سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٻيو)

 

صفحو :4

 

 

159- مولانا عبيدالله ”آهي“

        هي بزرگ سڀني جامع علومن ۽ سڀني فنن جو مالڪ هو. مرزا شاهه بيگ ارغون سان گڏجي سنڌ ۾ پهتو. اصل هرات جو باشندو هو. انهيءَ ملڪ جو ماڻهو. چون ٿا ته سندس تصنيفات هڪ سئو کان به زياده هئي. مگر آخر ڄمار ۾ اچي بي خودي جو جذبو مٿس غالب ٿيو ۽ جنون مٿس غالب پئجي ويو، جنهن ڪري پنهنجي ڪتب خاني کي ساڙي خاڪ جا ڍير بنائي ڇڏيائين، پوءِ مجنونن وانگر آوره هلندو وتندو هو. عمدو شاعر هو  ۽ ”آهي“ تخلص هو. هوشياري جي زماني کان پوءِ به ڪڏهن فارسي شعر چوندو هو، جنهن مان هيٺيان چند شعر يادگار طور رهجي ويا آهن.

آهي آن روزکه در دست جنون پازده ام

رخت ادراڪ ز سر کنده بصحرا زده ام

 

حيرت عشق تو به ربوده ز سر هوش مرا

مانده ام همچو کدوي تهي از باده بخاک

 

نيست خالي از  غمش سينه آهي افسوس

يار ميخوا ندم از جمله بي دردا نها

 

پس  از من کس نه پر سد حال آهي

شهيد عشق گمنام دوا م است

        هن جي وفات جو واقعو هن ريت آيل آهي ته شاهه حسن بيگ ارغون جي زماني  ۾ جڏهن  بادشاهه محمد همايون سنڌ جي چون (تعلقه بدين) جي شهر جي ٻاهران اچي لٿو ۽ ان وقت ارغون فوج ۽ همايوني فوج جي دوبدو جنگ هلي رهي هئي ته هي مولانا مجنون  ٻنهين فوجن جي وچ مان بيباڪ بڻيو آيو ويو ٿي. هيو مست تنهن ڪري ڪير کيس روڪي سگهيو ٿي. هڪ دفعي ٻنهي فوجن جي وچ مان لنگهندي هڪ تير اڏرندي آيو جو سندس حلق ۾ اچي پيوست ٿيو ۽ سندس روح جو پکيئڙو  پرواز ڪري ويو. اهو واقعو 950 ۾ ٿي گذريو (مقالات). مير علي شير قانع تاريخ وفات سندس ئي هڪ شعر جي مصرعه ”شهيد عشق گمنامي دوا م است“ جي پهرئين اڌ         ”شهيد عشق گمنامي“ ڪڍي آهي. مير صاحب ان تي فرمائي ٿو ته:

950

”از نوادر اتفاق است“

(مقالات)

 

 

160- مخدوم حامد آگهمي

        دليل الذاڪرين ۾ لکي ٿو.

        ”حضرت مولوي حامد آگهمي در عصر خويش در علم فقه ثاني نداشت“. يعني مخدوم حامد آگهمي پنهنجي زماني ۾ علم فقه  ۾ پاڻ مٽ هو. ٻيو ڪوبه جهڙس ڪونه هو.

        مخدوم حامد جون فتوائون ۽ تحريرون اڃا به موجود آهن. جن مان حضرت علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جهڙا وڏا مفتي ۽ فقيه به سند ۽ حجت وٺندا آهن.

        هو بزرگ ظاهري علم سان گڏ باطني علم يا تصوف ۾ به وڏو صوفي ۽ ڪامل بزرگ هو. حضرت  مخدوم نوح عليه الرحمت جي صحبتن ۾ رهيو، ان کان پوءِ سندس فرزندن ۽ خليفن سان تعلقات رهيس.

        دليل الذاڪرين ۾ مخدوم حامد صاحب کان نقل ٿو آڻي ته، مخدوم جو فرمائڻ آهي ته مان هنن اکين سان حضور رسول الله صلي الله عليه وسلم کي ڏٺو ۽ ساڻس ملاقات ڪئي.  ڪڏهن هيئن به فرمائيندو هو ته مان رسول الله صلي الله عليه  وسلم سان خواب جي حالت ۾ ڪيئي دفعا ملاقاتون ڪيون ۽ ڪن سوالن جي جوابن جو شرف حاصل ڪيو اٿم.

        حضرت مخدوم حامد جون ملاقاتون شيخ بهاءُالدين دلقپوش ۽ شيخ محمود فخريه  هالائي سان رهيون آهن. کانئس نقل آهي ته بهاءُالدين دلقپوش فرمايو ته قرآن جون معنائون سوا لک تائين پهچي سگهن ٿيون، مگر جيڪو پورو پورو حق آهي، سو الله تعاليٰ کان سواءِ ڪونه ڄاڻي سگهي ٿو. جيئن ته الله تعاليٰ جو ارشاد آهي و ما يعلم تاويلھ الا الله يعني ته انهن (متشابهه آيتن) جي الله کانسواءِ ٻيو ڪو معنيٰ ڪونه ڄاڻي ٿو.

        مخدوم حامد کان ٻيو نقل آهي ته ٺٽي جي شهر ۾ هڪ مجذوب پيو هوندو هو، جنهن جي سيني تي پراڻين ۽  ميرين اڳڙين جي هڪ وڏي ڀري پئي هوندي هئي. کاڌي پيتي جي لاءِ جو ڪجهه ملندو هوس ته ان تي رکي کائيندو هو ۽ اوبر به ان تي ڇڏي ڏيندو هو. مخدوم حامد  فرمائي ٿو ته هڪ دفعي مون کي دل ۾ آيو ته ايڏي محنت ۽ تڪليف برداشت  ڪرڻ کان صاحب صفا آهي يا فقط ائين مصيبت سهي رهيو آهي. انهيءَ خيال گذرڻ شرط چيائين ته  حامد ته احمد واري جنگ ۾ تنهنجو بيان، حضرت رسالت پناهه کان ٻڌو هوم، هن جي ايتري چوڻ تي يقين آيم ته صفائي جو صاحب آهي.

(دليل الذاڪرين)

        انهيءَ مجذوب جو نالو هارون هو، جو مخدوم نوح جي خليفي مجذوب هارون بري جي سنگتين مان هو.

        مخدوم حامد جي وفات جي مقرر تاريخ نه ملي سگهي آهي، دليل الذاڪرين مان معلوم ٿئي ٿو ته هو 11 هين صدي هجري جي عارفن مان آهي.

 

 

161- ابوالبقا امير خان بکري

        نواب سيد امير خان ابوالوفا بن  مير ابوالقاسم نمڪين هروي، بکري. ابوالقاسم جي سمورن فرزندن ۾ هڪ وڏو لائق، عالم ۽ فاضل فرزند آهي ۽ معامله فهمي ۾ هڪ ئي فرد هو. پنهنجي والد جي زماني ۾ ئي، هو جنت مڪاني جهانگير جي خدمت ۾  پهتو ۽ بخت جي مددگاري سان پنجصدي جي عهدي تي وڃي پهتو.، پنهنجي والد جي وفات کان درجه بدرجه وڌندو ٻه هزاري منصب تي وڃي پهتو. يمين الملڪ جو نائب ٿي ملتان ۾ اچي رهيو. شاهجهان بادشاهه جي  تخت نشيني جي ٻئي سال جڏهن مرتضيٰ خان ٺٽي جي گورنر وفات ڪئي، تڏهن امير خان پنجصدي جي ذاتي اضافي ۽ پنج سئو سوار ۽ سه هزاري، دو هزاري سوار جي منصب سان مقرر ڪري، ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 14 سال جلوس شاهجهاني ۾ سيوهڻ ۾ ڌاڙيلن ڏاڍيون ڦريون ڪيون، جنهن ڪري انهيءَ علائقي جي انتظام لاءِ مقرر ٿي  آيو.

        هڪ سال کانپوءِ يعني 15 شاهجهاني سال ۾ وري ٻئي دفعي ٺٽي جو گورنر مقرر ٿيو. جهانگير جي دربار مان مير خان جو لقب عطا ٿيل هو. شاهجهان ان تي الف وڌائي ”امير خان“ جو خطاب ڏنو. ان  لقب عيوض هن بادشاهه کي هڪ لک روپيا نذرانو پيش ڪيو.

                                                                                                                 (ماثر الابراءِ)

        شاهجهان پاران 1037هه ۾ ٺٽي جو گورنر ٿي پهتو،تڏهن انهن سڀني ماڻهن کي سخت سزائون ڏنائين، جن شاهجهان جي شهزادگي واري زماني ۾ ٺٽي پهچڻ وقت شريف الملڪ يڪچشم سان ملت ڪري شاهجهان کي تڪليف ڏني هئي، جنهن جو تفصيل سان ذڪر آهي.

        ميرپور (بٺورو) سندس نالي تي آباد ڪيل شهر آهي. چيو وڃي ٿو ته هو اڃا اميري تي نه پهتو هو ته هڪ دفعي انهيءَ سرزمين ڏانهن اڪيلو گهوڙي تي سوار ٿي  وڃي نڪتو. اتي جي  ڌنارن سندس ڏاڍي خدمت ۽ مهماني ڪئي. هنن جي غريباڻي مهماني کان ڏاڍو راضي ٿيو. کيس معلوم ٿيو ته اها زمين  بلڪل غيرآباد آهي ۽ غريب مال چاري نهايت تنگي سان گذارو ڪندا آهن، پوءِ جڏهن ٺٽي جو گورنر ٿي آيو، تڏهن ڌنارن جي مهماني جو احسان ان ريت لاٿائين جو اها سموري زمين ڍل کانسواءِ، انهن ماڻهن کي مفت وسائي ڏنائين، جتي هنن سندس نالي تي ميرپور ڳوٺ ٻڌو ۽ آبادي ڪيائون. سندس نالو اڃا زنده آهي.

        ٺٽي ۾ ڀائيخان محلو ۽ چوڪ عبدالغني جي وچ ۾ هندن جو هڪ ويران مندر هو، جنهن کي ڊهرائي مسجد ٺهرائي هڪ يادگار ڇڏيو اٿس. اها مسجد اڄ تائين موجود آهي. جنهن کي نه صحن آهي ۽ نه ٻيو ڪجهه. تمام ويران حالت ۾ رهيل آهي. مسجد جي دروازي تي نهايت خوشخط نستعليق ۾ هيٺيون ڪتبو لڳل آهي.

اين مسجد بهشت نشان را بنا نهاد

مهر و سپهر دولت اقبال امير خان

چون ختم بود درهمه او صاف فيض و لطف

سال تمام گشتن او نيز ختم دان

1040                                 

        گنبذ جي اندر هڪ ٻئي ڪتبي جو ٽڪر لڳل آهي، جنهن تي فقط هڪ شعر باقي رهيل آهي.

همي کردم طلب سال بنا يش

خرد گفتا که بيت المال باني

1039

        يعني ته ٻئي ڪتبا هڪ ٻئي کان هڪ هڪ سال جي مفاصلي تي لکيا ويا آهن.

هڪ دفعي جو واقعو آهي ته،  اڪيلائي ۾ آئينو ڏسندي پاڻ تي السلام عليڪم چيائين. جنهن تي واقعه نگارن اهو قصو بادشاهه جي درٻار ۾ پهچايو ته امير خان سودائي ٿي پيو آهي. سو پيو پنهنجي عڪس تي سلام پڙهي. امير خان کي انهيءَ چغلي جو پتو پئجي ويو جنهن پاڻ بادشاهه جي خدمت ۾ عريضه لکيو ته داتا چريو ڪونه ٿيو آهيان. پنهنجي  ڏاڙهي ۾ اڇو وار ڏٺم، انجي عزت لاءِ کيس سلام عليڪم چيم، ڇو ته غلام اوهان جي تربيت ۾ ٻڍو ٿيو آهي. بادشاهه کي سندس جواب پسند آيو.  (مقالات الشعراء)

        هو عمدو شاعر هو جنهن جو  ڪجهه شعر  نموني طور  مقالات ۾  نقل ڪيو اٿس.

        مير خان کي ويهه پٽ هوا. عمر هڪ سئو سالن کان لنگهي وئي هئس مگر بدن جي ڪنهن به قوت ۾ ڪوبه فرق ڪونه آيو هوس. قوت مردانگي ۽ اکين جي بصارت ۽ ٻيون طاقتون سموريون بحال هئس. ڪيترائي لائق فرزند ڇڏي ٺٽي ۾ 1057 ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس لاش کي قاسمي قبرستان ۾ جو سندس والد جو بنايل هو، ان ۾ دفن ڪيو ويو. اهو قبرستان  بکر کان ڏکڻ طرف هڪ پهاڙي تي صفه صفا جي نالي سان آهي. (ماثرالاسراء)

        اڄ ڪلهه انهيءَ قبرستان کي قاسم خاني ۽ ستين جو ٿان سڏيو ويندو آهي.

 

 

162- مير عبدالرزاق بکري

        مير عبدالرزاق ولد مير ابوالبقا امير خان مرحوم، هڪ وڏو عالم ۽ بي  مثل عقلي ۽ نقلي علم جو جامع ۽ فاضل هو. هو علميت جي قابليت ڪري زماني جي عجائبات مان ليکيو ويندو هو. لغت ۾ ايڏو درڪ هوس. جو چون ٿا ته سندس زبان ۾ ڪن لفظن ادا ڪرڻ ۾ رنڊڪ ٿيندي هئي. جنهن ڪري هن اُهي لفظ ئي ڳالهائڻ ڇڏي ڏنا ۽ انهن جي هم معنيٰ اهڙا لفظ ڪم آڻيندو هو جنهن ۾ هٽڪ نه پوندي هيس. جنهن ڪري جدا جدا ٻولين جي لغت، کيس ياد هوندي هئي ۽ ماڻهو سندس ايڏي همه گير زبانداني ۾ حيرت ۾ رهندا هوا.

(تحفت الڪرام)

        هو پنهنجي قابليت ۽ پنهنجي پٺي ڏاڍي جي مقبوليت سبب شاهه جهان بادشاهه جي درٻار ۾   رسائي حاصل ڪري نهصدي جي بلند درجي تي فائز ٿيو.

        سندس همشيره جي شاهجهان جي فرزند مراد بخش سان شادي ٿي گذري. ڇاڪاڻ جو شاهه زاد کي پهرين زال مرزا سيد رستم صفوي جي نياڻي مان اولاد ڪونه ٿيو ٿي، جنهن ڪري اها شادي عمل ۾ آئي ۽ نينگري کي هڪ لک روپين جا جواهر بادشاهه پاران ڏاج ۾ ڏنا ويا. (ماثر الامراء و تحفت الڪرام)

        مير عبدالرزاق هڪ بليغ شاعر هو، سندس هڪ غزل جا ڪجهه بيت هيٺ ڏجن ٿا.

مي فروزد جان ماچون دست سري مي برد

مي فزايد حال ماچون لب بسوئي ميخانه ميبرد

مخفيم در جوهر معنيٰ، چو معنيٰ در سخن

ديدن من هرکه خواهد گو بمعنيٰ ميبرد

درد مند مقطره خوئي  خواهم از زلف کجت

خوهاش مبروص باشد تا از افعي قي برد

        سندس ننڍي ڀاءُ مير ابولمڪارم شهود انجي جواب ۾ غزل فرمايو آهي، جنهن جو مطلع هيٺئين ريت آهي.

مست نوش لعل اوکي دست سوي مي برد

نغمئه ساز عشق اوکي دست سوئي ني برد

        مير عبدالرزاق 26 سال جلوس شاهجهاني مطابق 1062هه هن دنيا فاني مان هجرت فرمائي ويو ۽ سندس مقبرو صف صفا بکر جي ڏکڻ واري ٽڪري تي سندس والد جي پهلو ۾ آهي. مقبري جي مٿان به ساڳيو مٿيون شعر لکيل آهي.

 

 

163- مخدوم رحمت الله صدر ٺٽوي

 

        ٺٽي جي تمام وڏن عالمن مان صاحب درس تدريس، جامع معقول و منقول ۽  حاوي فروع و اصول علامه وقت هو. سلطان عالمگير سندس علمي ڪماليت جو شهرو ٻڌي، کيس نهايت عزت ۽ احترام سان، دربار ۾ طلب ڪرايو.

        جڏهن ٺٽي مان روانو ٿي، شاهي دربار ۽  بادشاهه جي روبرو پهتو. تڏهن علامه جو امتحان وٺڻ جو  ارادو ڏيکاريو. ان وقت عالمگير جي وزير عنايت الله خان جي هٿ ۾ تفسير بيضاوي  جو هڪ نسخو هو. حڪم ٿيو، تفسير مولانا جي حوالي ڪريو ته ان کي ڏسي سندس صحيح يا  غلط هجڻ بابت راءِ ڏئي. (يعني ته ڪتاب ۾ ڪٿي ڪا غلطي آهي ڇا) مولانا رحمت الله ڪتاب کولي وري هڪدم واپس ڪندي چيو ته غلط آهي. عنايت الله خان وزير موقعو وٺي فرمايو ته بادشاهن جي حضور ۾ اڻ ڏٺل ڪتاب بابت، سواءِ ڪنهن غور و فڪر ڪرڻ جي، غلط چوڻ ٺيڪ نه آهي.  بلڪ اها هڪ قسم جي گستاخي آهي. مولانا سيني تي هٿ رکي ادب سان چيو ته آءٌ پاڻ ڪتاب آهيان. تنهن ڪري  وڌيڪ ڏسڻ جي ڪهڙي ضرورت اٿم.

        بادشاهه معلوم ڪري ورتو ته هو وڏي علم جو مالڪ آهي. ان کان پوءِ حضرت عالمگير فرمايو ته ڪنهن مثنوي جو اهو شعر پڙهي ٻڌاءِ، جنهن جي شروعات لفظ ”چون گرسنه“ هجي. مولانا سموري معاملي کي سمجهي ورتو، ڇاڪاڻ جو مثنوي جو اهو شعر ”شوي“ جي لفظ سان ختم ٿئي ٿو. جنهن ۾ بادشاهه جي سامهون گرسنه  شوي ۽ سگ شوي چوڻ بيحد بي ادبي آهي. مولانا رحمت الله شوي جي بدران ”شوم“ ڪري هن ريت شعر پڙهيو.

چون گرسنه مي شوم، سگ مي شوم

مست بداندام بدرگ مي شوم

        بادشاهه مولانا جي ادب ۽ علم کان  ڏاڍو محظوظ ۽ خوش ٿيو.

         مولانا بادشاهه جي دربار ۾ روز بروز ترقي ۽ واڌارو ڪندو ويو ٿي ۽ اها ڳالهه وزير عنايت الله خان کي ناگوار گذري رهي هئي.  ڇو ته عنايت الله خان کي شڪ هو ته مولانا علمي قوت سان سندس درجي کي ڪو ڌڪ نه هڻي ڇڏي.

        مولانا اها ڳالهه معلوم ڪري بادشاهه کان وطن جي واپسي جي رخصت گهري، بادشاهه جي مرضي نه هئي پر مولانا رحمت الله، عنايت الله  خان جي مخالفت کي برداشت نه ڪندي، پنهنجي وطن ڏانهن واپس ٿيو ۽ ٺٽي جي صدارت جو عهدو حاصل ڪري واپس موٽيو.

        مولانا کان پوءِ سندس فرزند محمد عابد ٺٽي جي صدارت واري عهدي تي فائز ٿيو ۽ والد وانگي وڏي علمي ڪمال سان زنده رهيو.

        مخدوم عابد خوشگو شاعر هو. هن نواب حفيظ الله خان ٺٽه ۾ مسجد ٺهرائي. جنهن جي تاريخ هيٺئين ريت لکيائين.:

شد اين مسجد فرخنده انجام

بنائي خير حفيظ الله خان

خرد تاريخ تعمير ش بگفتا

جزائي خير باد از بهر باني

1109

        مولانا جي علمي ڪمال ۽ فضائل جي سامهون شعر شاعري اگرچه ڪجهه به نه آهن، مگر ڪڏهن ڪڏهن هو انهيءَ فن ڏانهن به توجهه ڪندو هو پوءِ جڏهن هو فوت ٿي ويو،تڏهن هن جي مرڻ تي، هن جو آميز تاريخ جيڪا لکي اٿس، سا هيٺ درج ڪجي ٿي.

در ناف نهفته حج از حجت الاهي

شر الدواب دوران ناگاهه مختصر شد

مفتي مرگ، فتويٰ  داد اين بروز مرگش

که امروز بهر قربان جاسوس معتبر شد

بوده کمان کش شر، در کيش خود پسندي

آخر چه طرفه برجانش کارگر شد

گرچه معاني شر کردي بيان ز نخوت

صد شکر کز وفاتش آن شرح مختصر شد

دائم کلاغ صورت بوده جگر خور، اما

 در مبرز هلاکت چون حيفه مستقر شد

آن باد سبلت او آخر و بال او شد

کان دختر خباثت، يکبار منتشر شد

نفس شرير بودش پيوسته در مظالم

الحمد کان شرارت از خلق در گذر شد

د جال وقت نرغش رو به صفت درآمد

کزکينه و فريبش برداشت او مستتر شد

دستار بر زمين زد، ابليس گفت آوخ

گنجينئه فنونم در خاک مدخر شد

تاريخ سال مرگش پرسيدم از دبيري

افسوس خرد گفتا في النار والسقر شد

1143

 

        هن مان ظاهر آهي ته مولانا رحمت الله، سلطان عالمگير جي وفات کانپوءِ ڪجهه زمانو زنده رهيو آهي. ٻارهين صدي هجري جي وچ  ڌاري وفات فرمائي اٿس. (مقالات و تحفت الڪرام)

        (فائده) عنايت الله خان سلطان عالمگير جي مقرب مشيرن مان هو. سندس والد مرزا شڪر الله به مغليه خاندان جي اميرن مان ٿي گذريو آهي. عنايت الله خان جي والده قرآن جي حافظه ۽ نيڪ سيرت عورت هئي. جنهن ڪري سلطان عالمگير پنهنجي نياڻي زيب النساء جي تعليم ۽ تربيت لاءِ مقرر ڪيو. جنهن وٽ زيب النساء اسلامي ادب سکيا ۽ قرآن ياد ڪيو. زيب النساء جي سفارش سان عنايت الله خان پهريان بادشاهه جي حاضري ۾ ملازم ٿيو. ان کان پوءِ ترقي ڪندي، بادشاهه جي وزير اعظم اسد الله خان جي پاران پروانن تي دستخط ڪرڻ  لڳو.

        هو ڏاڍو پاڪيزه سيرت انسان هو. ڏاڍو پرهيزگار ۽ امانت دار ۽ صوفياءِ ڪرام جو معتقد نيڪ ڪار انسان هو.

        سلطان عالمگير جيڪي به خط يا حڪم پنهنجي اولاد يا عملدارن ڏانهن موڪليندو هو، تن کي هن جمع ڪري، احڪام عالمگيري جو نالو ڏنو ۽ بادشاهه جي دستخط ننڍا ننڍا رقعا جمع ڪري ڪلمات طيبات نالو رکيو. هو ڏاڍو خوشخط ۽ بهترين انشاء پرداز هو. ۽ بادشاهه کي ان ڪري ڏاڍو وڻندو هو. عالمگير جي وفات کانپوءِ سندس فرزند اعظم شاهه وٽ رهيو. هڪ دفعه بيت الله جو حج به پڙهي آيو. آخر 1139 ۾ هن دنيا مان وفات فرمائي ويو.

(ماثرالامراء مختصرا)

 

 

164- غضنفر خان عالمگيري

        غضنفر خان ولد اله وردلي خان جهانگيري هڪ سمجهدار امير پهريان شاهه جهان بادشاهه جي خدمت ۾ پهتو ۽ بادشاهه جي حڪم موجب هن نهايت چالاڪي ۽ چستي  سان ڪم سرانجام ڏنا.

        13 سال  شاهجهاني جلوس ۾ وقت  توب خانه جو داروغو ۽ فوج جو سنڀاليندڙ جو  عهدو سپرد ٿيو. انهيءَ سال شاهزاده مراد بخش سان بلخ جي ڪن قلعن فتح ڪرڻ لاءِ سڄي هٿ واري فوج جو سپهه سالار ٿي روانو ٿيو. جتي وڏا وڏا ڪم سرانجام ڏنائين. ان کان پوءِ ڪيترو وقت يو پي  (دوآبه) جي گورنري تي مقرر  رهيو.

        بادشاهه جي حڪم سان سهارنپور جي لڳ هڪ مخلص پور شهر آباد ڪرايائين جو آبهوا جي لحاظ کان بهترين خطه آهي. جتي 5 لک روپين جي خرچ سان سرڪاري محلات قائم ڪرايائين. جڏهن حڪومت جون واڳون بادشاهه عالمگير جي حواله ۾ آيون، تڏهن بادشاهه جي غضنفر خان تي خاص نظر عنايت رهي. هو جونپوري جو گورنر ٿي رهيو. ان کان پوءِ 7 سال جلوس عالمگيري مطابق سن 1075هه ٺٽه جي گورنري تي پهتو. کيس پنجصدي هزار سوار ۽ سه هزاري سه هزار جو عهدو به عطا ٿيو، ٺٽه ۾ ٽن سالن رهڻ کان پوءِ پنهنجي طبعي موت سان ڏهين سال عالمگيري مطابق 1077 ٺٽه ۾ ئي وفات ڪري ويو.

(ماثر الامراء و تحفت الڪرام)

 

165- شاهه جهانگير هاشمي

        پيءَ جي طرفان چئن واسطن سان شاهه قاسم انوار (مشهور ايراني شاعر سان) ملي ٿو. ۽ ماءُ پاران نعمت الله ولي سان سندس سلسله نسب ڳنڍجي ٿو. جهانگير هڪ ڪريم الطبع سيد پاڪ دين ۽ نيڪ عقيدي جو انسان هو. هو پنهنجي وطن (ڪرمان) سير جي ارادي سان روانو ٿي سنڌ ۾ پهتو. ان وقت سنڌ جو حاڪم مرزا شاهه حسن ارغون هو؛ جنهن شاهه  صاحب جي آمد کي ڏاڍو نيڪ  تصور ڪري سندس بي حد عزت ۽ احترام ڪيو ۽ هو سنڌ ۾ ئي رهجي پيو.

        ڪيترن سالن کان پوءِ جڏهن واپس موٽيو. تڏهن سنڌ جي سرحد تي مڪراني لٽيرن هٿان سندس حياتي جي رشتي کي ڪپيو ويو. (اهو واقعو ڏهين صدي هجري ۾ ٿي گذريو.) مظهر الاثار مخزن  الاسرار نظامي جي تتبع ۾ سندس مشهور مثنوي آهي.

        ان کان سواءِ هڪ وڏو ديوان به يادگار ڇڏيائين. جنهن ۾ غزل قصيدا رباعيون آهن. هي ٿورا شعر ان مان آهن.

خوبرويان چه کسانند دل آرامي چند

دام بدنامي واشوب نکو نامي چند

ره که پيمانه ما پر شد درياي خمي

بکشيديم ز دست صنمي جامي چند

هاشمي قطع تمنا مکن و از صبح و صال

گر بنو ميدي هجران گز رد شامي چند

***

کجا است آن که مرا ساغري بدست دهد

نه درد گويد نه صاف هرچه هست دهد

چو هاشمي من و خون جگر که ساقي دهد

مي مراد بدون همتان بست دهد

***

بي تو نبود هوس ساغر مي در ما

گرهمه چشمه خورشيد بود  ساغر ما

روزگاري است که زائل شده از گريه هجر

صورت خور مي از خاطر غم پرور ما

***

مي روم از گلشن کويت گراني مبرم

رخصت  هستي بسته بار ناتواني مي برم

اين چنين کز آستانت مير وم نا داده جان

شرم ميدارم که نام زندگاني مي برم

***

مظهر الاثار مان چند شعر:

اي شده در علم وزارت علم

بر خط ارباب خط کش رقم

***

همچو قلم ناظم دفتر شوي

عامل معموره کشور شوي

زور کمن در خور بازو خوش است

سنگ بيزان ترازو خوش است

در عملي کوش کزان کسب کار

عاقبت کار شوي رستگار

سفله که زر در گره مشت اوست

هر درمي ناخن انگشت اوست

(هفت اقليم قلمي)

مير محمد معصوم لکي ٿو ته

        جهانگير هاشمي شاهه طيب  هروي جي اولاد مان آهي. هڪ شيرين ڪلام شاعر هو. مرزا شاهه حسن جي شروعات بادشاهت واري زماني ۾ سنڌ ۾  اچي مقيم ٿيو. شعر جي سمورن نمونن ۾ بي نظير هو. مظهر الاثار جو تحت الاحرار جي جواب ۾ سندس طبيعت جو نتيجو آهي. سال  966 ۾ حج جي ارادي  سان سنڌ مان مڪران جي رستي کان روانو ٿيو. وچ واٽ ۾ ڌاڙيلن کيس شهيد ڪري ڇڏيو (معصومي) هن مان ظاهر آهي ته  شاهه صاحب 946 هجري ۾ هن دنيا مان مڪران جي علائقه ۾ شهيد ٿي ويو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org