ڪاسيه
بزنطيني يونان – (٩ صدي عيسوي)
بزنطين جي تاريخ ۾ اها ئي هڪ نمايان شاعر عورت آهي. روايت آهي
ته شهنشاهه لاءِ هن کي ڪنوار چونڊجڻو هو، پر هن کي
انڪري رد ڪيو ويو جو هن شهنشاهه کي برجستا جواب
ڏنا هئا (جيڪا هن جي خاص خوبي هئي) ان کان پوءِ هن
هڪ خانقاهه جوڙي ۽ باقي عمر ان ۾ راهبه بنجي
گذاريائين. هن ڪيترائي شعر ۽ مذهبي نظم جوڙيا جيڪي
هاڻوڪي يوناني ڪليسا ۾ به مشهور آهن.
پارس
تون پنهنجي پرينءَ سان ملي جڏهن ٻهڪين ٿي
ته تنهنجو چهرو چمڪي سونو ٿي پوي ٿو
ڄڻ ته پارس ڇُهي ورتو هجئي!
***
دولت گناهه کي ڍڪي ٿي ڇڏي
۽ غريب سُئيءَ وانگر اگهاڙا آهن.
***
غربت؟ دولت؟ ڪجهه به نه ڳول،
هڪ سان هٿ سُڄي ٿا پون
۽ ٻيءَ سان پيٽ سُڄي ٿئي گول!
***
هڪ اڌ – ٻوڙي، گنجي، لُولي،
ٻاتي، بندري، ٽيڏي، بڇڙي،
ڦڏيءَ چال واري ماڻهوءَ تان
جڏهن هڪ ڪوڙي دلال،
چور، قاتل ۽ شرابيءَ ٺٺولي ڪئي
ته هن بدنصيب جواب ڏنو:
”ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟
ڇا مون ائين ٿيڻ چاهيو هو؟
مون کي سڀڪجهه منهنجي خالق ڏنو آ
پر تون! پاڻ ذميوار آهين
تنهنجي مالڪ توکي ڪجهه به نه ڏنو هو
ڏس! تون جو آهين، پاڻ بڻيو آهين!“
***
هڪ پڙهيل ڳڙهيل جاهل؟! خدا جي پناهه!
ڄڻ سوئر موتي پاتا هجن!
اهڙي ٿيڻ کان ته ڄمجي ئي نه
جي ڪو ڄمي پوي ته به
ڌرتي شل ان جي قدمن کان پناهه ۾ رهي
بنان انتظار، شل اهو سڌو دوزخ داخل ٿئي
اهڙن جاهلن جو ڪو علاج ئي ناهي
انهن جو موت سواءِ ڀلا حل ڇاهي؟
عملدار هجي ته رڳو ڦوڪجي ۽ وڦلي
کيس حد کان وڌ ٺلهي واهه واهه وڻي
پٿر جا پيل پاوا جهڪي سگهن ٿا
پر ڪو اهڙو جاهل مجال جو مڙي.
***
منيوشو مان ورتل
جاپان (٦٥٠ع کان ٨٠٠ع)
منيوشو يا ڏهه هزار پنن جو مجموعو جاپاني شاعريءَ جي مجموعن مان
سڀ کان پراڻو ۽ مشهور آهي. اٺين صديءَ جي وچ ڌاري
اهو گڏ ڪيو ويو هو. ان ۾ ٤٥٠٠ نظم آهن، جن مان
گهڻا درٻاري اميرن جا آهن. ان ۾ شاعر عورتن جي سٺي
نمائندگي ٿيل آهي ۽ انهيءَ مجموعي ۾ انهن کي گهڻي
اهميت مليل آهي.
شهزادي نوڪاڊا
٧ صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ شهزادي نوڪاڊا ٿي گذري آهي، جنهن شهنشاهه
ٽيمو جي دادلي سريت جي حيثيت ۾ کيس هڪ ڌيءُ ڄڻي
ڏني ۽ ڪجهه وقت شاهي محل ۾ رهي. هوءَ پنهنجي دور
جي وڏي ۾ وڏي شاعرهئي.
هتي ڏنل نظم جو پسمنظر اهو آهي ته هڪ ڀيري شهنشاهه ٽينجيءَ
پنهنجي وزيراعظم فيوجي وارا ڪماتاريءَ کي چيو ته
”ٻڌاءِ، بهار ۾ ٽڙندڙ سهڻن گلن ۽ خزان ۾ پهاڙن تي
داغدار پنن مان ڪهڙا وڌيڪ شانائتا آهن؟“ تڏهن
شهزادي نوڪاڊا هن نظم ذريعي ان جو جواب ڏنو:
بهار ۽ خزان
جڏهن سياري جي قيد مان ڇٽي
بهار اچي ٿي ته
پکي جيڪي سانت هئا سي چهڪن ٿا
گل جيڪي بند هئا سي مهڪن ٿا
پر ٽڪرين تي وڻن جي گهڻ وچان
گلن تائين پهچڻ مشڪل آ
۽ گلن سان گڏ ڪنڊن جي گهڻ مان
انهن کي هٿن ۾ کڻڻ مشڪل آ
پر جڏهن خزان ۾ ٽڪرين تي
اسين سڪل پن ڏسون ٿا
اهي پيلا پن ڪيڏا نه وڻن ٿا
جي هٿن ۾ کڻي سگهجن ٿا
پر – سبز پنن کي ساراهي
وڻن جي ٽارين ۾ ٽنگيل ڇڏيون ٿا
انهن کي هٿن ۾ کڻڻ جو مشڪل آ
۽ مون کي ان جو ڏک آهي
ته مون لاءِ آهن فقط
ڇو خزان جون ٽڪريون!
***
ليڊي ڪاسا
(٨ صدي عيسوي)
ليڊي ڪاسا جا ٢٩ ”ٽنڪا“ نالي نظم مليا آهن جيڪي هن منيوشوءَ جي
شاعر اوٽوموياڪاموچي کي مخاطب ٿي چيا هئا.
ٽنڪا
ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ سان پيار ڪرڻ
جيڪو پيار جي موٽ نه ڏي
ائين آهي جيئن پوڄا ڪجي
ڪنهن ٻوڌي ديول ۾
ڪنهن بي پرواه ديوتا جي!
***
ليڊي اوٽومو آف ساڪانو
(٧٢٨ع کان ٧٤٦ع)
هيءَ اوٽومو سوڪونامارو سان پرڻيل هئي ۽ ڪيترائي ٻار هئس. هڪ
ڌيءَ به شاعر هئس جيڪا ”ليڊي اوٽومو آف ساڪانو جي
وڏي ڌيءَ“ طور سڃاڻبي هئي. سندس هڪ ڀائٽيو اَوٽومو
ياڪموچن به وڏو شاعر هو.
اڻ ڄاتو پيار
اڻ ڄاتو پيار
اهڙو تلخ هوندو آهي
جيئن ڪو ڪنوارو سوسن جو گل
جيڪو اسريو هجي
آرهڙ جي آلي مٽيءَ ۾
***
منهنجي دل، اهو سوچي ته
”هو ڪيڏو پيارو آهي“
ڪنهن تيز وهڪري وانگر
بند مٿان بند ٻڌڻ جي باوجود
ڄڻ قابوءَ ۾ ناهي!
***
اونونو ڪماچي
جاپان (٨٣٤ع کان ٨٨٠ع)
شاهي فرمان موجب تيار ٿيل پهرئين شعري مجموعي ڪوڪنشو جي ڇهن
بهترين شاعرن ۾ اونونو ڪماچي به شامل آهي. هوءَ
پنهنجي سونهن ۽ صلاحيتن جي ڪري گهڻو مشهور ٿي ۽
شاهي درٻار ۾ ٩ صديءَ ۾ ملازم هئي. جاپان جي لوڪ
ادب ۾ هن جون ڪهاڻيون به آهن .
نظمَ
هڪ گل جيڪو ڪومائجي وڃي ٿو
بنان ڪنهن کي نظر اچڻ جي
اهو آهي هن دنيا ۾
انسان جي دل جو گل!
***
هيءَ چنڊ بنا رات آهي
هن سان ملڻ جي ڪا واٽ آهي؟
چاهت کان چري بنجي
ڇاتيءَ منجهه دل ڌڙڪي ٿي
۽ ڪو باهه جو شعلو ڀڙڪي
دل کي ورائي وڃي ٿو.
***
ايڏي ته اڪيلي آهيان
ڄڻ ڪو ترندڙ اڪيلو پن
ٽاريءَ کان ڇڳل
پاڻيءَ جي وهڪري سان
وهندو وڃي وياڪل
شهزادي شڪيشي
جاپان ١٢٠١ع
هيءَ شهنشاهه گوشيرا گاوا جي ٽين ڌيءُ هئي. هن کي جوانيءَ ۾
راهبه بنايو ويو هو ۽ سموري حياتي اڻ پرڻيل رهي.
سندس هي نظم هڪ شاهي مجموعي ”شيڪو ڪنشا“ مان ورتل
آهي جيڪو ١٢٠٥ع ۾ مڪمل ٿيو هو.
سرءُ
هتي ته ڪجهه به نه بدليو آهي
ها پر هاڻ آءٌ جوان نه رهي آهيان
سرءُ جي هوا لڳي ٿي
۽ آءٌ اڳي جيان ئي پريشان آهيان.
***
سيارو
هوا سرد آهي
هڪ هڪ پن
رات جي آسمان مان
گم ٿي رهيو آهي
چنڊ باغ کي
ننگو ڪري رهيو آهي
***
بهار
چيريءَ جا ڳاڙها گل
سرهاڻ وڃائي چڪا
توکي ته اچڻ گهرجي ها
هوائن کان به اڳ، مـِٺل!
***
ڪوريا جِي هڪ نامعلوم شاعر
(١٢٧٥ع - ١٣٠٨ع)
هت ڏنل گيت ”ترڪي بيڪريءَ“ نالي هڪ پيشيور ڳائڻيءَ جو چيل آهي
پر اڪثر نقادن جو خيال آهي ته اهو هڪ لوڪ گيت آهي.
ترڪي بيڪري
آءٌ وڃان ٿي ترڪي دڪان تي
هڪ بن وٺان ٿي
هڪ پوڙهو ترڪ منهنجو هٿ جهلي ٿو
هيءَ ڪهاڻي جي ٻاهر پکڙي
ته اي تاڪ تي ويٺل گڏڙي!
ان جي ذميدار تون هوندينءَ
آءٌ ته وڃان ٿي، ها وڃان ٿي هن جي خلوت ۾
جتي سوڙهه، اوندهه ۽ گرمي آهي!
***
آءٌ وڃان ٿي سمجنگ مندر ۾
هڪ مها پروهت منهنجو هٿ جهلي ٿو
هيءَ ڪهاڻي جي ٻاهر پکڙي
ته اي مندر جا ننڍڙا پوڄاري
ان جو ذميدار تون هوندين
آءٌ ته وڃان ٿي، ها وڃان ٿي هن جي خلوت ۾
جتي سوڙهه، اوندهه ۽ گرمي آهي!
***
آءٌ وڃان ٿي ڳوٺ جي کوهه تي
پاڻي ڀريان ٿي
اندر ويٺل هڪ اجگر منهنجو هٿ جهلي ٿو
هيءَ ڪهاڻي جي ٻاهر پکڙي
ته اي گهڙولي!
ان جي ذميدار تون هوندينءَ
آءٌ ته وڃان ٿي، ها وڃان ٿي هن جي خلوت ۾
جتي سوڙهه، اوندهه ۽ گرمي آهي!
***
آءٌ وڃان ٿي ميخاني ۾
شراب وٺان ٿي
هڪڙو نوڪر منهنجو هٿ جهلي ٿو
هيءَ ڪهاڻي جي ٻاهر پکڙي
ته اي صراحي!
ان جي ذميدار تون هوندينءَ
آءٌ ته وڃان ٿي، ها وڃان ٿي هن جي خلوت ۾
جتي سوڙهه، اوندهه ۽ گرمي آهي!
***
يوهئسان چي
چين (٩ صدي عيسوي)
يوهئسان چي، چانگ اين ۾ ڄائي هئي ۽ هڪ عملدار هن کي پنهنجي سريت
بڻايو، انڪري سندس زال هن کان سڙڻ لڳي ۽ ڌڪا ڏئي
گهر مان ڪڍي ڇڏيائينس، جنهن کان پوءِ هوءَ ٽائوسٽ
جي ڪليسا جي پروهت بنجي وئي. ان کان پوءِ گهڻو ئي
سفر ڪيائين، گهڻن ماڻهن سان دوستيون ڪيائين. آخر ۾
پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ موت جي
سزا مليس.
هڪ پاڙيسري ڇوڪريءَ کي صلاح
سج کان خوف کائي
تون پنهنجي ريشمي ٻانهن سان
پنهنجو منهن ٿي لڪائين
بهار جي راڳ کان ٿڪجي
تون پنهنجو سينگار ٿي ڀلائين
مُلهه مهانگا مڻيا ملڻ سولا آهن
پر سچي دل وارو مرد ملڻ مشڪل آهي!
***
پنهنجن ڳجهن ڳوڙهن سان
ڇو ٿي تون وهاڻو ڀڄائين
گلن ۾ ڇو پئي ٽٽل دل لڪائين
وڃ وڃي سُنگ يي جهڙو ڪو سهڻو ڳول
ان بيوفا کي ٿي تون ياد ڪرين؟
جنهن جو موٽي اچڻ، تو سان ملڻ، مشڪل آهي!
***
چُوشُو، چين
چين – (١٢ صدي عيسوي)
هن شاعره جي باري ۾ گهڻي معلومات ڪانهي پر هن کي چين جي هڪ تمام
سٺي ۽ نفيس شاعر سمجهيو وڃي ٿو. هن جا نظم ١١٨٢ع ۾
شايع ٿيا هئا جن کي سندس موت تي مائٽن ساڙي ڇڏيو
هو.
آلو بخارَي جا گل
برف نچي ٿي، پارو وسي ٿو
بانس جي تيلين مان اڻپورو
نظارو ڏسجي ٿو
۽ آلوبخاري جي جهڪيل ٽارين جا پاڇولا
اوچتو ڪا ٿڌي مٺي سُرهاڻ
تاتاري بانسريءَ جي سُر سوڌي
اچي پردا کولي هنن ڏانهن وڌي ٿي
انهيءَ سُرهي هوا ۾ ويڙهجي
ڀلا خوشي ڪير نه ماڻيندو؟
منهنجا ڪارا وار وکري وڃن ٿا
مڌ جي مستيءَ کان وڌ، بي سڌ بنجي
اسين رُسُون ۽ پرچون ٿا
گلن سان جهنجهيل هنڌ جو مزو وٺون ٿا.
***
لي چنگ چائو
( ١٠٨٤ع – ١١٥١ع)
هيءَ سموري دنيا ۾ چين جي وڏي ۾ وڏي شاعر طور مشهور آهي. هن جو
مڙس چائو منگ چينگ ۽ هيءَ پاڻ وڏ گهراڻا هئا ۽ ٻئي
شاعر هئا، ان کان سواءِ عالم به هئا ته خطاطي،
مصوري ۽ ٻين فنن جو پڻ شوق هئن. جڏهن ١١٢٧ع ۾ چن
تارتر جي فوج سنگ چين تي حملو ڪيو ته هنن ٻنهي کي
گهر مان ڪڍي ڇڏيائون. ان ڪري سندن سمورو فن جو
ذخيرو زيان ٿي ويو. ١١٢١ع ۾ جڏهن لي ٤٦ سالن جي
هئي ته هن جو مڙس گذاري ويو ۽ هوءَ اڪيلي سر
پنهنجي گڏ ڪيل شين کي محفوظ رکڻ لاءِ لڪندي وتندي
هئي. هوءَ چين جي شاعريءَ جي هڪ صنف ”زو“ جي وڏي ۾
وڏي شاعر هئي.
نئين سال جي شام
سج جو لهڻ، ڄڻ شيهو پگهريل
شام جا بادل، مرمر جا گهوڙا، ٿڪل
هو ڪٿي آهي؟
روشنيءَ جو ڌنڌ، بيد جي وڻن کي داغدار ڪري ٿو
آلو بخاري جي وڻن مان بانسريءَ جو روڄ ٻڌجي ٿو
توکي ڪهڙي خبر؟
بهار جو خمار! نئين سال جي شام!
خوشين جو جشن ۽ سهڻي موسم!
هوا به آهي ڄڻ ته اڃا ستل
مينهن پوي ٿو، دوست اچن ٿا
گهوڙي گاڏين ۾ شراب پيئندڙ دوست ڏسي
سوچيان ٿي!
انهن جو، جي گڏجي شعر جوڙيندا هئا
پنهنجا شعر، پنهنجي گهر، پنهنجي ڪمري ۾.
ياد ڪريان ٿي!
هڪ گذري ويل نئين سال جي شام
مون پاتو هو ساون کنڀن جي ٽوپ مٿان
زريءَ ڀريل برف جهڙو اڇو اسڪارف
ڇا ته سونهن هئي، جنهن جي ڀيٽ نه هئي
۽ هاڻ ڇا آهيان؟
نست، ٿڪل، هوا سان وار وکريل
گلن وچ گهمڻ کان به هٻڪان ٿي
جيڪي ڪليسا وٽ، برف سان آهن ڍڪيل
بس چپ چاپ ٻڌان ٿي
کلڻ ۽ ڳالهائڻ جا آواز، دريءَ منجهان ايندڙ.
***
ولادا
اسپين (عربي)
١١ صدي عيسوي
اسپيني عرب شاعر ولادا ڪاربووا ۾ يارهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾
رهندي هئي. هوءَ وقت جي خليفي جي ڌيءَ هئي ۽ سندس
بيٺڪ ۾ ڪيترائي شاعر ۽ ليکڪ اچي گڏ ٿيندا هئا.
هوءَ هڪ تمام خود مختيار عورت هئي ۽ پردو ڪرڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيو هئائين ۽ پنهنجي ادبي حيثيت لڪائڻ
کان به نابري واري بيٺي هئي. عربيءَ جو بهترين
ڪلاسيڪي شاعر ابن زيدون سندس محبوب هو جنهن سان
اندلس ۾ رهندي هئي. هن جي شاعري زيدون سان منظوم
خطن جي صورت ۾ آهي.
هي پهريون نظم هن زيدون جي ان شڪايت جي جواب ۾ لکيو، جنهن ۾ هن
کيس گهٽ ۽ ننڍڙين ملاقاتن بابت چيو هو.
چري چاهت
سوچيان ٿي،
ڇا ڪو ٻيو رستو ڪونهي
وڇوڙي کان پوءِ، وري ملڻ جو
هڪ ٻئي سان پيار ونڊڻ جو.
اڳ ۾ سياري جي مند ۾،
جڏهن، تون آيو هئين
مون اَنِگي اڇلائي ڇڏي هئي
اهڙي تن ۾ اچي باهه لڳي هئي
هاڻ توکان سواءِ ڪيئن رهان مان؟
ڄاتو ٿي ڀاڳ مون پنهنجو
ٿيو اهو ئي جو ٿيڻو هو،
ڪنهن کي هاڻ چوان مان!
وقت وڃي رهيو آ، نٿي وڃي دُوري
تنهنجي لاءِ منهنجي چاهت ۾
صبر ائين ڄڻ ڪا سوري!
تون جِت وسين ٿو شل سو ديس وسي
بادل برسي بس نه ڪن
ڍنڍون ڍورا جرٿر هجن.
خوشفهمي
(هي نظم ولادا ان وقت لکيو جڏهن پنهنجي محبوب جي دلچسپي سندس
ٻانهيءَ ۾ ڏٺائين.)
جي مون سان پيار ونڊين ها
پل لئه مون کان دُور نه ٿِين ها
منهنجي هن ٻانهيءَ سان پوءِ تون
بنهه سرچي ڪين سگهين ها.
هيءَ سهڻي ڦلدار شاخ ڇڏي
ڀنڀلجي ويو آهين جنهن ڏانهن
تنهن ۾ مون جهڙو ڦل ڪٿي!
تون ڄاڻين خوب سڃاڻين ٿو
آءٌ بهشت جو پورو چنڊ آهيان
پوءِ به ڏک جي ڳالهه اها
”المستوريءَ“ سان پاڻ وندرائين ٿو.
(المستوريءَ جي هڪ معنيٰ ته ”خريد ڪيل“ آهي ۽ ٻي معنيٰ ”زهره
گرهه“ يا سَيارو پڻ آهي.)
***
مهاديوياڪا
هندستان – ڪَنَڙ ٻولي
١٢ صدي عيسوي
مهاديوياڪا ١٢ صديءَ جي شاعر ٿي گذري آهي. هن کي هڪ گروءَ ڏهن
سالن جي عمر کان شو پوڄا لاءِ تيار ڪيو هو. هن جي
مائٽن هن جي هڪ اهڙي سردار سان شادي ڪرائي جيڪو
ڌرم ۾ يقين ڪونه رکندو هو، انڪري هوءَ کيس ڇڏي
دنيا گهمڻ نڪري پئي ۽ شو جي پوڄا ڪندي رهي، جنهن
کي ڪنهن هڪ روپ ۾ چنبيليءَ جهڙو اڇو ديوتا به
چوندا آهن. وچولي دور جي هندو مت جي هڪ صوفياڻي (Mystic)
تحريڪ ”ويراسيوا“ سان لاڳاپو پيدا ٿيس، جنهن موجب
هندو ڌرم جي ڪن رسمن رواجن کان هن انڪار ڪيو هو.
ويراسيواجي ڀڳتن جي شاعري آزاد صورت ۾ آهي، جنهن ۾
ذاتي ارپنا وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي. ڪَنَڙ ٻولي هڪ
دراوڙي ٻولي آهي، جنهن جي ادبي روايت پندرهين
صديءَ تائين ملي ٿي.
چمبيليءَ جهڙو ديوتا
جئن ڪو پَٽ - ڪينئون
جوڙي ٿو پنهنجو گهرڙو
پيار مان اوتي ست سمورو
۽ مري وڃي ٿو تڙپي تڙپي
پنهنجي حياتيءَ جي ڌاڳن ۾ وِچڙي سِچڙي
وَٽ وٽيندي، ڏيندي ڦيرو
تئن آءٌ به تڙپي تڙپي
پنهنجو ساهه ڏيان ٿي.
***
جيئن ڪو پڃري اندر طوطو
ساري ساٿي پنهنجو
تيئن آءٌ به ساريان ٿي توکي
تون جيڪو آهين چنبيليءَ جهڙو
مون کي آڻي سنئين راهه تي سائين
ڪر تون مون کي پاڻ ڀيڙو
نيرن نيلمن جي پهاڙن تي سوار ٿي
هيرن موتين جا جُتا پائي
سنک وڄائي، ڪڏهن تو وٽ اينديس
او شيوا!
سَرهي ٿينديس توکي سيني لائي
ڪڏهن ته ملنديس توسان
تن جو شرم وڃائي، من جو ڀرم ٻُلائي.
*** |