سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٻيو)

 

صفحو : 11

219- مولوي محمد علي سنڌي

        هي بزرگ عارف،  ڪامل، شاعر فاضل اصل سنڌ جو  رهاڪو هو. ابتدائي تعليم به سنڌ ۾ حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ ٻاهر علم جي تحصيل لاءِ سفر ڪندو رهيو. دهلي، لاهور ۽ پشاور ۾ علوم حاصل ڪري پنجاب جي  مشهور چشتي طريقي جي پير  خواجه محمد سليمان (متوفي 7- صفر 1267) جي خدمت ۾ پهچي، نجي بيعت ڪري سندس خدمت ۾ رهجي پيو. (تذڪره روز روشن)

        خواجه محمد سليمان تونسوي جي مريدن مان 3 خليفا عرب عجم  ۾ مشهور ٿي ويا جن مان هڪ مولوي محمد علي آهي. جنهن پنجاب کي پنهنجي ظاهري ۽ باطني فيض سان مالامال ڪري ڇڏيو.

(خزينت الاصفياء)

        آخر مرشد جي اجازت سان سنڌ  ندي جي ڪناري تي هڪ قصبه مکڏ ۾ اچي رهيو، جتي پنجاب وارن کي ظاهري ۽ باطني فيض ڏيندو رهيو. هو ايڏو وڏو پرهيزگار ۽ شب زنده دار عابد هو جو برابر 36 سال لڳو لڳ عشا جي نماز واري  وضو سان صبح جي نماز ادا ڪندو رهيو. هو فارسي جو نهايت بهترين شاعر هو. پورو ديوان غزليات جو يادگار ڇڏيو اٿائين. مولوي تخلص ڪندو هو سندس ڪلام جو نمونو اجهو هي آهي.

شهيد تير آن ترکم که از ابرو کمان دارد

خدنگ از شست آن خوردم که از مزگان سنان دارد

زچشم مست بيمارم چه بيماري فزود آخر

بهر سويش که مي  بينم هزاران کشتگان دارد

حديث حسن يوسف راکجا دانند اخوانش

زليخا را بپرس از وي که صد شرح و بيان دارد

خوش آن عاشق که از جانان رخ مهر وفا بيند

ز يار خويش حيرانم نه اين دارد نه آن دارد

صبابا آن طبيب عشق، حال مولوي برگو

که بس عمري است اين  بيمار سر بر آستان دارد

        هن بزرگ مکڏ شريف (پنجاب) ۾ ئي باقي ڄمار گذاري 29 رمضان شريف 1253هه ۾ وفات فرمائي.

(تذڪره روز روشن)

 

 

220- مير ڪرم علي خان ٽالپر حيدرآبادي

        سنڌ ۾ حيدرآبادي ٽالپرن جي شاخ مان چئن ڀائر ٽالپرن هڪ ٻئي جي پوئتان حڪومت ڪئي. تن مان مير ڪرم علي خان  ٽالپر هڪ نامور حاڪم ۽ علمي ادبي مذاق جو شاعر ٿي گذريو آهي. هن جو زمانو جيڪڏهن ٽالپرن جي  عروج حڪومت جو زمانو هو ته ان سان گڏ شعر ۽ سخن پروري جي ترقي جو زمانو ليکيو وڃي ٿو.

        ڪرم علي خان پنهنجي ٻن ڀائرن، مير فتح علي خان (فتح سنڌ) ۽ مير غلام علي خان کانپوءِ سال 1813ع ۾ گادي تي ويٺو.

        سندس زماني ۾ شاهه  شجاع الملڪ  قنڌار جو بادشاهه، سنڌ تي چڙهي آيو مگر  مير صاحب هنکي ڪافي خزانو ڏيئي، ملڪ تان اها مصيبت ٽاري ڇڏي.

        پنجاب جي حاڪم،  راجا رنجيت سنگ به سنڌ تي ڪاهڻ جو ارادو ڏيکاريو، مگر ميرن جي انگريزن سان دوستي قائم ٿي چڪي هئي، جنهن ڪري انگريزن وچ ۾  پئجي رنجيت سنگهه کي ڪاهڻ جي ارادي کان روڪي وڌو.

         مير ڪرم علي خان، مذهب جي لحاظ سان پڪو شيعو هو، جنهن ڪري هنجي نگراني ۾ هڪ مشهور مرثيه گو شيعو ثابت علي سيوهاڻي سنڌي زبان ۾ مرثيه جو بنياد رکيو ۽ ثابت علي  جي مير جي دربار ۾ ڏاڍو قدر ۽ عزت ٿيندي رهي.

        مير صاحب پاڻ فارسي جو  شاعر هو. هو پنهنجي يادگار هڪ ”ديوان“ ڇڏي ويو آهي. انهيءَ ديوان جو گڏ ڪندڙ مير نصير خان ولد مير مراد علي خان، سندس ڀائٽيو آهي.

        ”ديوان ڪرم“ ۾ ڪل 111 غزل، 3 قصيدا ۽ 4 قطعات آهن. سندس شعرجو نمونو هي آهي:

لطف ايزد هستم هردم يار ما

زين سبب بگرفت رونق کار ما

از نسيم فيض او خواهد شگفت

تازه گل در گلشن گلزار ما

نيست حاجت تا کرم سازد بيان

کار ساز ما به فکر کار ما

ٻي هنڌ فرمائي ٿو:

سويم به مهر ديد خطارا بهانه ساخت

وز کوئي خويش راند جفارا بهانه ساخت

گفتم بتا ز لطف بنه پاء بچشم من

خنديد ناز کرد، حنا را بهانه ساخت

گفتم که روئي تو به بينم ز شوق دل

پوشيد رو بدست دعا را بهانه ساخت

        مير ڪرم علي خان، 5 سال سنڌ تي راڄ ڪري 12 جمادي الثاني 1244هه مطابق 1838ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس تاريخ هيٺين فقري مان نڪري ٿي.

”بادا بهشتش بارگاهه“

 

221- ملا عبداللطيف بديڻائي

        عبداللطيف سرزمين سنڌ جو هڪ وڏو شاعر هو، قيصر تخلص سان مشهور حضرت محي الدين عالمگير جي دربارين مان هو.

        مير قانع لکي ٿو ته: قيصر هڪ مستعد ۽ قابل ماڻهو هو. ڇهن ڇهن مهينن کان پُءِ پيس جي تڏي جو مصلو کڻي سلطان عالمگير ڏانهن ويندو هو، جتان کيس ڪافي انعام ملندو هو ۽ عيال جو ان مان گذران ڪندو هو. هڪ دفعي بادشاهه جي حضور ۾ هي شعر پڙهيائين:

سُلطنت ختم ست بر تو چون نبوت بر نبي

بادشاهي بر تو تنها چون خدائي بر خدا

        بادشاهه شريعت جو سخت پابند هو. جنهن ڪري مٿئين قسم جي شاعري جنهن ۾ حد کان وڌيڪ مبالغو هجي کيس پسند نه هو. بادشاهه کي مٿئين شعر تي ڏاڍو غصو آيو ۽ حڪم فرمايائين ته ملا قيصر لاءِ روزينو ٺٽي جي حڪومت تي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن ملا آئينده سفر جي مصيبت کان ڇوٽڪارو لهي، سنڌ ۾ رهيو  پيو  هجي. ۽ هيڏانهن اچڻ جي تڪليف نه ڪري. هي هو بادشاهه جو غصو، پر  شفقت  سندس لاءِ ڪهڙي نموني جي هوندي. (مقالات الشعراء)

        ملا قيصر جي شاعرانه طبيعت ڏاڍي سخي هئي. هن ”ديوان قيصر“ پنهنجو يادگار  ڇڏيو آهي. بختيار خان خواجه سراء جي مدح ۾ فرمائي ٿو:

هر که خواهد مدد از بخت و نصيب از دوران

گونهند سر بر در دولت بختاور خان

(تذڪره فرحت الناظرين)

        بختاور خان پنهنجي ڪتاب ”ده ساله عالمگيري“ ۾ ملا قيصر جو ذڪر ڪيو آهي، کيس ٺٽي جو رهاڪو لکيو آهي. مگر مير  قناع مقالات ۾ لکي ٿو ته سنڌ وارن کي هندستان ۾ گهڻو ڪري ٺٽئي ڪري ليکيندا آهن. تنهن ڪري بختاور خان ملا قيصر بديڻي کي ”ده ساله“ ۾ ٺٽوي ڪري لکيو آهي. نه ته دراصل هو بدين جو رهاڪو آهي. تاريخ وفات معلوم نه ٿي سگهي، مگر سندس حالات مان ظاهر آهي ته هو 12 صدي هجري جو سنڌي شاعر هو.

 

 

222- مير زين العابدين ٺٽوي

        سيد زين العابدين عرف مير لطف الله ولد مير بزرگ. ٺٽي جي سيد علي شيرازي جي اولاد مان  هڪ وڏو صاحب ڪمال ۽ مرجع جميع خصال، پنهنجي وقت ۾ ٺٽي جي ماڻهن ۾ هڪ وڏو معتقد، اهل علم ۽ فضيلت جو مالڪ هو، ٺٽي جا حاڪم سندس بيحد تعظيم ۽ تڪريم ڪندا هوا. شهر جا سمورا ماڻهو هن جي فيض ۽ صحبت مان فائدا حاصل ڪندا هوا. علم جي استعداد به تمام گهڻو هوس. سندس ڪيترائي ڪتاب مشهور آهن.  حرزالبشر هڪ عربي رسالو ۽ ”ديوان قانع“ هن جا يادگار آهن. شعر ۾ قانع تخلص ڪندو هو. ملا حسن ڪاشي ايراني جي ترڪيب بند جو جواب ڏاڍو سهڻو لکيو اٿس.

(مقالات شعراء)

        مير علي شير قانع لکي ٿو ته سندس هي هڪ شعر هزار شعرن جي برابر آهي جو هيٺ درج ڪجي ٿو:

دوات چين چشم غزالان کم سياهي شد

مگر مجنون بليلي باز انشاکرد مکتوبي

        مير موصوف سال 1132هه ۾ وفات فرمائي ”رضو عنھ“ مان

1132 هه

سال تاريخ ڪڍيو ويو.

 

 

223- خليفو زين العابدين ٺٽوي

        صديقي نسب مان سنڌ ۾ قادري طريقي جي خليفن جي خاندان مان هڪ وڏو بزرگ گوشه نشين رهندو ايندو هو. جاءِ جو دروازو هميشه بند رهندو هوس جيڪڏهن ڪو  ماڻهو از خود کيس ڪجهه سوکڙيون يا نذرانو  پهچائيندو هو ته وٺندو هو.

        ان قسم جي ماڻهو جي آمد جو پتو کيس  باطن جي صفائي سان پوندو هو، جنهن لاءِ اُتي دروازو کوليندو هو. ٻي صورت ۾ سوال لاءِ ڪٿي به هٿ ڊگهو ڪونه ڪيو هوائين. ڪڏهن ڪڏهن فارسي ۾ ڪلام موزون ڪندو هو. فرمائي ٿو ته:

چه بردارد ز دريا نوک عصفور

چه نسبت درميان اعمي  ودر نور

نتابد پر تو خورشيد خفاش

ندارد سر معنيٰ طبع او باش

هم از تو باشم از تقصير کردم

بعصيان برگنه توفير کردم

توئي آمرزگاري هر گناهي

صلاح کار هر حالت تباهي

        هي اهل الله بزرگ سال 1148 ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪري هيمشه لاءِ هن دنيا جو دروازو بند ڪري ويو. (مقالات الشعراء)

 

 

224- مير حيدرالدين ٺٽوي

        مير حيدرالدين ابوتراب تخلص ڪامل، ولد مير رضي الدين تخلص فدائي بزرگ پنهنجي تخلص ڪامل وانگي سمورين ڪماليتن جو مالڪ هو. ۽ اهل ڪمال سندس خدمت ۾ ڪمالات حاصل ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندا رهندا هوا. دنيا کي ترڪ ڪري فقيرانه زندگي اختيار ڪئي هوائين. سموري حياتي شادي ۽ اهل عيال جي گسان ۾ ڦاسڻ کان سواءِ مجرد گذاريندو رهيو. هن کي اگرچه گذران جي ڪابه ڳڻتي ڪانه هوندي هئي. مگر ان هوندي به امير طبقي جا ماڻهو، جيئن ته نواب مهابت خان تخلص ڪاظم (متوفي 1135) منتون ڪري سندس خدمت ۾ نذر نياز  پهچائيندا هوا مگر گهڻو ڪري قبول نه ڪندو هو. گوشه نشيني ۾ گذاريندو هو.

        جيڪو به سندس صحبت ۾ ايندو هو، سو گهڻو ڪجهه پرائي اٿندو هو. قال الله و قال الرسول کان سواءِ سندس گفتگو خالي نه هوندي هئي.

        مير علي شير قانع ٺٽوي ۽ محمد پناهه رجا ٺٽوي سندس مشهور شاگردن مان آهن. سنڌي، هندي ۽ فارسي جو بهترين شاعر هو. سندس متفرق شعرن جو هڪ وڏو ڪتاب جمع ٿي ويو هو، جنهن کي سندس ارشاد موجب ميان محمد پناهه رجا مرتب ڪندو رهيو. فرمائي ٿو:

نگاهش ساغر مل ميتوان گفت

صراحي گفت قلقل مي توان گفت

شهادت جنت از دوزخ برآرد

چراغ گشته گل مي تواند گفت

 

ايضا

قانع بخانه دست بهر خان مکش مکش

يکنان بس است منت دو نان مکش مکش

ايما شناس نرگس بيمار يار باش

با درد ساز منت درد مان مکش مکش

 

 

        هندي شعرن جو نمونو ڏسو:

لبون دلبر ڪي ميري قتل پر بيڙا اڻهايا هي

خدايان خون سون ميري تو اسکو سرخرو کرنا

        ٻيا به هندي ۾ هزارين شعر زبان زد عام هوا. سندس شعرن جي ديوان کي محمد پناهه رجا اڃا پوري طرح جمع نه ڪيو هو ته پاڻ سال 1164 ۾ هن دنيا فاني مان رحلت فرمائي ويو. مير قانع ”ان للمتقين جنت“ جي فقري مان سال تاريخ جو ڪڍيو آهي.

(مقالات الشعراء)

 

 

225- حڪيم حبيب الله بکري

        حبيب الله بن خواجه ابراهيم بکري شاگرد حڪيم محمد بکري اهو شاگرد حڪيم عبدالڪريم  رضوي بکري (ملازم ميان نور محمد ڪلهوڙو) اهو شاگرد سيد حڪيم عبدالفتاح نمڪين دهلوي.

        حڪيم حبيب الله هڪ مصنف ۽ شاعر  عالم هو. سندس تصنيفات مان (1) رساله در نبض (2) دلائل البول (اهي ٻئي رسالا منظوم آهن) (3) دافع الامراض و شفاء الاعواض (4) شجره منظومه مشائخان قادريه (5) رساله در علم تصوف.

        هو بزرگ حضرت پير محمد راشد عليه الرحمت روضي ڌڻي جو مريد ۽ خليفو هو. سندس دستخط شرح مثنوي مولانا روم جو نظر مان گذريو جنهن کي 22 جمادي الثاني سن 1218 ۾ لکي پورو ڪيو اٿس. (دافع الامراض) جي پڇاڙي تي 9 ذي الحج سن 1221هه لکيل آهي.

        اگرچه تاريخ وفات معلوم ٿي نه سگهي. مگر مٿين رسالن مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته هو بزرگ ٽالپرن جي زماني ۾ 13 صدي هجري ۾ گذريو آهي.

 

 

226- سيد عبدالڪريم متعلوي (بلڙي وارو)

        سيد عبدالڪريم بن سيد لعل محمد جو شجرو نسب وڃي سيد علي بن حيدر هروي سان ملي ٿو.  ۽ انهيءَ سيد علي متعلوي شهر آباد ڪيو، جو هاڻي مٽيارين جي نالي سان مشهور آهي.

         سيد عبدالڪريم مشهور شاهه ڪريم بلڙي وارو مٽيارين ۾ 20 شعبان 944هه (20 جنوري 1538ع) ڄائو. هو اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد وفات ڪري ويو، جنهن ڪري سندس پرورش ۽  سنڀال سندس وڏو ڀاءُ سيد جلال ۽ سندس والده ڪندا رهيا. چئن  پنجن سالن جي ڄمار ۾ کيس مڪتب موڪليائون، پر پڙهڻ ۾ دل نه لڳس. سبق جي بجاءِ، الله جو نالو ياد ڪندو رهيو. سندس وڏي ڀاءُ هنجي پڙهائڻ لاءِ گهڻي ئي ڪوشش ورتي، پر ڪامياب نه ٿيو. هو ننڍپڻ ۾ مڪتب ڇڏي وڃي سماع يا راڳ جي مجلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو، جنهن سان ڏاڍو چاهه هوندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن وعظ جون مجلسون به ٻڌندو هو.

        هڪ دفعي مشهور عالم مخدوم ضياءُ الدين جو وڏو عارف دانشمند هو تنهن وعظ ڪيو ٿي، شاهه ڪريم ننڍڙو هو ۽ ڪن لائي وعظ ٻڌي رهيو هو. جڏهن وعظ ختم ٿيو ۽ شاهه ڪريم اُٿي گهر ڏانهن هلڻ لڳو تڏهن مخدوم ضياءُ الدين جي سندس پٺ تي نظر پئجي وئي، ڏسڻ شرط فرمائين ته سبحان الله هي ڇوڪرو هنن ڏينهن ۾ ئي ..... خضر عليه السلام سان صحبت ۾ آهي. جيڪڏهن جواني ۾ کيس ڏسان ها ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها.

        سيد جلال جي وفات کان پوءِ حضور رسول الله صلي الله عليه وسلم وٽان شاهه ڪريم کي ارشاد ٿيو ته آئنده پنهنجي ڀاءُ وانگي گهر جي ڪم ڪار ۽ عيال جو سمورو بار توتي آهي. انجي خدمت ڪندو رهه.

        ڀاءُ جي وفات کان اڳ ۾ ئي سندس شادي ڪرائي وئي هئي. هن کي اگرچه شادي سان ڪابه دلچسپي ڪانه هئي، مگر سندس وڏي ڀاءُ ۽ سندس والده کائونس پڇڻ کانسواءِ شادي ڪرائي ڇڏي، نڪاح واري مجلس ۾ ئي انڪار ڪرڻ تي هو، مگر عزيزن، ساداتن جي زور آڻڻ تي کڻي قبول ڪيائين.

        سندس ملفوظات جي ڪتاب بيان العارفين ۾ آهي ته دل ۾ پنهنجي بيبي سان  لاڳاپو ڪونه هو، ۽ گهر ۾ گهڙندو هوس ته ڄڻ دوزخ ۾ پير پاتم. اهڙي رنجش جي حالت ۾ به مون کي ڪيترائي ٻار ڄاوا ڇاڪاڻ جو ڪوشش ڪري اها رنجش لڪائيندو رهندو هوس. ايتريقدر جو گهر وارن کي ان جو پتوئي ڪونه پيو. ٻاهران ڪو هڪ پئسوئي ملندو هو ته اهو گهر وارن کي آڻي ڏيندو هوس. جيستائين جيئري هئي، تيستائين ڪنهن سان به پنهنجي ناراضي جو حال نه اوريم. هميشح صبر ۽ شڪر ۾ رهيم.

        شادي کان اڳ  ۾ پنهنجي والده سڳوري جي خدمت ڪندو هو. پورهئي سانگي ٻين مزدورن سان وڃي جهنگ ڪپي زمين صاف ڪندو هو. اُتي ڏوهيڙو به مٺي سر سان چوندو هو. مزور جڏهن اهي بيت ٻڌندا هوا، تڏهن کيس منت ڪري چوندا هوا ته اوهين ويهي رهو. اسان پاڻيهي  اوهان جي زمين جو حصو صاف ڪنداسين. پوءِ شاهه ڪريم آلاپ سان ويهي ڳائيندو هو ۽  مزور ذوق ۽ حظ پيا حاصل ڪندا هوا. شام جي ويلي شاهه صاحب بنا ڪنهن تڪليف جي پنهنجي مزوري جو حصو وٺي گهر موٽندو هو.

        حضرت شاهه ڪريم فيض ۽  ٻرڪت گهڻي ڀاڱي حضرت مخدوم نوح هالائي کان حاصل ڪئي. گهڻو ڪري سندن خدمت ۾ رهندو ۽ فيض برڪت پرائيندو رهيو. حضرت مخدوم نوح جي ارشاد سان ئي مٽيارين مان لڏي بلڙي ۾ اچي رهيا ۽ ان کان پوءِ سيد يوسف مهدي بکري کان ۽ مخدوم آدم سميجي کان به فيض پرايائون.

        بيان العارفين جي ضميمي  ۾ آهي ته هڪ دفعي ڪو سيلاني بزرگ سلطان ابراهيم نالي بهار پرڳڻي جو رهاڪو، شاهه ڪريم جي ڳوٺ واري مسجد ۾ اچي رهيو هو. هو پهتل ٻانهو وڏو  بزرگ هو. شاهه ڪريم هنجي خدمت ڪرڻ لڳو. روزانو فقير کي ڪڪڙ ڪهي کارائيندو هو.  برابر ڇهه مهينا هو مسجد ۾ رهيو پيو هو ۽ شاهه ڪريم سندس خدمت ڪندو رهيو.

        هڪ دفعي شاهه صاحب کان هن فقير پڇيو ته هن پسگردائيءَ ۾ ڪهڙا بزرگ آهن؟ عرض ڪيم ته مخدوم نوح ۽ سيد يوسف بکري جو ٺٽي ۾ مڪلي جي ٽڪري تي رهي ٿو ۽ ٻين وقت جي ڪن بزرگن جا نالا ٻڌايائين. جنهن تي ميران يوسف جي واکاڻ ڪرڻ لڳو ۽ کيس پيو ساراهيندو هو ته هنجي ذڪر ڪرڻ جو طريقو ڏاڍو  چڱو آهي.

        هڪڙي ڏينهن انهيءَ بزرگ شاهه صاحب کي ذڪر جي تلقين ڪئي، چيائين ته اها ڳالهه ڪنهن سان به نه سلج. ان کانپوءِ اوچتو ئي اوچتو فقير صاحب مسجد مان ڪيڏانهن هليو ويو. پوءِ ته شاهه صاحب ڏاڍو سرگردان ٿيو. آخر  ڳوليندي ڳوليندي اچي سيد يوسف مهدي جي اوتاري ۾ کيس  لڌائين مگر اهو فقير سُتت ئي لاهري بندر (شاهه بندر) مان ڪشتي ۾ سوار ٿي سنڌ مان روانو ٿي ويو ۽ شاهه ڪريم کي چئي ويو ته سنڌ ۾ ستت ئي  تنهنجو ڪم چمڪندو ۽ تون تمام خوشحال ٿيندين ۽ هاڻي وڃي پنهنجي عيال جي خدمت ڪر.

        شاهه ڪريم جي جواني ۽ وچولي وهي جي حياتي گذارڻ جو نمونو هن ريت هوندو هو، جو صبح جي نماز پڙهي، مراقبي ۾ ويهندا هوا سج اڀرئي کان پوءِ اشراق پڙهي گهر ۾ ايندا هوا. رڌ پچاءُ ڪري پنهنجي ٻچن کي کارائي، پوءِ ڪاسو کڻي شهر مان گدائي ڪري آڻي فقيرن کي کارائيندا هوا. ان کانپوءِ هر ڦار ڏاندن جو جٽ ڪاهي ٻني ۾ ڪم لاءِ ويندا هوا. زمين کيڙي، سج لڙي مهل وري گهر ڏانهن موٽندا هوا ۽ ڍڳن کي گاهه ڏيئي، پوءِ وضو ڪري نفل  پڙهندا هوا. پوءِ گهڻي آرام ۽ قرار سان جماعت سان نماز پڙهي وري ٻني جي ڪم تي ويندا هوا. ٽپهري وقت موٽي ڏاندن کي گاهه ڏيئي، پوءِ مسجد ۾ نماز پڙهي ياد خدا ۾ ويٺا هوندا هوا، تانجو سومهڻي جي نماز پڙهي، پوءِ گهر اچي ٻارن ۽ فقيرن جي کاڌي پيتي جو سمورو ڪم سرانجام ڪندا.  جڏهن کائي پيئي سڀ ماڻهو سمهندا هوا، تڏهن پاڻ وضو ڪري نفل پڙهي ڳوٺ کان ٻاهر نڪري، راهوٽ ڳوٺ ڏي روانا ٿيندا هوا. واٽ تي ڪا مسجد ايندي هئي ته ان  ۾ وضو لاءِ پاڻي ڀريندا ۽ وٽ  لاءِ کڙا رکندا هوا. اتان هڪ ندي تري مڪلي ٽڪري تي ٺٽه ايندا هوا. ٺٽي جي مسجدن جو پاڻي ڀريندا ۽ مسجدن ۾ ستل ماڻهن کي ڀوڙو ڏيندا، مڪلي جي مشائخن کي ختما چوندا موٽندي پير آري ۽ پير پٺي کي ختما چوندا، پوءِ پرهه ڦٽي ڳوٺ اچي صبح نماز  لاءِ ٻانگ چوندا هوا. فجر جي نماز پڙهي، اشراق جي نفلن پڄاڻان وري ساڳي ريت ڪم کي لڳندا. پيري جي ضعف اچڻ کان اڳ ۾ سمورو وقت ان ريت رياضتن ۽ بي خوابي ۾ گذاريندا رهيا، جنهن جو پتو، ڪن خاص ماڻهن کانسواءِ ٻين کي ڪڏهن ڪونه پئجي سگهيو. سموري زندگي جو وڏو حصو فقرفاقه ۽ تنگدستي ۾ گذاريائون. مگر ڪنهن کان به حياتي ۾ سوال نه ڪيائون.

        ٻڍاپڻ جي ڏينهن ۾ مسجد جي حجري ۾ ياد خدا ۾ ويهي رهيا ۽ اُتي صوفيانه سنڌي ڏوهيڙا چوندا هوا. ۽ ٻاهران فقيرن جي وڏي جماعت ٻڌندي ۽ روحاني راز حاصل ڪندي هئي.

        هن بزرگ جو سنڌي ۾ پنهنجو صوفيانه شعر چيل آهي. جنهن کي اڄ اهل دل درد وارا ماڻهو ڳائيندا آهن.

        شاهه ڪريم جڏهن هن بي بقا دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، تڏهن سندس ڄمار 88 ورهين جي هئي. 7 ذي القعد 1023 هجري. آچر رات مغرب جي نماز کانپوءِ سندن روح پاڪ پنهنجي رب کي وڃي رسيو.

        ڪنهن شاعر سندس ولادت ۽ وفات جي تاريخ هن ريت چئي آهي.

شاهه عبدالڪريم سيد ما

بود از هاديان راهه خدا

از نبي و علي نزادش دان

و ز حُسين و ب تول اصلش خوان

بود از اولاد حيدر هروي

زاد شد اولا به متعلوي

سال  نهصد و چهل چهار دگر

بود از هجرت شفيع بشر

چونکه سي ودو و هزار گذشت

شد لقائش نصيب و وصلش گشت

شهر ذي قعد هفتين از ماه

شب يکشنبه آن خدا آگاه

وقت شام از جهان برضوان رفت

قد بلغ قد بلغ ز جانها رفت

سال تاريخ رحلتش از ره ابجد

جز بلغ نيست در حساب خرد

رحمت حق برو و مريدانش

وز خدا باد عفو غفرانش

        هن بزرگ جا حالات، مقالات ۽ ڪشف ڪرامتن جا بيان تمام ڊگها آهن. جن کي سندس ملفوظات ”بيان العارفين“ ۾ تفصيل سان مطالعو ڪري سگهجي ٿو.

        (ماخوذ از بيان العارفين از علامه محمد دائود پوٽه)

        سندس مقبري تي جڏهن گنبذ تيار ٿيو، تڏهن ٺٽي جي مشهور عالم فاضل مخدوم محمد صادق هيٺئين مصرعه مان تاريخ ڪڍي ”چه در گه کريمست مجلائي حق“

1166 

(مقالات)

 

227- شيخ معروف پاٽائي

        پاٽ جي صديقي خاندان مان شيخ معروف ۽ شيخ عثمان ٻه ڀائر وڏا عالم ۽ وڏا صوفي هوا. شيخ طاهر بن يوسف پاٽائي (        ) جا سڳا سئوٽ هوا ۽ اُنهن بزرگن جي ڀيڻ وري شيخ طاهر جي ننڍي ڀاءُ قاسم جي نڪاح ۾ آيل هئي، جنهن مان دنيا جو مشهور ولي ۽ عالم  مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ سنڌي برهان پوري تولد ٿيو.

        شيخ طاهر جو قول آهي ته اسان جڏهن سنڌ ۾ هواسين، تڏهن انهن بزرگن کان وحدت الوجود جون ڳالهيون ٻڌندو هوس. مگر مونکي سمجهه ۾ نه اينديون هيون.  ڪتاب مرصادالعباد ان وقت ۾ پڙهندو هوس، پر اُهو به سمجهه ۾  نه ايندو هو. پوءِ غوث الاولياء جي خدمت ۾ احمد آباد آيس تڏهن سڀ ڳالهيون سمجهه ۾ اچڻ لڳيون. هي ٻئي بزرگ سنڌ جي مشهور قاضي قاضن بکري (متوفي 958) جا صحبتي ۽ ساٿي هوا. قسمت سانگي هو پنهنجي ڳوٺ پاٽ مان صيت پور شهر  (1)۾ اچي مقيم ٿيا، جتي سندن سوين معتقد ۽ مريد جمع ٿيندا ويا.  ماڻهن هنن بزرگن جي وجود کي غنيمت سمجهي  ڏاڍا فائدا پرايا. اُتي ئي وفات فرمايائون. سندن آرام گاهه به صيت پور ۾ آهي.

        سندن نسبت هن ريت آهي. معروف  بن شيخ عيسيٰ ڪبير پاٽائي بن رڪن الدين بن معروف بن شهاب الدين صديقي شهابي سهروردي.

 

 

ساڳي ريت شيخ طاهر جو والد شيخ يوسف سنڌي پٽ آهي رڪن الدين جو. باقي  نسبت نامه تاريخ جي ڪتابن ۾  موجود آهي.

(تذڪره گلزار الابرار)

        هنن بزرگن جي وفات جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. مگر حالات مان ظاهر آهي، هو ڏهين صدي هجري جا آهن.

 

 

228- مخدوم عباس پاٽائي

        عباس بن جلال صديقي، پاٽائي پاٽ جي شهر ۾ ڄائو ۽ اُتي ئي علم حاصل   ڪيائين ۽ وڏو ٿيو. مگر پوءِ ڪن سببن ڪري تقدير جي حڪم موجب 947هه ۾ پاٽ مان لڏي هنڱورجن ۾ اچي رهيو (جنهن ڪري تاريخ جي ڪتابن ۾ کيس مخدوم عباس هنڱورجو سڏيو ويندو آهي) ورهين تائين درس جو هنگامو جاري رکيائين. هزارين وڏا وڏا عالم وٽائونس فيض حاصل ڪري ويا.

        حڪيم عثمان بوبڪاني ۽ قاضي عبدالسلام سنڌي برهانپوري  سندن شاگردن مان هوا. قاضي جو چوڻ آهي ته دين ديانت، دانش، بينش، طبيعت ۾ نرمي، ميلاب وقت گرمي، اهي سڀ وصفون مخدوم صاحب جي سرشت ۾ داخل هيون. ننڍپڻ کان وٺي ويندي وفات تائين ڪنهن به ماڻهو کان ڪوبه سوال نه ڪيائين.

(تذڪره گلزار الابرار)

        مير معصوم فرمائي ٿو ته مخدوم عباس تفسير، حديث، فقه ۽ باقي ٻين علومن ۾ وڏي مهارت جو مالڪ هو. هر هڪ مسئلي تي تحقيق ۽ تدقيق تمام زبردست نموني ۾ ڪيل هوس. زهد ۽ پرهيزگاري ۾ جهڙس ڪونه هو. رات ڏينهن جدا جدا عبادتن ۽ فرمانبردارين ۾ گذاريندو هو. حديث جي درس وقت ايڏي نيازمندي ۽ هيٺائين پيدا ٿيندي هيس جو قال قال رسول الله صلي الله عليه وسلم  چوڻ وقت مٿس بيهوشي غالب پئجي ويندي هئي ۽ اکين مان لڙڪ زار زار  وهندا هوا. خود ٻڌندڙن کي روڄ کان حديث جي ٻڌڻ جي طاقت ڪانه رهندي هئي. مولانا عباس جو درجو تمام وڏو هو. 96 سالن جي ڄمار ۾ 14 شعبان 998هه، ٻي دنيا ڏانهن روانو ٿي ويو.

(تاريخ معصومي)

        تذڪره گلزار مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس مدرسه ۾ مسجد جو جاءِ نشين يا حقدار رشته داري سبب شيخ عيسيٰ مسيح الاولياءَ بڻيو هو.


 


(1)  صيت پور اڳ بکر جي گورنري ۾ ملتان جي گورنري جي سرحد تي هوندو هو. هاڻي اهو شهر عليپور تحصيل ضلع مظفر ڳڙهه ۾ سنڌ جي ضلع جيڪب آباد سان متصل آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org