279- قاضي عثمان محدث نوشهرائي
عالم، محدث، صوفي عثمان بن محمد شريف نوشهرائي، ننڍپڻ ۾
هن مٽيارين جي مدرسه ۾ مخدوم عبدالڪريم مهاجر کان
علم حاصل ڪيو. اڃا پورو جواني کي پهتو ئي نه هو
ته مڪه شريف روانو ٿي ويو. مڪه ۾ الڳ سندس ڀاءُ
ميان حبيب الله مهاجر اڳ ۾ هجرت ڪري وڃي مقيم
ٿيو. هو هڪ وڏو عالم ۽ محدث ۽ موحد هو. انهي
زماني ۾ شيخ محمد بن عبدالوهاب نجدي جو حرمين جي
بعض عالمن تي موحدانه ڪافي اثر موجود هو. سندس
ڀاءُ به انهيءَ رنگ ۾ رنڱيل هو.
حاجي قاضي عثمان جو هڪ سنڌي فقير هو، تنهن پنهنجي ڀاءُ
جي خيالات ۽ اثرات ۽ اعتقاد قبول ڪرڻ کان سخت
پاسو ڪيو ۽ انڪار ڪندو رهيو،جنهن تي محدث حبيب
الله چيس ته تون ڪعبة الله جي آڏو هي دعا پڙهي
پوءِ انتظار ڪر ته ڇا نتيجو نڪري ٿو. اللهم ارنا
الحق حقا وار زقنا اتباعھ و ارنا الباطل باطلازقنا
اجتنابھ“ يعني ته يا الله اسان کي حق پوري جلوي
سان ڏيکار ۽ ان جي تابعداري نصيب فرماءِ ۽ باطل يا
ڪوڙ کي ڪوڙ واري شڪل ۾ ڏيکار ۽ ان کان بچاءِ! آخر
ان دعا جو اهو نتيجو نڪتو جو قاضي عثمان جو علم
حديث جي تحصيل ڏانهن توجه ٿيو. مڪه شريف جي محدثن
کان حديث حاصل ڪري، پوءِ يمن جي مشهور عالم قاضي
محمد بن علي شوڪاني (متوفي) جي خدمت ۾ صنعا ۾ پهچي
صحاح سته جو دورو پورو ڪيائين. پورن ويهن سالن کان
پوءِ هو دوباره سنڌ موٽي آيو. پهريائين پنهنجي
اصلي ڳوٺ کاهي تعلقه نوشهره ۾ اچي رهيو. ان کان
پوءِ نوشهره جي قاضين جي تقاضا سان نوشهره ۾ اچي
رهيو.
هن بزرگ جو يادگيرو ايڏو زبردست هو جو صحاح سته ۽ ٻيا
سمورا ڪتاب ياد هوندا هوس، جنهن ڪري هن جي علميت
جو وڏو شهرو ٿيو.
هو ظاهر ۾ حنفي مذهب جو پابند هو، مگر تقليد کي ڪجهه به
ڪري نه سمجهندو هو،جنهن ڪري سنڌ جا حنفي کائونس
ڏاڍا چڙيل ۽ ناراض رهندا هوا، بلڪ سندس استاذ
مخدوم عبدالڪريم پنهنجن شاگردن کي ساڻس ملاقات جي
منع ڪري ڇڏي هئي، جن مان حاجي عيسيٰ ساندائي کان
روايت آهي ته هو جڏهن مڪه شريف مان موٽي آيو ۽
سندس استاذ مخدوم مهاجر وفات ڪري چڪو هو ته اچي
قاضي عثمان سان مليو. ڇا ڏسي ته هو هڪ زاهد صوفي ۽
محدث نيڪ زندگي بزرگ هو، جنهن کان پوءِ پنهنجا
هميشه لاءِ هم خيال هجڻ ڪري ڏاڍا گهاٽا لاڳاپا
رهيا ۽ قاضي عثمان وفات کان پوءِ سندس فرزندن جي
سنڀال حاجي عيسيٰ ڪندو رهيو.
مرحوم قاضي عبيدالله ولد قاضي ( ) مون کي روايت ڪئي،
سا هتي پرڳڻي جو مالڪ جنهن زماني ۾ ميرعلي مراد
خان هو، ته ان وقت نوشهروفيروز جي لڳ هو صاحب شڪار
لاءِ آيل هو، منهنجي والد (قاضي عثمان) جي علميت ۽
پرهيزگاريءَ جي شهرت ٻڌي پاڻ وٽ گهرايائينس. تمام
مزيدار علمي مباحثا هليا. قاضي صاحب جي امتحان
لاءِ هڪ نوڪر کي اشارو ٿيو ته قاضي کي پيران پير
جي نالي واري مٺائي آڻي ڏيو. قاضي صاحب مير صاحب
کي صاف فرمايو ته غير خدا جي نالي واري شئي مطلق
حرام آهي، تنهن ڪري منهنجي سامهون ئي نه آڻيو. مير
صاحب سندس پخته اعتقادي کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انهي
علائقي ۾ وجهه معاش جو ٿورو زمين جو ٽڪرو جاگير
طور عطا ڪيائينس ۽ جنهن جو بروقت پروانو لکيو ويو،
مگر جڏهن ساهتي پرڳڻو مير صاحب کان کسي برٽش حدن ۾
آندو ويو، تڏهن قاضي صاحب انهيءَ جاگير ٽڪري تان
دست بردار ٿي ويو.
قاضي عثمان جي همعصر علمائن مان مولانا نور محمد
شهدادڪوٽي، مخدوم حاجي فضل الله پاٽائي، حڪيم غلام
محي الدين سيوهاڻي جا ساڻس علمي مناظرا ۽ مباحثا
رهيا. هن لاءِ مشهور ڪيو ويو هو ته امامن مجتهدن
کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو پر حقيقت ائين نه هئي. هو
فقط امامن جي تقليد کي واجب يا فرض ڪونه سمجهندو
هو ۽ بس، تمام وڏي ڄمار ۾ محرم سن 1294 ۾ وفات
فرمائي ويو. ڪنهن شاعر سندس تاريخ وفات هيٺئين
مصرعي ۾ مان ڪڍي آهي.
”بگفتا، نهان ماند گنج عظيم“
280- مولوي عبدالڪريم محدث نوشهرائي
محدث عبدالڪريم ولد قاضي حاجي عثمان نوشهرائي، ننڍپڻ ۾
ئي پنهنجي والد بزرگ جي حياتي ۾ عيسيٰ محدث وٽ
علوم پرايائين. علم حديث ۽ فقه ۾ يڪتا زمانه جو
ٿيو. سندس معاصرين سان جدا جدا تحقيقي مسئلن تي
وڏا وڏا تحريري مناظرا رهيا. نواب سيد صديق حسن
خان ڀوپالي محدث سان خط ڪتابت جي ذريعي لاڳاپا
رهيس. جنهن ڪري هن صاحب جي سموري تصنيفات سندس
ڪتب خانه ۾ جمع ٿيندي رهي.
سموري زندگي مجرد گذاريائين، رات ڏينهن سفر حضر ۾ ڪتابن
جي مطالعي جو شغل جاري رکندو آيو. سفر جي حالت ۾
به هڪ خرزين ڪتابن جي گهوڙي تي رکي سفر ڪندو هو ۽
جتي رات پيئي اُتي ڪتابن جي ملاقات جو شغل جاري
رهيو. هن کي معتقدن يا مريدن مان جيڪا اُپت ٿيندي
هئي سا سموري ڪتابن جي خريداري تي خرچ ڪندو رهيو.
هڪ وڏو ڪتب خانو پنهنجو يادگار ڇڏي وفات ڪري ويو.
سندس وفات سن 1322 هجري ۾ نوشهري ۾ ٿي ۽ اتي ئي
دفن ڪيو ويو. ڪتابن بابت وصيعت ڪري ويو ته هن کي
ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو وڃي. (1) اڌ سندس ڀاءُ قاضي
عبيدالله کي (2) سندس شاگرد سيد ٺارو شاهه کي. اهو
سيد ٺارو شاهه جو وڏو زميندار ۽ محدث عالم هو.
قاضي عبيدالله جي حصي ۾ آيل ڪتاب منهنجي دوست حڪيم شمس
الدين ولد قاضي عبيدالله وٽ محفوظ آهن، جنهن ۾
گهڻا ناياب ڪتاب آهن.
281- سيد شهمير متعلوي
حاجي حافظ عالم سيد شهمير متعلوي، ابتدائي علوم پنهنجي
شهر جي علمائن کان حاصل ڪري، ان کان پوءِ حضرت
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کان ظاهري علمن جي ڪماليت
ڪيائين. تصوف جي سموري سلسلي ۾ به مخدفوم صاحب جي
بيعت ڪري خلافت جو خرقو ڍڪيائين۽ ان کان پوءِ
پنهنجي شهر ۾ اچي درس تدريس ۽ سنت جي زنده ڪرڻ ۾
مشغول ٿيو.
مير قانع لکي ٿو ته: سيد شهمير مٽيارين جي بزرگ زادن
مان ٿي گذريو آهي. سنتن جي زنده رکڻ ۽ اسلام جي
فيصلي جي حمايت ۾ تمام گهڻو توجهه رهندو هوس.
هميشه انهيءَ ڪم ۾ مشغول رهندو هو. هر هڪ ديني ڪم
۾ شاگردن جي جماعت سان دين جي قوت جو ڪارڻ هوندو
هو. (تحفت الڪرام)
سيد صاحب بابت مرحوم مشتاق متعلوي لکي ٿو ته:
هو صاحب جڏهن مدينه منوره ۾ پهتو، تڏهن پنهنجي صحيح نسب
سادات هجڻ جي تحقيق جو ارادو رکي حضور جن جي پڃري
شريف جي اڳيان نياز بي انداز سان سلام عرض
رکيائين، جنهن جي جواب ۾ پڃري مان آواز ٻڌڻ ۾ آيس
ته ”وعليڪم السلام يا ولدي“ يعني ته توتي به سلام
هجي منهنجا پٽ! (ڪواڪب السعادات ح ا)
هن بزرگ جو نسب هن طرح ڪتابن ۾ آيل آهي:
سيد شهمير بن سيد عبدالوهاب بن سيد محمد باقر بن سيد
عبدالوهاب بن سيد نظام الدين عرف ننده بن سيدمبارڪ
بن سيد سومار بن سيد بهاءُالدين بن سيد محمد بن
سيد زڪريا بن شرف الدين بن سيد حيدر (هي بزرگ امير
تيمور جي فوج سان هندستان جي ڪاهه وقت شريڪ هو،
پوءِ سنڌ ۾ رهجي ويو. مٽياري ساداتن جو سلسلو
اتان شروع ٿيو) بن سيد مير علي بن سيد محمد بن سيد
حسين بن سيد علي بن سيد احمد يوسف بن سيد محمد عرف
حسين بن سيد ابراهيم بن سيد علي الحواري بن سيد
حسين اڪبر بن سيد جعفر الحواري بن سيدنا الامام
موسيٰ ڪاظم رضي الله تعاليٰ عنهم. سيد شهمير 10
محرم الحرام سن 1177 ۾ مٽيارين ۾ وفات فرمائي، اتي
ئي دفن ٿيو. سندس اولاد مان ابوالخير سيد حاجي
محمد شاهه اهل علم ۽ اهل خير مشهور بزرگ آهي.
282- پير فاضل شاهه قريشي بڪيرائي
شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتاني جي اولاد مان ڏهين صدي جي
اوائل ۾ سنڌ ۾ آيو، ۽ بڪيرن جي ڳوٺ ۾ اچي مقيم
ٿيو. هو وڏو بزرگ ۽ وڏي ۾ وڏو پير طريقت جو هو.
(تحفت الڪرام)
چون ٿا ته جڏهن انهيءَ هنڌ منزل ڪرڻ جو ارادو ڪيائون،
تڏهن اُتي جار رهاڪو پير صاحب جي رهڻ تي راضي نه
هوا. حضرت مخدوم نوح جو خليفو حسين سنگهار جو
مشهور اهل الله هو، تنهن رنجيدگي ظاهر ڪئي، جنهن
ڪري اها سرزمين اهڙي سخت ٿي وئي،جو پير قريشي جا
فقراء تنبن جا ڪلا کوڙيا ٿي پر ٽامي جي فرش جهڙي
زمين، ڪٿي ٿا ڪلا کُپي سگهن. آخر اها حقيقت آڻي
پير صاحب جي حضور ۾ پيش ڪيائون. فرمايائون ته هاڻي
وڃي ڪلن کي جُتين سان ٺوڪيو ته پاڻيهي زمين ۾
گهڙندا ويندا. قدرت الاهي جو اڳ ۾ جيڪي ڪلا لوهه
جي مترڪن سان نه ٿي کُتا، سي جتين سان محڪم ٿيا.
پير فاضل شاهه فرمايو ته هن جاءِ تي غوث جي خاندان
جا ڪلا قيامت تائين قائم رهندا.
بڪيرن جي ڳوٺ ۾ ذات بڪيرا رهندا هوا. پير فاضل شاهه جي
اچڻ وقت، اُتي جو زميندار ارباب شير بيگ بڪيرو
هو، جو معتقد ٿي رهيو، جنهن جي قبر هڪ مسجد شريف
جي صحن ۾ مخدوم ولايت شاهه بڪيرائي جي بنگلي وٽ
آهي.
پير فاضل شاهه قريشي ملتان شريف کان 951هه ۾ سنڌ ۾
تشريف فرما ٿيو. (انوار قلندري)
چون ٿا ته پراڻ درياء جي ڪناري تي آمري جي مڪان تي هڪ
وڻ بيٺل هوندو هو، جنهن جي ٿُڙ ۾ هڪ دريچي وانگي
سوراخ هوندو هو ۽ انهيءَ سوراخ مان اهو ماڻهو
لنگهي سگهندو هو، جنهن کي پاڪائي ۽ وضو هوندو هو.
اهو وڻ شيخ بهاءُالدين ملتاني ڏانهن منسوب ۽ سندس
يادگار هو، جتي ملتاني طريقي جا سوين فقير اچي گڏ
ٿيندا هوا. مگر پوءِ اتي حضرت مخدمو نوح جي خادمن
قبضو ڪري، ملتاني فقيرن جي تصرف کي ٽوڙي ڇڏيو،
جنهن ڪري ملتاني فقير شيخ بهاءُالدين جي درگاهه تي
دانهن کڻي ويا، جنهن تي پير فاضل شاهه قريشي کي
سنڌ ڏانهن اچڻ جو حڪم ٿيو.
(تحفت الڪرام)
پير فاضل جي بڪيرن ۾ رهڻ کان پوءِ سنڌ جو ملتان سان
مضبوط لاڳاپو ٿيندو ويو ۽ ملتاني جماعتون
پهريائين بڪيرن مان ٿي پوءِ ملتان روانيون ٿيڻ
لڳيون ۽ اها رسم ورهين جا ورهيه قائم رهندي آئي.
جيئن ته مشهور مقولو آهي ته:
”جنهن بُڪيرا نه ڀيٽيا، تنهن جو ملتان به نه ٿيو“ اهوئي
ڪارڻ هو، جو ملتان جا پاڳارا پير جڏهن سنڌ ۾ ايندا
آهن، تڏهن بڪيرن ۾ ضرور تشريف فرما ٿيندا آهن.
حاصل ڪلام ته پير فاضل شاهه سڄي ڄمار سنڌ ۾ طبعي
عمر کي پهچي، خميس ڏينهن، 14 رجب المرجب سن 976هه
۾، هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي جنت الفردوس
ڏانهن لاڏاڻو ڪيو. سندس سال وصال لفظ سخي شاهه ۽
لفظ قريشي هاشمي مان نڪري ٿو. سندس مقبرو به
976 976
بڪيرن ۾ بنايو ويو، جنهن صورت ۾ لاولد هو تنهن ڪري سندس عزيزن
مان شيخ شهرالله قريشي، سندس گادي تي سندس وصيت
موجب ويهاريو ويو. انهيءَ زماني جي ڪنهن شاعر پير
صاحب جي وفات تي تاريخ هيٺيئن ريت لکي آهي:
حضرت مخدوم فاضل شاهه محبوب خدا
جد پاکش غوث عالم پيشوائي اوليا.
آنکه نامش حضرت خواجه بهاءُالدين حق
هست زکريا لقب ملتان زوشد خوش لقا
هست اين مخدوم فاضل شاهه از اولاد آن
خاص سجاده نشيني مي بود صاحب اتقا
قطب وقت خويش بود اندر جهان چون رکن دين
هم صدر دين عارف قطب پاک پير ضيا
حامي اسلام دين هم نافذ شرع متين
هادي هر مسلمين هم سالڪان را پيشوا
مطلع انوار عرفان مخزن اسرار حق
گمرها را رهنمائو واقف ملت هدا
زين جهان چون کرد رحلت سوئي فردوس برين
وجد کرده حور و غلمان گفت رضوان مرحبا
روز پنجشنبه که بود چار ده ماه رجب
داد رضوان با خليفه باغ اين خوشتر ندا
از پئي سال وصالش گفت فضل الله بگو
نيز از ظل الاهي گود ظل هما
976 976
(انوار قلندري)
283- پير شهرالله قريشي بڪيرائي
پير شهرالله قريشي شيخ بهاءُالدين ملتاني جي اولاد ۾
سنڌ ۾ پير فاضل شاهه وٽ اچي رهيو. جنهن کي پير
فاضل شاهه پنهنجي نياڻي جو سڱ ڏئي دامادي سان
نوازيو. پير فاضل شاهه جي وفات کان پوءِ سندس وصيت
موجب گادي نشين ٿيو ۽ ٿوري ئي زماني ۾ هن بلند
درجي واري بزرگ پنهنجي پڌرين ڪرامتن ۽ کليل نشانين
سان شهرت حاصل ڪئي ۽ آمري وارو وڻ ساڳي ريت پنهنجي
سلسلي جي خادمن جي حوالي رکندو آيو.
هن بزرگ کي ٻه فرزند ڄاوا (1) شاهه سراج الدين (2) شاهه
قائم الدين. پير شهرالله قريشي جي وفات کان پوءِ
سندس فرزند قائم الدين گادي تي ويهڻ کان پوءِ
لاولد فوت ٿي ويو. ان کان پوءِ سندس ڀاءُ سراج
الدين گادي نشين ٿيو. هو تمام عقلمند ۽ زمانه شناس
هو، جنهن ڪري بادشاهه دهلي جي دربار ۾ وڏو اثر
پيدا ڪيائين.
صوفي عنايت الله جهوڪ واري سان جيڪا جنگ ٿي،تنهن ۾ پير
سراج الدين قريشي جو به هٿ هو، ڇاڪاڻ جو هو ان
وقت دهلي ۾ هو ۽ بادشاهه فرخ سير کي صوفي جي
برخلاف ڏاڍو برانگيخته ڪيائين. سراج الدين ٻه
فرزند ڇڏي وفات ڪئي. (1) فاضل شاهه (ثاني) (2) مهر
شاهه. فاضل شاهه لاولد گذاري ويو ۽ مهر شاهه گادي
نشين ٿيو، جنهن بزرگانه نموني نيڪ نالو ڇڏيو. ان
کان پوءِ سندس فرزند قائم الدين وڏن جو قائم مقام
ٿيو. (تحفت الڪرام)
284- پير قائم الدين قلندر بڪيرائي
مجذوب مزاج، ڪرامتن جو مالڪ، پير قائم الدين قلندر جو
نسب نامه هيٺئين ريت آهي. قائم الدين بن مهر شاهه
بن سراج الدين بن شيخ شهر الله بن شاهه اسماعيل بن
قطب الدين بن فتح محمد بن شاهه ڪبير بن شيخ بهاء
الدين ثاني ملتاني بن شهر الله اول بن شاهه يوسف
بن عمادالدين محمد بن رڪن الدين اسماعيل بن
صدرالدين محمد بن عمادالدين بن شيخ صدرالدين محمد
عارف بن شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتاني اسدي هاشمي
رح.
سندس والده جو نالو بي بي نهال خاتون بنت پير پير محمد
ڪلان غوث پوٽو. ولادت تخمينا سال 1140 چئي وڃي ٿي.
هن جي ڄمڻ کان اڳ ڪن بزرگن جيئن ته ان وقت جي
سجاده نشين درگاهه غوثيه ملتان مخدوم بهاون شاهه ۽
مخدوم ڪاهو بڪيرائي ۽ ٻين هن جي صاحب ڪرامت هجڻ
جون بشارتون ۽ پشگويون ڪيون هيون.
ننڍپڻ ۾ ئي هن جي زبان مان ڪن ڪرامتن جو ظهور ٿيندو
رهيو ۽ جواني جي زماني ۾ ملتان جي سجاده نشين
مخدوم محمد غوث جا مريد ٿيا، مگر سندس جذب ۽ فيض
جي ڪماليت مخدوم عبدالحميد بوڇڙائي وٽان ٿي،
جنهن جي توجهه سان هي حال کان بي حال ٿي ڪماليت
جي درجي کي وڃي رسيو.
جنهن کان پوءِ تارڪ الدينا ۽ قلندرانه نموني ۾ زندگي
گذارڻ لڳو. سندس حالات مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته
هو صاحب چلم ڇڪيندو هو ۽ هڪ دفعي حضرت پير سيد
محمد راشد عليه الرحمت روضي ڌڻي جي ساڻس ملاقات
ٿي، جنهن تي پير سائين جو شريعت جو سخت پابند هو
تنهن چلم ڇڪڻ کي چڱو نه ڀانيو، مگر قلندر آخر
قلندر آهي. پير سائين روضي وارن کان سواءِ خليفو
محمود نظاماڻي ڪڙيو واري جون به قائم الدين قلندر
سان صحبتون رهيون. مير فتح علي خان ٽالپر کي جڏهن
ڪلهوڙن وٽان حڪومت جون واڳون هٿ آيون ته هو پنهنجي
ڀائرن سميت قلندر صاحب وٽ دعا گهرڻ لاءِ ايندو
رهيو. نماز جو به ايترو پابند ڪونه هو، مگر هن
بزرگ جا قول اهڙا هوندا هوا، جو ڪجهه ارشاد ڪندو
هو، سو ٿيندو رهندو هو. اُن جي وڏن مريدن ۽ معتقدن
مان شاهه عنايت الله رضوي نصرپوري سنڌي زبان جو
مشهور شاعر ۽ سيد مير مرتضيٰ رضوي نصرپوري ۽ سيد
مير محمد شاهه ميران کوري وارو ۽ سيد جمال شاهه
ماڻڪ پور وارو. سيد احمد جيلاني بديڻي، فقير شفيع
محمد ميهون سهروردي، فقير رحمڏنو آريسر، فقير
امين محمد ميهون جو ظاهري علم جو به عالم هو ۽
فقير موتيو بڪيرائي ۽ ٻيا.
شاهه عنايت الله رضوي نصرپوري پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ ڪيترن
هنڌن تي هن بزرگ جي واکاڻ ڪئي آهي. جيئن ته فرمائي
ٿو:
ڪوٺيو قائم الدين، ڪواٽا واٽون ڪري
ٻيٽو مهر شاهه جو آهي، اصلي امين
جنهين جاءِ يقين، تن آڏو شاهه عنايت چئي.
***
بادشاهه بڪيرن ۾ متشرع موچار
آل قريشي اڳرو، ڏات ڏنس ڏاتار
قلندر قائم الدين قرار، اصل ڪيو ايمان جو.
قائم الدين شاهه 75سالن جي ڄمار کي پهچي هن دنيا فاني
مان 13 شعبان المعظم سن 1215هه ۾ رهلت فرمائي ويا.
سندس وصيت موجب خليفو شفيع محمد مينهين راڄي
خاناڻي واري غسل ڏنو ۽ هزارين ماڻهو جنازي نماز ۾
شريڪ ٿيا. هو لاولد فوت ٿيو هو، جنهن ڪري سندس
ڀائٽيو پير امام بخش پالڪي وارو گادي تي ويهاريو
ويو. قطعات تاريخ وفات ڪن شاعرن جا هيٺ درج ڪجن
ٿا.
از ميان نور محمد مينهون راڄو خانائي
صاحب تاج و لواو مسند و معراج تخت
هادي و مهدي قريشي، هاشمي اعليٰ درخت
قطب عالم قائم الدين يک دل و قيوم وقت
گفت هاتف سال تقاريخ و وصال نيک بخت
1215هه
از قاضي عبدالرحيم آسي ٽنڊو سائينداد
مظهر نور الاهي در دريائي کرم
شاهه قائم الدين قلندر واقف لوح و قلم
تارک الدنيا و آل پاک غوث العالمين
پيشوائي عارفان محبوب شه عرب و عجم
از وجودش شد بڪيرا رونق خلد برين
آستاني بوسي نما يندش ملائک دمبدم
آهن از جور فلک بيداد از دور زمان
ماه کامل معرفت رابر در برج عدم
چون بجستم سال رحلت آن سخي مقتدا
1215هه
هاتفم گفت اين سخن آ ندم مرابي کا ست و کم
سيز دهم شعبان مکرم يوم ثلثا بعد فجر
روئي انور محفل آرا گشت بُستان ارم
رحمت رب العلا نازل بروح و مرقدش
ميشود آسي پياپي، زن رقم براه ختم
(اختصار از رساله انوار قلندري)
285- پير امام بخش شاهه قريشي بڪيرائي
پير امام بخش عرف صديق محمد ولد پير شير شاهه قريشي
اسدي هاشمي پير قائم الدين قلندر جي لاولد فوت ٿيڻ
ڪري سندس وصيت موجب انهيءَ گادي جو سجاده نشين
ٿيو. ننڍي ڄمار ۾ قلندر صاحب جي ساڻس محبت ۽ پيار
هو ۽ ڪيترا دفعا هن جي حق ۾ فرمائي چڪا هوا، ته
هو اسان جو جاءِ نشين ٿيندو. قلندر جي تربيت ڪري
هو صاحب ننڍپڻ ۾ ئي دنيائي معاملات ڪري تصوف جون
منزلون طئه ڪندو رهيو ۽ ڪيتريون ڪرامتون، سندس هٿ
۽ زبان تي ظاهر ٿيون. پير محمد اشرف ڪاماري شريف
وارو ۽ پير غلام محي الدين جيلاني راڻيپور وارو ۽
خليفو محمود نظاماڻي ڪڙيه وارو سندس هم عصر ۽ بي
حد ادب ۽ عزت ڪندڙ هوا.
هي صاحب سفر جي وقت ڏولي ۾ سواري ڪندو هو جنهن ڪري هن
کي ڏوليءَ وارو يا ڏولي ڌڻي ڪري سڏيندا هوا. عام
طرح هي مشهور ٿيل هو ته جيڪو ماڻهو سندس ڏوليءَ کي
ڪلهو ڏيندو، تنهن تي دوزخ جي باهه حرام
آهي.انهيءَ ڪري عام ماڻهو ته ڇڏيو، پر ڪي پير ۽
مشائخ به سندس ڏوليءَ کي ڪلهي ڏيڻ جي آرزو رکندا
هوا. لاڙ جي علائقه ۽ خاص طرح ٿرپارڪر ضلع ۾ غوث
جي خاندان جا بيشمار مريد آهن، جنهن ڪري انگريزن
جي اوائل حڪومت ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڪمشنر مسٽر تروٽ
صاحب، پير صاحب وٽ پنهنجي بي حد اعتقاد ڏيکاريندو
هو ۽ بڪيرن ۾ اچي رهندو هو، ۽ خدمتون بجا آڻيندو
هو. ڏولي واري جون ڪرامتون رساله انوار قلندري ۾
گهڻي انداز ۾ بيان ٿيل آهن، جنهن مان هن جي منزل ۽
مرتبي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
انوار قلندري جو مولف سيد علي ڪڇي لکي ٿو ته:
”هي سڳورو چشمه آب حيات هو، جو هزارن طريقت جي اڃايلن
کي آب رحمت سان شاداب ڪيائين. هي سڳورو باد صبا
هو، جو هزارين ويرانن باغن کي بهشتي نمونو ڪيائين.
هي سڳورو نوراني ڏيو هو، جو پنهنجي نور فيض ظهور
جي پرتوي سان، جهان کي منور ۽ روشن ڪيائين. دنيا ۽
دنيا وارن جي ڪجهه به پرواهه نه رکندڙ هو بلڪه
هميشه محبت الاهي جي استغراق ۾ رهندو هو.“
انهيءَ پير صاحب ڏوليءَ واري 14 جمادي الاول سن 1283هه
حقيقي مالڪ جي سڏ تي لبيڪ چئي، ابدي حياتي جي شراب
طهورا جو جام نوش فرمائي، هن دنيا مان لاڏاڻو
فرمائي ويو.
قــطــعــه تــاريــخ وفــات
دريغ آن امام بخش شاهه سرير
بظاهر فقير و بمعنيٰ امير
ز دير کهن چونکه شد مرتحل
بباغ جنان گشت آندم مير
بباغ فضيلت گل با صفا
بچرخ سعادت چو بدر منير
ملک سيرت و سعيد ذي شرف
هينه خدا وند او را نصير
ز اولاد امجاد غوث زمان
هم بود از آل پيران پير
چو جستم سن رحلت آنجناب
بگفتا سر و شم قطب بي نظير
1283هه
(ماخوذ از انوار قلندري)
286- پير علي محمد قريشي غوث پوٽو
علي محمد ولد فتح محمد اصلي شاهبندر (ضلع ڪراچي) جو
رهاڪو هو. پنهنجي والد جي وصيت موجب هو سهروردي
طريقي جي راهه و رسم حاصل ڪرڻ بدين واري پير احمد
شاهه وٽ اچي رهيو جو اهو بزرگ قائم شاهه قلندر
بڪيرائي جو خليفو ۽ فيض يافته هو. 3 سال اُتي رهڻ
کان پوءِ کيس ملتاني پير بهاءُالدين ثالث جي خدمت
۾ رهڻ جو حڪم ٿيو. جڏهن ملتان ۾ پير بهاءُالدين
ثالث جي خدمت ۾ سوَن جي تعداد ۾ جماعت سان گڏ
پهتو، تڏهن پير بهاء الدين بصيرت جي نور سان کيس
سڃاڻي ميان علي محمد کي پنهنجي نزديڪ ويهاريو ۽
جماعت کي چيائون ته هي اسان جو عزيز ۽ جزو آهي.
آخر ڪيتري وقت رهڻ کان پوءِ کيس پنهنجي وطن سنڌ
ڏانهن موٽي وڃڻ جي اجازت ملي.
نهايت خاموش زندگي گذارڻ لڳا. اُن ريت ملتان مان آئي 6
مهينا گذري چڪا ته اوچتو پنهنجي حويلي مان جذب جي
حالت ۾ اُٿي ڪيڏانهن روانا ٿي ويا.هڪ جبل جي غار
۾ رهي، بنا کاڌي پيتي جي ياد الاهي ۾ مشغول رهيا.
آخر ڪن ڏينهن کان پوءِ سندس مامي سڳوري ( )
اچي ڳولي لڌس ۽ ڳوٺ وٺي آيس. وري ڪجهه ڏينهن کان
پوءِ حج جي ارادي سان روانا ٿيا. عراق جو سفر ڪندي
حج ادا ڪيائين ۽ وطن ۾ پهچي ٽنڊو غلام علي ۾ اچي
سڪونت اختيار ڪيائين. عام ماڻهو کيس مجذوب يا
مستانو فقير ڪري سمجهندا هوا، جنهن ڪري ساڻس عقيدت
مندي سان پيش ايندا هوا. مگر هن جي باطني دانائي ۽
معرفت جو ڪنهن کي به پتو ڪونه هو. ڪڏهن ڪڏهن هن
کان بي اختيار ڪرامتون به ظاهر ٿينديون هيون،
جنهن تي ماڻهو وڌيڪ سندس معتقد ٿيندا ويا. ان
وقت جا مشائخ بزرگ سندس گهڻو احترام ڪندا هوا.
جيئن ته خليفي محمود ڪڙئي واري جو پنهنجن معتقدن
کي ارشاد هو ته پير علي محمد ولي مجذوب آهي ۽ تمام
ڪامل مرد آهي. اهڙي طرح مخدوم پير امام بخش ڏولي
وارو بڪيرائي ۽ پيربهاون شاهه وغيره بزرگ سندس
خدمت ۾ ايندا ۽ ملاقاتيون ڪندا هوا. هو پير امام
بخش ڏوليءَ واري جو سڱ ۾ سوٽ هو.
سوَن ماڻهن کي سندس دعا ۽ توجهه ڪري فائدا ۽ فيض حاصل
ٿيا. سموري ڄمار مجرد ۽ بنا شادي جي رهيو ۽ انهيءَ
حالت ۾ وڏي ڄمار کي پهچي وفات ڪيائين. يعني ته 5
ماه ذوالفقعد 1282هه ۾ هن دار فاني کي الوداع چئي
دار جاوداني ۾ وڃي آراميو. سندس مقبري تي خليفي
طاهر محمد ڪاٺ ڀانڀڙ هڪ گنبذ جوڙايو ۽ اڄ تائين
انهيءَ خداندان جا ماڻهو قبر جا مجاور آهن. (
اذڪار قلندري) |