271- خليفو عبدالوهاب عباسي تتوي
عباسي خاندان مان هي هڪ وڏو بزرگ ٺٽي جي ٻاهران رهندو
هو. هن جي درويشي ۽ ولايت جي پري پري مشهوري پهتي
هئي. سندس صوفيانه تصرف سبب جهنگلي جانور ۽ پکي
چوڌاري اچي گڏ ٿيندا هوا. کائونس تڏهن پري
ٿينداهوا، جڏهن ٻيو ڌاريو ماڻهو اچي نڪرندو.
ترخان گهراڻي جي حاڪمن جي هن بزرگ سان بيحد عقيدت هئي.
مرزا محمد باقي انهيءَ عباسي خاندان مان شادي به
ڪئي هئي. جنهن ڪري خليفي جي بيحد رعايت رکي ويندي
هئي، مگر سندس ڪرامتون ۽ معجزا ڏسي مرزا کي ڏاڍو
حسد پيدا ٿيو، جنهن ڪري خيال ٿيس جيڪڏهن حد کان
وڌيڪ ماڻهو هن جي چوگرد اطاعت ۾ اچي جمع ٿيا ته
پوءِ ممڪن آهي ته منهنجي بادشاهت کي نقصان پهچي
وڃي، تنهن ڪري بهتر ٿيندو ته هن کي قتل ڪرائي
خطره کان ٻاهر ٿجي. انهيءَ ڪم لاءِ مرزا پنهنجي
مهر داد نوڪر خليل کي مقرر ڪيو ته هو وڃي هن ولي
الله جو ڪم لاهي اچي. خليل پنهنجي ماڻهن کي چيو ته
جڏهن آءٌ درويش عبدالوهاب سان ڳالهيون ٻولهيون ڪري
دعا گهرائڻ لاءِ هٿ مٿي کڻان ته اوهان هڪدم مٿس
حملو ڪري سندس ڪم پورو ڪري ڇڏيو.
انهيءَ تياري ۽ واردات جي سڌ خليفي عبدالوهاب کي به وڃي
پهتي، جنهن تي سندس پٽ ۽ جماعت مرڻ مارڻ لاءِ
تيار ٿي بيٺا، مگر هن درويش فرمايو ته الله
تعاليٰ جي رضا اڳيان سر تسليم خم ڪرڻو آهي. وقت
جي مسلمان حاڪم جي بي فرماني ڪرڻ چڱي ناهي تنهن
ڪري اوهان ڪجهه به نه ڪريو، جيڪي ٿيڻو هوندو سو
ٿيڻ ڏيو.
خليل ذليل جڏهن هن بزرگ وٽ پهتو، تڏهن پاڻ اڪيلو مصلي
تي ويهي رهيو فقط سندس هڪ فرزند محمد صادق نالي
خنجر لڪائي پنهجي والد وٽ بيهي رهيو. گفتگو ملاقات
کان پوءِ جڏهن دعا لاءِ هٿ مٿي کنيا ته سندس ماڻهن
خليفي اهل الله تي حملو ڪري شهادت جو شربت پياري
ڇڏيو. خليفي جي فرزند محمد صادق کان اهو سور نه
سٺو ٿيو، تنهن خليل تي خنجر جا ٻه چار حملا ڪيا
اگرچه موت کان بچي ويو، مگر سندس نڪ صاف ڪپجي ويو.
محمد صادق کي اُتي شهيد ڪري پنهنجي والد جي اڳيان
اڇلايو ويو. اهو واقعو سن 990هه ۾ ٿي گذريو.
(طاهري)
تحفت الڪرام ۽ طاهري ۾ آهي مرزا محمد باقي جو نوڪر
خليل جيترو وقت دنيا ۾ جيئرو رهيو ته نڪ تي ڪپهه
رکي اڳڙي ٻڌي، نڪ ڪپجڻ جي عيب کي لڪائيندو هو. نڪ
تي اڳڙي اهڙي طريقي تي ٻڌي ويندي هئي جيئن ٻيو ڪو
سمجهي ته شايد اکين اٿڻ ڪري ائين ڪيو اٿس. هوڏانهن
اها هڪ ولي خدا جي ضرب جو مٿس نشان هو. خليفي
عبدالوهاب کي ٻيو هڪ فرزند هاشم نالي هو، جو نهايت
ناز نعمت ۾ نپيو هو. هو ان واقعي کان پوءِ گهوڙي
سميت دريا ۾ غرق ٿي ٻڌي مئو. جو سندس لاش به هٿ نه
آيو. باقي خاندان جا ماڻهو هن خوفناڪ حادثي کان
پوءِ سنڌ ڇڏي ڪنهن ٻي وطن ڏانهن هليا ويا.
(طاهري)
272- مرزا احمد علي براهوئي
مرزا احمد علي صاحب تخلص احمد اصل بلوچستان جو رهاڪو
هو. خان قلات مير خداداد خان سان ڪنهن اختلاف جي
بنياد تي هن جا وڏا سنڌ ڏانهن هجرت ڪري آيا آهن ته
انهن ۾ مرزا احمد علي صاحب به هو. اها هجرت 1873
۾ ٿي. هو پهريان جيڪب آباد اچي رهيو. ان کان پوءِ
رياست خيرپور ۾ سر مير علي مراد ٽالپر وٽ پهتو. هو
فارسي جو بيحد خوش گو شاعر ۽ وڏي قابليت جو مالڪ
هو، جنهن ڪري مير صاحب وٽ سندس ڏاڍو قدر ٿيو.
مير صاحب جي ڏيڍ سال مصاحبت کانپوءِ هن سرڪاري
ملازمت ڪئي ۽ سالٽ انسپيڪٽر مقرر ٿيو. انهيءَ
ملازمت جي سلسلي ۾ ٺٽي ۾ برابر عيال سميت 12 سال
مقيم ٿيو. ٺٽي ۾ اُن زماني ۾ استاذ الشعراء
مخدوم ابراهيم صاحب خليل موجود هو، جنهن جي صحبت
۾ مرزا جي شاعري ڏاڍي چمڪي. ڪراچي جي مفرح القلوب
اخبار ۾ سندس فارسي ڪلام شايع ٿيڻ لڳو ۽ فارسي ۾
طرحي مشاعرن ۾ به حصو وٺڻ لڳو ۽ ان وقت جي شاعرن
جا ڪلام مفرح القلوب اخبار ۾ شايع ٿيندا هوا.
مرزا صاحب جو تذڪرو مخدوم ابراهيم خليل پنهنجي ڪتاب
”تڪلمة مقالات الشعراء“ ۾به ڪيو آهي ۽ هونئن به
سندس ڪلام مفرح القلوب جي جلدن ۾ به محفوظ آهن.
سندس شعر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
سوار چا بک من عزم ميدان کرد مي آيد
سمند ناز را يکسر بجولان کرد مي آيد
مرا جمعيت خاطر چسان مانند آن سرکش
کله کج کرده و کاکل پريشان کرد مي آيد
به هندوستان علم افراخت حُسن دلربائي او
کنون آهنگ تسخير خراسان کرد مي آيد
بچشم نرگسين و زلف کافر کيش خلقي را
هزاران رخنها در دين و ايمان کرد مي آيد
به يک عشوه دل از من برد چشم مست و مخمورش
نگاهش بار قصه غارت جان کرده مي آيد
نخستش بود به ”احمد“ عهد و پيمان وفاداري
کنون برکف ترک پيمان کرده مي آيد
ايــضــالــھ
آتش رخسار خود کردي نهان و خلق را
شعله هادر خرمن صبر و قرار انداختي
دل بچو گانِ خم زلفش چو گوءِ افتادو رفت
احمد اتا دين بر آن شهسوار انداختن
ايــضــالــھ
کشتن عاشق جزين نيست ز دست تو عجب
زانکه تو عهده قتلش از روز نخست کرده
شسته جهان ز زندگي دست دران دم اي صنم
تاتو بخون ما کمر چابک و چستم کرده
جڏهن رياست قلات جون حالتون درست ٿيون. مير خداداد خان
جي جاءِ تي سندس فرزند مير محمود خان برطانيه جي
ماتحت والي قلات بڻايو ويو ته ان وقت خان قلات
مرزا احمدعلي خان کي پاڻ وٽ گهرائي بلوچستان ۾
متوفي جي عهده تي مقرر ڪيو، مگر هڪ سال مس گذريو
هوس ته ڇنڇر ڏينهن 2
ذي القعد 1312هه مطابق 1894ع ۾ هن دنيا مان وفات ڪري ويو ۽
ڪوئٽه ۾ سندس نعش کي دفن ڪيو ويو.
273- مير عبدالباقي پوراني سکري
مير عبدالباقي ولد مير بايزيد ولد ميرڪ ابو سعيد بن مير
علي شير سبزواري ميرڪ سعيد سيد شيخ جلال بايزيد
پوراني جو ڏهٽو آهي. ابو سعيد جو فرزند مير
بايزيد سبزوار (ايران) مان لڏي قنڌهار ۾ اچي
ويٺو، جتان سندس ٻه فرزند مير بايزيد ۽ ميرڪ محمود
شهه بيگ ارغون سان گڏ سنڌ هليا آيا، جن مان ميرڪ
محمود ٺٽه جو شيخ الاسلام مقرر ٿيو ۽ اُتي ئي رهيو
۽ ميرڪ بايزيد بکر جو شيخ الاسلام واري عهدي تي
رهي سکر ۾ رهيو.
شيخ الاسلام ميرڪ بايزيد جي وفات کان پوءِ سندس فرزند
مير عبدالباقي وڏي بزرگي ۽ ڪماليت جو صاحب ٿيو.
تحفته الڪرام ۾ لکي ٿو ته:
”مير عبدالباقي بفور کمال مرجع صغار و کبار زيسته و
مضجعش بيرون سکهر زيارتگاه خلائق“ مير عبدالباقي
جو اگرچه مفصل احوال معلوم نه ٿي سگهيو آهي، مگر
سندس وفات کان پوءِ سندس اولاد سکر ۾ اڄ تائين
ميرڪي ساداتن جي لقب سان مشهور آهي.
مير عبدالباقي ۽ سندس ڀاءُ مير عبدالوهاب تتوي جنهن جو
ذڪر ٿي آيو سڀ سنت جماعت جا عالم هوا، مگر هن وقت
سکر ۾ ۽ ٺٽه ۾ جيڪو به سندن اولاد آهي سي سمورا
شيعا ٿي ويا آهن. مير عبدالباقي 3 رمضان سن 1019هه
۾ وفات ڪئي. سندس تاريخ وفات لاءِ هيٺئين قطعه
گنبذ تي ثبت آهي:
مير عبدالباقي پوراني قطب که بود
قدوه آل رسولو و زبدهء خاص اله
سال فوتش شيخ قاضي شاهه محمد زد رقم
دار جان را مير عبدالباقي پوراني آه
تاريخ 3 شهر رمضان 1019هه
274- ڇٽو امراني سيوستاني
ڇٽو امراني اصل ۾ سنڌ جي راءِ گهراڻي جو امير آهي. راجا
دلوراءِ جي سوٽن مان هو. دلوراءِ پنهنجي ظلم ۽ ستم
راني ۾ هڪ زبردست مشهور ماڻهو هو. هن جي ظلمن سبب
جڏهن الور (اروڙ) جو شهر ويران ٿي ويو، تڏهن برهمن
آباد ۾ اچي رهيو ۽ اُتي به سندس ظالمانه
ڪارروايون بدستور جاري رهيون. ڇٽو فطرتي طرح نيڪ
طبع جو انسان هو ۽ ان وقت عباسي خاندان جي گورنرن
جي سنڌ تي حڪومت هئي، جنهن ڪري هو اسلامي عقيدا
سکي ڳجهه ڳوهه ۾ مسلمان ٿي رهيو.هن کي سندن عزيزن
جڏهن شادي لاءِ زور آندو، تڏهن انڪار ڪيائين ڇاڪاڻ
جو هو هندو ڌرم کان بيزار ٿيل هو، جنهن تي ڪن
ماڻهن ٽوڪ طور چيس ته هو شايد عرب ملڪ مان وڃي
عربياڻي پرڻجي ايندو. انهيءَ ڪري هندو سنڌي عورت
قبول نه ٿو ڪري. چون ٿا ته هو انهيءَ زماني ۾ حج
جي ارادي سان روانو ٿي ويو، جڏهن مڪه معظمه ۾ پهتو
تڏهن هڪ ٻُڍي عورت کي ڏٺائين، جا دڪان تي قرآن
شريف جي تلاوت ڪري رهي هئي. هن کي اها ڏاڍي پسند
آئي. بيهي ٻڌڻ لڳو. مائي چيس ته بابا ڇو بيٺو
آهين؟ چيائين ته قرآن جي قرآت ٻڌڻ لاءِ. جيڪڏهن
احسان فرمائي مون کي به قرآن جي قرآت سيکارين ته
گولو ٿي رهندس! مائي چيو ته منهن جي استاد به منهن
جي ڌي آهي، هو پرده نشين آهي. تون جيڪڏهن زنانو
لباس ڍڪي خاموش هلي سندس درس ۾ شريڪ ٿئي. آخر ڇٽو
ان ريت قرآت جي درس ۾ پهچي ويو. چون ٿا انهيءَ
ڇوڪري کي علم نجوم ۾ به مهارت هئي، جنهن کي نجوم
جي زائچه مان معلوم ٿيو ته هو سندس شادي سنڌ جي
رهاڪو مرد سان ٿيندي، جنهن کان پوءِ ڇٽي سان سندس
شادي ڪرائي ويئي. ان کانپوءِ ڇٽو پنهنجي انهيءَ
بي بي سميت جنهن جو نالو فاطمه هو. سنڌ ۾ واپس
موٽي آيو.
دلو راءِ جي شهر برهمڻ آباد ۾ پهچڻ کان پوءِ دلو راءِ
زور آندو ته ڇٽي جي زال فاطمه سندس حوالي ڪئي وڃي.
ڇاڪاڻ ته هن نامراد جو رواج هو ته نئين ڪنوار
پهريان سندس حوالي ٿيندي هئي، مگر ڇٽي انڪار ڪيو ۽
هن کي وعظ و نصيحت ڪرڻ لڳو، مگر دلوراءِ باز نه
آيو. آخر هڪ ڏينهن ڇٽو گهر کان ٻاهر ويل هو، ان
وقت وجهه وٺي دلوراءِ سندس گهر ۾ گهڙي پيو، مگر
ڇٽو بروقت پهچي پنهنجي زال کي پاڻ سان وٺي شهر ڇڏي
هليو ويو ۽ بد دعا ڪيائين ته هي شهر غرق ٿي ويندو،
جو آخر ائين ٿيو ۽ شهر ٽن ڏينهن اندر زلزله ۾
برباد ٿي ويو. (تحفت الڪرام)
ٻئي روايت ۾ آهي ته ڇٽو دلوراءِ جي ظلمن کان بغداد جي
خليفه وٽ 4 صدي هجري ڌاري دانهن کڻي ويو. جنهن سان
سيد علي مڪي گڏجي سنڌ ۾ آيو. دلوراءِ جو شهر برهمن
آباد قدرتي طرح برباد ٿي ويو. دلوراءِ ان کان
پوءِ سيوهڻ ۾ اچي رهيو ۽ پنهنجي هڪ نياڻي جي شادي
به سيد علي مڪي سان ڪرايائين ۽ جنهن مان لڪياري
سيدن جو خاندان سنڌ ۾ وڌيو ۽ پکڙيو آهي. ڇٽو
امراني حقيقت ۾ دلوراءِ جو مائتي ڀاءُ هو ۽ سندس
والده جو نالو ”آمره“ هو. جنهن ڪري هن تي امراني
جي نسبت پئي آهي. (تحفت الڪرام قلمي نسخه) ڇٽو
امراني حاجي حافظ درويش عارف سيوهڻ ۾ چوٿين هجري
جي پڇاڙي يا پنجين صدي جي اوائل ۾ وفات ڪئي ۽ اتي
ئي دفن ڪيو ويو.
سندس مقبره تي شاهه جهان جي زماني ۾ سيوهڻ جي حاڪم سيد
ديندار شاهه عرف ڀوهه هڪ گنبذ ٺهرايو، جنهن تي
هيٺيون ڪتبه لڳل آهي:
بدور شهنشاهه شاهه جهان
خديو خرد مند صاحبقران
چو خلد برين روضئه شاهه چئه
بنا کرد نواب ديندار خان
ز سال بنايش طلب دانشد
بهشت بروئي زمين گفت عثمان
1042 هه
گنبذ هن وقت به چڱي حالت ۾ آهي. صحن تي سبز ڪاشي جون
سرون لڳل آهن، ديوارين تي ڪاشي ڪاري ٿيل آهي ۽
مٿيون ڪتبو به ڪاشي جي سرن تي مغربي ديوار تي لڳل
آهي.
275- مخدوم عثمان مرندي سيوستاني
سيد عثمان مشهور لعل شهباز قلندر بن سيد حسن ڪبيرالدين
بن سيد شمس الدين بن سيد صلاح الدين بن سيد شاهه
بن سيد خالد بن سيد محب بن سيد مشتاق بن سيد
اسماعيل بن سيد امام جعفر صادق بن امام محمد باقر
بن امام زين العابدين علي بن امام حسين بن امام
علي بن ابي طالب رضي اللهب تعاليٰ عنهم اجمعين.
(اخبار اولياء و گنج تاريخ)
قلندر نامه ۾ لکي ٿو ته شمس الدين سيد عثمان لعل شهباز
آذربائيجان جي پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ مرند ۾ 538هه ۾
تولد ٿيو.
شروع ۾ قرآن شريف ياد ڪيائين ۽ ان کان پوءِ ٻيا علم
سمورا حاصل ڪري وڏو فاضل ٿيو. ظاهري علمن جي
ڪماليت کان پوءِ، بابا ابراهيم ڪربلائي جي خدمت ۾
پهچي باطني علم حاصل ڪيائين ۽ کائونس ئي خرقه
خلافت ڍڪيائين. ڪتاب معارج الولايت ۾ آهي ته
”قلندر شهباز“ ظاهري ۽ باطني ڪمالات جو مالڪ آهي.
پڌرين ۽ ڳجهين ڪرامتن جو صاحب هو. ڪرامتون ۽ ڏکيون
ڳالهيون بي اختيار هن کان ظاهر ٿينديون رهنديون
هيون. هو اصلي سنڌ جو رهاڪو آهي. حسيني سيدن سڳورن
جي خاندان مان آهي. هو مريد ۽ خليفه شيخ
بهاءُالدين ذڪريا ملتاني جو آهي. هن ۾ جذب ۽ مستي
نهايت چوٽ تي چڙهيل هئي، تنهن ڪري شريعت جي حڪمن
جو پورو پابند ڪونه رهندو هو. ملاميه فرقه جي
طريقي تي هلندو هو. حسن پرستي کان سواءِ گياهه سبز
(ڀنگ) به گهڻي انداز ۾ پيندو هو. ڳاڙها ڪپڙا
ڍڪيندو هو، شهباز جو لقب سندس مرشد وٽان مليو هوس.
جنهن صورت ملاميه طريقي تي هو، تنهن ڪري ماڻهو کيس
قلندر سڏيندا هئا. گهڻين ڪرامتن ظاهر ٿيڻ ڪري
هزارين ماڻهو سندس معتقد ۽ مريد ٿيندا رهيا.
(خزينت الاصفياء).
قلندر نامه ۾ لکيل آهي ته لعل شهباز مريد شيخ بابا
ابراهيم جو هو. مدارج الولايت وارو لکي ٿو ته هو
شيخ بهاءُ الدين ملتاني جو مريد ۽ خليفو آهي، مگر
حقيقت هيءَ آهي، هو ٻنهين بزرگن جو تربيت يافته
هو. اخبار الاولياء مان معلوم ٿئي ٿو ته هو بابا
ابراهيم جو مريد نه هو پر سندس خليفي شيخ جمال
مجرد جو خليفو هو ۽ سندس سلسله پيري جو هن ريت
آندو ويو آهي. ”سيد عثمان مرند مريد شيخ جمال مجرد
جو ۽ اهو مريد شيخ بابا ابراهيم مجرد جو، اهو
مريد شيخ عاقل شهيد جو، اهو مسڪين شهيد جو ۽ اهو
شيخ مرتضيٰ سبحاني جو ۽ اهو مريد امام جعفر رضي
الله عنه جو.
مير قانع لکي ٿو ته ”مخدوم لعل شهباز قلندر سير ڪندي
662 سنڌ مان لنگهي اچي ملتان ۾ پهتو ۽ انهيءَ
زماني ۾ ملتان جو حاڪم شهزاده محمد ولد سلطان غياث
الدين بلبن دهلوي هو. شهزادو هڪ نوجوان، نيڪ بخت
عالمن، صالحن جو صحبتي هوندو هو. شيخ بهاءُالدين
ذڪريا ۽ شيخ فريد شڪر گنج سندس دوستن ۾ داخل هوا.
امير خسرو دهلوي ۽ دهلي جو مشهور صوفي شاعر مير
حسن سندس درٻاري هوا، شهزاده محمد لعل شهباز قلندر
کي ملتان ۾ رهڻ لاءِ گهڻو ئي چيو، مگر پاڻ قبول نه
ڪيائون. اتان اڳتي روانو ٿي شاهه شمس بو علي قلندر
جي خدمت ۾ پهتو، جنهن چيس ته هندوستان ۾ اڳ ئي ٽي
سو قلندر موجود آهن، تنهن ڪري بهتر ته تون وري
موٽي سنڌ ڏانهن هليو وڃ!“
انهيءَ اشاري ملڻ کان پوءِ هو صاحب سنڌ ۾ واپس وري اچي
سيوهڻ ۾ سڪونت پذير ٿيو. سيوهڻ ۾ جنهن هنڌ تي اچي
رهيو. اُتي آس پاس ڪجهه بد پيشه عورتون رهنديون
هيون. مخدوم شهباز جي رهڻ ڪري اهڙو تصرف ٿيو جو
انهيءَ رات جيترا به بدڪار مرد، انهن عورتن وٽ
رهيل هوا سي پنهنجي فعل تي سگهارا نه ٿي سگهيا.
صبح جو جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿين ته سندن پاڙي ۾ ڪو
ولي الله اچي رهيو آهي، جنهن ڪري اُهي سموريون
زالون ته توبه تائب ٿي آئنده لاءِ بد پيشي کان باز
آيون. (تحفت الڪرام)
مخدوم حضرت عثمان مرندي جي نالي ڪيترا ئي شعر ۽ غزل
منسوب آهن، مگر هت اُهو غزل آندو آهي ته تبرڪ طور
يادگار رهي:
از عشق دوست هر ساعت درون نار مي رقصم
گهي بر خاک مي غلطم گهي بر خار مي رقصم
بيا اي مطرب مجلس سماع ذوق را ور ده
که من از شادي وصلش قلندر وار مي
شد بدنام در عشقش بيا در پارسا اکنون
نمي ترسم ز رسوائي بهر بازار مي رقصم
مرا خلقي همي گويد گدا چندين چه مي رقصي
بدل داريم اسراري ازان اسرار مي رقصم
منم عثمان مروندي که يار خواجه منصورم
ملامت مي کند خلقي و من بردار مي رقصم
مير غلام علي آزاد بلگرامي لکي ٿو ته مولانا محب علي
تتوي جو پنهنجي زماني جو وڏو بزرگ هو ۽ شاهجهان
نامه ۽ ٻين تاريخ جي ڪتابن ۾ سندس ذڪر آيل آهي. ان
جي دستخط هي عبارت لکيل ڏٺم ته حضرت لعل شهباز
قدس سره سندس نالو شريف عثمان است فقير (محب
علي)هڪ ڪاري پٿر جي تختي هيٺيئن ريت ڪتبه اُڪريل
ڏٺو هوم.
شيخ عثمان مرندي قطب دين باز سپيد – مرند ميم جي زبر
راء بنا نقطه واري، نون جزم سان، دال بغير نقطه
جي هڪ ڳوٺ آهي، ”علاقه تبريز ۾“ سندس نسب 13
واسطن سان امام جعفر صادق سان وڃي ملي ٿو.
”تذڪره مشائخ سنڌ“ ۾ ڏيکاريل آهي ته لعل شهباز جي ڄمڻ
۽ وڏي ٿيڻ جي جاءِ مرند آهي. جڏهن جواني کي پهتو،
تڏهن بابا ابراهيم مريد شيخ جمال مجرد جي خدمت ۾
رسيو، پورو هڪ سال انهيءَ صاحب ڪمال جي خدمت ۾
رهي، ڪماليت جي درجي کي رسيو، ۽ خلافت جي خلعت
ڍڪي، اجازت حاصل ڪيائين. سموري ڄمار شادي ڪرڻ کان
سواءِ مجرد يا اڪيلو رهيو. آخر سنڌ ڏانهن هجرت
ڪري، شيخ الاسلام بهاء الدين زڪريا ملتاني ۽ شيخ
فريد شڪر گنج جي خدمت ۾ رهي، گهڻو ڪجهه حاصل
ڪيائين ۽ شيخ صدرالدين عارف ملتاني سانبه صحبتون
رهيس، ان کان پُءِ سيوهڻ ۾ مقيم ٿيو.
ضياء برني تاريخ فيروز شاهي ۾ لکي ٿو ته جڏهن حضرت
مخدوم شهباز ملتان ۾ پهتو تڏهن، خان شهيد، يعني
شهزاده محمد قاان اعتقاد موجب تواضع جا سمورا شرط
بجا آندا ۽ گهڻو ئي ڪجهه نذراني طور خدمت ۾ پيش
ڪيائين. شهزاده ڪوشش ڪئي ته هي بزرگ ملتان ۾ مقيم
ٿي رهي، پر پاڻ راضي نه ٿيا. هڪ ڏينهن جو واقعو
آهي ته خان شهيد پنهنجي مجلس ۾ شيخ صدرالدين عارف
۽ حضرت عثمان شهباز کي سڏايو.، مجلس ۾ عربي غزل
ڳائجڻ شروع ٿيا. هي ٽئي بزرگ ۽ درويشن جي ٻي جماعت
رقص ۾ هوا ۽ خان شهيد هٿ ادب جا ٻڌيو بيٺو هو ۽
زار زار رنو ٿي.
مير غلام علي وڌيڪ لکي ٿو ته آءٌ جڏهن 10 ربيع الاول سن
1143 ۾ سيوهڻ ۾ پهتس ته ان وقت سيد محمد خان (سندس
مامو) بخشي گري ۽ قائع نگاري جو عهدو منهنجي حوالي
ڪري، پاڻ ڳوٺ بلگرام روانو ٿي ويو، مگر ٿوري ئي
وقت ۾ مون کي نوڪري کان برطرف ڪيو ويو، جنهن ڪري
ڏاڍو پريشان ٿي پيس.
هڪ رات خواب ۾ ڏسان ٿو ته ڪنهن شهر جي هڪ گهٽي مان وڃي
رهيو آهيان، هڪ سامهون ايندڙ ماڻهو کان پڇيم ته
هي گهٽي اڳيان کليل آهي؟ جواب ۾ هن ماڻهو عربي
زبان ۾ چيو ته ”ستلقاڪ رجال“ يعني توکي اجهوڪي مرد
ٿا ملاقي ٿين. اڃا ٻه چار قدم اڳتي وڌيس ته 3 بزرگ
سنڌي پوشاڪ ۾ هڪ جاءِ ۾ ويٺا آهن. جن ۾ هڪ اڳواڻ
پيو سمجهان. مان اڳتي وڌي سلام چئي وڏي بزرگ جي
سامهون گوڏن ڀر ادب سان ويهي رهيس، عرض ڪيم ته
منهن جي نوڪري بحال ٿيندي؟ اهي لفظ ٻڌي گردم کڻي
جهڪايائين ۽ مراقبه ۾ هليو ويو. برابر هڪ ڪلاڪ کان
پوءِ مٿو مٿي ڪري فرمايائين بحال ٿيندي. عرض ڪيم
ته هي ڳالهيون ٿي گذريون آهن. فرمايائين آءٌ جو
چوان ٿو ته بحال ٿيندي. آخر هڪ سال کان پوءِ وري
نوڪري ملي وئي. پوءِ معلوم ٿيو ته اهو بزرگ
خوشخبري ڏيندڙ لعل شهباز قلندر هو ۽ هڪ پهر يا هڪ
ڪلاڪ مراقبي جي معنيٰ هئي هڪ سال.
(ماثر الڪرام صفحو 287)
شيخ عثمان مرندي جي تاريخ وفات ۾ گهڻو ئي اختلاف آهي.
سير قلندري ۾ لکيل آهي خميس ڏينهن عصر جي وقت 21
شعبان سن 688 ۾ وفات ڪيائين، سندس ڄمار 136 سال
هئي. هڪ قطعه تاريخ سن 650 ڏيکاريل آهي.
چو شهباز مقدس لعل حضرت
شده طائر برحمت راز جنت
نموده فکر تاريخ وصالش
سروش غيبم گفتا برحمت
650
حياتي قلندر ۾ به سن 650 لکي ٿو، جيئن هيٺيئن قطعه مان
معلوم ڪري سگهجي ٿو:
بجو تايخ شمس الدين عثمان
بد رکن رنج از فلک کرامت
538 (تاريخ ولادت)
سن عمرش ولي الله – وفاتش
112
سروش غيب مي گويد برحمت
650
رساله نسبت سادات سنڌ قلمي وارو لکي ٿو ته:
وفات مخدوم محمد عثمان لعل شهباز بيست يکم (21) روز
يکشنبه بوقت عصر خمسين وسته (650) علي الاصح.
مفتي غلام سرور لاهوري گنج تاريخ ۽ خزينة الاصفياء ۾
لکي ٿو ته سندس وفات سن 724هه ۾ ٿي آهي. جيئن ته
هيٺيون قطعه تاريخ ۾ لکيو اٿس:
چو رفت ولي عثمان از دار دنيا
ز حق ابواب شد برو باز
ز مخدوم اجل جو ارتحالش
724
فرما عارف محبوب شهباز
724
مير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام ۾ ۽ مقالات الشعراء ۾ سندس
وفات جو سال 673 لکيو آهي اهوئي صحيح سال آهي.
مقالات ۾ لکي ٿو:
اين محقر متوسل نگاه اهل الله چو عدد اسم گرامي اش را
شمار گرفت در سال واقعه دوازده کم بوده لهذا باين
تعميه دوبيت در واقعش گفتم.
چون رفت سوئي جنان آن شيخ
کو زبده آل و پاڪ نام است
از هاتف غيب مي شنيدند.
عثمان بد وازده امام است
673
276- سيد شجاعت علي بکري
شجاعت بن سيد لطيف علي بکري. هو شاهجهان بادشاهه دهلي
جي اميرن مان هڪ نامور امير ٿي گذريو آهي. ڪجهه
وقت دوآبا جو به فوجدار ٿي رهيو ۽ ڪجهه وقت قلعه
ڪانگڙه جي نگهباني ۽ حفاظت لاءِ مقرر ٿيو.
شاهه جهان جي 27 سال جلوس واري زماني ۾ سيد صاحب کي
ٻڍاپڻ ڪري نوڪري کان معافي ڏئي کيس فريد آباد (يو.
پي) جي پرڳڻي، چار لک دام جاگير مقرر ڪري ڏني وئي
۽ کيس هزار ۽ پنج سو سوارن جو منصب عطا ڪيو ويو.
شاهه جهان جي وفات کانپوءِ هو محي الدين عالمگير جي نظر
عنايت جو حقدار ٿيو. شاهزاده محمد شجاع برادر
عالمگير جي بغاوت ۽ جنگ جي موقعي تي ۽ شهزاده
داراشڪوه جي ٻئي جنگ وقت سيد صاحب حضرت عالمگير
سان جنگين ۾ همرڪاب رهيو. عالمگير تخت نشيني جي
ٻئي سال کيس شجاعت خان جو لقب عطا فرمايو. ان کان
پوءِ هو چنڊا واهه جي قلعه داري تي مقرر ٿي، دنيا
و مافيها کان تعلقات ٽوڙي خاموش زندگي گذارڻ لڳو.
ان کانپوءِ سندس وڌيڪ احوال معلوم ڪونه ٿي سگهيو
ته ڇا ٿيو. (ماثرالامراء)
277- سيد عبدالڪريم امير خان بکري
مير عبدالڪريم امير خان بن مير ابوالبقا امير خان بن
مير ابوالقسام نمڪين هروي بکري. هي خاندان هميشه
کان وٺي مغل بادشاهن جي دربار ۾ عمدن خدمتن بجا
آڻڻ جي مقبول ۽ مقرب رهندو آيو هو، تنهن ڪري
پنهنجي والد۽ ڏاڏي وانگر حضرت محي الدين اورنگزيب
جي دربار ۾ پهچي، سڀ کان پهريان بادشاهه جي نماز
پڙهڻ جي بندوبست ۽ مصلي وڇائڻ جي خدمت لاءِ مقرر
ٿيو. ان کان پوءِ ستت ئي، بادشاهه ۽ محلات جي
چوڪيدارن جي نگراني ۽ نماز جي انتظام رکڻ سان ٻئي
ڪم سندس حوالي ٿيا. بادشاهه هن جي خدمت ۽ سهڻي
حاضري کان راضي ٿي مٿين حاضري جي ڪمن سان گڏ نقاش
خانه جي نگراني به مير صاحب جي حوالي ڪئي.
آخر 1128هه ۾ ڪنهن ڪوتاهي سبب بادشاهه کائونس ٿورو
ناراض ٿي پيو جنهن ڪري نماز جو انتظام کائونس کسيو
ويو.
1129هه ۾ جڏهن بادشاهه زاده شاهه عالم بهادر حيدرآباد
دکن تي ڪاهي اهو شهر ابوالحسن والي تلنگ تي فتح
حاصل ڪئي تڏهن مير صاحب کي شاهزاده جي خدمت ۾ مقرر
ڪيو ويو هو. حيدرآباد جي ٻاهران چئن ڪوهن تي هڪ
هلڪي جنگ ٿي جنهن ۾ مير عبدالڪريم کي سخت زخم
رسيا، جنهن ڪري ميدان ۾ نهايت لاچاري واري حالت ۾
پيو رهيو. آخر کيس اُتان کڻائي شاهزاده جي فوج ۾
پهچايو ويس، جتان محمد مراد نالي هڪ امير کيس
پنهنجي گهر کڻائي ويو ۽ اُتي سندس دوا درمل ڪيو
ويو. صحت حاصل ڪرڻ کان پوءِ سندس ارادو هو ته
سرڪاري ملازمت ڇڏي گوشه نشين ٿي رهي، مگر بادشاهه
جي پيغام پهچڻ تي خان جهان ادر سان گڏجي شاهي
دربار ۾ وڃي پهتو. (بادشاهه انهيءَ زماني ۾ ڏکڻ
هندستان جي جنگين ۾ رڌل هو)
انهيءَ زماني ۾ صوبه دکن جي محصول اڳاڙڻ لاءِ نيابت
خان سان گڏ هن کي سرڪاري طرح انهيءَ ڪم تي مقرر
ڪيو ويو ۽ ازانسواءِ ڏنڊن وصول ڪرڻ جو ڪم به سندس
سپرد ٿيو.
1133هه محصول اڳاڙڻ جي حسن خدمت سبب بادشاهه کيس دربار
۾ گهرائي ملنقت خان جو خطاب عطا ڪيو. سرڪاري محلات
جي آبداري جون خدمتون سندس حوالي هيون.
1136هه دربار ۾ خاص حاضري جو شرف حاصل ٿيس ۽ هزاري جي
بلند منصب تي وڃي پهتو ۽ بادشاهه جي طبيعت ۾ ڪافي
اثر رسوخ حاصل ڪيائين جنهن ڪري نهايت خاص خلوت ۽
پرده داري واري حالت ۾ حاضري جو حڪم ٿيس. 1145هه
۾ خانداني لحاظ سان مير جي لفظ سان بادشاهه سڏڻ
لڳس. ان کان پوءِ ستت ئي مير خان جو خطاب حاصل
ٿيس.
1148 ۾ پنهنجي موروثي لقب امير خان سان سرفراز ٿيو. ان
وقت بادشاهه فرمايس ته اوهان جي والد کي جڏهن امير
خان جو لقب ڏنو ويو هو، تڏهن هن هڪ لک روپيا حضرت
فردوس مڪاني جي خدمت ۾ پيش ڪيا هئا. هاڻي ٻڌاءِ ته
تون ڇا پيش ڪري رهيو آهين؟
عرض ڪيائين، سو بار منهن جو ساهه اوهان جي ذات تان صدقي
آهي، منهنجو ته جان مال سڀ ڪجهه اوهان سائين جن تي
صدقي آهي.
ٻئي ڏينهن هڪ قرآن مجيد ياقوتي خط سان بادشاهه جي خدمت
۾ پيش ڪيائين، جنهن تي بادشاهه فرمايو ته اهڙي شي
عطا ڪئي اٿو جو دنيا و مافيها کان وڌيڪ ملهه واري
آهي. پوءِ ستت ئي سه هزاري جي منصب تي وڃي پهتو.
بادشاهه جي پوئين زماني ۾ ايتريقدر وڃي ويجهو ٿيو
جو رات ڏينهن وقت بي وقت بادشاهه جي خدمت ۾ ويندو
هو. ماثر عالمگيري ۾ آهي ته هندستان جي ديواپور ۾
بادشاهه فوج سان لٿل هو، اتي بيماري سبب سندس
طبيعت بگڙجڻ لڳي، بيماري جو ايڏو غلبو ٿيو جو ڪڏهن
ڪهن بيهوشي به طاري ٿئي ٿي ڄمار 90 سالن کي پهتل
هئي، جنهن ڪري چوطرف نا اُميدي پکڙندي رهي. ملڪ ۾
گڙ ٻڙ پيدا ٿيڻ جو خطرو نظر آيو ٿي. سيد عبدالڪريم
امير خان نقل ڪيو ته انهن بيماري وارن ڏينهن ۾
بادشاهه آهسته آهسته چپن ۾ (نظامي گنجوي جا هي
شعر) چئي رهيو هو:
بهشتادو نود چون رسيدي
بسا سختي که از دوران کشيدي
و ز انجا چون بصد منزل رساني
بود مرگي بصورت زندگاني
اهي شعر ٻڌي بادشاهه جي خدمت ۾ عرض ڪيم ته حضرت سلامت!
سيخ نظامي گنجوي انهن شعرن سان گڏ ٻيو هڪ شعر به
ارشاد فرمايو آهي. جو هي آهي:
پس آن بهتر که خود راشاد داري
دران شادي خدارا ياد داري
بادشاهه فرمايو ته وري پڙهه! ڪيترا دفعا مان انهيءَ شعر
کي وري وري پڙهيو. اشارو ٿيو ته لکي ڏي. لکي ڏنم.
پوءِ انهيءَ کي گهڻو وقت پئي پڙهيائون، جنهن کان
پوءِ صحت ۽ طاقت ترقي ڪندي وئي. انهيءَ رات جي صبح
جو مظلومن جي دانهن ٻڌڻ واري ڪچهري ۾ تشريف فرما
ٿي، مير عبدالڪريم کي فرمايائون ته اوهان جي بيت
مون کي صحت ڪامل بخشي، منهن جي هيڻي بدن ۾ طاقت ۽
توانائي آندي آهي.
امير خان (عبدالڪريم) هڪ تيز فهم ۽ نڪته رس ۽ جلد ڳالهه
کي سمجهندڙ ۽ وڏو حاضر جواب فاضل ماڻهو هو.
بيجاپور جي گهيري وقت بادشاهه محفھ ۾ چڙهي کاهي جي
معائنه ڪرڻ لاءِ روانو ٿي اچي قلعه جي خندق يا
کاهي تي پهتو ۽ قلعي مان دشمن پاران خوب گولي باري
ٿي رهي هئي، جي بادشاهه جي محفه مٿان لنگهي رهيا
هئا.
مير عبدالڪريم ان وقت بادشاهه جي نماز جو انتظام رکڻ جو
داروغو هو، تنهن ايڏي گوله باري هلندي فوراَ
هيٺيون مصرعه تاريخ تيار ڪري:
فتح بيجاپور زودي مي شود
1099
ڪاغذ جي ٽڪري تي موٽي قلم سان لکي بادشاهه جي خدمت ۾
پيش ڪيو. بادشاهه ان مان نيڪ فال وٺي فرمايو ”خدا
کند چنين باشد“ يعني ته الله تعاليٰ شال ائين
ڪندو. آخر انهيءَ هفته ۾ بيجاپور جو قلعو فتح ٿيو.
گولڪنده جي قلعي جي فتح ٿيڻ تي هيٺئين ريت تاريخ مصرعه
لکيائين:
فتح قلعه گولڪنده مبارک بادا
1099
بادشاهه انهيءَ تي تمام گهڻي مهرباني فرمايس.
بادشاهه جي قرب ۽ پيار ڪري، هو هڪ اهڙي وڏي اوج کي پهتل
هو جو ڪنهن کي به ڪجهه ڪري ڪين ڀائيندو هو. خاندان
جا امير زادا ۽ ٻيا بلند مرتبي وارا ماڻهو هن جي
نظرن ۾ ڪجهه به ڪين هوندا هئا. بلڪ سڀ ڪو ماڻهو
هن جو محتاج هوندو هو، ڇاڪاڻ جو هن جو بادشاهه جي
طبع ۾ سخت دخل هو.
پالڪي ۾ چڙهي بادشاهه جي دربار ۾ اچڻ جن ٻن چئن ماڻهن
کي اجازت هئي، تن مان هڪ صاحب هي به هو. ان مان هن
جي مرتبي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن بادشاهه
جي دل ۾ ڪيتري قدر جاءِ حاصل ڪئي هئي.
بادشاهه جي وفات کان پوءِ پهريان شاهزادو محمد اعظم
شاهه سان، ان کان پوءِ شاهزاده شاهه عالم بهادر
شاهه تخت جو مالڪ ٿيو ته مير صاحب کي سه هزاري م
نصب عطا ٿيو، مگر بادشاهه جي زماني وارو ناز نخرو
بلڪل ڪونه رهيو. آخر اڪبر آباد (آگره) جي قلعه
داري تي مقصد ٿي گوشه نشين ٿيڻ گهريائين، مگر منعم
خان خانخانان وزير اعظم جو مروت ۽ فضيلت ۾ بي نظير
انسان هو، تنهن مير صاحب کي آگره جو صوبيدار مقرر
ڪري سندس قدر شناسي ڪئي، مگر ان کان پوءِ ستت ئي
معزول ٿي فقط قلعه دار ٿي رهيو. بادشاهه محمد فرخ
سير جي وچ حڪومت واري زماني ۾ دهلي ۾ گهرائي شاهي
حويلي جو داروغو مقرر ڪيو ويو. فرخ سير کي تخت تان
لاهڻ کان پوءِ دهلي جي مغليه تخت تي باره جي سيد
ڀائرن جو قبضو ٿي ويو هو. امير الامراء حسين علي
خان ۽ سندس ڀاءُ قطب الملڪ سموري سلطنت جا مالڪ
هئا. قطب الملڪ سيد عبدالڪريم جي ڏاڍي رعايت ڪندو
هو ۽ کيس پاڻ سان گڏ تخت تي ويهاريندو هو. انهن
ڏينهن ۾ ئي (محمد شاهه جي شروع زماني ۾) دهلي ۾
وفات ڪيائين ۽ هڪ سو سالن جي ڄمار تائين هن جي
قوت ۽ نظر ۾ ڪو فرق ڪونه آيو هو. پنهنجي والد
وانگي اولاد تمام گهڻو ڇڏي ويو، جي گهڻُ ڪري
قابليت جا مالڪ ڪونه هئا. دولت ۽ مال دهلي مان کڻي
سنڌ ڏانهن هليا ويا. (ماثر الامراء)
278- حاجي عيسيٰ ساندائي محدث
عالم، فاضل، حاجي، محدث،موحد حاجي عيسيٰ رح. سندس فرزند
مولوي فيض الڪريم جو بيان آهي ته سندس ڏاڏو رنجيت
سنگهه جي حڪمراني جي زماني ۾ کهاوڙ قوم جي سردارن
سان گڏجي سنڌ ۾ هجرت ڪري آيا ۽ کهاوڙن جا ٻيلي،
دروازي جا ماڻهو ٿي گذران ڪندا هئا. سندس والد
مولوي حاجي عيسي سنڌ ۾ ڄائو ۽ هن اکيون کوليون ته
پاڻ کي کهاوڙن جو ٻيلي ڏٺائين.
مولوي فيض الڪريم جو چوڻ آهي ته اسان جا وڏا پاڻ کي
”اعوان“ سڏائيندا هئا ۽ شجره ۾ لکيل آهي ”بندگان
قطب الدين اعوان“ مگر سنڌ ۾ شهدادڪوٽ جي کهاوڙن
جي نوڪرن جي صورت ۾ پهتا. حقيقت ڇا آهي، ان جو پتو
ڪونه پوي ٿو.
هڪ دفعي جو واقعو آهي ته کهاوڙن اعوانن جي هڪ عورت کي
سندس وارثن جي اجازت ۽ رضامندي کان سواءِ ڪن ڌارين
ماڻهن کي شادي ڪرائي ڏني، مگرهو ويچارا مظلوم نوڪر
هئا، جنهن ڪري ڪجهه ڪري نه سگهيا جنهن تي حاجي
عيسيٰ جو سمجهه وارو نوجوان هو، سو اتان ناراض ٿي
ترڪ وطن ڪري طلب علم جي ارادي سان نڪري پيو. ان
زماني ۾ اڃا انگريزن جو راڄ ڪونه هو ۽ مٽيارين ۾
مخدوم عبدالڪريم جو مشهور مدرسو هو، اُتي اچي
پهتو. برابر ست سال علم حاصل ڪندو رهيو. اُنهيءَ
ساڳي زماني ۾ خليفو محمد يعقوب اچي همايون ۽ م
درسو قائم ڪيو هو، جنهن تي حاجي عيسيٰ مٽيارين مان
ڇڏي خليفي صاحب جي خدمت ۾ پهتو. مطول معاني جا اڃا
ڪجهه سبق پڙهيا هوائين ته خليفي صاحب ارشاد ڪيس ته
تون وري به وڃي مٽيارين ۾ پنهنجن پوئين ڪتابن جي
تڪميل ڪر. جنهن تي وري واپس آيو.
12 محرم سان 1295هه مطابق 1843ع جڏهن سنڌ تي انگريزن
قبضو ڪيو، تڏهن مخدوم عبدالڪريم متعلوي هن ملڪ کي
دارالحرب سمجهي، پنهنجي اهليه سميت مڪه شريف
ڏانهن هجرت ڪئي ۽ پاڻ سان انهيءَ سفر ۾ پنهنجي
پياري شاگرد قاضي حاجي عيسيٰ کي به پاڻ سان ورتيون
ويو. افسوس جو مخدوم صاحب ٻن سالن جي رهڻ کان پوءِ
1261هه ۾ مڪه ۾ وفات ڪئي. حاجي عيسيٰ خيال ڪيو ته
سندس اهليه کي سنڌ ۾ واپس وٺي وڃي عزيزن کي
پهچائي، مائي جي به اها مرضي هئي، مگر خواب ۾
مخدوم صاحب ارشاد ڪيس ته شرعي عدت جا ڏينهن گذاري
ان کان پوءِ سنڌ واپس وٺي وڃوس.
حاجي هڪ ذهين عالم هو، ان موقعي کي غنيمت ڄاڻي حرمين جي
عالمن کان علم حديث جي تحصيل شروع ڪئي. حج ڪندي،
برابر هڪ سال علم حاصل ڪندي گذري ويس.سنڌ ۾ جو
منطق ۽ معقول جو ڪوبه رواج ڪونه هو. انهيءَ فن ۾
به گهڻائي ڪتاب پڙهيائين. حديث جي سمورن ڪتابن جي
سند شيخ عمر محدث حدودي يمني کان حاصل ڪري، ان کان
پوءِ پنهنجي استاد جي اهليه محترمه سميت اچي
مٽيارين ۾ وارد ٿيو.
حاجي عيسيٰ جو اڳ حنفي فقه جو وڏو عالم هو، سو سنڌ ۾
وٽڻ وقت علم حديث ۽ منطق ۽ معقولات جو وڏو عالم
هو. هو حنفي مذهب جو پيرو هو، مگر مذهب جي تقليد
واجب ڪانه ڄاڻندو هو. پر صحيح حديث جي حڪم کي سڀ
کان مقدم سمجهندو هو. ان زماني ۾ سموري سنڌ ۾
سندس هم خيال فقط هڪ ئي عالم هو. يعني قاضي حاجي
عثمان نوشهرائي. جنهن سان آئنده هلي گهاٽا دوستانا
لاڳاپا ٿيس.
ان زماني ۾ خواجه محمد حسن مهاجر مڪي سجاده نشين درگاهه
شريف کي پنهنجي فرزند خواجه محمد سعيد صاحب جي
تعليم لاءِ هڪ وڏي عامل جي ضرورت هئي، جو خصوص
الحڪم محي الدين ابن عربي جي ڪتاب جي تعليم ڏئي
سگهي. سڄي سنڌ مان حاجي عيسيٰ جي معقول ۽ منقول جي
جامع هجڻ جي واکاڻ ٻڌي، کيس پاڻ وٽ گهرائي
ورتائين، جتي رهي هن وڏي عالم خواجه محمد سعيد کي
تعليم ڏني. لواري جي عظيم الشان ۽ بي نطير قلمي
ڪتبخانه مان بيحد فائدا حاصل ڪيا. لواري کان پوءِ
پهريان نوشهروفيروز تعلقه جي ڳوٺ جلباڻي ۾ اچي
رهيا ۽ ان وقت قاضي عثمان پاڻ وٽ ن وشهره ۾ رهڻ
لاءِ زور آندو. مگر ستت جناب پير سيد حزب الله
شاهه پاڳاري، هن بزرگ کي پنهنجن فرزندن جي تعليم
لاءِ پير ڳوٺ گهرائي ورتو ۽ اُتي تمام گهڻي احترام
سان صاحبزادن کي تعليم ڏيندو رهيو. جن مان پير علي
اصغر شاهه،تخلص علي، سمورا ڪتاب پڙهي فضيلت جي
درجي کي رسيو. پير ڳوٺ ۾ حضرت پير سائين، روضي ڌڻي
جو وڏو ڪتبخانه هو، جتان پڻ حاجي صاحب تمام گهڻو
پرايو. سنڌ جي عالمن ۾ هڪ وڏي ملومات وارو لائق ۽
فائق شمار ٿيڻ لڳو. سندس مُهر جو نقش هي آيت هئي:
”لن يستنڪف المسيح ان يڪون عبد الله“
پير ڳوٺ جي رهڻ واري زماني ۾ ڳوٺ منگر جي لڳ پير ڳوٺ جي
هڪ بزرگ حافظ حاجي فيض الله پيرزاده پنهنجي نياڻي
سان شادي ڪرايس جنهن جي پيٽ مان مولوي فيض الڪريم
تولد ٿيو. ان کان پوءِ ڳوٺ ساند تعلقه ڪنڊياره کي
هميشه لاءِ پنهنجو وطن بڻائي اچي رهيو، جتي ڪيترن
ئي شاگردن کائونس فيض پرايو، جن ۾ نوشهري جا
قاضي مشهور آهن. سندس مشهور شاگردن مان مولانا
عبداللطيف حيدرآبادي ۽ مولانا عبدالغفار محدث
لغاري ميرپور ماٿيلو ۽ مولوي قاضي عبدالڪريم ولد
قاضي حاجي عثمان نوشهرائي آهن. هو طريقت ۾ پير سيد
رشيدالدين راشدي صاحب العلم ثالث جو بيعت ٿيل هو ۽
خواجه عبدالقيوم قنڌهاري مجددي سان به سندس صحبتون
هيون.
هن بزرگ 90 سالن جي ڄمار کي پهچي ساندن جي ڳوٺ ۾ ماه ذي
القعد سن 1294هه ۾ وفات فرمائي، ملاءُ لاعليٰ جي
جوار رحمت ۾ وڃي شريڪ ٿيو. سنڌ جي مشهور شاعر سيد
غلام محمد شاهه صاحب گدا سندس تاريخ وفات ۾ هيٺيون
قطعه ارشاد فرمايو آهي:
جناب مولوي عيسي گرامي
محدث با عمل در عظامي
بزهد و ورع و تقويٰ بود آية
بعلم و عمل صالح نيک سيرت
چو عزم سفر کرده سوئي جنت
فتاده از مقدمش غلغل برحمت
شنيدم از ملک سرا و جهرا
جزاک الله في الدارين خيرا
1294 |