اينا ماريا لينگرن
سئيڊن (١٧٥٤ع کان ١٨١٩ع)
ھيءَ اپسالا يونيورسٽيءَ جي پروفيسر جي ڌيءَ ھئي ۽ پاڻ ڪلاسيڪي
لاطيني تعليم ورتي ھئائين ۽ شاعري ۽ ڊرامن جي
ترجمي جي ڪري گھڻي مشھوري مليس. ١٧٨٠ع ۾ ھن شاعري
ڪئي ۽ اسٽاڪ ھوم ۾ رھڻ لڳي جتي سندس مڙس ھڪ اخبار
”اسٽاڪ ھوم پوسٽ“ جو ايڊيٽر بڻيو ھو. جنھن ۾ سندس
شاعري ڇپي. ھيءَ ھڪ سٺي ڳائڻي بھ ھئي ۽ ڪيترائي
گيت پاڻ ڪمپوز بھ ڪيا ھئائين. ھن پنھنجي شاعري
ڇپرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو جيڪا سندس مرڻ کان
پوءِ ڇپي. ھيءَ پھرين عورت ھئي جنھن کي سئيڊن
اڪئڊمي طرفان ساليانو وظيفو ملندو ھو. ھيءَ ويھين
صديءَ کان اڳ جي تمام وڏي سئيڊش شاعر ھئي.
نوان ڪپڙا – نوان رواج
منھنجي ماسيءَ ھڪ ڏينھن چيو مون کي
”جڏھن آءٌ جوان ھئس – ڌيئڙي!
سال سترنھن سو ٽيھھ(١٧٣٠ع) ڌاري
سنھڙي ڄاريءَ جي گائون بجاءِ
ٿلھا اوني ڪپڙا پائي، پاڻ لڪائي
ھر ڪا عورت ھت ھلندي ھئي
سرخي پائوڊر، روج لڳائڻ بنان ئي
فضيلت سان اھا سونھندي ھئي
ھن وٽ جيڪو ذھن ھوندو ھو
سو مضبوط سندس ڪپڙن جيان ھو
پر ھاڻ تھ سڀڪجھھ بدلجي ويو آھي
حياتي اھا ساڳي ناھي – ڌيئڙي!“
”نوان ماڻھو، نوان فيشن، نوان لاڙا
سلڪ ٽفيٽا ۽ ٻيا ويس وڳا
نيون ريتون، نيون رسمون، نيون قرب ڪھاڻيون
ننڍڙيون نينگريون ۽ مڙسن واريون
ھوس جي رستي تي ڇڙواڳ رھن ٿيون
بي شرميءَ، بي حيائيءَ جو ھي دور آھي
ميڪ اپ، سنھڙي ململ، اگھاڙيون ڳالھيون
چون ٿا 'ماڊرن وقت آھي،
”ھن سان ھلڻو آھي ھٿ ۾ ھٿ ملائي!“
***
ڪاگانو. چيو
جاپان (١٧٠١ع کان ١٧٧٥ع)
ھيءَ ھائيڪو جي مشھور شاعره ھئي ۽ مشھور شاعر باشوءَ کان ست سال
پوءِ ڄائي ھئي.
ھائيڪا
سانوڻ وسڪارو
ھر شيءِ کي بنائي ٿو
ڪيڏو پيارو
***
گلابي گل تي شبنم ڇاھي؟
جي وکري وڃي
پاڻيءَ کان سواءِ ڪجھھ بھ ناھي
***
سرءَ جو چنڊ چمڪي ٿو
آءٌ وڃان ٿي دور
ڌارئين آسمان ۾ به مُرڪي ٿو.
***
ڪيرولينا پاولوف
روس (١٨٠٧ع کان ١٨٩٣ع)
ھيءَ پولينڊ جي عظيم شاعر مڪيويز سان پيار ڪندي ھئي، جنھن ھن جي
زندگيءَ تي ڏاڍو جذباتي اثر ڪيو. سندس شادي مشھور
روسي ناول نگار نڪولس پاولوف سان ٿي، پر ان سان
خوش ڪانھ ھئي. ھيءَ ھڪ شاھوڪار گھراڻي جي عورت ھئي
۽ ڪيترو وقت ماسڪو ۾ ھڪ ادبي بيٺڪ ھلائيندي ھئي.
جڏھن نقادن ھن جي شاعريءَ کي اھميت ڪانھ ڏني تھ
پوءِ ھوءَ بالٽڪ ۾ وڃي رھي. ھڪ ٽھيءَ بعد علامت
نگاريءَ جي پوئلڳن ھن کي ڳولي ھٿ ڪيو ۽ ان کي اھا
اھميت ڏني جيڪا ھن لھڻي ٿي، ھن جي شاعريءَ جو
موضوع ڏکويلن جي ھمت آھي.
مادام يلٽينف ڏانھن
تون مون کي چوين ٿي؛
”سھڻي، سچي ۽ اتساھھ ڀريل
جوان پيار ڪندڙ ماءُ ۽ سرھي زال!“
”مون کان صلاح وٺ
جو دنيا وڏڙن کان صلاح وٺندي آھي“
تون مون کي چوين ٿي؛
”پنھنجو آواز ھلڪو رک!“
ڇالاءِ؟
تون مون کي ڇينڀين ٿي
ڇالاءِ؟
آءٌ ڄاڻان ٿي
تون صرف اعتماد ۽ اعتبار ٿي چاھين
پر تون مون تي اعتبار نٿي ڪرين
ڇالاءِ؟
بي رحم ورتاءُ، سخت رويو
ڇالاءِ؟
دل جي خوشي ھميشھ خشڪ بڻيل
ڇالاءِ؟
تون چوين ٿي
”آءٌ اھو سھي نٿي سگھان
تو ۾ ڏسي نٿي سگھان
مون کي سڀڪجھھ پسند ناھي!“
ڇالاءِ؟
۽ آءٌ چوان ٿي
مون تھ اڌوري زندگي گھاري آھي
دوست چاھيو ھئم
پر ھي تھ ڄڻ منھنجو مالڪ آھي
شڪ جو شڪار آھيان
بس توکان پڪ ٿي چاھيان
مون کي معلوم آھي
اميد، اعتبار ۽ پيار جو ملھھ
آءٌ ڏسان ۽ پرکيان ٿي تنھنجي دل
توسان ڪھڙو جھيڙو؟
مون طوفانن سان جھيڙيو آھي!
بنان ڊپ ڊاءَ جي انصاف ۽ سچ جو
مون ھميشھ خواب ڏٺو آھي
ڇا تون ناراض آھين مون کان؟
پر سڙيل دل ھوندي بھ چپ آھيان
جذباتيت جي سزا ٿي ڪاٽيان
زندگيءَ سان بھ ھر وقت ٿي جھيڙيان
پر منھنجي اندر سڀڪجھھ گم ٿي ويو آھي
مون سڀڪجھھ ڄاڻي، ڪجھھ بھ نھ ڄاتو آھي!
***
لارن پاراسڪي
فنلئنڊ (١٨٣٣ع کان ١٩٠٤ع)
ھيءَ فنلئنڊ جي مشھور شاعر ۽ لوڪ ڳائڻي ھئي، ھن کي ھزارين گيت،
نظم ۽ ڏند ڪٿائون ياد ھيون. ھوءَ ڄائي نپني، ٻار
پيدا ڪيائين سينٽ پيٽرسبرگ (لينن گراڊ) جي
شاھوڪار ٻھراڙيءَ ۾، پر سندس باري ۾ ١٨٧٧ع ۾ معلوم
ٿيو، ان کان پوءِ ھوءَ ھيلنسڪيءَ آئي، سندس تصوير
بھ ان دور جي ٻن مشھور فنڪارن ٺاھي ۽ ١٩٤٩ع ۾ سندس
ھڪ مجسمو ھيلسنڪيءَ ۾ لڳايو ويو ھو.
ڌيءَ سان زوري ٿيڻ تي ھڪ ماءُ جا تاثر
منھنجي ننڍڙي پياري ڌيءَ
ڌرتيءَ تي بي سڌ پيل آھي
منھنجي پکيءَ جا پـَـر پٽيل آھن
ڪاش آءٌ ڄاڻي سگھان ھا
تھ اھو ظالم ڪير ھو؟
جنھن منھنجي ٻچڙيءَ کي ھيئن سٽيو ھو
شل ھو ڪينئرو ٿئي
شل ھن کي ڪو نانگ ڏنگي
جھنگ جي باھھ ۾ سڙي
ڪنھن گھري ڌٻڻ ۾ ڦاسي
ڪني پاڻيءَ ۾ ٻڏي مري!
***
عورت جلد پوڙھي ٿيو وڃي
سھڻو نھ رھيو آ منھنجو چھرو
لال گلابي جي ھئا، سي نھ رھيا منھنجا ڳل
اڇي اُجري سھڻي کل – آھي ھاڻ ٿڪل
عمر جھٽ گذري وئي
جواني بس گذري وئي
سال ۾ مس ڪو ڇيلو ملي ٿو
مھيني ۾ ڪو گابو اچي ٿو
ڇا خدا مون کي ان لاءِ خلقيو
تھ سال ۾ ھڪ ڇيلو کاوان
مھيني ۾ مس گابو ماڻيان
اڪثر مڙس جي پاسي ۾ ھوندي
سڙان پچان ٿي ۽ پڄران ٿي!
نوٽ: ھن نظم ۾ ڇيلو ۽ گابو مڪاني علامتون آھن.
***
ڪونج اداس آھي
ڪونج اُداس آھي
سياري جي سرد پاڻيءَ ۾ ترندي
اھا اداسي اڃا تھ وڌندي
گھر کان بي گھر جڏھن ٿيندي
ويتر وسيع دنيا ۾ گھمندي ڦرندي
مٺڙي پکيءَ جي اداس دلڙي
جڏھن ڌاريو داڻو چڳندي
اڃا بھ روئندي ۽ رڙندي
ننڍڙي جھرڪيءَ جي ڳچي جيئن ٿڙڪي
برف جا ڪڻا چـُڳندي
ان کان بھ وڌ اُداس آھيان مان
ان کان بھ وڌ سيءَ منجھھ ٿي ٿڙڪان!
***
چرٽروڊس گوميز ڊي اويلايرا
ڪيوبا (١٨١٤ع کان ١٨٧٣ع)
(اسپينيءَ ۾)
ھيءَ پيورٽو پرنسپل ۾ ڄائي ۽ ٢٢ سالن تائين ڪيوبا ۾ رھي. ان کان
پوءِ سندس ڪٽنب اسپين لڏي ويو تھ ھن پنھنجو مشھور
سانيٽ لکيو ”آن ليونا“ يا ”وڃڻ مھل“. ھن ھميشھ
ڪيوبا سان پنھنجي گھري وابستگي سمجھي ۽ پنھنجي
ماتر ڀوميءَ لاءِ پيار جو شاعريءَ ۾ اظھار ڪيو. ھن
کي ميڊرڊ ۾ ١٨٤١ع ۾ پنھنجو پھريون ڪتاب ڇپرائڻ سان
شھرت ملي ١٨٥٩ع ۾ پاڻ ڪيوبا موٽي وئي جتي پھچڻ سان
کيس قومي شاعر واري سڃاڻپ ملي، شاعريءَ سان گڏ ھن
ناول ۽ ڊراما بھ لکيا آھن.
”وڃڻ مھل“
سمنڊ جا موتي، اولھھ جا ستارا
چمڪندڙ ڪيوبا منھنجا پيارا!
رات وجھي ٿي تنھنجي روشن آسمان تي پردو گھرو
ڄڻ غم جي بادلن ۾ لڪل منھنجو چھرو
وڃڻ جي ويل اچي وئي آ
ھو تڪڙا جھازي سڙھھ سنباھين ٿا
مون کي پنھنجي ڌرتيءَ کان ڌار ڪرڻ لاءِ ھوا
پڻ پنھنجو رخ بدلايو آ
الوداع – منھنجا وطن، منھنجا عدن!
جي ڪڏھن مون سان قسمت ڪاوڙي
تھ اي منھنجي پياري ڪيوبا جي ڌرتي
تنھنجو مٺڙو نالو منھنجو من پرڀائيندو
اھو منھنجي دل ۽ روح کي ريجھائيندو
الوداع! ھو ڏس سڙھھ ڦڙڪي ٿو
لنگر کڄي ٿو ۽ ونجھھ ھلي ٿو
لھرون ويرون چيريندو
ڪيڏو ماٺ ميٺ ۾ جھاز وڌي ٿو...
***
روزالٽا ڊي ڪاسٽرو
اسپين (١٨٣٧ع کان ١٨٨٥ع)
(گيليڪن ٻولي)
روزالٽا ڪاسٽرو جي شاعريءَ کي تمام گھڻو ساراھيو ويو آھي. دير
سان مڃتا مليس. ان جو سبب اھو ھو تھ ھن پنھنجي
شاعري قومي ٻولي ڪيسٽيلين بدران مادري ٻولي گيليڪن
۾ ڪئي. ھيءَ ڪمپوسٽيلا ۾ ڄائي ھئي ۽ شاديءَ کان
پوءِ ڪيسٽائيل ۾ رھائش اختيار ڪيائين، پر ان ۾ خوش
ڪا نھ ھئي. ھن جي ٻولي سادي ۽ سنئين سڌي آھي پر
سندس موضوع غم ۽ فطرت آھن.
فطرت
آسمان ۾ سڀڪجھھ نيرو آھي
ڌرتيءَ تي ھر شيءِ سائي آھي
منھنجي روح ۾ جا گھرائي آھي
ات سڀڪجھھ گھرو ڪارو آھي
***
ڪيڏو نھ سھڻو ھي سفر آھي
ڇا کِل ڀوڳ ۽ خوشي آھي
پر منھنجي اکين ۾ اڃا تائين
اھو ئي ساڳيو لڙڪن جو پاڻي آھي
***
ساوڪ ساڻ ڍڪيل
سھڻي ٻني ڄڻ ٻھڪي ٿي
۽ منھنجي سيني ۾
ڪا باھھ اندر ئي ڀڙڪي ٿي.
***
ليليٰ ھنيم
ترڪي (١٨٤٧ع)
ھن ڪلاسيڪي عثمانيھ شاعريءَ جي سکيا مشھور شاعر
ڪيڪزاد عزت مولا کان ورتي ھئي. ھن جي شادي ھڪ ھفتو
بھ ڪانھ ھلي. پوءِ ھوءَ مولوي ڪانگريس ۾ وڃي شامل
ٿي جنھن کي اولھھ وارا رولو فقير سڏيندا ھئا. ھيءَ
في البديہ شاعري ڪرڻ لاءِ مشھور ھئي. سندس اڪثر
شاعري ان وقت جي مَروج اخلاقي قدرن موجب ناپسنديده
ھئي.
ماڻھو ڇا چوندا؟
ڪندي رھھ جو ڪرڻ ٿي چاھين
پنھنجي پريتم سان جشن ڇونھ ملھائين
نه سوچ تھ ماڻھو ڇا چوندا!
پيئندي رھھ جي پيئڻ ٿي چاھين
پنھنجي پريتم سان شراب سدائين
نه سوچ تھ ماڻھو ڇا چوندا!
ڪنھن جي پرواھھ ڇو ڪرڻ ٿي چاھين
پنھنجي پريتم سان ٻڌل تون آھين
نھ سوچ تھ ماڻھو ڇا چوندا!
ليليٰ خوشيون ڇو نھ ٿي ماڻين
پنھنجي پريتم سان، دنيا کي ساڙين
نھ سوچ تھ ماڻھو ڇا چوندا!
***
ايلزبيٿ بيرٽ برائوننگ
انگلينڊ (١٨٠٦ع کان ١٨٦١ع)
ھن کي مشھور شاعر رابرٽ برائوننگ جي شاعريءَ سان
بي پناھھ محبت ھئي. ھن پنھنجي جواني ميلورن ھلز،
ڊيون ۽ لنڊن ۾ گذاري. ڪجھھ وقت لاءِ اپاھج بھ ٿي
وئي ھئي. ھن جي پيءُ پنھنجي ڌيئرن کي شادي ڪرڻ کان
جھلي ڇڏيو ھو ۽ جڏھن بيرٽ کي برائوننگ سان پيار ٿي
ويو ھو تھ ان سان ڀڄي وڃي شادي ڪيائين جنھنڪري کيس
سندس پيءَ ڪڏھن بھ معاف نھ ڪيو ۽ ھن باقي سموري
زندگي اٽليءَ ۾ گذاري. سندس سڀ کان بھترين شاعري
”اروراليھھ“ نالي آھي جيڪو ھڪ شاعراڻو ناول آھي،
جنھن ۾ ارورا جو مکيھ ڪردار خود ليکڪا جو ڪردار
آھي، جيڪو ھڪ شاعره ۽ فلسفيءَ جو ڪردار آھي. ھتي
ڏنل ٽڪري ۾ ھوءَ شاعريءَ جو اھو فرض ٿي ڄاڻائي تھ
اھا حال جي روز مره زندگيءَ جي عڪاس ھئڻ گھرجي.
ارورا ليھھ
نقاد چون ٿا تھ ”ايپڪ“ مري ويا آھن
مون کي انھن تي اعتبار ڪونھي.
آءٌ مڃي نٿي سگھان
تھ ھومر جا سورما ٻارنھن فوٽ ڊگھا ھوندا
آخر تھ اھي انسان ئي ھوندا!
ھن جي ”ھيلن“ جي مٿي ۾
ڪنھن بھ مـِس سمٿ وانگي
آخر اڇا بھ پيا ھوندا!
۽ ”ھيڪٽر“ جو ٻچڙو بھ رنو ھوندو
ھن جي ھيٽ جو کنڀ پٽڻ جي لاءِ.
جيئن گذريل جمعي جي ڏينھن تي
تنھنجي پٽ کيٽو ڪيو ھو
ٽرڪيءَ جو کنڀ پٽڻ جي لاءِ!
۽ سڀ سورما آخر انسان ئي آھن
۽ سڀ انسان امڪاني سورما آھن
ھر دَور جا پنھنجا پنھنجا!
ھر سورمو مناسب سگھھ رکي ٿو
ھر سورمي جا ٻئي رخ بھ ھوندا
ھو نيڪ بھ ھوندو تھ بد بھ ھوندو
ھو اڳ ڏسندو تھ پٺ بھ ڏسندو
ھو صبح جي اميد بھ رکندو!
ھا پر ائين بھ آھي تھ
ھر دور ۾ جي روح رھن ٿا
(ڪارلائل کان پڇي ڏسو)
تن کي سو بنھھ ڪونھ وڻي ٿو
جيئن اسان جو ھي دور ڏسو
شاعرن جو شعور ڏسو
دانشور ان کي ڄاڻن ٿا
آڱر سان نبض سڃاڻن ٿا
۽ چون ٿا
”ملاوت جو دَور آھي
پتل ۽ ٽامي جھڙن ڌاتن تي
سونا ورق چڙھيل آھن“
شاھوڪار ماضيءَ کان وانجھيل
پراڻي چوغي ۾ چتيءَ مثل آھي.
وچ وارو بدلجندڙ دَور بي معنيٰ،
ان جو سمورو ورثو بي مطلب آھي
سو ھنن کي ٿو شرمائي
پر آءٌ ڀانيان ٿي
ايئن سوچڻ ھڪ ڀل مثل آھي
صرف غلط سوچون ئي
ڪمتر شاعريءَ کي جنم ڏينديون آھن
ھر دور جون پنھنجون گھرجون آھن
***
ايملي برانتي
انگلينڊ (١٨١٨ع کان ١٨٤٨ع)
ايملي برانتي ڏاڍي خاموش زندگي گذاري، ھوءَ يارڪشائر ۾ رھندي
ھئي. سندس گھر جي ويجھو ھڪ قبرستان ھو، جنھن جي
چوڌاري وڏو خالي ميدان ھو، جنھن جي خاموشي ۽
پراسراريت ھن جي تخيل تي اثر انداز ٿي ۽ ھن
صوفياڻي شاعري ڪئي ۽ سندس شاھڪار ناول”ودرنگ
ھائيٽس“ لکڻ جو ماحول پيدا ڪيو.
اوسيئڙو
گھر خاموش آھي، سڀ ستل آھن
برف سان ويڙھيل وادين ۾
ھر طرف بس بادل آھن
جي ھوا کان ڊڄي ڊوڙن ٿا
۽ واچوڙن سان وکري وڃن ٿا
۽ ھوا سان وڻ ٽڙڪن ٿا
پنھنجي پناھھ گاھھ ۾ خوش ھرڪو
فرش تي وڇايل نرم گرم غاليچو
در درين مان ھوا ڪانھ ٿي اچي
ننڍڙو ڏيئو پڻ پيو ٽمڪي
ان سان پاڇا لرزن ٿا
آءٌ وٽ کي سوريان ٿي
جيئن صبح جي تاري وانگي
مسافرن کي ڏيئو راھھ ڏسي
ھوا جي جھوٽي وانگي
ھو ايندو، منھنجو پيارو
سندر سھڻو ۽ سگھارو
ھو مون سان پيار ڪري ٿو
پر اکر بھ ڪنھن سان ڪين سلي ٿو
ھو ڪنھن کان ڦاسڻ جو ناھي
ھن حياتيءَ ۾ ڪيئن سگھندس
ھن جا ھزارين ٿورا لاھي.
اي ننڍڙا ڏيئا، ٻرندو رھجان
جيئن روشني پکڙي چوڏس
شش – ڪو کنڀ لڏي ٿو
ڀانيان ٿي ھوا جو جھوٽو ھو
ھو جنھن جي راھھ نھاريان
شايد اھو ئي اچي ٿو
اي پراسرار قوت – تنھنجي سگھھ واھھ واهه
توکي بھ شابس ھجي اي منھنجي وفا!
***
ايملي ڊڪنس
آمريڪا (١٨٣٠ع کان ١٨٨٦ع)
ھيءَ گھڻو وقت پنھنجي پيءُ جي گھر ۾ اڪيلي رھي.
ڪيتري
ھمٿ افزائيءَ، چئو چواءُ باوجود ھن پنھنجي شاعري
پنھنجي حياتيءَ ۾ ڇپرائڻ ڪانھ ڏني. سندس موت کان
پوءِ سندس ڀيڻ ليوينا ھڪ پيتيءَ مان سندس ھزارين
نظم ڪڍيا جيڪي ھن ننڍڙن ڪاغذ جي ٽڪرن تي، شاپنگ جي
لسٽن ۽ رسيدن تي، ٽافين جي پنين تي ۽ لفافن تي لکي
ڇڏيا ھئا. ١٨٩٠ع ۾ پھريون ڀيرو اھي ڇپيا ۽ ١٩٥٥ع ۾
سندس سڀ نظم ڪل ١٧٧٥ ھڪ ڪتاب ۾ گڏي ڇاپيا ويا.
ھيءَ دنيا ۽ ھوءَ دنيا
مون محسوس ڪيو ھڪ لاش
پنھنجي ذھن اندر
۽ ان جاما تامي روئندي پٽيندي
ھيڏانھن ھوڏانھن ھلندي
تان جو ائين لڳم
منھنجا حواس گم ٿيندا ٿا وڃن
- ۽ پوءِ جڏھن سڀ ويھي چڪا
۽ ھڪ ماتمي نغارو وڳو
وڄندو رھيو، وڄندو رھيو
تان جو سمجھيم
منھنجو دماغ سُنَ ٿيندو وڃي
۽ پوءِ کڻندي ٻڌم
ھنن کي پنھنجو تابوت مٿي
منھنجو روح ھو ڄڻ ٽڙڪيو
ساڳين ”لوھي بوٽن“ سان وري
تان جو ڀانيم
سارو وايو منڊل ڦرندو ھجي
ائين لڳم
ڄڻ تھ سمورو عرش ڪو گھنڊ
۽ منھنجو وجود ڪَنَ ھجي
مون خاموشيءَ سان ڊوڙ پڄائي
آءٌ اڪيلي، تباھھ حال
۽ ”ھيءَ دنيا“
۽ پوءِ عقل جو ھو بُت ڀڳو
آءٌ پيھندي ويس پاتال ۾
ھيٺ، اڃا ھيٺ، گھرائيءَ ۾
۽ ھر جھٽڪي ۾ ھڪ نئين دنيا ڏٺم
ائين ختم ٿيندي ويس، ٿيندي ويس
تان جو ڄاتم
”ھوءَ دنيا!“
*** |