سيد ميران محمد جي برڪت جو ڪارڻ آهي. جو کائونس پوءِ به
قضا جو منصب سندس اولاد ۾ ورثه طور رهندو آيو آهي.
(تحفت الڪرام)
قاضي محمد جي خانداني ڪتب خانه جي هڪ بياض تي، سندس سال وفات سن
962 نظر مان گذريو.
168- قاضي محمد يحييٰ ٺٽوي
قاضي محمد يحييٰ جعفري طياري بن قاضي محمد حسين ولد
قاضي علي محمد بن شيخ فريد بن قاضي محمد اُچ. ٺٽي
۾ مرزا حسن ارغون سندس وڏو شيخ محمد اُچ قاضي مقرر
ٿيو. ان کانپوءِ قاضي محمد جو فرزندن شيخ فريد
قضا جي مسند تي ويٺو. جنهن بابت مير قناع لکي ٿو
ته:
”درجا معيت علوم فريد عصر بود وبمحڪمه شريعت متکي وساده عزت
شده“ (تحفت الڪرام)
شيخ فريد جي بعض فيصلن جا نقل مخدوم محمد هاشم جي
تصنيفات ۾ ايندا آهن. شيخ فريد مرزا جاني بيگ
ارغون جي زماني جو قاضي هو.
قاضي محمد يحييٰ، پنهنجي والد قاضي محمد حسين جي زماني
۾ ئي قضا جي عهدي تي فائز ٿيو ڇو ته آخر عمر ۾
قاضي محمد حسين جي اکين جي بصارت ڪمزور ٿي وئي
هئي، جنهن ڪري فيصلن لکڻ ۾ تڪليف ٿيندي هيس. قاضي
يحييٰ پنهنجن وڏن وانگر شرعي فيصلن ۾ انصاف جون
روايتون قائم رکيون ۽ تمام وڏي عزت سان حياتي
گذاريائين. قضا جي منصب تي سلطان عالمگير پاران
مقرر ٿيل هو. سندس عهدي ملڻ جي تاريخ عبدالباسط
ٺٽوي فقره ”نافذ العمل“ مان ڪڍي آهي. هن بزرگ
پنهنجي عهدي کي
1103
ڪاميابي سان هلائي سال 1137هه ۾ وفات فرمائي.
اسد الله روشن تخلص سندس سال وفات هيٺئين مصرعي مان ڪڍي
آهي. ”مشعل دين متين بود محمد يحييٰ“
1137
مير قانع لکي ٿو ته هن ۾ غلطي کان يحييٰ جي پوئين ياء
کي ي ۽ الف ٻئي هڪ جاءِ شمار ڪيا اٿس.
ميان عبدالله واعظ ٺٽوي قاضي صاحب جي وفات جي تاريخ
قرآن شريف جي هيٺئين آيت مان ڪڍي آهي. (ذالک
الفوزالکبير“
1137
(مقالات – حتفه – بياض ڪتب خانه قاضيان)
169- عبدالغني ٺٽوي
شيخ عبدالغني ولد مخدوم نور محمد ولد شيخ عبدالغني.
عبدالغني جو والد رواجي علمن ۾ هڪ وڏو مشهور عالم هو ۽
ساڳي طرح سندس ڏاڏو وڏي قابليت وارو ۽ دنيا جي
مشهور ماڻهن مان هو. هي پاڻ سلطان عالمگير جي
زماني کان وٺي شاهه شهيد فرخ سپر جي زماني تائين
ٺٽي جو امين ٿي رهيو. هن جي زندگي بلڪل اميرانه
انداز ۾ گذرندي هئي. ۽ سندس مجلس جو نمونو بلڪل
مرزا (عبدالقادر) بيدل (مشهور شاعر) جهڙو هوندو
هو. ٺٽه جا وڏا ماڻهو ۽ علم جا شوقين سندس. خدمت ۾
درس وٺندا ۽ صحبتن مان فائدا پرائيندا رهندا هوا.
جيئن ته ميرڪ محمد افضل ميرڪ محمد احسن شيخ الاسلام جو
والد ۽ مير ڪامران ضرب خانه جو محافظ يا داروغه
ميرڪزوري مشهور شاعر جو پوٽو ۽ ٻيا سندس خدمت مان
فائدو حاصل ڪندا رهندا هوا. سندس شاگردن مان ميان
محمد صادق ۽ ميان قمرالدين کائونس شعر جو فن به
حاصل ڪيو.
پاڻ شيخ عبدالغني هڪ وڏو باڪمال فارسي جو شاعر هو. هڪ
وڏو آيوان يادگار ڇڏيائين، جنهن ۾ هر قسم جا شعر
موجود آهن.
سندس شعر جو نمونو هن ريت آهي:
رسيده تا خيال خوي کرمش در دل تنگم
جلوه ريزه آمده گوي خزان در گلشن رنگم
مقيم شهر دلهايم ندانم کوهه صحرا را
بزلفت کايد از فرهاد و مجنون موبمو ننگم
ز ضعف و ناتواني بادشدم کاخ سليماني
دهد موري ضعيفي جا اگر در ديده تنگم
فغان در دل گره گشته رگ و پي خشک گرويده
نوازش کن که بهردست بوست صورت چنگم
شيخ عبدالغني 1135 ۾ وفات فرمائي. مير قانع سندس وفات
جي تاريخ هيٺئين فقره مان ڪڍي آهي. (في الجنت
مثوبه) (مقالات)
170- عبدالباسط ٺٽوي
شيخ عبدالباسط هڪ نوجوان علمي استعداد جو مالڪ، شروع
جواني جي زمانه ۾ روزگار جي تلاش ۾ شاهجهان (دهلي)
روانو ٿي ويو. ڪيترو ئي وقت ڪنهن عهدي جي ڳولا ۾
رهيو. پر ڪامياب نه ٿيو. آخر (عالمگير جي وزير)
عنايت الله خان سان لاڳاپا پيدا ڪيائين، جنهن شيخ
عبدالباسط لاءِ ڪيترائي دفعا بادشاهه کي توجهه
ڏياريو ته کيس نوڪري ڏياري وڃي. مگر بادشاهه جي
عادت هوندي هئي جو علم ۽ فضيلت وارن لاءِ، اهڙو
عهدو جنهن کي نوڪري سڏيو وڃي، قبول نه ڪندو هو.
تنهن ڪري عنايت الله خان جي گذارش قبوليت ۾ نه ٿي
آئي. ۽ شيخ جي گذران جو ڪو وسيلو پيدا نه ٿي ٿيو.
سلطان عالمگير جڏهن قلعه خيرارحمان بخش فتح ڪيو، تڏهن
شيخ عبدالباسط تاريخ فتح هيٺين قرآني آيت مان ڪڍي،
بادشاهه کي موڪلي. هذا عطائنا فامنن اوامسڪ بغير
حساب (يعني هي اسان جو توتي احسان آهي پوءِ
ٿورائتو ٿي ۽ ان کي پاڻ وٽ جهل سواءِ ڪنهن حساب
جي) حساب ۾ عدد حساب جو نه آندو ويندو. بادشاهه
جڏهن اها تاريخي آيت نظر مان ڪڍي، تڏهن فرمايائين
ته حضرت صاحبقران امير تيمور جي زماني کان وٺي، جو
روم جي فتح وقت غلبت الروم في ادني الارض جي آيت
مان نڪتي آهي. وري هن شخص ئي چئي آهي. آخر عنايت
الله خان جي سفارش سان شيخ عبدالباسط کي ٺٽي جي
عدالت هلائڻ جو حڪم سپرد ٿيو دهلي ۾، ٺٽي ۾ اچي
انهيءَ عهدي تي مقيم ٿيو.
پڇاڙي ڄمار ۾ بيت الله جو سفر ڪيائين ۽ حج ادا ڪري
هميشه لاءِ وطن ۾ رهجي پيو. هو ڏاڍو ٻڍڙو ٿي ويو
هو ۽ بدن جهور ٿي ويو هوس. مگر ان هوندي به عربي
ڪتابن جو درس ڏيندو رهندو هو. شعر شاعري ۾ تمام
وڏي قابليت وارو هو. خصوصا تاريخ جي ماده ڪڍڻ ۾
بلڪل وڏو دسترس هوس. (مقالات)
اگرچه سندس وفات جي تاريخ جو پورو پتو نه ٿو پوي پر
1130 کان پوءِ وفات ڪئي اٿس ڇاڪاڻ جو انهيءَ سال
ٺٽي جي ڪنهن سادات کي فرزند ڄائو، جنهن جي تاريخ
تولد ”زهي گل نو خاندان رسول“ مان ڪڍي اٿس. بهرحال
12 هين صدي جي فاضلن
1130
مان آهي.
171 – سيد مراد علي بکري
سيد مير مراد علي ولد سيد جمن شاهه (متوفي 1191) ولد
مير جان محمد رضوي بکري معروف به جان الله شاهه
شاعر صوفي مريد شاهه عنايت الله صوفي شهيد 1130هه.
مراد علي شاهه روهڙي ۾ رهندو هو ۽ مير علي مراد خان
ٽالپر جو هم عصر ۽ علمي مصاحب هو. هو عربي ۽ فارسي
زبان جو وڏو ماهر ۽ ڄاڻو هو. هن جي عربي داني ۽
قابليت جو هن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. جو سيدنا
حضرت علي رضه جي خطبات نهج البلاغة جو فارسي ترجمو
ڪيو اٿس. ترجمه جي شروع ۾ ڄاڻايو اٿس ته مون کي
ڪتابن جي مطالعه کانپوءِ دل ۾ حيدري مذهب جي محبت
پيدا ٿي ۽ هي ترجمو انهي اشتياق پوري ڪرڻ لاءِ
لکان ٿو. ترجمه کي سر مير علي مراد خان جي نالي
عنوان ڪيو اٿس.
ترجمه تي شرح ۽ سمجهاڻي طور حاشيه به لڳل آهي جنهن ۾
لغت جي مشڪل الفاظن جو حل ٿيندو وڃي ٿو. ترجمه
غره رمضان المبارڪ 1207 ۾ شروع ڪري 21 صفر 1208 ۾
ختم ڪيو اٿس.
سيد صاحب وڏو زميندار ۽ جاگيردار هو. پوئتان فقط هڪ
نياڻي ڇڏي هن دنيا مان سن 1320 لاڏاڻو ڪري ويو.
172- سيد يقيق بخاري
مير قانع لکي ٿو ته ”سيد يقيق بزرگي معروف شمال رويه
اورنگابندر بفاصله شش گروهي مدفون درگاهش برارنده
حاجات هرگو نه عليان را دارالشفا ڪرامت است“ (تحفت
الڪرام)
يعني ته سيد يقيق هڪ مشهور بزرگ آهي. جو اورنگابندرکان
6 ڪوهه پري دفن ٿيل آهي. سندس درگاهه ڪم پورا
ڪندڙ ۽ هر قسم جي بيمار لاءِ دارالشفا آهي.
غلام رسول صديقي هالائي لکي ٿو ته:
سيد يقيق اڳوڻن ولين مان آهي. فيض ۽ فتوح جو مالڪ سندس
موت کان پوءِ اڌ انڌا ۽ منڊا ۽ ڪوڙهيا هن ولي جي
مقبري تي وڃي پوندا آهن ۽ گهڻو ڪري چڱا ڀلا ٿي
ويندا آهن. سندس قبر ڪڪراله جي ديهه ۾ آهي. (ارشاد
الطالبين قلمي)
شاهه يقيق جو تفصيلي احوال هن ريت آهي. هو اُچ جي بخاري
سادات مان آهي. سندس سلسله نسب هن ريت آهي.
سيد يقيق بن سيد شريف بن سيد عبدالله بن سيد عبدالحميد
بن سيد عبدالمجيد بن سيد علي اصغر بن سيد محمود
بن سيد علي بن سيد جلال الدين بن سيد الموئد علي
بن سيد جعفر بن سيد محمود بن سيد احمد بن سيد
عبدالله بن سيد علي صغر بن سيد جعفر ثاني بن امام
تقي بن حضرت امام موسيٰ رضا بن امام موسيٰ ڪاظم بن
حضرت امام جعفر صادق بن امام محمد باقر بن علي زين
العابدين بن امام حسين بن حضرت علي رضي الله
تعاليٰ عنهم. سيد صاحب سنه 835هه ۾ اُچ ۾ تولد
ٿيو ۽ شروع نوجواني ۾ سنڌ هليو آيو. پهريان ڪجهه
وقت هاڻوڪي ضلع ٿرپارڪر ۾ رهيو ان کان پوءِ ڪڪراله
جي علائقه ۾ هليو آيو اُتي ميان محمد عثمان عباسي
جي نياڻي سان نسبت ٿيس. مگر ڪن دشمنن شادي جي رات
سال 855 ۾ شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن سندس ڄمار ويهه
ورهين جي مس ٿيل هئي اهو واقعو اورنگا بندر جي ڳوٺ
۾ ٿي گذريو. (رساله سوانح شاهه يقيق قلمي)
انهي رسالي ۾ سندس ڪرامتون ۽ ٻيون حالتون به گهڻي قدر
بيان ٿيل آهن. مگر انهن سڀني جو مدار سندس وفات
کان پوءِ جي واقعن تري آهي. جنهن سان اسان جو ڪوبه
لاڳاپو ڪونه آهي. مٿيون نسب نامه به انهيءَ قلمي
رساله تان ورتل آهي جو گهڻي قدر صحيح نه آهي. شاهه
يقيق جو مقبرو شاهه بندر تعلقه ۾ چوهڙ جمالي
۽لاڏين جي وچ ۾ رستي تي آهي. جتي سال به سال وڏو
ميلو لڳندو آهي. سندس سهري عثمان عباسي جو قبو به
شاهه بندر تعلقه ۾ لاڏين جي ڳوٺ کان 5 ڪوهن جي
مفاصلي تي آهي، جتي به سڀ ڪنهن ماهه، پهرين آچر تي
ميلو لڳندو اچي ٿو. اورنگا بندر هن وقت ڦٽل دڙا
ٿيو پيو آهي.
173- مخدوم محمد صالح وزير آبادي
وزير آباد لکي جي لڳ تعلقه سکر ۾ مهرن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ
آهي اتي جي مشهور ماڻهن مان 13 صدي هجري ۾ مخدوم
محمد صالح نقشبندي ٿي گذريو آهي. هڪ عالم صالح ۽
وڏو نيڪ ڪار بزرگ هو. نقشبندي طريقي ۾ پير خواجه
نظام الدين مجددي شڪارپوري جو مريد هو ۽ حڪمت ۾
لکي جي ساداتن سان سندس لاڳاپا هوا. سندس مرشد
وفات ڪئي ته قطعه تاريخ هن بزرگ جو لکيل سندس
مقبره تي لڳل آهي، جنهن مان هن جي عقيدت مندي جو
اندازو ڪري سگهجي ٿو. هو پاڻ به نقشبندي طريقي ۾
مريد ڪندو هو ۽ پنهنجي وقت ۾ عام ماڻهن جو مرجع
هو.
مخدوم محمد صالح ٻين انساني خوبين سان گڏ فارسي جو
نهايت عمدو ۽ قادرالڪلام شاعر هو. سندس نظمون گهڻي
حد تائين نعت النبي ۾ آهن. جن مان نموني طور ڪجهه
هيٺ درج ڪجي ٿو. فارسي دان قابليت وارا سندس ڪلام
جي پختگي ۽ روانگي جو اندازو لڳائي سگهن ٿا.
فرمائي ٿو.
بيا ساقي بگردان جام مي را
جزاک الله في الدارين خيرا
صبا از منزل ليليٰ بيا ور
(1)
پئي مجنون شميم خاک حي را
سرم مخمور از عشق رسول است
مغني خوش نواکن چنگ ني را
خداي پاک از فرط محبت
گزيده سرور فرخنده پئي را
صلاءِ عام خدا جنا بش
(2)نمونده
طي بساط جود طي را
بحمد لله که نام پاک احمد
(3)چو
شهد و شير شيرين کرد ني را
ز عشقش صالح بيخود نداند
(4)کنون
تاب تموز رنج وي را
ايضاله
از کف ساقي گرفتم جام را
نوش کردم باده گلفام را
کعبه مقصود ----- يا فتم
بستم از شوق دروم احرام را
در سرم سودائي عشق آمد پديد
خواهم از گيسوش برپا دام را
تاز زلفش ساختم ز نار دل
کفر داده رونق اسلام را
خستگان عشق اين داند رموز
نيست آگاهي ازو هر خام را
من مريد پير عشقم از ازل
تا ابد خواهم قوي انجام را
تاخت فوج لشکر عشق از کمين
بر کشيده عقل نا فرجام را
اضطراب عشق او تسکين ما است
ما نمي خواهم کنون آرام را
اي صبا زين عندليب خسته گو
اشتيا قم عرض آن گلفام را
در حضور مصطفيٰ در طيبه
قاصدا از من ببر پيغام را
هي تمام طويل قصيدو آهي. جنهن جي تشبيب هتي آندي وئي
آهي. تشبيب کان پوءِ جيڪو گريز ڪيو اٿس. تنهن مان
سندس قابليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ۽ هن جي
قادر ڪلامي جو د اد ڏيڻو پوي ٿو. خواجه حافظ
شيرازي جي هڪ غزل جي نعتيه تضمين ڪئي اٿس. جنهن
جي آخر ۾ فرمائي ٿو:
اي خوش آن کس کز فيض عشقت مدح خواني ميکند
هر گدائي بارگاهت کامراني مي کند
با غم عشق تو صالح شادماني مي کند
بلبل شيراز تلقين خوش بياني ميکند
خسر وا پيرا نه سر حافظ جواني ميکند
بر اُميد عفوجان بخش گنه فرسائي تو
مخدوم صالح رحه جهڙو فيض بخش ۽ فيض رسان عاشق رسول هن
دنيا فاني مان سن 1268هه ۾ وفات فرمائي
داراجاوداني ۾ وڃي آراميو. ۽ عشق جي طفيل پنهنجي
محبوب جي جوار ۾ جاءِ لڌائين. سندس تاريخ وفات جو
قطعه ميان نور محمد پيرزاده عبدوي هيٺين ريت نظم
فرمايو آهي.
زهي واصل حضرت ذوالجلال – پسنديده مصطفيٰ در حضور
وسيله جهان رهبر خاص و عام – از و فيض حق گشت هر جا ظهور
عجب خاور آفتاب علا – که رخشان کند سينه را زنور
چو آهنگ ترحيل دنيائي دون – نموده بحکم خدا، باسرور
ز هاتف شنيدم صداي بگوش
از و گشت راضي خداي غفور
سن 1268هه
174 – ميان نور محمد پيرزاده عبدوي
تعلقه سکر ۾ عبد ولهر جو هڪ مشهور قصبو آهي، جتي ميان
نور محمد پيرزاده پيدا ٿيو ۽ پنهنجي خانداني
استادن وٽ پڙهي، عربي ۽ فارسي جي فضيلت ڪيائين.
سکر تعلقي ۾ مخدوم شاهه عثمان هڪ مشهور بزرگ شيخ
الاسلام بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني جو سنڌ ۾ خليفو
هو ۽ سندس وفات سن 706هه چئي وڃي ٿي.
تعلقه سکر ۾ شاهه عثمان جي اولاد کي پيرزادو سڏيو ويندو
آهي، هي ميان نور محمد صاحب به عثمان چوٿون
پيرزادو آهي، مگر جيئن عام پيرزاده ملتاني جي
خلافت ڪري سهروردي طريقي جا مريد رهيا ايندا آهن.
تيئن ميان نور محمد نه هو. پر هو صاحب لکي جي
ساداتن جي علمي سنگت سبب لواري واري بزرگن سان
بيعت ڪري نقشبندي طريقي جو فقير ٿيو. ۽ ذڪر اشغال
۾ پوري ڪماليت حاصل ڪيل هوس. مگر بي حد بي نفس ۽
خاموش زندگي گذاريندو هو. ڄمار به وڏي حاصل
ڪيائين، هن سنڌ جي انگريزن جو قبضو ۽ ميرن جو زوال
به ڏٺو. فارسي شاعري ۾ خاص قطعات تاريخ جو ڏاڍو
ماهر هو. هن پنهنجي خاندان جي ڪيترن بزرگن جي وفات
جون نظمون فارسي ۾ لکيون آهن. ٽالپرن جي زوال ۽
مير صاحبن جي گرفتاري جي تاريخ واقعه کي جنهن
انداز ۾ نظم ڪيو اٿس سو هيٺ ڏجي ٿو. فرمائي ٿو.
چون بيفتاد از مراتب جاه – صوبيدار ولد غلام علي
ديگر مير مير محمد خان – پور عالي تبار فتح علي
مير نصير – ابن الابن بن مراد علي
(1)مير شهزاد خان
حيدرآباد و ملک سنده تمام – همه ز انصاف سان مدام جلي
همه جس آسمان کرده – ملک شان را دگر نمود ولي
سال تاريخ يکهزار دو صد – چهلم دو ونه زي است جلي
گفت هاتف ز سال آن مردان – که کنار بکشت سيل علي رضه
تاريخ وارو مصرعو ميان نور محمد جي بياض تان اُڏوهي
کائي چڪي هئي، جنهن ڪري پورو سمجهه ۾ نه آيو.
ميان نور محمد جي وفات 13 محرم الحرام سن 1320هه ۾ ٿي
گذري. ڪنهن شاعر سندس مرثيو لکيو آهي. جنهن جا
چند شعر هيٺئين ريت آهن.
آن که بد خلق را امام زمان
صاحب شرع همه يگانه زمان
چون که رفت از جهان بجنت خُلد
جستم از سال انتقال نشان
ناگهه از هاتفم رسيد آواز
که به جنت الخلد شد امام زمان
نوٽ:
پوئين مصرعه تاريخ جو سال حاصل نه ٿيو. هي قطعه فقط هن لاءِ
آندو ويو آهي ته ميان نور محمد کي پنهنجا شاگرد
ڇا سمجهندا هوا.
175- سيد عبدالملڪ بکري
نائين صدي هجري جي وڏن مشائخن قادريه طريقي مان هو.
خضر خاندان جي مشهور بادشاهه علاو الدين شاهه
عالم (متوفي 883) دهلي جي بادشاهه، بکر مان دهلي
گهرايس، جتي خلق جي هدايت ۾ مشغول رهيو. آخر اسلام
جي لشڪر سان اُڙيسي جي علائقه ۾ شهادت جو شربت
چکيائين. اهو واقعو 855 سن ۾ ٿي گذريو.
مفتي غلام سرور لاهوري، سندس وفات جو قطعه تاريخ هيٺيئن
ريت لکيو آهي.
متقدي دو جهان عبدالملڪ – هادي و مهدي امين سيد شريف
855 855
رحلتش خوان مقتدا پير زمان – نيز کامل امام دين سيد شريف
مير شهزاد خان بن مير نور محمد بن مراد علي
خان، نصير خان بن مراد علي خان
|