239- شيخ محمد سيوستاني
شيخ محمد اصل بغداد جو رهاڪو هو. بغداد جي تباهي
(652هه) کان پوءِ سنڌ ۾ هليو آيو آهي. سيوهڻ ۾ اچي
رهيو. شيخ محمد ابن بطوطه مغربي جڏهن سنڌ ۾ آيو،
تڏهن هن بزرگ سان سيوهڻ ۾ اچي ملاقات جو شرف
حاصل ٿيس، جو مخدوم عثمان قلندر جي مقبرو وٽ هڪ
حجري ۾ دنيا کان لاڳاپا ٽوڙي، ياد خدا ۾ رهندو هو.
ان وقت سندس ڄمار هڪ سو چاليهه ورهين کان به مٿي
هئي. هو بغداد جي تباهي وقت جڏهن بغداد جي پوئين
خليفه مستعصم باالله کي هلاڪو بن تولاءِ تاتاري
قتل ڪيو هو، تڏهن هي بزرگ بغداد ۾ موجود هو، ايڏي
ڄمار هوندي به بدن جو مضبوط ۽ پنهنجن پيرن تي هلي
سگهيو ٿي. (نزهت الخواطر)
ابن بطوطه سنڌ ۾ 734 ۾ آيو ۽ بغداد جي تباهي 652 ۾ ٿي.
240- شمس الدين شيرازي بکري
شيخ شمس الدين محمد هڪ وڏو عابد زاهد ۽ تمام پيرسن هو.
جنهن سان محمد بن بطوطه جي سن 734 ۾ بکر جي شهر ۾
ملاقات ٿي. ان وقت سندس ڄمار هڪ سئو ڏهن سالن کان
وڌيڪ هئي.، دنيا کان منهن موڙي، عبادت ۾ رهندو آيو
ٿي.
(نزهت الخواطر)
241- سيد نجم الدين بکري
بکر جي سيد يوسف مهدوي جي اولاد مان جو پوءِ اهو خاندان
ٺٽي ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو. نجم الدين جي والد مير
محمد رفيق بکري جي علامه محمد معين ٺٽوي جي ڀيڻ
سان شادي ٿي، جنهن جي پيٽ مان مير نجم الدين تولد
ٿيو. مخدوم معين کي اولاد ڪونه هو، جنهن ڪري
ڀاڻيجي کي پنهنجي اولاد وانگي تربيت ڏنائين ۽ سندس
ئي شاگرد ٿي رهيو. جامع ڪمالات ۽ حاوي فضائلات ٿي،
استاد ۽ مامي جي سامهون درس تدريس جو شغل اختيار
ڪيائين ۽ صاحب فتويٰ جو بڻيو. سندس شاگردن مان
مخدوم احمد ۽ باقر واعظ نامور ٿي گذريا.
سيد نجم الدين مخدوم معين جي تربيت ۾ بهترين شاعري ۾ هڪ بهترين
ڪماليت جو مالڪ ٿيو. تخلص ”عزلت“ اختيار ڪيائين،
”ديوان عزلت“ سندس يادگار آهي، جو شايد هن وقت
زماني جي دستبرد کان محفوظ نه رهيو هجي. سندس هڪ
نسخو 1921ع ۾ راقم الحروف وفائي، حيدرآباد جي
مرحوم ڊاڪٽر مرزا مدد علي وٽ ڏٺو هو، مگر ڊاڪٽر
جي وفات کان پوءِ انجو پتو ڪونه ٿو پوي.
عربي فارسي ۾ ڪيتريون ئي تصنيفون آهن، جن مان يکروزي
منطق جي جواب ۾ سندس هڪ رسالو ”يکروزي“ پڻ آهي،
جنهن ۾ ڪيترن ئي علمن جو بيان ٿيل آهي، جو موجوده
درسي يکزوزي کان وڏو ۽ بهتر آهي. فقط هڪ ڏينهن ۾
لکيل آهي.
طوطي نامه فارسي زبان نخشبي جي طوطي نامه کان عمده
عبارت ۾ لکيل آهي. ازانسواءِ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
جي هڪ رسالي ”عدم جواز ماتم حسين“ بابت به سيد
عزلت جو هڪ جوابي رسالو آهي ۽ اهو رسالو پير سائين
جهنڊي وارن جي ڪتب خانه ۾ سيد عزلت جي مهر سان،
منهنجي نظر مان گذريو.
سندس شعر جو هي نمونو آهي:
معشوق راز جوهر ناز آفريده اند
عشاق را ز خاک نياز آفريده اند
(مقالات)
سيد عزلت کي حياتي وفا نه ڪئي. هو نوجواني ۾ ئي وفات
ڪري ويو. سندس وفات سال 1160هه ۾ ٿي ۽ پوئتان
نرينه اولاد ڇڏي ويو ۽ اهو خاندان اڄ تائين ٺٽه ۾
بکري جي بجاءِ مهدوي نسبت سان موجود آهي.
242- ميان عبدالله واعظ تتوي
ميان عبدالله ولد ميان محمد حفيظ. مخدوم ابوالحسن سنڌي
واري جو ڀائيٽو ۽ ڀاڻيجو هو. سندس ئي شاگرد ۽ مريد
پڻ هو. هو ”ميان موري“ جي نالي سان مشهور هو. وڏو
صالح ۽ وڏو پرهيزگار، صاحب علم ۽ عمل ۽ خدائي
توفيق ۽ ڏات جو مالڪ هو.
هن جي وعظ وارين مجلسن مان هزارين عام ۽ خاص ماڻهو
فائدو پرائيندا هوا. هن جو ڪلام ڏاڍو اثرائتو ۽
دلين ۾ گهر ڪندڙ هو.
هو جيڪي به فرمائيندو هو، ان تي اڳ پاڻ به عمل ڪندو هو.
هن جو وجود فقط برڪت ئي برڪت هو. هو شعر و شاعري
جي ڪوچه مان نه لنگهيو هو مگر ان هوندي به ٺٽه جي
مشهور بزرگ قاضي محمد يحييٰ جعفري جي تاريخ وفات
آيت ذالڪ الفوز الڪبير مان ڪڍي هوائين.
1137
ميان عبدالله عرف ميان موريو واعظ تمام وڏي ڄمار کي رسي
1167 ۾ هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪري هليو ويو.
فائده: اسان جي ڪن معاصرن
(1)
ميان موري واعظ کي سنڌي جي مشهور ڪتاب ڪنزالعبرت
جو مصنف سمجهي، انجي ڪتاب تي وڏي تنقيد ۽ تبصرو
ڪرڻ فرمايو آهي. هوڏانهن ڪنزالعبرت جو مصنف رياست
ڪڇ ڀڄ جو رهاڪو نمرئي جي شهر ۾ مدفون آهي ۽ اتي ئي
سندس اولاد ۽ هزارين مريد آهن ۽ ميان موري عبدالله
واعظ کان پوءِ جو بزرگ آهي، ڇاڪاڻ جو ڪنزالعبرت
سال 1175 ۾ لکي پورو ڪيو اٿس. جيئن ته پاڻ لکي ٿو
ته:
تحقيق جڏهن تمام ٿيو نسخو سنڌي واء
تڏهن ڪنزالعبرت سنڌي ۾ رکيم تنهنجو ناءُ
ٿيا هوا، اڪاره سئو ۽ پنجهتر ورهن گذريا
ڪنا هجرت حضرت رسول جي نورالانبياء
هوڏانهن مخدوم موريو، مير قانع ٺٽوي جي سامهون سن 1167
۾ وفات فرمائي. جيئن ته لکي ٿو:
معمر شده و عنقريب سال شصت و هفت انتقال نمود
(مقالات الشعراء)
اميد ته هن پڌرائي کان پوءِ هن تاريخي مسئلي ۾ اشتباهه
نه رهندو.
243- مير رضي الدين محمد تتوي
مير رضي الدين محمد ولد مير ابوالمڪارم شهود امير خاني
سادات مان مشهور شاعر ۽ عالم فاضل هو. ڪيتريون
ئي خانداني فضيلتون ۽ نيڪيون هن جي ذات ۾ جمع ٿيل
هيون. شعر ۾ فدائي تخلص هوس ۽ ”ديوان فدائي“ سندس
يادگار آهي. ان کان سواءِ ٻيا ڪي قصيده به آهن.
سندس هڪ شعر آهي:
غير خاموشي کسي از درد ما آگاهه نيست
آه رابهر عيادت برسر ما راه نيست
مير رضي الدين سن 1120 ۾ هن دنيا فاني مان رحلت فرمائي
ويو. مير قانع ٺٽوي هيٺين شعرن مان تهميه طور سندس
تاريخ وفات حاصل ڪئي آهي.
بسکه بفوتش همه کردند هي
هبي رضي الدين بود سال و
سندس فرزند مير حيدرالدين ابو تراب ڪامل وقت جو ٿي
گذريو آهي. جنهن جو ذڪر سندس جاءِ تي پڙهڻ گهرجي.
244- مير محمد عطا تتوي
سيد محمد عطا حسين بن سيد امين الدين خان حسين ولد مير
ابوالمڪارم شهود، ٺٽه جي امير خاني سادات ۾ هڪ وڏي
ممتاز مرتبي جو مالڪ، خوبين جو جامع، خوش اخلاق
متواضح ۽ بامروت بزرگ هو.
پنهنجي والد ماجد کان ادب فضيلتون تمام گهڻي انداز ۾
گڏ ڪيون هوائين، ڪيترن اميرن جون صحبتون ۽ مجلسون
ڏٺيون هوائين جنهن ڪري هن ۾ اڳين بزرگن جون گهڻيون
مٿيون ريتون جمع ٿيل هيون. خانداني ورثي جي ڪري
شاعرانه طبع جو مالڪ هو ۽ نظم عمده ۽ مرصع لکندو
هو.
چون ٿا ته نوجواني جي زماني ۾ ”حياتا“ نالي هڪ عورت سان
عش هوس، پنهنجي روح ۽ ساهه وانگي سمجهندو هو.
اوچتو اوچتو جڏهن حياتا جي حياتي ختم ٿي وئي ۽
پنهنجي اڌاري حياتي کي ڇڏي ڏنائين تڏهن مير محمد
عطا ٺڪ پڪ سندس موت جي واقعي تي چيائين ته ”هائي
حياتم رفت“ هن جو حساب لڳايائون ته وفات جو سال
نڪري آيو. 1155
مير صاحب جي ڪلام جو نمونو هي آهي:
محو گشتم در خياليار خويش
خود شدم آخر عطا غمخوار خويش
(مقالات)
سندس مقبري جي پٿر تي وفات جي تاريخ هيٺئين ريت ثبت
آهي. نهم شهر رجب 1178هه.
245- مير حفيظ الدين علي تتوي
مير حفيظ الدين ولد مير حافظ الدين ولد مير ابوالمڪارم
شهود. مير خاني ساداتن جي خاندان ۾ سموري ڪمالات
جو حاوي ۽ فضيلتن جو جامع پنهنجي سر مير حيدرالدين
ابوترات وانگي، هندي زبان جو بهترين شاعر هو.،
خصوصا هڪ لفظ ٻن معنائن وارو ڪلام تمام گهڻو چيو
اٿس. ايترو گهڻو پڙهيل به نه هو. اکين کان ديد گهٽ
پوندي هيس ۽ ڪنن کان صفا ٻوڙو هو، پر شعر ايڏو
لطيف ۽ غريب چوندو هو جو ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويندا
هوا. هندي زبان ۾ ثاني امير خسرو هو. هو ڪنهن به
هندي ڪبت يا ڏوهيڙي ۾ جيڪي ذو معنيٰ وارن لفظن سان
معنائون ٻڌي ٿو. تن جو سمجهڻ سڀ ڪنهن ماڻهو لاءِ
آسان ناهي. فارسي ۾ سندس ڪلام تمام گهٽ آهي.
هندي ۾ تمام گهڻو آهي. سندس هڪ بيت هندي جو هيٺ
ڏجي ٿو، جو عام فهم آهي.
آچار هوا کهڻا، پاپڙ ليني هي مجهي
سرکار بنا تو آگي سوئي سلوني اچهي
شعر فارسي
پئي شکار من آدن ترکتا ز مي آيد
ز بهر صيد دلم يار، با از مي آيد
سيد صاحب مير قانع جو همعصر يعني ٻارهين صدي جي آخر جو
ماڻهو آهي. سندس تاريخ وفات معلوم نه ٿي سگهي آهي.
ٺٽي جي سيد مرحوم محمد زمان شاهه ساقي مهدوي رضوي
جي ڪتب خانه ۾ مير حفيظ علي جو بياض نظر مان
گذريو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب جو
ڪلهوڙن حاڪمن سان تعلق هو، جيئن ته ميان نور محمد
جي آباد ڪيل شهر شاهپور ۾ وڃي رهندو هو.
هن بياض ۾ علامه محمد معين ٺٽوي جون ڪجهه رباعيون درج
آهن، جن جي هيٺان لکيل آهي. ”ڪتبھ فقير حفيظ علي
در شاهپور 7- محرم 1179“. ان کان پوءِ هو صاحب
1180 ۾ زنده هو. ڇاڪاڻ جو سندس دستخط بياض ۾ هڪ
قطعه تاريخ لکيل آهي، جنهن ۾ ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي جي ديره غازي خان جي علائقه کي فتح ڪري اچڻ
جي مبارڪباد لکيل آهي، ۽ اهو واقعو 1180 ۾ ٿي
گذريو. انهيءَ قطعه هيٺان لکيل آهي. اين تاريخ و
رقعه بخدمت ميان محمد سرفراز خان صاحبزاده نوشته
شد. پوءِ خط ۾ ڏيکاريل آهي ته ذره نواز اهي قطعه
تاريخ مبارڪباد رات جو دل ۾ آيو جو خدمت ۾ موڪلجي
ٿو.
246- مخدوم عبدالرئوف هالائي
عبدالرئوف بن مخدوم عمر ڀٽي هالائي، سهروردي طريقي جو
فقير ۽ سنڌي شاعر ۽ عالم درويش هو. سموري زندگي
فقط عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريائين ۽ پنهنجي وقت جي
مشائخن ۾ وڏي عزت وارو هو. هن جون ڪرامتون شمار
قطار کان ٻاهر آهن. ميان نور محمد ڪلهوڙو، سندس
معتقد ۽ خدمتگذار هو. جنهن ڪري مخدوم صاحب جي
اخراجات جو سمورو بار ميان صاحب تي هوندو هو. سن
1166هه ۾ هن دنيا فاني مان انتقال ڪيائين. ميان
ابراهيم قاضي زاده هالائي سندس تاريخ وفات ”ڪان
وليا رئوف الخلق“ جي فقري مان ڪڍي آهي.
(تحفت الڪرام)
ميان عبدالرئوف جو کيتي تان ڍل نه وٺڻ جي باري ۾ هڪ خط
ميان نور محمد (شاهه قلي) جي مهر سان اڄ تائين
سندس خاندان ۾ موجود آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته
ميان صاحب مخدوم صاحب سان تمام رعايت سان پيش
ايندو هو.
مخدوم عبدالرئوف سنڌي زبان جو بهترين شاعر هو. فارسي
علم عروض جي نموني تي سڀ کان پهريان هن صاحب ئي
نظمون موزون ڪيون آهن، جي مولودن جي صورت ۾ عام
طرح مولود خوان ماڻهو پڙهندا آهن. هن صاحب ٻه
دفعا حج ڪيو ۽ پوئين حج جي سفر ۾ وفات ڪيائين.
247- مخدوم عبدالحميد هالائي
عبدالحميد ولد مخدوم فتح الله (متوفي 13 صفر 1124) ڀٽي
خاندان جو عالم فاضل بزرگ هو ۽ مخدوم عبدالرئوف
موصوف جو تربيت يافته هو. پنهنجي وڏن جي دريشانه
زندگي جو بهترين نمونو هو. سندس وجود ذي جود
پنهنجي زماني ۾ نج برڪت ۽ غنيمت هو. مخدوم
عبدالرئوف کان پوءِ هوئي فيض و رشد جو مالڪ بڻيو
۽ خلق کي هدايت ڏيندو هو.
حج جي فريضه ادا ڪرڻ کان فارغ ٿي جڏهن مدينه طيبه ۾
پهتو تڏهن اُتي ئي وفات فرمايائين. (تحفت الڪرام)
مقالات الشعراء ۾ آهي ته مخدوم محمد حيات سنڌي ۽
مخدوم محمد قاسم تتوي جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو. ٻي
هڪ روايت آهي ته ازواج مطهرات جي قبه لڳ (جنت
البقيع) ۾ کيس دفن ڪيو ويو. اهو واقعو 1171 ۾ ٿي
گذريو. هيٺئين عربي فقري مان سندس تاريخ وفات نڪري
ٿي. ادخل الله الجنت في جوار المحبين
(از بياض مير صابر علي مرحوم ٺٽوي)
248- شيخ ڀرڪيو ٺٽوي
هي بزرگ هڪ ڄنگهه کان منڊو ۽ برڪي لنگ جي نالي سان
مشهور هو. چيو وڃي ٿو ته هو شروع ۾ مخدوم نوح جي
صحبتن ۽ فيض يافتن مان هو، ٺٽي جي مڪلي پهاڙي تي
رهندو هو. اُتي ٻه چار دفعا ڏينهن جي نوبت نغارا
وڄائيندو هو ۽ ٺٽي جا ماڻهو وٽس وڃڻ فرض سمجهندا
هوا.
ڄام سمن جي قبرستان وارن گنبذن جو چونو ۽ سرون هٿ ڪري
هن هڪ وڏو بلند مينارو ٺهرايو هو، جنهن تي رات جو
شمع ٻاريندو هو. انهيءَ لائيٽ هائوس جي سوجهري تي
عربي سمنڊ جا مسافر رستو معلوم ڪري بندر ڏانهن
وڌندا هوا ۽ سامونڊي واپارين مان کيس تمام گهڻا
نذر نياز ملندا هوا، جنهن ڪري وڏي دولت ۽ جماعت جو
مالڪ بڻجي ويو.
هن جو دستور هوندو هو ته جيڪو به ماڻهو وٽس ملاقات
لاءِ يا ڏسڻ ايندو هو تنهن کي زوري چوني گچ جي ڪم
۾ لڳائيندو هو، جنهن ڪري هڪ دفعه شهر جي مشهور
بزرگ ۽ عالم عارف سيد علي شيرازي تتوي کان به اهو
ڪم زوري وٺي ڇڏيائين ۽ سيد علي شيرازي حضرت مخدوم
نوح جو مريد هو، جنهن ڪري مخدوم صاحٻ جي طبع تي
اها ڳالهه ڏاڍي گران گذري، جنهن ڪري مخدومصا حٻ کي
ٺٽه اچڻ لاءِ تڪليف ڏني وئي. (تحفت الڪرام)
هن وقت ٺٽه جو حاڪم مرزا محمد باقي ترخان ( ) هو.
سيد علي شيرازي، ڀرڪي جي طاقت پڪڙڻ ۽ زور وٺڻ جون
اُن سان به ڳالهيون ڪيون ۽ سيد صاحب جي، جيڪا ڀرڪي
زوري چوني ڳوهائڻ سان بي عزتي ڪئي هئي، اهو به
بيان ڪيائين. مرزا محمد باقي کي ڀرڪي جي ڪرامتن ۽
ماڻهن جي اجتماع ۽ دولتمندي ڪري اڳ ۾ ئي ڊپ هو ته
ڪو ممڻ نه مچائي، بادشاهه حڪم ڪيو ته ڀرڪي درويش
جي هٿيارن ۽ سامان اسباب کي ضبط ڪري، سرڪاري مهر
هڻي اچو.
انهيءَ حڪم جي تعميل کان پوءِ ڏٺو ويو ته خود بادشاهه
جي خزاني ۽ هٿيارن ۽ بارود خاني جي ڪوٺين تي فقيرن
جون مهرون لڳل آهن. مرزامحمد باقي ڏاڍو پشيمان
ٿيو. ڀڄڻ جو چارو نه ڏسي فقير کان معافي گهري.
هوڏانهن اندر ئي اندر سيد علي شيرازي کي تاڪيد
ڪيائين، ڪنهن به صورت ۾ هي بلا منهنجي سر تان ٽار!
سيد صاحب کان پوءِ حضرت مخدوم نوح کي هڪ خط لکيو ۽
ڪيتريون سوکڙيون ۽ هديا موڪلي ڏاڍي نياز ۽ تاڪيد
سان عرض ڪيائين ته پاڻ ڪنهن به صورت ۾ ٺٽي ۾ تشريف
فرمائين. مخدوم صاحب سيد صاحب جي خط کان پوءِ ٻيڙي
۾ سوار ٿي ٺٽي جي ٻاهران پهتا ته سيد صاحب سندن
استقبال لاءِ آيو ۽ هن نذر ڪيو هو مخدوم صاحب جي
آمد وقت ڪجهه قدر پيادل هلندو. مخدوم صاحب ارشاد
فرمايو ته نذر پورو ٿيو، تنهن ڪري هاڻ سوار ٿيو.
پاڻ ٺٽي ۾ سيد جلال بن سيد علي شيرازي جي هڪ نئين
جاءِ ۾ اچي رهيا. جا ڏاڍي خوبصورت بڻائي وئي هئي ۽
اڃان اُن ۾ ڪو ماڻهو ئي ڪونه رهيو هو.
جمعه جي ڏينهن هزارن جي اجتماع ۾ سيد علي منبر تي چڙهي
ماڻهن کي سمجهايو ته اسان سمورا مخدوم صاحب جا
مريد يا معتقد آهيون. اسان کي هڪ ضرورت آهي، جنهن
لاءِ مخدوم صاحب کي ٺٽي ۾ اچڻ جي تڪليف ڏني اٿئون.
يعني ته مڪلي قبرستان ۾ هڪ فقير رهي ٿو. اُن وٽ
جيڪو صاحب دل يا اهل الله يا ڪو ٻيو فقير وڃي ٿو
ته هن کان زوري چونو ڳوهائي ۽ ڪم وٺي ٿو!
حضرت مخدوم صاحب فرمايو ته پوءِ ان ۾ ڇا آهي، ڇاڪاڻ جو
ان قسم جا ڪي فقير ٿيندا آهن. سيد صاحب عرض ڪيو ته
هن وٽ شهر جون زالون به مردن سان گڏ وڃن ٿيون.
مخدوم صاحب فرمايو ته ان ۾ ڪهڙو ڊپ آهي. الله جو
رستو هٿ ڪرڻ زالن ۽ مردن تي برابر هڪ جهڙو آهي.
سيد علي، اتي گفتگو جو نمونو بدلائي عرض ڪيو ته اهو
درويش بدعتي آهي. هو ڪڏهن ڪڏهن قبله ڏانهن پير ڪري
سمهي ٿو ۽ قبله ڏانهن ٿڪون اڇلندو آهي. اها سراسر
بدعت آهي.
مخدوم صاحب جو هٿ چرندو نظر آيو ۽ پنهجي هٿ سان مڪلي
ڏانهن اشارو ڪندي فرمايائون ته برابر اهي ڪم بدعت
آهن. سيد صاحب اُتي سمجهي ويو ته هاڻي ڀرڪيو فقير
آرام سان ڪونه رهندو ۽ مخدوم صاحب هٿ سان تڙجي وڃڻ
جو اشارو ڪيو آهي.
(دليل الذاڪرين قلمي)
سيد مير لطف الله تتوي کان جو سيد علي شيرازي جي اولاد
مان آهي، روايت آهي ته مان پنهنجن وڏن کان ٻڌو ته
جڏهن مخدوم صاحب شيخ ڀرڪي جي شرارت دفع ڪرڻ لاءِ
ٺٽي ۾ تشريف فرما ٿيو، تڏهن هڪ ڏينهن مڪلي جي
قبرستان ۾ زيارت لاءِ هليو ۽ مخدوم جمعه جي قبر لڳ
شيخ ڀرڪيو به ويٺل هو. مخدوم صاحب ماڻهو موڪليس ته
هو فقيرن جي جماعت ۾ اچي حاضر ٿئي. مگر اهو ماڻهو
شيخ ڀرڪي جي حڪم موجب چوني گچ ٺاهڻ ۾ لڳايو ويو،
جيئن اُتي جو دستور هو. يعني جيڪو ايندو هو ته ان
کان زوري اهو پورهيو ڪرايو ويندو هو. جڏهن انهيءَ
ماڻهو دير ڪئي ته وري ٻيو ماڻهو موڪليو، هن موٽي
اچي عرض ڪيو ته پهريون ماڻهو ته چونو ويٺو ڳوهي.
مخدوم صاحب فرمايو ته وري تحقيق ڪري اچ ته ڇا
آهي؟
هي خادم جڏهن ٻئي دفعي ويو ڏٺائين ته درويش ڀرڪيو ئي
اُتي ڪونه آهي.
ٻي هڪ روايت آهي، مرزا محمد باقي هالا قوم جي فوج جو
هڪ دستو درويش ڀرڪي تي چاڙهي موڪليو. مخدوم اُن
وقت ٺٽي ۾ هو،ا ن فوج پهريان مخدوم صاحب جي خدمت ۾
اچي اجازت گهري. مخدوم صاحب فرمايو ته اطاعت
اولي الامر جو فرض آهي، ڀلي وڃو. هو موڪل وٺي
مڪلي پهتا، مگر ڀرڪي جو پتو ئي ڪونه هو. پوءِ جيڪو
به سامان اسباب هٿيار ۽ زر نقد ڀرڪي جو موجود
هو، سو کڻي بادشاهي خزاني ۾ داخل ڪيائون. ان کان
پوءِ ڀرڪي جو پتو ئي ڪونه پيو ته ڪيڏانهن و يو ۽
ڪٿي رهيو.
(دليل الذاڪرين)
تحفت الڪرام ۾ مير قانع لکي ٿو ته ”مرزا باقي مخفي شهيد
ش ساخت“ يعني مرزا ڀرڪي کي ڳجهي طرح مارائي ڇڏيو.
بهرحال ڀرڪيو فقير ڏهين صدي جي رجالن مان آهي ۽ ڏهين
صدي ۾ مارجي ويو.
249- شيخ ڀرڪيو ڪاتيار
ڀرڪيو ولد شاهو ڪاتيار. ”ڪاتيار“ قوم جو نالو آهي ۽ هڪ
ڳوٺ جو نالو به آهي جو قديم تاريخ ۾ سماواتي
تعلقه ۾ هو ۽ هاڻي ٽنڊو محمد خان تعلقه ۾ آهي.
شيخ ڀرڪيو شروع زماني ۾ ڏاڍيون زبردست رياضتون ڪيون ۽
عبادت ۽ رياضت ۾ هڏن جي مُٺ بڻجي ويو هو.
چون ٿا ته 12 سالن کان پوءِ هڪ دفعي روزو کوليو هوائين.
سردي جي موسم ۾ هڪ چادر ڍڪي دريا جي ڪناري تي وڃي
رات جو غسل ڪري ۽ انهيءَ ڀڳل يا آلي چادر سان نماز
پڙهندو هو ۽ سموري رات نئون غسل ڪندي نمازن ۾ مشغو
ل رهندو هو. سانوڻ جي موسم ۾ سخت تتي ۽ ڪاڙهي ۾
ڏينهن جا ڏينهن سخت اُس ۾ گذاريندو هو. ايڏين
رياضتن ڪري سندس بدن تان چمڙي صفا سڙي لهي وئي
هئي.
هڪ دفعي فقير صاحب چلي ۾ ويهي رهيو ۽ ساڻس ٻيو هڪ ماڻهو
به ويٺو هو. روزانه شام جو فقير لاءِ بسري پچائي
گهڻو گيهه وجهي آڻيندا هوا، جا کائي ويندو هو ۽
ٻيو فقير پيو بکون ڪڍندو هو. اُن تي ڪي ماڻهو طعنا
هڻي رهيا هوا. (يعني ته فقير پاڻ ته گراڙِيون کائي
ٿو ۽ پنهنجي ساٿي کي بکون ٿو ڏئي) پوءِ جڏهن
پورو ٿيو تڏهن فقير اُهي چاليهه مٺيون مانيون آڻي
انهيءَ ماڻهو جي اڳيان رکيائين، چيائينس ته جيڪي
کاڌو هوم، اجهو هي آهي ويهي کاءُ.، پوءِ سڀني حاضر
مجلس وارن پيٽ ڀري انهن مانين مان ويهي کاڌو.
(تحفت الڪرام)
هڪ دفعي ڪنهن ماڻهو اچي فقير ڀرڪي کي چيو ته مان پنهنجي
زال وڃائي ويٺو آهيان. ننڍڙا ٻار ٿا پيا ٻاڏائين،
ڪيئن به ڪري لهي ڏيوم. پتو ناهي ته الائي مئي،
الائي جيئري آهي. فقير پنهنجي نوڪر کي چيو ته هن
جي زال کي وٺي اچ، نوڪر دروازي مان ٻاهر نڪري
بيهي رهيو، حيران هو ته ڪيڏانهن وڃي. فقير وڏي سڏ
چيس ته اڳتي وڌيو هليو وڃ. پوءِ ته نوڪر هلندو ويو
تانجو رات به پئجي وئي. پر هلڻ وقت ائين پيو معلوم
ٿئيس ته ڄڻ هيٺ لهندو وڃي ٿو.، تانجو سمجهڻ لڳو
ته زمين سندس مٿان آهي. ڪنهن گفا ۾ ٿو هلي، اتي
اوچو هڪ وڏي بادشاهي ڪچهري ۾ وڃي پهتو. ڏٺائين ته
اُها زال ۽ ٻيون ڪي زالون ۽ مرد ڪچهري ۾ قيد ٿيل
آهن. فقير جي نوڪر انهي زال جي ٻانهن گهري، مگر
جواب مليس ته هن زال اسان جو ڏن ادا نه ڪيو آهي،
تنهن ڪري هت بند رهندي جيستائين ڏن نه ڏيندي.
نوڪر اهو سمورو قصو واپس اچي فقير ڀرڪيو سان بيان
ڪيو. فقير ڀرڪيو انهيءَ مرد کي ساڻ وٺي. پاڻ ڪچهري
۾ پهتو. هن پنهنجي زال جي گهر ڪئي، پر جواب مليس.
جنهن تي فقير هڪل ڪري مڙس کي چيو ته تون زوري
پنهنجي ٻانهن کنيون هليو اچ! جڏهن مڙس پنهنجي زال
وٺي هلڻ لڳو ته ڪچهري وارن بادشاهه کي چيو ته هي
اجازت کان سواءِ زال ورتيون وڃي ٿو. جواب مليو ته
هي مجذوب آهي. الله جي محبت ۾ مست ٿيل تنهن ڪري ان
جو ڪير اڳ وٺي، جيڪڏهن اسان سڀني کي پاڻ سان وٺي
وڃي ته به وس وارو آهي. اهو بادشاهي صورت ۾ پيران
پير رحه بادشاهه هو.
(بيان العارفين ملفوظات شاهه عبدالڪريم بلڙي)
هڪ دفعي مخدوم نوح عليه الرحمت جي خدمت ۾ بيان ڪيو ويو
ته شيخ ڀرڪيو ڪاتيار چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن مان
پنهنجي خداکي چوان ته سمورا مئل ماڻهو ۽ حيوان
جيئرا ڪر ته هڪدم جيئرا ڪري ڇڏي.
مخدوم اها دعويٰ ٻڌي فرمايو ته فقيرن کي گهرجي مئل دلين
کي زنده ڪن. باقي ههڙيون دعوائون ڪرڻ شريعت جي
مخالف آهن تنهن ڪري زبان تي نه آڻجن. (دليل
الذاڪرين)
هڪ ڏينهن چيائين ته آءٌ هڪ وقت شهود جي نور ۾ غرق هوس
ته ان وقت آواز آيو ته ڀرڪيا ٻانهو ٿي رهندين؟ چيم
ته نه! وري آواز آيو ته ڀلا نوڪر ٿيندين؟ چيم ته
نه! اهو آواز برابر 3 دفعا ايندو رهيو! چيم ته
ياالله آءٌ ته ڪجهه به نه آهيان ۽ ڪجهه به ٿيڻ نٿو
گهران! جڏهن ائين چيم،. تڏهن خدا تعاليٰ پنهنجي
قدرت جو هٿ منهن جي پٺي تي رکيو ۽ منهنجي نيازمندي
کي قبول فرمايائين.
(تحفت الڪرام)
شيخ ڀرڪيو مخدوم نوح کان ٿورو اڳ پيدا ٿيو آهي. ڏهين
صدي جي رجالن مان آهي.
ڏسو
سنڌ جي ادبي تاريخ مصنف مسٽر محمد صديق ميمڻ
حيدرآبادي.
|