مون پنهنجي طويل نظم ”روٽس“ ۾ دنيا جي ٻين شاعرن سان گڏ ”سيفو،
ميران ٻائي، قرة العين ۽ امرتا سان گڏ سحر“ جو ذڪر
ڪيو آهي:
قرة العين – ”اَمرتا“ تائين
۽ ”سيفو“ کان ”ميران“ تائين
جوٺي جڳ جا ناتا ٽوڙي
سارا سڱ سياڪا ٽوڙي
پريت ريت جو ڌاڳو جوڙي
جڳ ڪلجڳ کي سپنو ڄاڻي
ڪنهن ڪوڙي جي ڪوڙ ڪهاڻي
جيون مٿيس مايا سمجهي
مايا ڇل ۽ ڇايا سمجهي
ميران ٻائي جو ڳڻ بڻجي
يڪتاري جي تند تپائي
هري نام جا ڀڄن سڻائي
ملڪي حد بندين مان نڪري
سمئه جي سيمائن مان اُڪري
جوٺي جڳ ۾ سچي ساڻيهه
سنڌڙيءَ لئه سا ”سحر“ ٿئي ٿي!
”ماڳڊا پور گل“ جي رچنا ”شڪ“ جون هي سٽون – وڍيندڙ سٽون:
ڊپ جي سنهڙي بليڊ سان وڍيل اکيون
ڏرا ڏنل آخري حد تائين ڊنل اکيون
اهي ڊپ جي سنهڙي بليڊ سان وڍيل، ڏرا ڏنل ۽ آخري حد تائين ڊنل
اکيون هن مهل به انهن سٽن مان اسان کي گهوري رهيون
آهن ۽ اجهٽ لاءِ به ڇنڀجن نه ٿيون.
”انسان جي ماءُ“ پڙهي الاءِ ڇو مون کي زينت صديقيءَ جو ڳايل لوڪ
گيت ”ڇو ٿي ڄڻئي اهڙيون ڌيئر امان“ ياد اچي ويو.
اها به ڏاڍي گهري رچنا آهن. مهڙ ۾ ان جون ئي ٻه
سٽون ڏنيون اٿم. هتي ساڳيون سٽون وري ڏيان ٿو:
ماڻهو ٿيڻ ڏکيو آ
ماڻهو، ماڻهوءَ جو ڀاءُ نه چاقو آ!
هتي ”ماڻهو“ کي چاقوءَ
/
چاقوءَ کي ماڻهوءَ سان تشبيهه نه ڏني وئي آهي، بلڪ
ان کي ”چاقو“ چيو ويو آهي، جيڪو ڪُهي ٿو! ڇاڪاڻ ته
”چاقو“ ته هڪ بي جان شيءِ آهي ۽ انسان جي ئي ايجاد
آهي. ڳالهه ان جي استعمال جي آهي، بلڪ ان هٿ جي
آهي، جيڪو ائين استعمال ڪري ٿو:
ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه، ڳنُ وڍيندڙ هٿ ۾!
اهو ڪَوڙو سچ نه رڳو ”انسان جي ماءُ“ رچنا جي دور جو آهي، شاهه
سائينءَ جي دور جو آهي، پر موجوده دور جو به سچ
آهي!
شاعريءَ کي پنهنجي هڪ طاقت آهي. ان جو اثر وقت جي سراڻ تي چڙهي
وڌيڪ تکو ٿي ٿو وڃي. شاعريءَ جي حوالي سان ان کي
ئي دائميت چئجي ٿو:
منهنجي دل تو کان باغي آهي
اڌ دل تو کي ڌڪاري ٿي
اڌ دل کي تو سان پيار به آهي!
اها ئي دل – اڌو اڌ دل – اسان
/
اوهان جي سينن ۾ اڄ به ڌڙڪي رهي آهي.
”وطن جي ياد“، ”الوداع اي وطن“، ”منهنجا مٺڙا بابلا“ ۽ ”وڃڻ
مهل“ به ڏاڍا گهرا ۽ اهم نظم آهن. انهن مان هڪ نظم
۾ هڪ ڌرتيءَ جي ڌيءَ پنهنجي وطن لاءِ هڪ وڻ ٿي
پوکي ۽ چئي ٿي ته انهيءَ کان وڌيڪ هوءَ ڇا ٿي ڪري
سگهي؟ هن جي شاعريءَ ۾ اهو پنهنجي وطن لاءِ پوکيل
وڻ اڄ چهچ سائو سدائين لاءِ هڪ سرسبز استعارو. ڇا
اسين پنهنجي وطن لاءِ هڪ وڻ نٿا پوکي سگهون. ”وڻ“
جيڪو صدقهء جاريه آهي. پر اسان ته وڻ ڇا ٻيلا وڍيا
آهن!
”وَهِي ويندڙ وَهي به لهندڙ وير وانگي آهي
– جيڪا وري نٿي وري!“
(لهندڙ وير)
پر ”ويل وقت“ ۽ ”لهندڙ وير“ کي وارڻ جو ڪرشمو صرف ۽ صرف شاعريءَ
۾ ئي ممڪن آهي.
ائين وقت اڏامي ٿو، کڻي وڃي ٿو
سال سمورا، حياتيءَ جا پل
ڇا اسين به گل ڪنداسين وري ٽڙنداسين؟
يقيناً نه. ڇو ته:
موت کان سوا ڪجهه به يقيني نه آهي!
شاهه گدا لاءِ ساڳي سا مهل
موت نه ڪندو آهي ڪنهن تي ڪڏهن ڪا ڪهل!
پر اسين چئي سگهون ٿا ته شاعريءَ کي، جيڪڏهن اها شاعري آهي ته،
موت نه آهي، فنا نه آهي. اهڙي ئي امر
/آفاقي
شاعري هن ڪتاب ”دنيا جون شاعر عورتون“ ۾ آهي.
پنهنجي مڪمل سونهن، تازگيءَ ۽ توانائيءَ سان!
امداد حسيني
ڄام شورو – سنڌ
١٧ سيپٽمبر ٢٠٠٦ع
ٻه لفظ
اهو سچ آهي ته هن معاشري جي ابتدا کان وٺي اڄ ڏينهن تائين عورت
مرد کان وڌيڪ ڀوڳيو آهي. اڄ به ڌيءُ ڄمڻ تي نه پر
پٽ ڄمڻ تي خوشيون ڪيون وينديون آهن ۽ سهرا ڳايا
ويندا آهن.
آدم ۽ حوا کان اڄ ڏينهن تائين هن ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي
جاگرافيائي ۽ تواريخي تبديليون ته آيون آهن، وهڪرن
گس بدلايا آهن، نيل ۽ فرات کان وٺي سنڌو نديءَ
ڪيئي شهر ٻوڙي ڇڏيا آهن ته ڪيئي آباد ڪيا آهن.
ڪيئي تهذيبون ختم ٿي چڪيون آهن ته ڪيئي جنم وٺي
چڪيون آهن. سائنس ترقي به ڪئي آهي ته تباهي به
آندي آهي، پر ازل کان ابد تائين انسان جي من جي
دنيا ۽ احساسن جي ڪائنات ۾ ڪا به اهم تبديلي نه ٿي
آهي. عشق، محبت، پيار، نفرت ۽ ڌڪار، ڳوڙها، کلڻ،
مرڪڻ، روئڻ، جنگين ۽ جهادن جي تذڪرن، مذهبي
ڪٽرپڻي، جهاد ۽ ان جي نالي تي ٿيندڙ بربريت ۽
بربادي ۽ اهڙين ٻين حقيقتن ۾ ڪو به فرق نه آيو
آهي.
هومر کان وٺي حسن درس تائين ۽ سيفو کان وٺي پشپا ولڀ ۽ ارم
محبوب تائين شاعريءَ جا موضوع ساڳيا رهيا آهن.
محبت، عشق، جدائي، قرب، ظلم ۽ تشدد خلاف جدوجهد جو
آواز يا وطن دوستي ۽ جنگين جا قصا - اسلوب بدلجن
ٿا، ڏات ۽ ڏانءُ ۾ فرق آهي پر جذبن، احساسن،
موضوعن ۽ حالتن ۾ هڪجهڙائي آهي.
ستين صدي عيسوي جي عرب شاعره الخنساء جو پنهنجي جنگجو ڀاءُ جي
موت تي لکيل ڪيڏارو، ڀٽائيءَ جي ڪيڏاري کان ڪنهن
به طرح مختلف ناهي.
نائين صدي عيسويءَ جي بزنطيني يونان جي شاعره ڪاسيه جڏهن چوي
ٿي:
”دولت گناهه کي ڍڪي ٿي
۽ غريب سُئيءَ وانگر اگهاڙا آهن.“
ته مون کي ڀٽائيءَ جو اهو بيت ياد اچي ٿو ته:
پاڇائي نه پاڙيان، سرتيون سُئيءَ ساڻ،
ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ.
جپان جي شهزادي شڪيشي جڏهن ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ چوي ٿي ته:
”چيريءَ جا ڳاڙها گل
سرهاڻ وڃائي چڪا آهن
توکي ته اچڻ گهرجي ها،
هوا کان به اڳ، مٺل!“
ته ڀٽائيءَ جو هي بيت ازخود ئي دماغ تي تري ٿو اچي ته:
سَر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون.
***
جڏهن ادي (ڊاڪٽر) فهميده حسين مون کي فون ڪري چيو ته ادا مون هڪ
انگريزي ڪتاب، جنهن ۾ دنيا جي شاعرائن جو ڪلام
آهي، سو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي توهان مهرباني ڪري
اهو نظر مان ڪڍي ڏيو ۽ پنهنجي پاران به ٻه لفظ لکي
ڏيو ته سچ پچ مون کي ڏاڍي خوشي به ٿي ۽ ڪجهه عجب
پڻ لڳو.
خوشي ان ڳالهه تي، ته اسان جي پياري ۽ سڄاڻ ڀيڻ پهريون ڀيرو مون
کي ڪو ڪم چيو آهي، جڏهن ته مون کوڙ ڀيرا کين تڪليف
ڏني هوندي. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي ماهوار
پروگرامن ۾ ليڪچر ڏيڻ، مهتاب اڪبر راشديءَ سان
ملهايل شام ۾ پيپر پڙهڻ وغيره لاءِ.
مان ۽ منهنجا سنڌي ادبي سنگت جا ٻيا دوست سٺن ادبي پروگرامن ۾
ڪنهن اديب عورت کان سٺي مقالي پڙهائڻ جو جڏهن
سوچيندا آهيون ته هن گوناگون شهر ۾ پهريون نالو
جيڪو ذهن تي ايندو آهي سو آهي فهميده حسين جو. پاڻ
ايتري ته سدوري (Graceful)
آهي جو مجال آهي جو کڻي ڪنڌ ڪڍرائي. ”ها ادا“،
”حاضر ادا“ اها آهي اسان جي معروف اديب ۽ پروفيسر
ڊاڪٽر فهميده حسين.
عجب ان ڳالهه تي لڳم ته ڊاڪٽر سورلي جي ڪتاب ڀٽ جو شاهه
Shah Abdul Latif of Bhit
جي ترجمي کي نظر مان ڪڍندڙ ۽ سڌاريندڙ هڪ
پي.ايڇ.ڊي ڊاڪٽر جي پورهئي کي وري مان نظر مان
ڪڍان ۽ ان تي ٻه اکر به لکان سو ڪهڙي قانون ۾؟ مون
اخبارن ۾ چؤسٽن لکڻ ۽ ڪجهه ڪچي ڦڪي شاعريءَ کان
سواءِ ٻيو ڪيو ڇاهي جو علم، ادب، صحافت ۽ شاعريءَ
جي هڪ ئي وقت اهڙي سُريلي، سُڄاڻ، سگهڙ ۽ سانده،
لڳاتار ۽ گهڻي ۽ معياري تخليقڪار ليکڪا بابت لکان!
سچل سائينءَ چيو هو:
”ماٺ ڪريان ته مُشرڪ ٿيان، ڪُڇان ته ڪافر.“
انڪار ڪرڻ جي ته گنجائش هئي ڪانه سو کڻي چيم ”ادي حاضر.“
مَسودو ادي انيس ميمڻ (انيسه رحمٰن) هٿان مليو جيڪا سندس ڀيڻ به
آهي ۽ پاڻ به سٺي شاعره ۽ ليکڪا آهي.
مَسودي سان گڏ جيڪڏهن اصل انگريزي ڪتاب به ملي سگهي ها جنهن تان
هي ترجما ڪيا ويا آهن ته شايد مون کي ڀيٽ ڪرڻ ۾
آساني ٿي پوي ها پر مون جڏهن سمورو ترجمو پڙهي
پورو ڪيو ته ڄڻ مون اِن ڳالهه جي ضرورت ئي محسوس
نه ڪئي ته ڪو اصل ڪتاب هجي ها.
ترجمي ۾ ٻولي، سٽاءُ، ردم ۽ ان جي موسيقيت کي برقرار رکيو ويو
آهي. ڏکين انگريزي لفظن توڙي محاورن کي نج سنڌي
لفظ ڏئي شاعرن جي اصل جذبن جي ترجماني اهڙي نموني
ڪئي وئي آهي جو ان جي روح ۽ جذبي کي لهس نه آئي
آهي.
شهرن ۾ رهندڙ سنڌين جي ٻوليءَ جو اڪثر خانو خراب ٿي ويندو آهي ۽
ان تي اردوءَ جو اثر حاوي ٿي ويندو آهي. پر ڇو ته
ادي فهميده جو تعلق اهڙي گهراڻي سان آهي جتي علم ۽
ادب جا واهڙ وهن ٿا، تنهنڪري سندس قلم جي ڌارا به
اهڙي تز، تکي ۽ تيز آهي جهڙو مهراڻ جو وهڪرو. سندس
ٻوليءَ ۾ شهري اثر بنهه ڪونه ٿو ڏسجي.
شاعريءَ جو ترجمو، نثر کان ڏکيو ۽ مشڪل هوندو آهي ڇو ته شاعريءَ
۾ موسيقيت (Rhythm)،
نظم، ضبط، لفظن جي پابندي ۽ اهڙو جڙاءُ هجي ٿو
جيئن ڪو هار هجي. ترجمي جو مطلب ٿيو ته ان هار جي
تند کي ٽوڙي ان کي ٻيهر ٻئي ڌاڳي ۾ پوئڻ - اصل
سرجڻهار جي جڙيل هار کي جڏهن ٻيو سرجڻهار ٻئي ڌاڳي
۾ پوئي ٿو ته اصل ۽ نقل جو فرق ضرور بيهي ٿو.
شاعري خوشبوءِ مثال آهي. جيئن خوشبوءِ جي احساس جو
ترجمو نه ٿو ٿي سگهي اهڙي طرح ترجمو ڪندڙ اصل شاعر
جي مطلب کي ته ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪري سگهي ٿو پر
ان جي خوشبوءِ ۽ اونهي احساس کي نه.
غير ملڪي ۽ ڌاري زبانن جي شاعري، اُن جي محاورن، استعارن ۽
تشبيهن کي سنڌي زبان ۾ آڻڻ ۽ احساسن جي اصلوڪيت
قائم رکڻ ته آهي ئي مشڪل ڪم. پر اسان سنڌي زبان جي
مَهان شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي اردو توڙي
ٻين زبانن ۾ ترجمن کي ئي مثال بڻايون ته انهن ۾
خود ايتري ٻاڙائي آهي جو مفهوم ته ڇڪي تاڻي سمجهه
۾ اچي ٿو وڃي پر اها چَسَ، اهو چاههُ، اهو روح جي
گهرائيءَ تائين گهڙي ويندڙ احساس ترجمن منجهان نه
ٿو اڀري، جيڪو شاهه جي اصل بيتن منجهه سمايل آهي.
اصل ڪتاب
“The Penguin book of women Poets”
جي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ هن ريت اظهار ڪيو ويو آهي:
”اسان تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته جيئن وڌ ۾ وڌ ثقافتن مان شاعري
ڏيئي سگهون پر ان جي باوجود ائين نه ڪري سگهياسون
ڇو ته انهن جا معقول ترجما نه ٿي سگهيا.“
شاعريءَ جي ترجمن جي انهن سڀني ڏکيائن جي باوجود ايڏي وڏي تعداد
۾ شاعرائن جو ايتري ٿورڙي عرصي ۾ ايڏو سُٺو ۽ سُوڌ
ترجمو، ساڳيوئي شاعراڻي يا نثراڻي نظم ۾ اهڙي
انداز ۾ ڪرڻ جو اصل شاعريءَ جي مفهوم جي احساس ۽
سچائيءَ کي به لهس نه اچي، هر ڪنهن جو ڪم نه آهي.
قبل مسيح کان وٺي دور حاضر جي مختلف ملڪن جي سَوَن شاعرائن کي
ترجمو ڪري هڪ هنڌ سهيڙي وري انهيءَ ۾ شروعاتي دور
کان وٺي اڄ تائين لکندڙ يقيناً چاليهارو سنڌي
شاعرائن جي شاعري ۽ سندن مختصر تعارف کي ساڳئي
ڪتاب ۾ يڪجا ڪري ليکڪا، ايڏو ته ڪارنامو ڪيو آهي
جنهن سان نه فقط اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾
غير ملڪي ۽ سنڌي شاعري پڙهندڙ ۽ تحقيق ڪندڙ شاگردن
جي رهنمائي ٿيندي پر هر ادب کي به پرڏيهي توڙي
سنڌي عورتن جي شاعريءَ ۾ شروع کان وٺي اڄ تائين ۽
هينئر به گهڻو لکندڙ شاعرائن جي نه فقط شاعري پڙهڻ
۽ سمجهڻ ۾ مدد ملندي پر انهن جي زندگين بابت ڏنل
ٿوري گهڻي ڄاڻ مان پڻ فائدو حاصل ٿيندو.
تسنيم يعقوب ۽ ادي فهميده حسين (ساڳي ڳالهه آهي) سنڌي ادب ۽
صحافت ۾ جنهن نهٺائيءَ سان ۽ سواءِ ”مان“ جي اعلان
ڪرڻ جي، خدمت ڪري رهي آهي ۽ لڳاتار لکڻ ۽ معيار
قائم رکڻ جي جيڪا خوبصورت روايت رکي آهي، تنهن جي
نتيجي ۾ کيس نوبل پرائيز ملي نه ملي باقي لکيل
پڙهيل سنڌي معاشري ۾ هوءَ نهايت اعليٰ مقام حاصل
ڪري چڪي آهي ۽ سڀڪو کيس وڏي عزت جي نگاه سان ڏسي
ٿو.
اهو ئي وڏو انعام آهي.
هدايت بلوچ
ڪراچي
مهاڳ
گهڻا سال اڳي، منهنجي هڪ جنم ڏينهن تي هميشه وانگي ادا سراج هڪ
ڪتاب آڻي ڏنو هئم ”دي پينگئن بڪ آف وومين پوئيٽس“
جي نالي سان ۽ چيو هئائين ته اهو ترجمو ڪري سنڌيءَ
۾ ڇپرائڻ جهڙو ڪتاب آهي، مون ڪتاب پڙهيو ۽ ان کي
ترجمو ڪرڻ جو به ارادو ڪيم پر پوءِ ڪجهه مصروفيتن
وڌڻ ڪري اها ڳالهه دل تان ئي لهي ويم ۽ ويجهڙائيءَ
۾ جڏهن گهر پئي شفٽ ڪيم ته اوچتو ان ڪتاب تي نظر
پيم، بس پوءِ پڪي ارادي سان ترجمو شروع ڪيم ۽ نيٺ
هي ڪتاب مڪمل ٿي توهان جي هٿن تائين پهتو.
هن ڪتاب ۾ اڍائي ٽن هزار سالن جي عرصي تي ڦهليل عورتن جي پيڙائن
جي تاريخ آهي. هن ۾ عيسوي سن کان به اڳي جي
شاعرائن کان وٺي ويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين –
يونان جي سيفو کان وٺي هندستان جي امرتا پريتم
تائين جي شاعر عورتن جي خيالن، جذبن ۽ احساسن ۾
هڪجهڙائي حيرت ۾ وجهندڙ آهي. هن ۾ سماجي سطح تي
عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ ظلمن زيادتين جو هڪ
لاڳيتو سلسلو نظر اچي ٿو. ڇهين صدي ق.م ۾ يونان جي
قديم شاعر سيفوءَ ننڍڙي نياڻي ٽماس جو جيڪو حال
لکيو آهي، اسان وٽ اڄ به ساڳيو حال آهي. نياڻين
نماڻين جو.... پنجين صدي ق.م ۾ ”ڪورينا“ نالي شاعر
پنهنجي سماج ۾ مرد شاعرن اڳيان ڪنهن عورت جي شاعري
ڪرڻ کي ڏوهه جهڙو سمجهڻ واري خيال کي پڌرو ڪيو
آهي. اسان وٽ اڄ به عورتن جي اظهار تي پابنديون
آهن ۽ جيڪڏهن ڪا عورت اهڙي سگهه ساري به ٿي ته
نقاد سندس فن کي پرکڻ مهل هڪ لحظي لاءِ به اهو
ڪونه وساريندا آهن ته اها هڪ عورت آهي. ٻي صدي
عيسويءَ جي ”سائي يين“ جي شاعري پڙهي خبر پوي ٿي
ته ان دور ۾ به عورتن کي اغوا ڪيو يا کڻايو ويندو
هو ۽ کين زوريءَ سريتون بڻايو ويندو هو. اڄ به
اسان وٽ ائين آهي ۽ سماج ۾ عورت جي مرضيءَ جي ڪا
اهميت ڪانهي. اينگلو سيڪسن (پراڻي انگريزي) جي
يارهين صديءَ جي هڪ شاعره ”زال جو ڏک“ لکيو آهي
جيڪو هزار سال گذرڻ کان پوءِ به بلڪل تازو آهي -
اڄ به ڪيئي زالون اهڙو ڏک ڀوڳين ٿيون. ساهرن جا
سهم، طعنا، مهڻا، مڙس جي دوري ۽ مجبوري اڄ به زال
ذات سان لڳل آهن. ٻارهين صديءَ جي هڪ ڪوريا جي
شاعر جو نظم ”ترڪي بيڪري“ پڙهي سماج جي مختلف طبقن
طرفان عورت سان ٿيندڙ ويساهه گهاتيءَ بابت معلوم
ٿئي ٿو. اڄ به گهر کان ٻاهر ڪنهن ڪم ڪار لاءِ
نڪرندڙ عورتن کي ماڻهو اکين سان، هٿن سان ۽ اشارن
سان ائين ئي تنگ ڪندا آهن ۽ اڄ به سندن خلاف
ڳالهيون پکيڙيندڙن جو ڪو انت ڪونهي. اڪيلائيءَ جو،
بيوفائين جو، پيار ۾ دوکا کائڻ جو ۽ وري جسماني
قيد بند سهڻ جو سلسلو اڄ به جاري ۽ ساري آهي. هن
ڪتاب پڙهڻ سان جتي اها خبر پوي ٿي اتي اهو به
معلوم ٿئي ٿو ته شاعر عورتن نه صرف پنهنجا – عورتن
جا ڏک سور پيش ڪيا آهن پر ڌرتيءَ جي ڏکن سورن کي
به اندر ۾ محسوس ڪيو آهي، پنهنجن اباڻن ۽ پنهنجن
ديس واسين جي پيڙائن کي به اندر ۾ اوتي لکيو آهي.
١٩ صديءَ جي ڪيوبا جي جلاوطن شاعر وطن ڇڏڻ مهل
جيڪو درد محسوس ڪيو آهي اهو اندر ۾ وڍ وجهيو ڇڏي -
چوي ٿي:
الوداع! منهنجا وطن، منهنجا عدن
جي ڪڏهن مون ساڻ قسمت ڪاوڙي
تنهنجو مٺڙو نالو منهنجو من پرڀائيندو
منهنجي دل ۽ روح کي ريجهائيندو.
يا جيئن برلن جي يهودي شاعر پنهنجي وطن مان نازين جي ڊپ کان ڀڄي
فلسطين پهچي ٿي ته اوپري ماحول، اوپري ٻوليءَ ۾
ڪيئن ٿي محسوس ڪري ۽ ڪيڏي درد مان ٿي چوي:
آڪاس ۾ رلندڙ بادلن کي
ڇا چوان نه ٿي ڄاڻان
وطن جي تارن جي تصور کي ٿي چمان
ته منهنجا چپ چمڪي ٿا پون.
آئوَري ڪوسٽ جي انوهاڪاني نالي شاعر پنهنجي نيگرو نسل ۽ ڪاري
چمڙيءَ واري قوم لاءِ ڇا ٿي محسوس ڪري ۽ ان ڌرتيءَ
لاءِ ڪيئن ٿي سوچي جنهن ۾ سندس جڙون کتل آهن سو
سندس نظم ”آفريڪا تو جيڪي ڪجهه مون کي ڏنو آهي“
پڙهي مون کي اياز جون هي سٽون ياد اچي ويون؛
جت لڪ لڳي جت اڪ تپن
سو ديس مسافر منهنجو ڙي.
جت سج ڦلا ٿي نڪري ٿو،
۽ آڳ الا ٿي نڪري ٿو
جت ڏينهن ڪڙهائيءَ جيئن
ڪڙهن
سو ديس مسافر منهنجو ڙي.
آفريڪا جي پس منظر ۾ انگريزيءَ ۾ به هڪ ترانو آهي. ”ڪم بئڪ
افريڪا“ جنهن جي طرز تي فيض احمد فيض به هڪ نظم
لکيو هو ۽ سنڌيءَ ۾ نورالهديٰ شاهه به هڪ ڪهاڻيءَ
تي اهو ساڳيو عنوان رکيو هو. ان نظم پڙهڻ سان
نڙيءَ ۾ ڪنڊا چڀڻ ٿا لڳن ۽ مارئيءَ جو وچن ٿو ياد
پوي ”جيها جي تيها، مون مارو مڃيا“.
انهن موضوعن کان سواءِ ڪيترين شاعر عورتن فلسفي، عشق ۽ ٻين
تجريدي موضوعن تي پڻ لکيو آهي. منجهن حقيقت پسندي
به نظر اچي ٿي ته رومانويت به موجود آهي. فني لحاظ
کان به انهن ۾ ڪا ڪچائي ڪانه ٿي نظر اچي، گهٽ ۾
گهٽ انگريزي ترجمي مان اهڙي ڳالهه محسوس ڪانه ٿي
ٿئي. هنن نثري نظم به لکيا آهن ته پابند شاعري به
ڪئي آهي، پنهنجي پنهنجي دور جي رجحانن، تحريڪن ۽
خيالن جي به عڪاسي ڪئي آهي.
هن ڪتاب ۾ اها دعويٰ ڪيل آهي ته اهو دنيا جي تقريباً سڀني خطن
جي شاعرائن کي شامل ڪري ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته هنن
هندستان جي شاعرائن کي شامل ڪري ائين سمجهيو هجي
ته اهو خطو (هندو پاڪ) اچي ويو پر ته به مون کي
سنڌ کي نه شامل ڪرڻ جو ٿورو دل ۾ ڏک رهجي ويو،
بلڪه ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي ڪنهن به صوبي جي ڪا به
شاعره هن ۾ شامل ڪانهي. ايتريقدر جو اردو ٻوليءَ
کي به شامل ڪونه ڪيو اٿن، ان ڪري مون پنهنجي هن
مهاڳ ۾ سنڌ جي شاعرائن جو مختصر احوال ۽ سندن
شاعريءَ مان مثال ڏئي انهيءَ ڪميءَ کي پوري ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن اهي رڪارڊ تي اچن.
اسان وٽ لوڪ شاعريءَ جون ته اڪثر صنفون آهن ئي عورتن جون چيل،
جن ۾ لولي، ڳيچ، سهرا، لوڪ گيت ڪوڏاڻا، انيڪ
چوڻيون، ٻاراڻا ٻول شامل آهن، پر باقاعده شاعريءَ
۾ به ٻي سموري معلوم شاعريءَ جيان عورتن جي شاعري
سومرن جي دور کان ملي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي پهرين
معلوم شاعر سومرن جي دور ۾ يعني ستين صدي هجري
(اٽڪل
12صدي
عيسوي) ڌاري ٿي گذري آهي جنهن جو نالو هو ”مائي
مرکان شيخڻ.“
سندس ڪلام تي مشتمل هڪ ڪتاب ”ڪلام مرکان شيخڻ“ نالي سان
1971ع ۾ محمد سومار شيخ بدين مان ڇپرائي پڌرو ڪيو جنهن ۾ سندس سوانح عمري، همعصر
دور ۽ ان جا ٻيا شاعر ۽ سندس ڪلام جو نمونو ڏنل
آهي.
هيءَ شاعره درگاهه شيخ قرهيي ڀانڍاريءَ سان وابسته هئي جيڪا
سومرن جي آخري تختگاهه روپا ماڙيءَ کان ٽي چار ميل
پري اوڀر اتر طرف آهي.
مرکان شيخڻ جي مڙس جو نالو راڌڻ هو ۽ سندس ذات چاوڙو هئي ۽ پاڻ
ذات جي پڻياڻي هئي، پنهنجي مرشد شيخ قرهيي
ڀانڍاريءَ جي ڪري شيخڻ سڏبي هئي. هن جو گهڻو ڪري
سمورو ڪلام پنهنجي مرشد جي عقيدتمنديءَ ۾ چيل آهي.
سندس ڪجهه ٻول هن ريت آهن؛
هيءَ ڪانڊيرڙي لس، هيءَ واسيرڙي وس
ڀانڊاري ڏٺم سک پار ۾، آءٌ کلندي ڪڏندي اچان.
ان کان سواءِ مختلف موقعن تي پنهنجي پير جي ساراهه ۾ چوي ٿي:
ٻيڙو قرهيل پير جو
زوران زور ڀريو
لک مبارڪون شيخن کي
جنهن جي پاس لڙيو
نماڻيون اکڙيون
ائين ستيون ڪوهه ڪريو
مون نماڻيءَ جو ڀاڳ وريو
چشمن ساڻ چمان
قرهيل چوڙ جهليو
نماڻيون اکڙيون
ائين ستيون ڪوهه ڪريو
مون ولهيءَ کي
وارث جاڳائي ڏيو
اڇا پڙ قرهيل جا
اڇو پاڻ رسول ڙي!
قبي مٿي ڪونجڙي
پئي لامارا ڏي
مريد سڏايم ڦٽرا
پيرل تنهنجي در تي
پير سڀئي مصريون
هلو ڄام ڏاتار تي.
انهيءَ کان سواءِ مرکان ڳيچ به چيا آهن جيڪي اڃا تائين ان
درگاهه تي مريدياڻيون ڳائينديون آهن.
ارغونن جي زماني ۾ هڪ شاعره ”مائي ساران“ جو نالو به ملي ٿو
جنهن جي مڙس کي سرڪار بي گناهه سزا ڏني جنهن سبب
هو ٻيلي ڏانهن ڀڄي ويو ۽ وڃي ڌاڙيل ٿيو. سندس
جدائيءَ ۾ مائي ساران ڪجهه ڪلام چيو جيڪو وقت جي
دز ۾ گم ٿي ويو البت هڪ ٻي شاعره ”جادل جتڻي“ نالي
ٿي گذري آهي جنهن جو هڪڙو ”ڇلو“ ملي ٿو. هن شاعره
لاءِ چون ٿا ته تمام خوبصورت هئي ۽ جنهن زماني ۾
شاهه شجاع سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي ان زماني ۾ پنهنجي
تر ۾ پنهنجي سونهن سبب مشهور هئي. سندس ڇلي جا ٻول
آهن؛
ڇلا پورب پتڻي،
جيوي جادل جتڻي
جنهن جي ته نٿ آهي نچڻي
شاهه لطيف جي دور ۾ ”مائي نعمت“ پڻ ٿي گذري آهي جنهن کي شاهه
صاحب جو سمورو ڪلام ياد هو ۽ پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن
ڪلام چوندي هئي پر اهو موجود ناهي.
انگريزن جي دور ۾ به ڪي شاعر عورتون ملن ٿيون. پني عاقل جي پاسي
هڪ شاعر غلام فاطمه لعل نالي ٿي گذري آهي، جنهن
1925ع
۾ وفات ڪئي. سندس مڙس جوانيءَ ۾ مري ويو هو جنهن
جي غم ۾ شاعري ڪيائين جيڪا سندس جذبن جي عڪاسي ڪري
ٿي:
رهندس ڪانه منجهه ڀنڀور، پنهل پڄاڻا جيڏيون،
نڌر ڇڏي ويا ننڊ ۾، ڪانه ڪيائون تڪ تور،
ور وٺي ويا وڻڪار ڏي، ڏني چانگن کي چور،
هزارين هوتن جا، اٿم هينئڙي ۾ هور،
ڪنهن سان ڪنديس ڳالهڙيون، رڙيندس اور،
لطف ڪجا لعل مٿان، مديني جا مور.
ان کان پوءِ شڪارپور جي هاسي ٻائي عرف رڪي ٻائي عرف ”نماڻو
فقير“ سچل جي مريدياڻي ٿي گذري آهي. جنهن سچل کان
متاثر ٿي صوفياڻو ڪلام چيو آهي. هن ١٩٢٥ع ۾ سچل جو
هڪ رسالو به مرتب ڪري ڇپايو هو. هوءَ ١٨٨٨ع ۾ ڄائي
۽ سندس وفات ١٩٦٣ع ۾ بڙودي (هندستان) ۾ ٿي. سندس
هڪ ڪافي آهي؛
اديون عشق نه اٿوَ آسان
پر جي پيو پير ان ميدان
جيڪا سڪ جو سبق پڙهندي
دنيا کان سا منهن موڙيندي
طعنا تنڪا سر تي سهندي
ڏاج ڏکن جو پلئه پائيندي
اديون عشق نه اٿو آسان.
هن ئي دور ۾ لاڙڪاڻي جي پاسي جي هڪ شاعره ”ڀڳواني“ نالي پڻ ملي
ٿي جنهن پڻ مڙس جي موت کان پوءِ سندس ياد ۾ شاعري
ڪئي؛
پتي پران پيارا کپي ڌيان تنهنجو
اندر ۾ رهي سدائين گمان تنهنجو
اڪيلو ڪري مون کي موهن وئين تون
سنڀاري ٿي داسي، درشن جي پياسي.
هڪ ٻي شاعره ”ڀڳوان داسي“ جي شاعريءَ ۾ به وڇوڙي جا ورلاپ ملن
ٿا. اها پڻ انگريزن جي دور ۾ ٿي گذري آهي:
پرين منهنجا پيارا پياسڻ ڇڏي وئين
ڏئي ڏکڙا ڏاتر ڏهاڳڻ ڇڏي وئين
ڪيل قول پنهنجا نه پاڙيئي پريم
اڪيلي ڪري ڇو اڀاڳڻ ڇڏي وئين.
”راما ٻائي“ نالي هڪ شاعره پڻ ٿي گذري آهي. سندس ڪلام جو نمونو
هتي ڏجي ٿو:
ڇڏيو نه داسي وساري ديالو
سگهڙي لهجو منهنجي سنڀار
عيب اوڻايون مون ۾ اپار
ڄاڻو ٿا ڄاڻڻهار
مهر ڪريو مسڪين تي
سوامي مالڪ مون منٺار
پنڌ ڪرڻ جي پهچ ناهي
پريتم جي ٻڌجو پڪار
وار وار ڪري وينتي
”راما“ ڪجو نه چرنن کان
ڌار.
هن دور ۾ ”ڪملا ڪيسواڻي“ هڪ ڪاليج ۾ پڙهيل عورت پڻ شاعره هئي ۽
اڪثر رسالن ۾ باقاعده شاعري ڪندي هئي. هن ڪجهه
تنقيدي مضمون پڻ لکيا آهن. هن جو هڪ مزاحيه نظم
ڏاڍو مشهو ٿيو هو جنهن جو نالو هو ”گوگڙن جي
ڀاڄي:“
ڇاتيءَ جو ٺار آهي ڀاڄي ته گوگڙن جي
ماکيءَ جي لار آهي ڀاڄي ته گوگڙن جي
آلو به آهن سوادي پر ڪجهه اثر ۾ بادي
دل جو غبار لاهي ڀاڄي ته گوگڙن جي.
توريون پسند ڪن کي، ڪن کي وڻن پڪوڙا
منهنجو آڌار آهي ڀاڄي ته گوگڙن جي.
”گوپي هڱوراڻي“ نالي شاعره جو هڪ نظم ”مکڙي“ نالي عورتن جي
آزاديءَ جي لاءِ باقاعده پهريون اظهار چئي سگهجي
ٿو جيڪو ڪنهن عورت ڪيو آهي. هن علامتي انداز
اختيار ڪيو آهي جيڪا شايد وقت جي ضرورت هئي:
مکڙي
هن بند ۾ اي باندي
آهين اجايو ماندي
تو لئه ڪڏهن آزادي؟
سائو لباس لاهي
ٻاهر آءُ ڪوٽ ڊاهي
پنهنجو پسائي مکڙو
راڻي ايڏو ڇو نخرو
آئي آهي رُت بسنتي
هر چيز ۾ آهي مستي
هر جاءِ آهي هٻڪار
۽ آهي پرينءَ جي پچار
لوئي هيءَ لال اوڍي
پنکڙيون هوا ۾ لوڏي
سڳنڌ سونهن وڌاءِ
جيون سندءِ وڌاءِ.
سنڌيءَ ۾ جنهن پهرين شاعر جو شاعريءَ جو ڪتاب ”لهرون“ نالي ڇپيو
سا هئي ”سندري ٽهلراماڻي“. هيءَ ڊي جي ڪاليج جي
شاگردياڻي هئي ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ شاعري ڪندي هئي.
هن جو هڪ نظم انسان بابت هن ريت آهي؛
دل جي اٿاهه درياهه اندر ٽٻيون هڻين ٿو
انمول موتي آڻي دنيا اندر رکين ٿو
ڪڏهن ڪرين ٿو الوليون ڪڏهن اداس آهين
يا جڳ کي ڏين دلاسا يا خود نراس آهين
هستي پتنگ جي ڇا سچ پچ پتنگ تون ئي
چُپ چاپ ويهي ڇيڙين تون ساز زندگيءَ جو
ٿيو لفظ لفظ تنهنجو آواز زندگيءَ جو.
هن دور ۾ سنڌي مسلمان عورتن مان شڪارپور جي ”روشن آرا مغل“ چڱو
نالو ڪڍيو. جيڪا ڪاليج ۾ به پڙهي هئي ۽ تعليم کاتي
۾ نوڪري ڪندي هئي. سندس هڪ نظم جون سٽون آهن:
رت آئي، مکڙي ڇا کان شرمائي
ڪرڻا آيا، هر جاءِ ڇايا
چُمي چُمي گل چشمن چايا
ڏسندي ئي ڇو گهٻرائي
مکڙي ڇاکان شرمائي.
رُت آئي، ڀونئرن ڳايو
پل ۾ پاتو ڪنول سان نازڪ ناتو
هيءَ ڇو تنهن کان شرمائي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ گهڻي وقت تائين ڪنهن اهم شاعر عورت جو
نالو ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو. پنجاهه واري ڏهاڪي جي پڇڙيءَ
۽ سٺ واري ڏهاڪيءَ جي شروع وارن ڏينهن ۾ ”نور
شاهين“ جي عروضي شاعري ڪيترن رسالن ۾ نظر اچڻ لڳي،
جيڪا پوءِ مختلف مجموعن جي صورت ۾ به ڇپي. ”رس ۾
رسڻ گهريو“ سندس هڪ مجموعو آهي. ان کان سواءِ هن
هڪ ناول ”ليليٰ“ به لکيو ته بيدل جو ڪلام ”پنج
گنج“ نالي سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيو. سندس مثنوي ”فتح
استنبول“ سورنهن سو شعرن تي مشتمل آهي. هن بيت،
ڪافيون، گيت، غزل، رباعي، مثنوي، هر صنف ۾ طبع
آزمائي ڪئي آهي. (هاڻ هن دنيا ۾ ناهي) سندس
شاعريءَ جو نمونو هت پيش آهي:
آهيان سورن جي ڄڻ کاڻ اديون
ڪنهن ماڳ رسان مان هاڻ اديون
منهنجي اوندهه ئي چانڊاڻ اديون
هر آهٽ تي ڪن ڏيندي وتان
هر راهه گذر کان ٻيهر پڇان
ڏٺو ڪنهن هجي منهنجو يار متان
ڇڏي جيڪو ويو ٿم پاڻ اديون.
نور شاهين سان گڏ مشهور اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ڌيءَ،
”ثريا سوز ڏيپلائي“ جڏهن اورينٽل ڪاليج حيدرآباد ۾
پڙهندي هئي ته ان پڻ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي هئي پر
باقاعدگيءَ سان ستر واري ڏهاڪي ۾ لکيائين. هن
ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ لکيا آهن. (تازو وفات ڪري وئي
آهي) هڪ ننڍڙو نظم هي اٿس جنهن مان محسوس ٿئي ٿو
ته هن جي شاعريءَ ۾ سماج ۾ عورت جي مرد کان گهٽ
حيثيت تي احتجاج موجود آهي:
عورت ڪنهن کان گهٽ ته ناهي
مرد تي پيل ڪو ڇٽ ته ناهي
ڇو وکريل آهي، لٽ ته ناهي
همت ڪندينءَ ملندئي ماڳ
جاڳ سرتي جاڳ!
هڪ ٻي شاعره جنهن گهڻي شاعري ڪئي آهي ۽ سٺي شاعري ڪئي آهي، اها
آهي ”مريم مجيدي.“ سندس ڪلام جو مجموعو ”سروم دکم
دکم“ ڇپجي چڪو آهي. هوءَ اڃا تائين شاعري ڪندي
آهي. هن آزاد کان وڌيڪ پابند لکيو آهي ۽ عورت جي
درد کي محسوس ڪري لکيو آهي:
عورت آهين مورت ناهين
سکڻي سهڻي صورت ناهين
لاکيڻي تون پاڻ وهيڻي
مور نه آهين هيڻي جهيڻي.
ستر جي ڏهاڪي ۾ عورتن جي آزاديءَ ۽ سجاڳيءَ جو هڪ نئون دور شروع
ٿيو ۽ سنڌيءَ ۾ ”سوجهرو“، ”اديون“ خاص عورتن جا
رسالا نڪتا ۽ اخبارن ۾ خاص عورتن جا صفحا شروع
ٿيا، جن مان هلال پاڪستان ڪراچيءَ جو ”سگهڙين سٿ“
صفحو مون سنڀالڻ شروع ڪيو ۽ انهيءَ صفحي جي ذريعي
نثر ۽ شاعري لکندڙ ڇوڪرين جي هڪ وڏي کيپ تيار ٿي،
اڳتي هلي انهيءَ مان ڪي نالا تمام اهم بڻجي ويا ۽
سنڌي ادب جي تاريخ جو حصو بڻيا. ان کان اڳ جيجي
زينت عبد الله چنا ”مارئي“ رسالي سان ان دور جي
سرواڻي ڪئي.
ج.ع. منگهاڻيءَ جي شاعري انهيءَ ستر واري دور جي آهي. هوءَ تمام
گهڻو لکندڙ ڇوڪرين مان هئي ۽ سٺو لکندي هئي ۽ اڃا
لکي رهي آهي. سندس تعلق ڪراچيءَ جي بڪڪ خاندان سان
آهي. سندس ان دور جي ڪلام مان هڪ مثال:
نيٺ ته ويندي، غم نه ڪر هيءَ رات ادي،
نيٺ ته ايندي ظلم ستم کي مات ادي.
دور اهو به جلد ئي ايندو جلد ئي ايندو
نيٺ ته وسندي خوشين جي برسات ادي.
گوندر ٿڏي خوشين جو بنياد وجهون
مبارڪ ڏيندي ساري ڪائنات ادي.
تازو گذاري ويل مشهور لوڪ فنڪاره زرينه بلوچ نه صرف سٺي ڳائيندڙ
هئي پر هڪ سٺي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر به هئي. سندس ڪهاڻي
”جيجي“ هڪ شاهڪار افسانو آهي. هت سندس شعر جو
نمونو پيش آهي:
ڇو ٿو ڳنڍين تون سڱ سياپا
ڪوڙي جڳ ۾ مورک انسان
ڇو ٿو ڳنڍين تون سڱ سياپا
جنم جنم جا ساٿي سڀ
ڌار ٿي ويندئي دوست دلارا
ساٿ ڇڏيندا جيءَ جيارا
ڇو ٿو ڳنڍين تون سڱ سياپا
نامياري شاعر ۽ ڪالم نگار سلطانه وقاصيءَ پڻ انهيءَ ساڳئي دور ۾
لکيو ۽ تمام گهڻو لکيو. هن نظماڻا نثر ۽ ننڍڙيون
ڪويتائون لکيون آهن. ان کان سواءِ گهڻي وقت کان
سنڌي اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکي رهي آهي. سندس شاعري
نوجوان نسل ۾ تمام پسند ڪئي وڃي ٿي. سندس شاعريءَ
جو مجموعو ”دونهاٽيل درشن“ نالي سان ڇپيل آهي.
سندس شاعريءَ جو نمونو ڏجي ٿو:
ڪنهن کي نه ٻڌائيندم
ته به ٺهي ويندا
ڪيترائي فسانا
هن جڳ ۾.
***
هر قدم تي مليا
ڪيترائي خدا
سدا سهڻا
ڳالهيون مٺيون
پر
اوچتو ئي اوچتو
ظاهر ٿيو پوي
انهن جي اندر جو
ابليس.
*** |