سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٻيو)

 

صفحو : 12

229- شيخ لادجيو سنڌي

        هي بزرگ سنڌ مان هجرت ڪري برهانپور ۾ وڃي رهيو. مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري جي جامع مسجد جي اتر واري ديوار سان سندس هڪ ڪوٺڙي ملي پئي هوندي هئي.

        سيد محمد بن حسن غوثي لکي ٿو ته آءٌ سندس گهر وٽان وقت بوقت لنگهندو هوس. خانه داري جو سامان مطلق سندس گهر ۾ ڪونه ڏسندو هوس. هڪ پراڻو تڏو وڇائي ان تي رات جو سمهندو هو. هڪ مجازي عشق ۾ وڏو نظرباز هو ۽ سندس دل کي ظاهري معشوقن جي محبت کان روڪي نه سگهندو هو. سنڌي ڪافيون ڏاڍي درد مندانه آواز ۾ ڳائيندو  ۽ ماڻهن جون دليون پنهنجي  راڳ سان ڇڪي وٺندو هو.  70 سالن جي ڄمار کي پهچي برهانپور ۾ وفات ڪيائين. شيخ ابراهيم سنڌي جي قبرستان ۾ برهانپور ۾ دفن ڪيو ويو. هو ظاهر ۾ قيدي پر معنيٰ ۾ آزاد هو. ”روضه اش بزمگاهه رضوان  باد“

(تذڪره گلزار الابرار)

 

 

 

230- مولانا يونس سنڌي

        قوم جو لاکو، سنڌ ۾ علومن جي تحصيل ڪرڻ کان پوءِ برهانپور هليو ويو. هو ايڏو وڏو عالم هو، جو شيخ وجيهه الدين علوي احمد آبادي --- ۽ قاضي عيسيٰ احمد آبادي جي برابر علمن ۾ دستگاهه ۾ پهچ هوس.

        ڏهين صدي جا وڏا وڏا عالم سندس شاگرد آهن، جيئن ته شيخ نظام الدين ابن ڪبير --- ملا طيب سنڌي، قاضي، ------ سيد ابراهيم بکري ------ قاضي -----

 

 

231- قاضي قاضن سيوستاني

        قاضن بن قاضي ابو سعيد بن زين الدين بکري. قاضي قاضن جدا جدا علمن جو وڏو عالم هو. قرآن جو حافظ ۽ علم قرات جو وڏو ماهر هو. حديث، تفسير، فقه، تصوف ۽ عمليات يا عزيمت جي علمن ۾ وڏو دخل هوس. انشاء پروازي ۽ علم حساب ۾ جهڙس ڪونه هو.

(معصومي)

        هن بزرگ ڄام فيروز سمه حاڪم سنڌ ۽ مرزا شهه بيگ ارغون ۽ مرزا شاهه حسن ۽ سلطان محمود بکري سان گڏ گذاريو.

        ٺٽي تي ڄام فيروز برخلاف جڏهن 923  ۾ مرزا شاهه بيگ ڪاهي آيو ۽ سمورو شهر ويران بڻجي ويو ته ان وقت قاضي قاضن جو عيال به مغلن جي لشڪر جي گرفت ۾ اچي ويو. قاضي  صاحب ڏاڍو حيران پريشان رهجي ويو. شهر  ڦرجي رهيو هو. عيالدار ماڻهن جي آبرو ريزي جو خطرو صاف نظر اچي رهيو هو. اُن وقت قاضي صاحب خداداد قابليت کان ڪم وٺي مرزا شاهه بيگ ارغون کي هڪ خط لکيو. شهه بيگ تي انهيءَ خط ايڏو اثر ڪيو جو عام منادي ڏياريائين ته ٺٽي وارن جي مال ۽ عيال تي ڪوبه سپاهي هٿ سنئون نه ڪري. ان کان سواءِ مرزا، قاضي صاحب کي پنهنجن تگيرن جي  بٺي نشاني طور ڏني ته ڪنهن به فوجي ماڻهو کي هي نشاني ڏيکاري، ان کان ٺٽي وارن جي مال ۽ عيال کي واپس وٺي. ان کان پوءِ مرزا شهه بيگ جو قاضي صاحب تي ڏاڍو اعتماد ۽ اعتبار ٿيو. ٽلٽي وٽ جڏهن مخدوم بلال سمه ۽ سندس مريد مرزا جي اطاعت کان انڪار ڪيو، تڏهن قاضي صاحب کي هنن جي سمجهائڻ لاءِ موڪليو ويو، مگر هنن نه مڃيو، جنهن جو نتيجو هي نڪتو جو مرزا جي سنڌ تي فتح حاصل ڪرڻ کان  پوءِ مخدوم بلال کي شهيد ڪرايو ويو.

        جڏهن مرزا بکر جي علائقه ۾ پهتو، تڏهن کيس معلوم ٿيو ته هن علائقي جا ڌاريجا زميندار،  اطاعت ڪرڻ کان  نابري واري ويٺا آهن. آخر ڌريجن جا ست سرڪردا وڏيرا گرفتار ڪري وٺي آيا، قاضي قاضن کان هنن بابت مشورو ورتو ويو ته ڇا ڪرڻ گهرجي، قاضي قتل جو اشارو ڪيو، جنهن ڪري هنن کي مارائي سندن سريون سنڌ ندي ۾ اڇلايون ويون ۽ انهيءَ علائقي ۾ امن امان قائم ڪيو ويو.

        مرزا شهه بيگ جي وفات (928هه) کان پوءِ مرزا جي فرزند شهه حسن قاضي صاحب کي بکر جو قاضي مقرر ڪيو. هو فيصلن ۾  ڏاڍي ايمانداري سان شرعي فتويٰ ڏيندو هو. ماڻهو سندس امانت داري جي بيحد واکاڻ ڪندا هوا. (معصومي)

        سيد ميران محمد جونپوري (وفات 910هه) جي مهدي هجڻ جي دعويٰ سان سنڌ ۾ ڄام فيروز جي حڪومت واري زماني ۾ سنڌ اچي رهيو هو. قاضي قاضن سندس مريد ٿي، تصوف جي علم عمل ۾ وڏو درجو حاصل ڪيو هو. سنڌ جا ظاهري عالم سيد محمد جي مهدويت واري دعويٰ جا سخت مخالف هوا، تنهن ڪري قاضي صاحب تي به  هو گمراهه هجڻ جو طعن ڪندا هوا. مگر هو پنهنجي ارادي تي آخر تائين قائم رهيو.

        سيد محمد غوثي لکي ٿو ته قاضي قاضن ظاهري علمن کان دل کڻي چڪو هو. اخلاق جي تبديل ڪرڻ سان هن دنيا جي ڳجهارت کي حل ڪرڻ ۾ لڳل هو. نفس جي لڙائي سان انهيءَ ڳجهارت کي حل ڪري ورتو هوائين. شين جون حقيقتون کيس ظاهري اکين سان صاف ڏسڻ ۾ آيون، هت سندس خيالات کي پيش ڪجي ٿو. جي سنڌي زبان ۾ هن لکيون آهن. پوءِ هيٺين بيتن جو فارسي ۾ ترجمو ڏئي عذر ڪيو اٿس ته اصل ڪلام جي نزاڪت انهيءَ زبان ۾ قائم رهي ٿي، جا ترجمه سان ادا نه ٿي سگهندي آهي. (تذڪره گلزار الابرار)

        شيخ ابراهيم ولد عمر سنڌي، قاضي جي ارادتمند دوستن مان هو. جنهن جو مقبرو برهانپور ۾ آهي.

ڪمنز قد وري ڪافياڪ ڪوهه نه پڙهيوم

سو پارئي ٻيو ڪو، جئان پرين لڌوم

لوڪان نحو، صرفف، مون مطالعه سپرين

سوئي پڙهيو سو پڙهان، سوئي سو حرف

(بيان العارفين)

        قاضي قاضڻ ٻڍاپڻ جي زماني ۾ بکر جي قضا کان استعفا ڏيئي ياد خدا ۾  مشغول رهيو. سندس جاءِ تي سندس ڀاءُ نصرالله قاضي مقرر ٿيو. قاضي قاضن سن 958هه ۾ وفات فرمائي.

 

 

232- سيد صفائي بکري

        شيخ الاسلام سيد صفائي بن سيد مرتضيٰ ترمذي شهه بيگ جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ بکر ۾ اچي رهيو. علم عمل جو مالڪ، زماني جي عالمن ۾ وڏو عالم ۽ فاضلن ۾ وڏو فاضل هو. هن جون عادتون ۽ اخلاق ساراهيل هوندا هوا. هن جي شرافت ۽ سيادت بيان کان ٻاهر آهي. هميشه عالمن سان  سندس صحبتون رهنديون هيون ۽ هنجي دسترخوان تان مسافر ۽ محتاج کاڌو کائيندا رهندا هوا.

        بکر جي شيخ الاسلام شاهه قطب الدين جي وفات کانپوءِ مرزا شاهه حسن ارغون، شيخ الاسلامي جو  منصب، سلطان محمود حاڪم بکر جي مشوري سان سيد صفائي کي مليو، انهيءَ  حالت ۾ ذي قعد مهيني سن 991 ۾ هن دنيا  مان لاڏاڻو ڪري بقا واري دنيا ڏانهن روانو ٿي ويو.

        سندس مشهور گرامي فرزند سيد محمد معصوم نامي بکري تاريخ وفات تي هيٺيون قطعو لکيو آهي.

شاهه قريشي لقب صفائي

کافراخت فلک تواي نورش

ناگاه ازين جهان گهه سير

افتاد به آن جهان عبورش

تاريخ جستمش ز نامي

گفتا پر نور باد گورش

991هه

        سندس مقبرو سکر ۾ مير معصوم جي مناري هيٺان چوکنڊي ۾ آهي جتي مير معصوم ۽ ٻئي خاندان جون قبرون آهن.

 

 

233- مرزا شهه بيگ ارغون

        شهه بيگ بن امير ذوالنون چغتائي چنگيزي، هن جو تعلق هرات جي سلطان حسن مرزا سان رهيو آهي. شروع ۾ حسن مرزا پاران امير ذوالنون قنڌهار جو گورنر هو ۽ ان کانپوءِ شال (ڪوئٽه) مستونگ ۽ سيوي تي به قبضو ڪري ورتو.

        شهه بيگ هرات ۾ پيدا ٿيو ۽ اُتي پنهنجي والد جي تربيت ۾ علم پڙهيائين. هرات جي علماء  سان صحبتون ڪندو رهيو ۽ گهڻو وقت عبادت ۽ بندگي ۾ گذرندو هوس. نقشبندي طريقي ۾ شيخ الاسلام عبدالله انصاري هروي جو مريد هو. 913هه ۾ جڏهن سندس والد ذوالنون قنڌار جي ٻاهران شهيد ٿيو، تڏهن شهه بيگ مستقل طرح قنڌهار جو حاڪم مقرر ٿيو. هو جنهن صورت هڪ وڏو عالم، عادل ۽ صوفي طبع جو حاڪم هو، تنهن ڪري ماڻهو کانئس ڏاڍا راضي ٿيا.

        ساڳي سال ظهيرالدين محمد باقر قنڌهار جي فتح ڪرڻ لاءِ چڙهائي ڪئي ۽ شهه بيگ ۽ سندس ڀاءُ محمد مقيم  مقابلي جو ارادو ڏيکاريو مگر شاهي فوج جي سٽ نه سهي وٺي ڀڳا، سلطان بابر قنڌهار تي پنهنجي ڀاءُ ناصرالدين مرزا کي قبضو ڏياري، پاڻ واپس هليو ويو.

        مگر ٿوري ئي عرصي ۾ مرزا شهه بيگ وڏو ڪٽڪ ڪٺو ڪري دوباره قنڌهار تي ڪاهيو ۽ فتح ڪري پنهنجي قبضي ۾ آندو. ان زماني ۾ هڪ طرف شاهه اسماعيل صفوي ايران ۾ زور وٺي رهيو هو ته ٻئي طرف بابر بادشاهه جو ڌاڪو ڄمي رهيو هو. اها حالت ڏسي مرزا شهه بيگ هن ۾ سلامتي ڏٺي ته سيوي ۾ جاءِ پناهه ٺاهي ڇڏجي. جي ڪڏهن ٻنهين بادشاهن مان ڪنهن جي به ڪاهه ٿئي ته اُتي وڃي رهجي اگرچه سيوي ۽ فتح پور جي فتح ڪرڻ کان بلوچن جون فوجون ميدان جنگ ۾ آيون، مگر تاب مقابلا جو نه آڻي آخر پيش پيا. ان ڪم کان فارغ ٿي شهه بيگ وري قنڌهار واپس آيو. مگر ان هوندي به پنهنجا ايلچي موڪلي، اسماعيل صفوي جي اطاعت قبول ڪيائين ته جيئن سلطان بابر جي حملي کان کيس بچاءُ جو ڪم ڏئي.

        حضرت سلطان بابر اها ڳالهه ٻڌي قنڌهار ڏانهن توجهه ڪيو، مگر سلطان بابر قنڌهار جي ٻاهران بيمار ٿي پيو، شهه بيگ اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه جي خدمت ۾ سوکڙيون موڪلي، صلح جو پيغام ڏياريو. جنهن ڪري بادشاهه واپس هليو ويو.

        921هه ۾ دوباره بادشاهه قنڌهار تي ڪاهيو ۽ ان کان پوءِ 923هه ۾ ٽيون دفعو ڪاهيو. مرزا شهه بيگ بادشاهه جي ڪاهن کان تنگ اچي معاهدو ڪيو ته آئنده سال 924هه ۾ قنڌهار بادشاهه جي حوالي ڪيو ويندو، في الحال معافي ڏني وڃي.

        شهه بيگ ان کان پوءِ ڪوئٽه (شال) سيوي جي علائقن ڏانهن هليو ويو.  سندس ارادو هو ته سنڌ تي قبضو ڪري وڃي آرام سان وقت گذارجي ته ايتري ۾ ڄام نند () جو پٽيلو امير دريا خان سيوي تي ڪاهي آيو. سنڌين ۽ مغلن جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي. مرزا شهه بيگ اُن وقت سيتان طرف ڪنهن مهم تي هليو ويو هو. آخر انهي جنگ ۾ مرزا شهه بيگ جو ڀائيٽو ابو محمد مرزا شهيد ٿي ويو، مگر پوءِ سنڌين جي فوج سواءِ ڪنهن نتيجي جي ٺٽه موٽي آئي.

        ڄام ننده جي وفات کانپوءِ  ڄام فيروز تخت تي ويٺو مگر حڪومت جا سمورا اختيار دريا خان جي هٿ ۾ هوا، جنهن ڪري هو ڏاڍو تنگ ٿي پيو هو. لاچار ٿي پنهنجي والده نالي مدينه ماڇاڻي کي مرزا شهه بيگ ڏانهن روانو ڪيائين ته اسان کي دريا خان کان اچي بچائي، شهه بيگ سندس داد رسي لاءِ وڏي فوج ڪاهي سنڌ مان  باغبان، سيوهڻ، فتح ڪندي اچي ٺٽه جي ٻاهران پهتو. دريا خان، ڄام فيروز کي چيو ته هي مصيبت منهن جي لاءِ نه آندي اٿئي پر پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو اٿئي. ڄام فيروز هن جي نصيحت کي نه ٻڌو. آرام سان گهر ۾ ويٺو رهيو. آخر دريا خان مقابلو ڪندي قتل ٿي  ويو.، سواءِ ڪنهن تڪليف جي مغلن جو ٺٽي تي قبضو ٿي ويو.

        مرزا شهه بيگ هيترو سو ڪيو جو سيوهڻ کان هيٺيون حصو ڄام فيروز جي حوالي ڪيو ۽ سيوهڻ کان مٿي پنهنجي قبضي ۾ ڪري بکر ۾ سلطان محمود کي مقرر ڪري پاڻ وري سيوي واپس ويو.

        ڄام صلاح الدين ڄام فيروز جو چاچو جو دريا خان هٿان شڪست کائي گجرات ڏانهن هليو ويو هو، تنهن کي جڏهن سڌ پئي ته فيروز بيڪار  ٿي چڪو آهي ۽ دريا خان قتل ٿي ويو آهي. اهو وڏو ڪٽڪ ڪاهي ٺٽو ۽ سنڌ جي فتح ڪرڻ لاءِ  وڌيو،. ڄام فيروز مرزا شهه بيگ ڏانهن قاصد موڪلي امداد گهري.

        شهه بيگ 927هه ۾ پنهنجي فرزند مرزا شاهه حسن بيگ کي سنڌ روانو ڪيو. مرزا شاهه حسن جو ڄام صلاح الدين ۽ گجراتي فوج سان سخت مقابلو ٿي  گذريو، جنهن ۾ ڄام صلاح الدين جو پٽ ۽ پاڻ ٻئي قتل  ٿي ويا. باقي فوج ٽڙي پکڙي گجرات ڏانهن هلي وئي.

        ان ۾ مرزا شهه بيگ به باغبان (ٽلٽي) ۾ اچي پهتو ۽ پنهنجي فرزند مرزا شاهه حسن کي خدمت ۾ پهچڻ جو خط لکيائين جو پڻ ساڻس اچي ڳنڍيو.

        سنڌ جي معاملات کان جڏهن مرزا شاهه بيگ فارغ ٿيو تڏهن کيس دل ۾ آيو ته گجرات تي ڪاهي اهو ملڪ به هٿ ڪجي، مگر ايتري ۾ هن کي اندر ئي اندر سور پيدا ٿيو.، گهڻو علاج معالج ڪيو ويو، مگر فائدو نه ٿيو،. جڏهن موت جي ويجهو آيو، تڏهن پيش امام محمد شريف قاري کي گهرائي چيائين ته سورت ياسين پڙهي، جڏهن حافظ آيت:

وما لي لا اعبدالذي فطرني واليھ ترجعون

        يعني ته مون کي ڇا ٿيو آهي، جو آءٌ انهيءَ پالڻهار جي عبادت نه ڪريان جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي، ۽ ان ڏانهن اوهان کي وڃڻو آهي.

حافظ کي چيائين ته اها آيت 3 دفعا پڙهه!

        جڏهن آيت: ”قال ياليت قومي يعلمون بما غفرلي ربي“ تي حافظ پهتو، تڏهن پنهنجي جان الله تعاليٰ جي حوالي ڪيائين، اهو واقعو 2 شعبان 928هه ۾ ٿي گذريو.

        مرزا شهه بيگ جي عادت هوندي هئي، هفتي ۾ هڪ دفعي عالمن جي وڏي مجلس سڏائي هنن سان علمي ڳالهيون ڪندو هو. هن جا پنهنجا تصنيف ڪيل ڪتاب آهن، جيئن ته ڪافيه نحو جو شرح-حاشيه شرح-مطالع حاشيه شرح-فرائض مرسيد ۽ ٻين ڪن  رسالن تي حاشيا. (معصومي و طاهري)

        انهن مان بعض ڪتاب مير محمد معصوم جي زمانه تائين سنڌ ۾ موجود هوا، جو  هاڻي ناپيد آهن.

قطعه تاريخ از مفتي سرور لاهوري

چون بهدير خدائي ذوالجلال

گشت راهي سوئي جنت شاهه بيگ

سال تاريخ وفاتش از خريد

شد عيان، سلطان بدولت شاهه بيگ

930هه

        هت تاريخ وفات 930 ڏيکاريل آهي ۽ مير معصوم بکري 928 ڄاڻائيندي فقره ”شهر شعبان“ مان سال تاريخ ڪڍيو آهي. ٽن سالن کان پوءِ مرزا شهه بيگ جي لاش کي مڪه معظمه موڪلي جنت المعليٰ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. اهي 3 سال بکر ۾ لاش امانت رکيل هو.

 

324- مخدوم بايزيد هالائي

        مخدوم بايزيد  مخدوم عربي آيانو هالائي. هن ظاهري ۽ باطني علم پنهنجي والد بزرگ کان حاصل ڪيو. هو سڌي رسته تي صداقت هميشه فائدي ڏيڻ ۾ مستقيم رهيو. ڪيترن طالبن کائونس فائدو پرايو.

(تحفت الڪرام)

        سنڌ  جي فتح ڪرڻ لاءِ جڏهن مرزا عبدالرحيم خان خانان سنڌ ۾  آيو ته واپس ٿيڻ وقت برهانپور ۾ شيخ عيسيٰ سنڌي، مسيح الاولياء سان بيان ڪيائين ته صوبه ٺٽه جي فتح واري زماني ۾ آءٌ مخدوم بايزيد جي خانقاهه ۾ ويو هوس، اُتي درويشن جي هڪ جماعت ڏٺم،جن جا هٿ ته ظاهري ڪم ڪار ۾ رڌل هوا، مگر هنن جون زبانون قرآن جي تلاوت ۽ ذڪر الاهي ۾ مشغول هيون، سندن قلب نفساني خطرات جي دور ڪرڻ ۾ رڌل هوا، مان سندن سڳوري صحبت مان گهڻو ڪجهه فائدو پرايو ۽ اندر جو سوجهرو حاصل ڪيو.

(تذڪره ابرار گلزار)

        مرزا عبدالرحيم خان خانان سنڌ ۾ 998 کان 999 تائين هو، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، هن بزرگ جي وفات يارهين صدي جي اوائل ۾ ٿي هوندي.

 

235- مير لطف الله سيوستاني

        لڪياري ساداتن مان شاهه صدرالدين لڪعلوي جي اولاد مان نامور بزرگ ٿي گذريو آهي. هو پنهجي علم ۽ قابليت ڪري ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ پهريان سنڌ پاران دهلي دربار ۾ سفير ٿي رهيو ۽ ان کانپوءِ ميان نور محمد والي سنڌ جو وزير اعظم جي درجي تي پهتو. بخت ۽ دولت واري زماني ۾  ساداتن ۽ علماء جي خدمت ۽ ڪمن ڪارين کي نهايت خوش اسلوبي سان سرانجام ڪندو هو. عام خاص سان سندس سلوڪ ڏاڍو سهڻو رهيو، جنهن ڪري  سنڌ ۽ هند ۾ تمام نيڪ نالو ڇڏيائين.  (تحفت الڪرام)

        هو جڏهن دهلي مان دوباره ٺٽي ۾ آيو ۽ اچي سرڪاري ڪم ڪار سنڀاليائين، تڏهن سندس دوست ۽ علمي  مصاحب محمد پناهه رجا ٺٽوي هيٺئين مصرعه مان ٺٽي ۾ آمد جو سال تاريخ لکيو.

ع – ڪردي آباد صوبه تهته

1155

        آخر وقت سيوهڻ ۾ اچي رهيو. اُتي سرڪاري طرح ماڻهن جا فيصلا ڪندو هو. گويا وقت جو قاضي هو.

(بياض مير صابر علي ٺٽوي)

        ٺٽي جو مشهور شاعر محمد پناهه تخلص رجا گهڻي ڄمار سندس نوڪري ۾ رهي انعام اڪرام حاصل ڪندو رهيو ۽ ڏاڍو آبرو سان گذاريائين.

        سيد صاحب 1160هه ۾ هن دنيا فاني مان وفات فرمائي ۽ سندس تاريخ رحلت تي محمد پناهه رجا، هڪ قطعه لکيو آهي، جنهن جي آخر ۾ آهي ته:

هر که آمد برسر قبرش بتاريخ وفات

رحمت ايزد بجان مير لطف الله گفت

1160

(تحفت الڪرام)

 

236- مولانا عبدالعزيز ابهري محدث

        مولانا عبدالعزيز اصل هرات جو رهاڪو، هڪ وڏو عالم فاضل هو. هرات تي 918هه ۾ جڏهن ايران جي شيعي بادشاهه اسماعيل صفوي ڪاهيو ته اُن وقت اهل سنت جماعت جي علماء تي  ڏاڍو تنگ وقت آيو، ڇاڪاڻ جو بادشاه جو حڪم هو ته جيڪو ماڻهو شيعه مذهب قبول نه ڪري ته ان کي قتل ڪيو وڃي، جنهن ڪري مولانا عبدالعزيز ابهري ڄام فيروز ڄام نظام الدين جي زمانه ۾ سنڌ ۾ هليو آيو، ڇاڪاڻ جو فيروز جو والد ڄام نظام الدين پنهنجي علم دوستي ڪري ڏاڍو مشهور هو.

        سيوهڻ جي لڳ ڳاهان جي ڳوٺ ۾ سمن حاڪم جي وزير اعظم دريا خان جي جاگير هئي، جتي مولانا کي سندس ٻن فرزندن (1) امير الدين ابهري  (2) محمد ابهري سميت رهايو ويو. هي ٽيئي بزرگ عقلي ۽ نقلي علمن جا جامع ۽ ماهر هوا. جنهن ڪري سنڌ  وارن وٽانئن تمام گهڻو فيض پرايو.

        مير محمد معصومي لکي ٿو ته هر هڪ علم ۾ مولانا عبدالعزيز جون پسندي جهڙيون تصنيفون آهن، جن مان مشڪوات شريف تي سندس حاشيه آهي، مگر پورو نه ٿيل آهي. انجا مسودا منهن جي (مير معصوم) جي ڪتب خانه ۾ موجود آهن. (معصومي)

        مير قانع لکي ٿو ته ٻين  به ڪيترن ڪتابن تي سندس حواشي آهن هرات مان هي رباعي منظوم فرمائي هوائين:

انجائي که بناءِ دين گردد برهم

باشي تو دني اگر کني مکني کم

اينک ره راست پيش روءِ عالم

کافر نشوي ملک خدا نبود کم

(مقالات الشعراء)

انهيءَ ڳاهان جي ڳوٺ ۾ هن دنيا جي نسخي پڙهڻ کان اکيون ٻوٽيائين ۽ آخرت جي  حالات کي مطالعه ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو.

        اهو ڏهين صدي هجري جي وچ ڌاري جو واقعو آهي ۽ سندس مقبرو به ڳاهان جي قبرستان ۾ آهي. اهو ڳوٺ هن وقت 21 ميل سيوهڻ جي اُتر الهندي ۾ آهي جو ڳاهن جي ڳوٺ سان مشهور آهي. سندس شاگردن مان محمد انور تخلص انوار قنڌهاري  هڪ مشهور شاعر ۽ عالم ٿي گذريو آهي جو سنڌ ۾ پرورش پاتي ۽ ڳاهان ۾ مخدوم  صاحب وٽ سمورو علم حاصل ڪيو. پوءِ وڃي سلطان ظهير الدين  بابر جو ملازم ٿيو ۽ آخر همايون جي ملازمت  ۾ سنڌ ۾ پهتو ۽ حرمين سفر ڪندي وفات ڪري ويو. (مقالات)

 

 

237- سيد عبدالرشيد ٺٽوي

        عبدالرشيد بن عبدالغفور حسيني ٺٽوي، پنهنجي وقت جو علامه ۽ سڀني علمن جو جامع هو. سلطان شاهه جهان جي نالي عربي لغت جو ڪتاب ”منتخب اللغات“ لکيائين جو سموري هندستان ۾ مشهور آهي ۽ بار بار ڇپجي چڪو آهي. فارسي نعت جو ڪتاب به رشيديه سان مشهور آهي. علم مناظره ۾ ”رشيديه“ رساله عربي زبان ۾ داخل درس آهي.

        سيد وڏو شاعر هو. هڪ ڊگهي قصيدي ۾ پنهنجي علميت ۽ علومن ڏانهن اشارو ڪيو اٿائون، جنهن مان ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا.

شهر ياري فضلم و شهري معاني جاءِ من

ميرود در کشور دانش کنون غوغائي من

هم قلم دارم بدست هم علم دارم بدوش

کرد فتح ملک معنا خاطرم داناي من

در تعاسير سور کشاف سير مشکم

منزل است اين آية اندر شان استيفاي من

در معاني و بيان م فتاح گنج داشتم

نيست در فن بلاغت هيچکس همتائي من

در طريق نحويان مصباح راه ظلمتم

در سبيل صرفيان وافي است استيفاي من

در اصول هند سي تحرير اشکال از من است

در طريق منطقي تام است استقرائي من

از طبيعي واز الهي بهره دارم تمام

نيست محتاج براهين سوره دعوائي من

شيوه سحر حلال از شعر من دارد رواج

شمع جمع شاعران باشد يد بيضائي من

        قصيدو تمام ڊگهو آهي. هن ۾ جن علمن ۽ ڪتابن جا تلميح طور نالا وٺندو ويو آهي تن جو تن کي پئجي سگهندو، جي صاحب علم انهن جا ماهر هوندا.

        سلطان شاهجهان کان پوءِ حضرت عالمگير جڏهن تخت نشين ٿيو، تڏهن جلوس جي تاريخ هيٺئين آيت مان حاصل ڪيائين.

”واطيعو الله واطيعو الرسول وا ولي الامر منڪم“

        (يعني ته الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اوهان مان جيڪو حڪومت جو مالڪ هجي، ان جي به اطاعت ڪريو.)

        عالمگير جي زماني ۾ ٺٽي مان دهلي ۾ پهچي اُتي وڏو مرتبو حاصل ڪيائين. ٻارهين صدي ۾ وفات ڪري ويو.، پوئتان ڪابه اولاد ڪونه ڇڏيائين، سندس ڀاءُ سيد عبدالرئوف به هڪ وڏو عالم هو، مگر ان کي به اولاد ڪونه ٿيو. رحمهم الله تعاليٰ

 (تحفت الڪرام- مقالات)

 

238-  ملا عبدالحڪيم عطا تتوي

        اخلاق حسنه جو جامع  ۽ تقويٰ ۽ پرهيزگاري جو مالڪ برابر 30 سال رات جو جاڳندو  عبادت ڪندو ۽ ڏينهن جو روزي سان رهيو.  عشا جي نماز جو وضو ڪري صبح جو فرض انهي ساڳي  وضو  سان ادا ڪندو هو. انهن ٽيهن سالن ۾ رسول الله جي نعت ۽  حضرت علي جي مناقب ۾ هڪ لک شعر لکيائين جو عام  ماڻهن ۾  مقبول پئجي ويو. سندس ڪلام سنڌ مان لنگهي ڪابل تائين پهتو جو ماڻهو سندس ڪلام کي مولود طور پڙهڻ لڳا. سندس غزلن جو هڪ ديوان به آهي جو ٽيهه هزار بيتن کان به وڌيڪ آهي. جيئن ته هڪ هنڌ فرمائي ٿو ته:

نسخئه ابيات ديوانم گذشته از سي هزار

ليڪن اين در و گهر نيست اکنون جوهري

        سندس ڄمار هڪ سئو سالن کان به لنگهي وئي. سندس سامهون صفائي، سنڌي، قيصر، بديڻي، سلامي ۽ شڪري ٺٽوي هڪ هڪ ٿي فوت ٿي چڪا هوا. جيئن ته هڪ شعر ۾ فرمائي ٿو:

کو صفائي، قيصر و  ملا سلامي و شکري

در گذشئه القصه هر  يک اختر روشنگري

        ملا عطا تتوي، بادشاهه شاهجهان (تخت نشين 1036) جي زماني کان وٺي بادشاهه محمد شاهه (تخت نشين 1131) تائين سمورو وقت زنده رهيو.

        دهلي مان ٺٽي تي جيڪي به حاڪم مقرر ٿي ايندا هوا، سي ملا عطا جي ڏاڍي عزت ڪندا ۽ انعام اڪرام ڏيندا هوا. هو سائو لباس ڍڪيندو هو. سندس اولاد ۾ به ڪيترا شاعر ٿي گذريا آهن.

(مقالات الشعراء)

        سن 1967ع مطابق 1345هه ماهه رمضان ۾ مون کي ٺٽه جي سيد محمد زمان شاهه مهدوي وٽان عطا ٺٽوي جي قصائد جو هڪ ڪرم خورده نسخو مطالعه لاءِ مليو جنهن ۾ حمد ۽ نعت ۾ سوين قصيدا هوا. بعض بعض قصيدن جا جدا جدا نالا به لکيا اٿس. هڪ قصيده روح الارواح ۾ فرمائي ٿو:

خدا وند بحق وحدت تو

به آن مختار صاحب همتاها

حبيب خلق، تاج فرق ابرار

به آل صحب اصحاب تقاها

        هڪ قصيده مان معلوم ٿئي ٿو ته هو عبادت زهد سان گڏ قرآن جو حافظ به هو،فرمائي ٿو:

ز دست آويز حفظ خاص قرآن

کنم  عرض و غرض هم التجا ها

        سموري زندگي رات ڏينهن عبادت ۾ گذارڻ جو احوال هيٺئين ريت پيش ڪري ٿو:

با کلمئه صلوات مرا تاشو اعليٰ ست

هر شب، شب برات و بهر روز روز عيد

بيدارو خفته در  صلوات توام بس است

بي ياد تو مباد مرا گفت هم شنيد

يک لحظئه ز عمر معطل نبوده ام

کسب مُفيض داشته ام و پيشئه سعيد

توحيد و نعت خاص و صلوات ست منقلبت

نظم و نثر هائي قديم است وهم جديد

بس نامهائي تحفه تحيت رساله

گفتم نو شتم آنچه بطبعم همي رسيد

        اهو مجموعه مصنف مرحوم جو دستخط هو، جنهن تي مصنف قصيدن جي جمع  ۽ ترتيب جي تاريخ هيٺيئن ريت لکي آهي:

خجسته قصائد بتوحيد و نعت

مردف و مرتب بطرز نوي

  ......... (1) ثمر ها طبع دل  

بحسن قواني رديف و روي

خرد سال تايخ ترتيب او

بگفتا قصائد عطا تتوي

1109

        اگرچه سندس سال وفات هٿ نه آيو، مگر معلوم ٿئي ٿو ته هن بزرگ 12 صدي جي وچ ڌاري وفات ڪئي آهي.

        ٺٽي جا سبز پوش سڏائيندڙ عبدالحڪيم عطا سبز پوش جو اولاد آهن.


(1)  کرم خورده بود اينجا -12- وفائي (ڪاغذ اڏوهي کاڌل ۽ اکر غائب هوا ”وفائي“)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org