سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:دنيا جون شاعر عورتون

باب-

صفحو : 9

 

ويھين صدي

 

بيلا  اخما دولينا

روس (١٩٣٧ع)

ھيءَ نھ صرف روس ۾ پر ان کان ٻاھر بھ مشھور ھئي. ھن جو جنم ماسڪو ۾ ٿيو ھو. سندس ھڪ شادي ايوجيني پيتو شنيڪو سان ٿي ھئي پر پوءِ ٻي شادي مشھور روسي نقاد ۽ ليکڪ يوري نجيبن  سان ڪيائين. ھوءَ پنھنجي ملڪ جي ماڻھن ۾ تمام گھڻي پسند ڪئي وڃي ٿي. ھوءَ مترجمن جي يونين جي ھڪ ميمبر پڻ رھي آھي.

ڪُنوار

سھڻن گھنڊيدار وارن تي

اڇي چمڪندڙ لباس مٿان

سنھڙي ڄاريءَ جو نقاب پائي

ڪنوار بنجڻ ڪيئن ٿو لڳي؟

برف جھڙين ٿڌين منڊين ۾ آڱرين جو ڪنبڻ

۽ گلاسن جو ٽڪرجڻ

سُرڪيون ڀرڻ، ڪيئن ٿو لڳي؟

آخرڪار دنيا جو مڃي وڃڻ

دوستن جو گلاب ڏيڻ

پُٽن لاءِ دعا ۽ ڀوڳ ڪرڻ

ڳل کي چمي، نئين زندگيءَ لاءِ

آس ڪرڻ، ڪيئن ٿو لڳي!

 ۽ جڏھن منھنجي اڇي لباس تي

شراب جو ڳاڙھو رنگ ھارجي

ان کي داغدار ٿو ڪري

تھ سامھون ميز تي ويھي

خوشين سان گڏ وسوسن سان

ڄڻ تھ ويڙھجي ٿي وڃان

ايندڙ لمحن ۾ ڇا ٿيندو؟

ڊپ ۽ انتظار ۾ ٿي سوچيان

مٺڙي امان ۽ سندس اکين ۾

اڻمندائتي مينھن جيان

ڀرجي آيل آب ٿي ڏسان

۽ ھا ڏسان ٿي پنھنجي سھڻي سجايل سيج تي

پاڻ کي ڪنوار جي سھڻي شاھي ويس ۾

تنھنجي ويجھو – بنھھ پاسي ۾

تنھنجي اکين ۾ ڏسڻ، توسان پيار ونڊڻ

سڀڪجھھ ڄڻ تھ خواب ٿو لڳي

اھو سپنو ناھي ساڀيان آھي

 ساجن! ان کان وڌ تو ۽ مون کي ڇا کپي؟

***

 

مارگٽ ڪافڪا

ھنگري  (١٨٨٠ع کان ١٩١٨ع)

ھيءَ ناگيڪاروليءَ ۾ ھڪ اھڙي خاندان ۾ ڄائي جيڪو پھرين تمام شاھوڪار ھو پر پوءِ تمام غريب ٿي ويو ھو. پيءُ جي مرڻ وقت ھوءَ صرف ڇھن سالن جي ھئي. ھن ڪانوينٽ اسڪول ۾ تعليم ورتي ۽ بڊاپسٽ جي شھر جي ھڪ ڪاليج مان گريجوئيشن ڪيائين. سندس پھريون شاعريءَ جو ڪتاب ١٩٠٣ع ۾ ڇپيو جيڪو تمام گھڻو مشھور ٿيو. ١٩١٨ع ۾ ھوءَ ۽ سندس پٽ انفلوئنزا جي وبا پکڙجڻ سبب گڏ مري ويا. ھن کي ھنگريءَ جي تمام وڏي ليکڪا سمجھيو وڃي ٿو.

 

منھنجا مٺڙا بابلا!

ھو چون ٿا تھ ھن جون وڏيون عجيب اکيون

قيمتي ھيرن جھڙيون ۽ نراليون ھيون

جيڪي ڏور پولارن ۾ نھارينديون ھيون

ھو ڪنھن گلن جي ٻاري تي جھڪي

گلن جي خوشبو، نازڪ پنکڙين بابت

اڌ ڏينھن ڳالھائي ٿي سگھيو

ھن عورت ۾ صرف ان جو روح ٿي ڳوليو

ھن کي شوق ھوندو ھو

تصويرن، ڪتابن ۽ اڻلڀ شين ڳولڻ جو

ھن جي دسترخوان تي سدا

عجيب رونق رھندي ھئي

ڪرسٽل جي قيمتي گلاسن ۾

پراڻي مڌ جي مھڪ مچندي ھئي

ھن جا پراڻا خادم خاموشيءَ سان اھو

مھمانن کي پيا پياريندا ھئا

وقت جو ڦِيٿو ڦرندو رھيو

حالتون ابتر ٿينديون رھيون

ملڪ جا سڀ امير امراءَ

خوشامد سان سرخرو بنجي

وڌندا ويا وڌندا ويا

ٽھڪ، ڀوڳ ۽ گوڙ ھر طرف

ھو چُپ چاپ ڏسندو رھيو

چپ سبيل، اکين ۾ اداسي اٽڪيل

ھن کي لڳو، ھو اڪيلو ھو

ھن جي سڏ تي اچڻ وارو بس

ھن جو پالتو پلونگڙو ھو

اھو ئي ھن جو ساٿي

اڪيلائيءَ ۾ چپ چاپ ھن جي ھنج ۾

ڪنڌ لاڙي سمھندو ھو

صبح جي گھميل مست ھوا ۾

ھنن بس ھڪ ٻئي کي ٿي ڏٺو

تن ڏينھن ۾ مون جنم ورتو ھو

ھو چون ٿا تھ ھن جون وڏيون عجيب اکيون

بس پوءِ صرف وڃي مون ۾ کتيون

آءٌ ھن جي اکين جي روشني بڻيس

مون لئھ ھن ٻيا سڀ گل وساري ڇڏيا

۽ منھنجي سھڻي چٽيل ھندوري مٿان

ھن پنھنجي ڪئي ھئي ڇانءَ

ڄڻ ھجان چينيءَ جو ڪو نازڪ ٿانءُ

مون کي سنڀالي، ھر ھر مون ڏانھن نھاري

ھن پاڻ کي ٿي پرڀايو ڄڻ،

۽ پوءِ ھڪ ڏينھن جڏھن

مون پھريان اکر لکڻ سکيا ھئا

ھن منھنجي ڪن ۾ ڀڻڪيو

”شابس منھنجي ٻچڙي

وڏي تون ٿيندينءَ

دنيا ۾ ڪم ايندئي اھي ئي“

۽ پوءِ اھا نڀاڳي نينگر بيمار ٿي پيئي

۽ منھنجو ابو بھ ڊڙجي پيو

ھن کي پنھنجو انت ٿي سُجھيو

ان وقت ھو ايترو ئي ھو

آءٌ آھيان ھينئر جيتري

ھن کي ھر وقت منھنجي ڳڻتي ھئي

مون کي ڏسي ھٿ مھٽيندو ھو

۽ ھڪ ڏينھن پيار مان منھنجو ھٿ وٺي

ڏڪندڙ آواز ۾ ھئائين چيو

”الاءِ ڇو تنھنجو اڳ ۾ مون نھ سوچيو

ڇونھ پنھنجي ھٿ کي مون روڪيو

ھاڻ تولاءِ مون وٽ فقيريءَ کان سواءِ

ٻيو تھ ڪجھھ بھ ناھي بچيو“

منھنجا مٺڙا بابلا!

ڪاش تون ڄاڻي سگھين ھا

مون کي ڪجھھ بھ نھ گھربو ھو

بس مون کي تنھنجي سار رھندي ھئي

تنھنجي قبر تي لڳل مرمر جو ڪتبو

۽ ان تي لکيل سنھري اکر سمورا

سڀڪجھھ وقت جي وير سان لڙھي ويو

مون بھ سالھا سال ڇا ڇا نھ ھو سٺو

ڪيئي طوفان، آفتون ۽ جٺيون

منھنجي حياتيءَ سان ھيون ڪٺيون

پر منھنجا مٺڙا بابلا!

ڪاش تون ڄاڻي سگھين ھا

اڄ مون وٽ آھي تنھنجو

ھي چمڪندڙ اکين وارو پيارو ڏوھٽو

تنھنجي ننڍڙي نينگر جي ڪک مان

آھي جنھن جنم ورتو،

ڪاش ھن جون تون اکيون ڏسين ھا

جي آھن تو مون کان جدا

۽ جي ڪڏھن ڪي طوفان اچن

تھ ھي دنيا کي جيئن ڏسندو

تيئن ھو تو ڏٺو نھ مون ڏٺو!

 

تنھنجي عمر  منھنجي عمر جيڏي ھئي

توکي ڌرتيءَ اندر سُتي آھن ڪيئي سال لنگھيا

تنھنجا سنھري اکر سمورا لڙھي ويا

او منھنجا مٺڙا بابلا!

اڄ وري تنھنجي ياد وري آ

اڄ وري ٿي توتي گل چاڙھڻ اچان

زندگيءَ ۾ ڪيڏو گھمسان آ

بابلا سچ تھ ڏاڍي ٿڪجي پئي ھان!

***

 

ويسنا پارون

يوگو سلاويا (ڪروشين) (١٩٢٢ع)

ھيءَ زلارٽن جي ٻيٽ تي ڄائي ھئي جيڪو سائبنيڪ جي ويجھو آھي. ھيءَ شاعريءَ جي ڪيترن ئي ڪتابن جي خالق آھي. جنگ کان پوءِ واري دور جي ڪروشيائي شاعرن جي ٽھيءَ سان واسطو اٿس.

 

انسان جي ماءُ

امڙ! مون کي ڄڻڻ بدران

ڪاري مٽي ڄڻين ھا تھ چڱو ٿئي ھا

ڪو رڇ، ڪو نانگ ڄڻين ھا

تھ بھ سـُکي ھجين ھا!

منھنجي منھن چمڻ بدران

ڪو پٿر چمين ھا

ڪاش ڪنھن عورت جي ٿڃ بدران

آءٌ ڪنھن جانور کي ڌايان ھا

ڪو پکي ڄڻي بھ تون ماءُ ھجين ھا

ٻچڙي کي ڪوڙي ۾ ڪري تون خوش ٿين ھا

ڪو وڻ ڄڻين ھا تھ اھو بھ بھار ۾ ٽـِڙي ھا

ليمو ھجي ھا تھ گل جھلي ھا

گاھھ ھجي ھا تھ تنھنجي گيت سان سائو ٿئي ھا

ڪنھن گھيٽي جي ماءُ ھجين ھا تھ اھو پيرن ۾ ليٽي ھا

تون جھونگارين ھا يا روئين ھا

تھ تنھنجا ٻچڙا ٻڌي روئن ھا

اڄ تون اڪيلي آھين

قبرن سان ڏک ٿي اورين

ھيڪل وياڪل جھرين مرين ٿي

سچ ماڻھو ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آ

ماڻھوءَ جو ڀاءُ، ماڻھو نھ، پر چاقو آ!

 

رڪارڊا ھـچ

جرمني (١٨٦٤ع کان ١٩٤٧ع)

ھيءَ برنسوڪ ۾ ڄائي ۽ زيورچ يونيورسٽيءَ مان تاريخ ۾ ڊگري ورتائين، ٻھ شاديون ڪيائين.، پھرئين مڙس کي طلاق ڏيئي پنھنجي سوٽ سان شادي ڪيائين جنھن کان بھ ڌار ٿي وئي. ھن کي جرمنيءَ ۾ ٢٠ هين صديءَ جي اھم ليکڪا مڃيو ويو آھي. ھن شاعريءَ کان سواءِ ناول، تنقيد ۽ تاريخ بھ لکي ۽ مارٽن لوٿر جي عقيدي ۽ انجيل بابت مضمون بھ لکيا. ھن جو واسطو اٽلي ۽ جرمنيءَ جي مشھور تحريڪن سان رھيو ۽ ھڪ ناول مزدور طبقي جي زندگيءَ بابت پڻ لکيائين. ھيءَ اٽليءَ ۽ جرمنيءَ جي ڪيترن شھرن ۾ رھي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ميونخ ۾ رھڻ لڳي ھئي.

 

دوزخ ۾ داخل ٿيڻ تي

دوزخ جي گفا ۾

ھڪ نئين مھمان قدم رکيو

”ڀلي ڪري آئين ڪامريڊ

چئو تنھنجو نالو ڇا ھو“

سھڻي ڌرتيءَ تي؟

روشن سج جي خبر ڏي

گلابي گلن جي ڳالھھ ڪر!

ڇا اڃا بھ آڪاس تي

ننڍڙا پکي خوش ٿي اڏامن ٿا؟

 

”چانڊوڪيءَ ۾ ھٿ ھٿ ۾

پيار ڪندڙ جوڙا ڏٺا ھوندئي

اسان جي قبرن تي ماتم ڪندي

ڏيئا ٻاريندي پيارا ڏٺا ھوندئي!“

 

”تنھنجي اکين ۾ آيل ڳوڙھا

ائين وھي توکي ھلڪو ڪن ٿا

جيئن مارچ مھيني ۾

برف ڳاري ڇڏيندي آھي ھوا“

 

”ھا بھار جي سندر مند ۾

مون کي زوريءَ اماڻيو ويو آ

۽ پاڻ سان گڏ ھن گفا ۾ مون

پنھنجي سيني تي پيل ھارن مان

بنفشي جي گلن جي سرھاڻ آندي آ“.

***        

 

ايلس لسڪر شلر

جرمني (١٨٦٩ع کان ١٩٤٥ع)

ھيءَ ھڪ وچولي طبقي جي يھودي گھر ۾ ڄائي، ٢٥ سالن جي عمر ۾ برلن جي ھڪ ڊاڪٽر سان شادي ٿيس، جنھن مان ھڪ پٽ پال نالي ھئس جيڪو آرٽسٽ ھو ۽ ٢٨ سالن جي عمر ۾ سلھھ جي مرض وگھي مري ويو. ھن جو پھريون شاعريءَ جو ڪتاب ”اسٽڪس“ نالي ١٩٠٢ع ۾ شايع ٿيو. ھيءَ اظھاريت واري تحريڪ ۾ نمايان رھي. ١٩٢٠ع ۾ ھن جون لکڻيون ١٠ جلدن ۾ شايع ٿيون ۽ ھن کي ڪليسٽ انعام بھ مليو. ١٩٣٨ع ۾ نازين جي ڊپ کان ڀڄي سئيزرلئنڊ ۽ پوءِ فلسطين پھتي جتي سندس آخري ڪتاب ١٩٤٣ع ۾ شايع ٿيو، جنھن جو نالو ھو”ماءِ بلو پيانو“. يروشلم ۾ وفات ڪيائين.

وطن جي ياد

آءٌ نٿي ڄاڻان ۽ سڃاڻان

ھن ڌارئين ديس جي ڌارين ٻولي

ان جو لھجو منھنجو پنھنجو ناھي،

آڪاس ۾ رلندڙ بادلن کي

ڇا چوان – نٿي ڄاڻان

ھتان جي رات لڳي ماٽيلي ماءُ جيان

فرعون جي ھنن ٻيلن ۾ گھمندي سوچيندي

وطن جي تارن جي تصور کي ٿي چمان

منھنجا چپ چمڪي ٿا پون ھت

ان ڏورانھين ڏيھھ جي ٻولـِي ٻولي

اي منھنجي ڌرتي، تنھنجي ھنج ۾ مان

ڄڻ ڪو تصويرن جو ڪتاب ھجان

پر تنھنجي سھڻي چھري جي اڳيان

منھنجا لڙڪ پردو وجھي ٿا ڇڏين،

منھنجي سھڻن پکين جا پر ڪٽجي ويا آھن

باغ جي وڻن ۾ آکيرا پٿر بڻجي ويا آھن

منھنجن اباڻن جي قبرن جي ڪنھن بي حرمتي ڪئي آ

سندن دعائون پوتر نديءَ ۾ لڙھي ويون آھن!

 

نييلي ساچس

جرمني (١٨٩٠ع کان ١٩٦٩ع)

ھيءَ برلن ۾ ڄائي. سندس شروعاتي لکڻيون رومانوي روايت موجب ھيون پر پوءِ نازين جي دور ۾ انھن ۾ ڦيرو آيو. جڏھن ھوءَ ١٩٤٠ع ۾ سئيڊن ڏانھن ڀڳي تھ پوءِ ڪنھن حد تائين ان ھلچل کي قبول ڪري ورتائين ۽ اھو ئي سندس شاعريءَ جو موضوع بنجي ويو. ١٩٦٦ع ۾ اسرائيلي ليکڪھ ايس واءِ ايگنان سان گڏ ادب جو نوبل انعام مليو ھئس. تجريدي انداز ۾ ھڪ نظم ھت ڏجي ٿو.

تجريدي نظم

جاڳائيندڙ

پکين جا آواز

رات جي کوھھ مان

وقت پاڻيءَ سان وھندڙ

شام – صبح جو تارو

ڦڪو ٻج

ڪنڊن سان ڀريل

زندگيءَ ۾ موت داخل

ڳنئون ۽ گابو

گرم واڙي ۾ بيٺل

تخليق  جي ابتدا جو

سونھري ڊپ اکين ۾ کتل

***

 

انجيبارگ باچمئن

آسٽريليا  (١٩٢٦ع کان ١٩٧٣ع)

ھيءَ ڪيرينيٿا ۾ رھندي ھئي ۽ ويانا ۾ فلاسافيءَ جي تعليم ورتائين ڊاڪٽريٽ لاءِ ھن وجوديت جي مارٽن ھيجر جي فلسفي تي ڪم ڪيو. ھيءَ روم، آمريڪا، ميونخ، زيورچ ۽ برلن ۾ بھ رھي ۽ پنھنجي شاعري ١٩٥٣ع ۾ شايع ڪرايائين. ھن تمام گھڻي شاعري ڪئي ۽ نثر بھ لکيو جنھن ۾ ڊراما بھ شامل آھن. ھن کي ١٩٦٤ع بڪنر (Buchner) انعام بھ مليو ھو.

 

رواجي روز مره زندگي

جنگ اڃا بند ناھي ٿي

روزاني زندگي رواجي ناھي رھي

سورما جنگ کان دور آھن

۽ ھيڻا پڙ ۾ چور آھن

صبر جو يونيفارم ٺاھي

نوڙت جي تارن سان سجائي

اميد جو لباس بنائي

سڀني کڻي پاتو آھي

اميد! جيڪا ملندي آھي

جنگ جي نغارن جي ماٺ سان

جڏھن دشمن گم ٿي وڃن

۽ ھٿيارن جا پاڇولا

آسمان کي ڍڪي ڇڏين.

اميد! جيڪا ملندي آھي

جھنڊو ترڪ ڪرڻ سان

دوست جي منھن ۾ ڌڪ ھڻڻ سان

رازن جون غداريون ڪرڻ سان

رواجي روزاني ھلت خلاف ھلڻ سان


 

ايڊٿ سوڊر گران

فنلئنڊ (سئيڊش ٻوليءَ ۾) (١٨٩٢ع کان ١٩٢٣ع)

ھي سينٽ پيٽرس برگ (لينن گراڊ) ۾ ڄائي ھئي. ھن جا مائٽ سئيڊش ٻولي ڳالھائيندڙ ھئا، جن جو فنلئنڊ ۾ ھڪ ننڍو نسلي گروھھ رھندڙ ھو. کيس سئيڊش ٻوليءَ جي ادبي روايت جي گھڻي ڄاڻ ڪانھ ھئي. روسي انقلاب کان پوءِ ھن روسي سرحد وٽ پناھھ ورتي، غربت ۾ وقت گذاريو. ھن جي شاعري ھيلسنڪيءَ ۾ شايع ٿي. ھيءَ بک ۽ سلھھ جي بيماريءَ وگھي مري وئي ھئي. سندس موت کان پوءِ ھن کي سئيڊش ٻوليءَ جي ھڪ سڌاريندڙ جي حيثيت ۾ فنلئنڊ ۽ سئيڊن ۾ تمام گھڻو ساراھيو ويو ۽ وقت گذرڻ سان وڌيڪ مشھوري مليس.

 

ھڪ فيصلو

آءٌ ھڪ ڏاھي عورت آھيان پر ڪو بھ مون کي نٿو سڃاڻي

منھنجا دوست بھ نھ!

ھو مون بابت غلط رايو رکن ٿا

آءٌ ڪا بي ھمت عورت ناھيان

ڪنھن شڪاري پکيءَ جي چنبن سان

مون بي ھمتيءَ کي توريو آھي

اي باز! تنھنجي پرن جي اڏام ڪيڏي نھ پياري آھي

ڇا تون بھ ھر ٻي شيءِ وانگي ماٺ ٿي ويندين

شايد تون بھ شاعري لکڻ ٿو چاھين؟

تون ڪڏھن بھ شاعري ڪونھ لکي سگھندين

ھر ھڪ نظم ٻئي کي چيري ڦاڙي ڇڏيندو

۽ پوءِ ڪو بھ نظم نھ بچندو

بس جي ڪجھھ باقي رھندو

تھ اھي شڪاري پکين جي چنبن جا نشان ھوندا!

***

 

 

ماريا وائين

سئيڊن (١٩١٢ع)

ھن شاعر عورت جو پھريون ڪتاب ١٩٤٣ ۾ ڇپيو، جنھن جا ٣ ٻيا جلد چاليھن جي ڏھاڪي ۾ شايع  ٿيا، جن کيس ھڪ اھم ليکڪا طور سڃاڻپ ڏني. ١٩٥٠ع کان وٺي ھن جي شاعريءَ جا ڪل ١٢ جلد ڇپجي چڪا آھن. ھن ڪجھھ نثر بھ لکيو آھي.  ھن جي شادي سئيڊن جي ھڪ اھم نقاد آرٿر لنڊ ڪوسٽ سان ٿيل آھي.

 

عورت ۽ جنگل

اي عورت، تون جنگل کان ٿي ڊڄين؟

جڏھن بھ تون اوندھھ ۾ گھوري ٿي ڏسين

تھ آءٌ اھو تنھنجي اکين ۾ ڏسي ٿي سگھان

ڪنھن ڊنل جيوَ جي اکين ۾ موجود ڊپ جيان.

اي عورت، تون تھ پاڻ جنگل آھين

عجيب ۽ گھرو، ۽ آءٌ تھ ڀانيان ٿي

تون پنھنجو پاڻ کان ئي ڊنل آھين

 

 

مون کي پيار ڪر

مون کي تون پيار ڪر

پر ايڏو ويجھو نھ اچ

خوشيءَ سان پيار کي ڄاڻڻ لاءِ

۽ ان جو مزو ماڻڻ لاءِ

ٿورو فاصلو ضروري آھي.

منھنجي ريشمي ڀورن وارن کي

ڇوڙي ڇڏ تھ اھي آزاد ٿين

        ***

 

 

پوڙھا ماڻھو

پوڙھا ماڻھو ڪو نھ جوڙيندا آھن

مستقبل لاءِ نوان منصوبا

اھي ٻئي ٽئين ڏينھن تي

ڪا ڳالھھ ڪونھ ڇڏيندا آھن

شام جي پھر ھو بخاري ۾

پراڻا خط ويھي ساڙيندا آھن

۽ ھر نئين ڄاول صبح تي

خدا جو شڪر بجا آڻيندا آھن

پنھنجي گذري ويل حياتيءَ جو

جنھن جو رنگ روپ نھ رھيو ساڳيو

موت جو نالو وٺڻ کان ھرڪو

ھنن کي جھليندو آھي

جنھن سان ويتر من ھنن جو

وياڪل وياڪل ٿيندو آھي

ھو ڪنھن سان بھ ڪڏھن

ان اڻٽر مھل موقعي بابت

ڳالھائي ڪين سگھندا آھن!

***

 

 

سيسل بيبڪر

ڊينمارڪ (١٩٢٧ع)

ھيءَ فريب ريڪا شھر ۾ ڄائي، ڪجھھ وقت چانديءَ جو ڪم ڪيائين. ١٩٥٣ع ۾ شادي ڪيائين ۽ چار ڌيئرون اٿس جن مان ٻھ سندس ايٿوپيا ۾ ترسڻ دوران نپائڻ لاءِ ورتل آھن! ھن جي شاعريءَ جا چار مجموعا آھن، ھڪ ناول، ھڪ ڊرامو ۽ ڪيتريون ڪھاڻيون، ٻارن جا ڪتاب ۽ ريڊيو ڊراما پڻ لکيا اٿس. ھن کي ڪيترائي انعام پڻ ملي چڪا آھن.

ڪاوڙ جي ٻني

ٻچڙا! تون پنھنجي ڪاوڙ جي ٻني کڻي ڪيڏانھن ويندين؟

جڏھن تھ رستن تي سمجھھ ۾ نھ ايندڙ لفظ پکڙيا پيا آھن

۽ توکي سزا کان وڌ ان ڪاوڙ جو ڊپ آھي.

ٻچڙا! تون پنھنجي نفرت جو ٻج کڻي ڪيڏانھن ويندين؟

جڏھن تھ تنھنجي ماءُ بھ تنھنجي خلوص کي نٿي سمجھي

۽ اجنبي ماڻھو تنھنجي راندين تي کلندا ٿا رھن،

تون ھڪ دٻي ۾ مٽيءَ کي پکيڙي

پنھنجي لاءِ ھڪ ٻني ٺاھي وٺ

۽ ان ۾ پنھنجي ڪروڌ جو پھريون ٻج پوکي ڇڏ.

ڇا تون مرده گڏن گــُڏين سان راند ڪندين؟

دنيا ۾ سچ ڳالھائيندڙ ماڻھن کي ٻڌائي ڇڏ

تھ اھي تنھنجي پوکيل نفرت کي ضرور لڻي وٺن

۽ تنھنجو منھن ڏسڻ کان اڳ ۾ ئي

تنھنجي ڪاوڙ جي ٻنيءَ ۾ ھر ھلائي ڇڏين!

***

 

اسٽرڊ - ٽالفسين

ناروي (١٨٩٧ع کان ١٩٧٣ع)

ھيءَ پور سگرين ناروي ۾ ڄائي ھئي ۽ ھڪ آفيس ۾ ڪم ڪندي ھئي. پنجاھھ سالن جي عمر تائين سندس شاعريءَ کي ڇاپڻ لاءِ ڪنھن بھ قبول ڪونھ ڪيو پر جڏھن اھا ڇپي تھ سندس ٻئي جلد اچڻ تائين ھوءَ ناروي جي جديد ليکڪن ۾ اھم بنجي ويئي. مالي پريشانين سبب ھن نوڪري ڇڏي سمورو وقت لکڻ کي ڏنو ۽ ڪتاب ڇپرائڻ لڳي. سندس ڪل ١٤ جلد ڇپيل آھن.

 

ڪم وارو صبح

شيون پنھنجا گڏيل نالا ڪونھ ٿيون ڄاڻن

ڪتابن کي خبر ڪانھي تھ منجھن ڇاھي

سگريٽون پنھنجو اثر نٿيون ڄاڻن

ٽائپ رائيٽر کي ھٿن جي ڪھڙي خبر

وائلن ماٺ ۾ بھ خوش ڇو آھي

ھن کي پنھنجو دماغ جو ناھي

اھي ڀلا ڇا ٿا سوچي سگھن،

صبح جي پھرئين سگريٽ جي

مھڪ ۽ چمڪ وڻي ٿي

اڻ ڄاڻ، اڻ ڌريا، اڻ گھريا خاموش

اڻ محسوس، اڻ چرندڙ وجود

ڪيئن نھ ھڪ ٻئي کي ويجھا آھن!

***

 

اينجلا فگيرا

اسپين  (١٩٠٢ع)

ھيءَ بليوا ۾ ڄائي ۽ اتي ئي اسپيني لٽريچر جي پروفيسر ھئي.

عورتون – مارڪيٽ ۾

اڌڙوٽ عورتون ياعمر

ڄڻ کارو پاڻي، چن جو پٿر

پراڻي زنگيل عينڪ اندر

اکيون پيٺل برف جيان سرد نظر

وار خشڪ منجھيل ۽ وکريل

نسن ۾ کارو رت ڄميل

صبح سويري سودي لاءِ نڪرنديون آھن،

ھر شيءِ جي نوس نوسان کوٽ کوٽان

داغيل ٽماٽا، ڳريل نارنگيون ڳولينديون آھن

ڪوماڻل ڌپ ھاڻيون ڀاڄيون

سڙيل ٻـُوٽيون مٽيءَ جھڙيون

ڪاري ٿيل جيرانڊي ڳنھنديون آھن،

مُلھ ڏيڻ مھل اھي ويچاريون

تر تائين ھٿ سان ڦولي

ميري ٻٽونءَ مان پئسا ڳولي

پڇاڙڪي پائي جڏھن ڪڍنديون آھن

تھ ڄڻ ڏک ۾ پيون ڏڪنديون آھن

ساڻن سدائين ھڪ ٻار ھوندو آ

ميرو گدلو، وار منجھيل

نڪ پيو جنھن جو وھندو آ

سڻڀي چولي ۾ ھٿ وجھي ھلندي ھلندي

ٽول وٺي ڏيڻ جي کيٽي ۾ سو

رون رون رون روئندو رھندو آ

يا ڪو ڦٿل ڪيلو صوف وغيره

چوسيندو گگون ڳاڙيندو ويندو آ

سندن اڱڻ بھ عجيب ھوندا آھن

جن ۾ ڪتن، ٻارن ۽مکين جي گھڻائي

۽ جھيڙاڪ پاڙيسرين جي جھڪ جھڪ ھوندي آ،

جت ڪاٺين جي دونھين، ميرن ڪپڙن جي ڍير کان سواءِ

تماڪ پگھر ۽ شراب جي ڌپ ھاڻو ھڪ ماڻھو

چاٻا ڏيندي، قسم کائيندي ٿڪيندو رھندو آ

ھو ھر رات ميري ڌپ ھاڻي ھنڌ ۾

بنان پيار ڪرڻ، مٺا ٻول ٻولڻ جي، وحشي بنجي

حيوانن وانگي بي صبريءَ سان

ھن جي پيٽ کي ڄڻ تھ سزا ڏيندي

ان ۾ ھڪ نئون ٻج  ڇٽيندو آ

۽ ھڪ ورچائيندڙ نئين ٻوجھھ جو ڊگھو عرصو

ھن کي ڀوڳڻ لاءِ ڏئي ڇڏيندو آ

نھ نھ، مان انھيءَ جي ڪارڻ تي نٿي سوچيان

ائين ڇو آھي، اھو پڻ نٿي سوچيان

پر زندگي صرف اھا ئي ڪانھي

ھن ڪائنات جا ٻيا ڪئين رخ آھن

حياتيءَ جا سھڻا سوين رنگ آھن!

***

 

نگار ھنيم

ترڪي (١٨٦٢ع کان ١٩١٨ع)

ھيءَ ھڪڙي عثماني بادشاھھ جي ڌيءَ ھئي. ستن سالن جي عمر ۾ ھڪ فرينچ اسڪول ۾ داخل ٿي. چوڏھن سالن جي عمر ۾ شادي ٿيس، ڪيترائي سال ناخوش زندگي گذارڻ کان پوءِ آخر طلاق مليس. ھن کي مشرقي ۽ مغربي ثقافتن جي چڱي ڄاڻ ھئي ۽ ڪيتريون ئي ٻوليون پڻ ڄاڻندي ھئي.  ھن شاعريءَ جا ٽي مجموعا ڇپرايا ۽ ھڪ ڪتاب ادبي خطن جو پڻ  ڇپايائين. ھڪ ڪتاب نثر جو ۽ ھڪ ڊرامن جو پڻ ڇپيس، جيڪو ٽن ايڪٽن تي ٻڌل ھو. ١٩٥٩ع  ۾ سندس آتم ڪھاڻي پڻ ڇپائي وئي.

مون کي وري ٻڌاءِ!

ڇا آءٌ ئي تنھنجو اڪيلو پيار آھيان

 سموري دنيا ۾ ھن مھل تائين؟

ڇا آءٌ ئي تنھنجي محبت جو

سموري حياتيءَ ۾ واحد مرڪز آھيان

ڪائنات جي ھن ڪنڊ کان ھن ڪنڊ تائين؟

تنھنجي دل ۾ جي پيار جا اڌما اٿن ٿا

ڇا اھي سڀ صرف مون لاءِ آھن؟

مون کي وري ٻڌاءِ!

 

مون کي تون ٻڌاءِ ھينئر

تنھنجا سڀ غم اداسيون ۽ فڪر

احساس ۽ جذبا، پيار ۽ ذڪر

ڇا سڀ صرف مون لاءِ ئي آھن؟

مون کي وري ٻڌاءِ!

 

مون وٽ ھليو آ منھنجا پيارا

مون تي اعتبار ڪري ڏئي ڇڏ مون کي

پنھنجا تون ڏک سمورا،

توکي ڪنھن ڏکويو آھي

مون کي وري ٻڌاءِ!

***

 

راحيل

اسرائيل(عبراني ٻوليءَ ۾) (١٨٩٠ع کان ١٩٣١ع)

راحيل بلاسٽين، جيڪا صرف راحيل جي نالي سان مشھور آھي، روس ۾ ڄائي ھئي پر ١٩٠٩ع ۾ فلسطين لڏي آئي جتي ھوءَ زراعت سان وابستھ ٿي ڪم ڪرڻ لڳي ۽ بنيادي تجرباتي مشترڪ آبادي(ڪميونل اسٽيبلشمينٽ) ۾ حصو ورتائين! پھرين مھاڀاري لڙائيءَ ۾ يورپ ۾ ھن چتر ڪاري ۽ زراعت جي سکيا ورتي ۽ روس ۾ يھودي پناھگيرن جي ٻارن کي پڙھائيندي ھئي. جنگ کان پوءِ وري فلسطين آئي جتي سلھھ وگھي مري وئي.

پنھنجي وطن لاءِ

مون تنھنجي ساراھھ جا گيت نَٿَي ڳايا

بھادريءَ جي ڪھاڻين ۾

يا جنگ جي تباھين ۾

مون تنھنجو نالو بھ روشن ڪونھ ڪيو آ

مون صرف اردن جي خاموش ساحل تي

ھڪڙو وڻ پوکيو آ

تنھنجن ميدانن ۾

ھڪڙو ئي دڳ ورتو آ

امڙ ڌرتي! ڄاڻان ٿي تھ اھو ڪجھھ بھ ڪونھي

سڀ سمجھان ٿي پر تنھنجي ھيءَ ڌيءَ

ڀلا ان کان سواءِ ٻيو ڪري بھ ڇاٿي سگھي؟

تھ ھڪ روشن ڏينھن تي

دل کولي ٽھڪ ڏئي کلي

۽ تنھنجي محروميءَ تي

لڪي لڪي روئي ۽ تڙپي.

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org