ليھھ گولڊ برگ
اسرائيل (عبراني) (١٩١١ع کان ١٩٧٠ع)
ليھھ گولڊ برگ، لٿونيا ۾ جنم ورتو ۽ ھڪ عبراني درسگاھھ ۾ پڙھي ۽
سامي ٻولين ۾ بون يونيورسٽيءَ مان ١٩٣٣ع ۾ پي ايڇ.
ڊي ڪيائين. ان کان پوءِ فلسطين لڏي ويئي، جتي ھن
ھڪ صحافي ۽ مترجم جو ڪم ڪيو پوءِ يروشلم جي عبراني
يونيورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿي.
ھڪ شاعر ۽ عالم جي حيثيت ۾ ھن يورپ جا ڪيترا ئي
ادبي رجحان عبراني ٻوليءَ جي ادب ۾ آندا. ھن جي
شاعري ۽ ٻارن لاءِ تخيلاتي ڪتاب تمام گھڻا مشھور
آھن.
منھنجي ماءُ جو گھر
منھنجي ماءُ جي ماءُ مري وئي
زندگيءَ جي بھار جي وچ ۾
ھن جي صورت اڪريل ھئي
صرف منھنجي نانا جي دل ۾.
***
فرخ فرخزاد
ايران (اصل فارسي) (١٩٣٤ع کان ١٩٦٧ع)
فرخ فرخزاد ايران جي شھر تھران ۾ ڄائي، ١٧ سالن جي عمر ۾ شادي
ٿيس. ھڪ پٽ بھ ٿيس پر ٽن سالن کان پوءِ مڙس کان
علحدگي ٿي ويس. ھن جي شاعريءَ جي موضوع ۽ شخصي
زندگيءَ جي غير روايتي انداز سبب دقيانوسي سماج ھن
کي خراب شھرت ڏياري. ھن جي زندگيءَ ۾ ئي شاعريءَ
جا چار مجموعا ڇپيا. ھن ھڪ فلم ٺاھڻ ۾ بھ حصو
ورتو. ڪوڙھين جي ھڪ ڪالونيءَ جي باري ۾ دستاويزي
فلم ٺاھيائين جتي ھوءَ ڪجھھ وقت وڃي رھي ۽ اتان ھڪ
ٻار بھ وٺي نپايو ھئائين. ھوءَ ٣٢ سالن جي عمر ۾
ڪار جي ھڪ حادثي ۾ گذاري وئي.
رچنائون
آءٌ ھڪ اھڙو اونداھو ڪارو اکر آھيان
جيڪو ھر دم تو کي ئي اچاريندو رھي ٿو
جيسين تون جاڳين پنھنجي دائمي آرام گاھھ مان
اھو اکر ڄڻ تھ منھنجو پنھنجو ساھھ ھجي.
انھيءَ ساھھ ۾ بس تون ئي اچين وڃين ٿو
۽ اھو اکر تو کي وڻن، پاڻيءَ ۽ باھھ سان ٻڌي ڇڏي ٿو
***
- زندگي ڄڻ تھ ڪا گھٽي ھجي
جتان ٿي ھوءَ روز لنگھي
ھٿ ۾ ھڪ ٽوڪريءَ سان
- زندگي ڄڻ تھ ڪا رسي ھجي
جنھن ۾ ھو پاڻ کي ٽنگيندو ھجي
- زندگي ڄڻ تھ ڪو ٻار ھجي
جو روز اسڪول کان موٽندو ھجي
- ۽ زندگي ڄڻ تھ سگريٽ جو دکائڻ ھجي
پيار ڪندي وچ واريءَ ڪنھن وٿيءَ ۾
- يا اھا ڪنھن پيادل جي خالي نگاھھ ھجي
جيڪا ھو ٻئي پيادل کي ڏسي وجھندو ھجي
- ۽ ھٿ کي لوڏي خالي مرڪ گڏي
”گڊ مارننگ“ جو ڪو سڏ ھجي
زندگي ٿي سگھي ٿو تھ اھو رڪجي ويل پل ھجي
جڏھن منھنجي نگاھھ تنھنجي اکين جي ماڻڪين ۾
ھڪ بار ڏسي وڃائجي وڃي
۽ آءٌ جا اونداھھ سان جڙيل ھوندي
پنھنجي اندر ۾ محسوس ڪريان ڪنھن چنڊ کي.
***
ھڪ خاموش اڪيلي ڪمري ۾
منھنجي پيار سان ڀريل دل
پنھنجي خوشيءَ جا خسيس جواز ٿي ڳولي
شايد گلدان ۾ پيل سھڻا گل
شايد اسان جي اڱڻ ۾ تنھنجو پوکيل ٻوٽو
يا شايد ننڍڙا سھڻا پيارا پکي
جن سان ڄڻ تھ دري ھجي چھڪيل
***
آھھ! مون سان ڇا ٿي گذريو آھي
ھڪ پردي آسمان تي ڪفن وڌو آھي
منھنجو ڪنھن ڀڳل ڏاڪڻ تان لھڻ
جلا وطنيءَ سان وھانءُ ڪري، ڪنو ٿيڻ
منھنجي وجود جو ياد جي اداس باغ ۾ ڊوڙڻ
مرندي ڏک مان ھڪ آواز جو مون کي چوڻ
”آءٌ تنھنجن ھٿن سان پيار ڪريان ٿو.“
***
ھڪ باغ ۾ مون پنھنجا ھٿ پوکيا آھن
ڄاڻان ٿي تھ اھي اوس ڦٽندا
ڄاڻان ٿي، ھا ڄاڻان ٿي ابابيل آنا لاھيندا
منھنجي مس سان ڀريل آڱرين جي آکيرن ۾
ٻن ڳاڙھن ٻيرن جي جوڙي منھنجا ايرنگ بنجندي
۽ ڳاڙھن گلن جون پنکڙيون منھنجا ننھن سينگارينديون
***
اتي اڃا بھ اھا گھٽي ھوندي جتي ساڳيا
وکريل وارن، سنھڙين ڳچين ۽ ڏنگين ٽنگن وارا
ڇوڪرا رھندا ھوندا
جيڪي ڪڏھن مون سان پيار ڪندا ھئا
ھڪ نينگر انھن کي اڄ بھ ياد ھوندي
جنھن جي مرڪ بنھھ ھئي سادي سودي
جيڪا رات جي ھوا سان گھلي وئي ھئي
ھڪ گھٽيءَ منھنجي دل چورائي آ
منھنجي ننڍ پڻ جي ياد جي خاني مان
***
ھڪ وجود وقت جي ويران چـَوواٽي تي رلندي
ان دڳ کي پنھنجي اندر ۾ اوتڻ ٿو چاھي
اھو وجود محسوس ڪري ٿو ھڪ عڪس کي ايندي
خوشيءَ جي آئيني مان ٻاھر
۽ ائين ئي ڪنھن جي حياتي گذري ٿي
۽ ڪو مري وڃي ٿو تڙپي تڙپي
***
ڪو بھ ٽوٻو ڪڏھن بھ اھو موتي موٽائي ڪو نھ سگھندو
جو ننڍڙي واھيءَ لوڙھي وڃي وڌو ھو کوھھ ۾
***
۽ آءٌ ھڪ ننڍڙي اداس جل پري سڃاڻان
جا رھي ٿي سمنڊ جي وچ ۾
۽ نرم سُرن سان بانسري وڄائيندي
اھا ننڍڙي اداس جل پري
رات پھر ھڪ چميءَ سان مري وڃي ٿي
۽ روز ھڪ چميءَ سان وري ڄمي ٿي!
***
چوئن چن
چين (١٨٩٩ع کان ١٩٠٧ع)
چين ۾ ھن شاعر کي سندس شاعريءَ سان گڏوگڏ سياسي سمجھھ ۽ جدوجھد
سبب سڃاتو ويندو آھي. ھيءَ ھڪ وڪيل جي ڌيءَ ھئي ۽
سندس شادي ١٨ سالن جي عمر ۾ ٿي پر ٻارن جي پيدائش
کان پوءِ جاپان پڙھڻ لاءِ ھلي وئي، جتي
سن يات سين جي انقلابي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي. ان جي
ليڊر بڻي. ١٩٠٦ع ۾ ھوءَ واپس آئي ۽ ھڪ اسڪول ۾
ٽيچر ٿي جيڪو اصل ۾ انقلابي فوج جو ھٿيارن جو ڳجھو
اڏو ۽ ھيڊ ڪوارٽر ھو. ھوءَ جون ١٩٠٧ع ۾ مانجو
حڪومت طرفان گرفتار ڪئي وئي. سندس نظمن کي سندس
غداريءَ جي ثبوت طور پيش ڪيو ويو. ١٥ جولاءِ تي
سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو. پنجن سالن اندر ئي
مانجو حڪومت پڻ ختم ٿي وئي.
عمل جو سڏ
بنان ڪنھن چتاءَ جي ھنن جو آکيرو
ابابيلن لاءِ خطرناڪ بنجي ويو آھي
اسان جو وطن پوڙھو ٿي وڏا بار سھي رھيو آھي
اوڀر کان لڳاتار حملن جو خطرو
اولھھ کان سازشن جو گھيرو
فنڪارو، دانشورو، پنھنجا برش اڇلائي ڇڏيو
ڪوٽن ۾ بند پرديدار عورتو، ھٿيار کڻو
ھن ڀيري صرف بھادر ئي اسان کي بچائي سگھندا
سڀ گڏجي ھنن طوفاني لھرن سان
مھاڏو اٽڪائي سوڀ پائي سگھندا.
”ندي سرخ آھي“ نالي نظم جي طرز تي
ھن دنيا جي ڌوڙ ۽ گند مان لنگھي
ڪيترا ڏاھا ۽ سورما بنجي سگھيا آھن؟
ڪيتريون سھڻيون سورميون بنيون آھن؟
اسان وٽ ڪئين مشھور جرنيل عورتون آھن
چن – ليانگ- يو ۽ شين – يو – اين
جيتوڻيڪ لڙڪن سان سندن لباس ڀِڳل ھئا
سندن دليون خون سان ڀريل ھيون
سندن تلوارن جون تيز ڌارون
بلائن وانگر لرزنديون ھيون
۽ ڪنھن اڄاتي درد کان اھي
جھڙوڪر تڙپنديون ھيون.
آزاديءَ جي خوشبو ۽ پنھنجي وطن جو ڏک
منھنجي دل ۽ دماغ کي ساڙين ٿا
آخر اسين ڪڏھن آزاد ٿينداسين؟
ڪامريڊو! ڪن ڏئي ٻڌو.
ڪا بھ جدوجھد ڪو بھ حيلو نھ ڇڏيو
آخرڪار اسان جي ھم وطنن سک لھڻو آ
۽ ھيرن جواھرن جي لباسن
۽ ننڍڙن بوٽن ۾ بگاڙيل پيرن کان
اسان جي بھ جند ڇٽندي
۽ ھڪ ڏينھن ھي آسمان ڏسندو
خوبصورت آزاد ناريون کلندي
گلن جي باغن جيان ٽڙندي
۽ شانائتن مانائتن انسانن کي
گھڻي اتساھھ مان جنم ڏيندي
***
لن لنگ
تائيوان (١٩٣٥ع)
لن لنگ کي لي چي جي نالي سان بھ سڃاتو وڃي ٿو. اھي ٻئي قلمي
نالا ھوين شانگ نالي ھڪ تائيوان جي اصلوڪي شاعر جا
آھن. ھن تائيوان مان آمريڪا وڃي پڙھڻ شروع ڪيو تھ
شاعري ڇڏي ڏنائين پر سندس شاعري پنھنجي ترنم ۽
عڪسيت جي ڪري اھم سمجھي وڃي ٿي.
سارين جي فصل ۾ رستا ڪراس ڪن ٿا
تون ڄڻ تھ عمودي ليڪ
۽ آءٌ ڪا اُفقي ليڪ
ھڪ ٻئي کي ڪراس ڪري
سموري ڪائنات
۽ چارئي ڏسائون
پاڻ ۾ آھن اسان ورھايون،
اسين ازل کان اچي
ھتان لنگھون ٿا
۽ ھڪ ٻئي جي سامھون اچي
آخرڪار پاڻ ۾ ملون ٿا
ھڪ سارين جي ٻڏل فصل ۾
ھڪ ٻگھھ پکي خاموش پرن سان
اچي ھيٺ لھي ٿو.
۽ اسين موسم جي باري ۾ ڳالھائيندي
”وري ملنداسين“ چئي موڪلايون ٿا
۽ ھڪ ٻئي کان پري
ٻن ٽڪرين تي چڙھي وڃون ٿا
۽ بلندين تان ڏسون ٿا
ھڪ سھڻو اڇو کنڀ ھوا ۾ ترندو
اھو کنڀ جيئن ئي ھيٺ لھي ٿو
الا، انھيءَ پل
اسان ٻئي ڪيئن نھ آس ڪيون ٿا
تھ خوشي بھ اھڙو ئي ڪو کنڀ ھجي ھا
چپ چاپ پاڻيھي ھيٺ لھي اچي ھا
اسان جي اھا آس-- !
ان ھوندي بھ تھ
پکين کي تھ پر ھوندا آھن!
***
لي چو
چين (ساڳيو دؤر)
ھيءَ ھونان صوبي جي ٽنگ فنگ علائقي واري تاييھھ
ضلعي جي مشترڪ فارم يا کيتيءَ جي ميمبر آھي.
عوام لاءِ ڪڻڪ جو لڻڻ
ھي سال سٺي فصل جو آھي
ڪڻڪ ڳاھجڻ لاءِ آندي وڃي ٿي
ٻيو نمبر ڀيڻ ان کي لُڻي ٿي
وڏي ڀيڻ ان کي ڳاھي ٿي
ٽيون نمبر ڀيڻ ان کي ڇنڊي ۽ ڦوڪي ٿي
تھ جيئن اھا وائرجي صاف ٿئي
۽ بُهھ کي صفائيءَ سان ڌار ڪري ٿي
گول گول ڏاڙھونءَ جي داڻن جيان چمڪندڙ سھڻا داڻا
ڏند سان چڪ وجھي چکڻ جھڙا داڻا
اس تي سُڪايل ڪڻڪ جي داڻن جو پھريون سونھري ڍڳ
اسين عوام ۾ ورھائڻ لاءِ رکون ٿا
تھ اھو اکين کي ڪيڏو نھ وڻي ٿو!
***
نو چوان ميانگ
ڪوريا (١٩١٣ع کان ١٩٥٧ع)
ھيءَ اڃا ڪاليج ۾ پڙھندي ھئي تھ سندس شاعري ڇپي ۽
”سوان“ نالي رسالي ۾ پڻ حصو وٺندي ھئي. ھن جي
شاعريءَ جا چار جلد ڇپيا. آخري جلد ١٩٥٨ع ۾ ڇپيس.
تڏ
منھنجو گھرڙو نھ ڏٺو ٿئي
منھنجي غربت نھ وائکي ٿـِئي
ان ڪري سموري رات لڪي لڪي
آءٌ مستقل روئندي ٿي رھان
۽ مون وانگي ئي ڪو نھ ڪو ڪٿي نھ ڪٿي
ضرور روئندو ھوندو، اھو سوچي
آءٌ چانڊوڪيءَ ۾ ڀڄي ڪنھن پٿر پٺيان
پنھنجي رات جو ڏک تازو ٿي رکان.
***
نامعلوم شاعره
افغانستان (پشتو)
”لنڊي“ نالي ننڍڙا نظم پشتو جي قديم روايتي
شاعريءَ جو حصو آھن، پشتو ۾ ھزار سال پراڻا اھڙا
نظم موجود آھن. افغانستان ۾ تحريري شاعريءَ ۾
لکندڙ عورتن مردن جي معيار موجب محبوب جي سونھن جو
ذڪر ڪيو آھي پر ھن قسم جي نظمن ۾ ھو پنھنجي نسواني
معيار موجب اظھار ڪن ٿيون.
سون ۽ مٽي
ڪو سنت مٽيءَ ڏانھن ڏسي
تھ اھا سون ٿيو پوي
پر منھنجو محبوب اھڙو ڪونھي
ھو مون کي ئي سون ٿو سڏي،
پر ھن جي ھڪ نگاھھ
مون کي مٽي ڪريو ڇڏي
***
منھنجو محبوب وٺي رھيو آھي
ٻين گلن جو واس
ھو نٿو ڄاڻي ھن پيلي گل کي
جو اٿس آسپاس
***
تون سمورو اونھارو ڪابل ۾ گذاري
سياري ۾ موٽيو آھين
تھ بھ پنھنجا گل ٽڙيل ڏسڻ ٿو چاھين!
***
امڙ، منھنجا وار وڌڻ ڏي
انھن کي نھ وڍ
ڳائيندڙ پيارا پکيئڙا
وڍيل وڻن تي ڪو نھ ايندا آھن.
امرتا پريتم
ھندستان (پنجابي) (١٩١٩ع کان ٢٠٠٥ع)
امرتا چوڏھن کان وڌيڪ شاعريءَ جي ڪتابن جي ليکڪا آھي، ١٣ ناول
لکيا اٿس ۽ افسانن جا پڻ ڪيترائي مجموعا ڇپجي چڪا
اٿس ۽ پنھنجي دؤر جي تمام وڏي ھندستاني ليکڪا آھي
۽ پھرين عورت آھي جنھن ساھتيھ اڪئڊمي انعام حاصل
ڪيو آھي. ھن جون لکڻيون ڪيترين ٻولين ۾ ترجمو ٿي
چڪيون آھن. ھيءَ ھڪڙي ماھوار رسالي ”ناگمني“ جي
ايڊيٽر پڻ رھي آھي. دھليءَ ۾ پنھنجي ڪٽنب سان رھي
ٿي. ھن رسيدي ٽڪٽ نالي سان پنھنجي آتم ڪھاڻي بھ
لکي، جنھن کيس ادب ۾ اڃا بھ اعليٰ مقام ڏياريو.
(ويجھڙائيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آھي. مترجم)
ڏھاڙي
نيري آسمان جي ھڪ ڪنڊ ۾
رات جي مـِـل سيٽي وڄائي ٿي
۽ چنڊ جي چمنيءَ مان
گھاٽو اڇو دونھون اڇلائي ٿي
***
سپني جي اوڙاھن اندر
پورھيت جو پيار
سڀني باھين کي وڌائيندڙ
***
آءٌ پنھنجي ملاقات ڪمايان ٿي
تو کي ڀاڪر ۾ پل لاءِ ڀرڻ
منھنجي ڏينھن جي مزدوري!
آءٌ پنھنجي روح جو کاڌو ڳنھي
پچايان ٿي ۽ کانوان ٿي
۽ خالي ٿانوَ سجائي رکان ٿي
***
رات جي مِل سيٽي وڄائي ٿي
۽ چنڊ جي چمنيءَ مان
دونھون نڪري ٿو
اميد جي علامت بنجي
***
آءٌ جيڪي ڪمايان ٿي
سوئي اڄ کانوان ٿي
نھ ڪالھوڪو ڪجھھ پاروٿو بچيل آھي
نھ ئي سڀاڻي لاءِ داڻو بچايان ٿي!
***
مريريدان – ايت ايٿڪ
موراڪو (١٩٤٠ع)
چاليھن جي ڏھاڪي ۾ ھيءَ ازيلال جي ھڪ طوائف ھئي ۽ پنھنجن سھڻن
گيتن لاءِ مشھور ھئي، جيڪي پاڻ وٽ ايندڙ مردن لاءِ
ڳائيندي ھئي. گھڻو ڪري روايتن تي ٻڌل سندس بربر (Berber) ٻوليءَ جا گيت واديءَ جي تھذيب جي چڱي عڪاسي ڪن ٿا،
خاص ڪري عورتن جي زندگيءَ جي. اڃا ٽيھن سالن جي بھ
ڪا نھ ٿي ھئي تھ جنگ کان پوءِ اوچتو گم ٿي وئي ۽
وري ڪنھن بھ کيس ڪٿي ڪو نھ ڏٺو. ھڪڙي فرينچ
سپاھيءَ ھن جي شاعري فرينچ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري
١٩٥٩ع ۾ ڇپرائي.
واعدا
”لالا حليمان! ڌڪاريل نياڻين جي واھر ڪر
اي خدا! ڪنھن تي اعتبار ڪريان؟
ھا مون کي ڪنھن بھ مرد تي اعتبار نھ رھيو آ
ھنن جا واعدا بس ڄڻ دونھون ۽ ھوا.
جڏھن مون ٻنيءَ ۾ پنھنجا ڌڻ پئي چاريا
تھ ”مقدم“ جي پٽ وڏا وڏا واعدا ٿي ڪيا
پر جڏھن ڪنھن خچر جي اڃ اجھامي وڃي
تھ اھو وڌيڪ پيئڻ نھ چاھيندو آ
”مائون“ وڏا ميڊل کڻي موڪل تي آيو ھو
ٻين جيان ھن بھ سڀڪجھھ پاتو ھو
۽ جڏھن خچر کي اڃ نھ رھي ڪا
تھ پوءِ ھن ڪجھھ بھ پيئڻ نھ چاھيو ھو.
ڏھھ جوان، ڏھھ پوڙھا ۽ ڏھھ رنڙ مون سان
ڪوڙا شاديءَ جا واعدا ڪري گم ٿي ويا
مون سندن اڃ اجھائي پر پوءِ - ھاءِ الا
ھو ڪنھن ٻئي پاسي پياس اجھائڻ نڪري ويا
او ٻاجھارا مالڪ! ڪنھن تي اعتبار ڪريان؟
ھا مون کي ڪنھن بھ مرد تي اعتبار نھ رھيو آ
ھنن جا واعدا بس ڄڻ دونھون ۽ ھوا
١- لالا حليمان؛ ھڪ مسلمان تارڪ الدنيا زاھده عابده عورت جنھن
کي ڪنوارين ڇوڪرين جي واھر ڪندڙ سڏيو ويو آھي
٢- ”مقدم“ راڳيندڙن جو اڳواڻ ٿيندو آھي.
٣- ”مائون“ الجيريا جي فوج جو ھڪ آفيسر
***
انوما ڪاني
آئوري ڪوسٽ (١٩٢٦ع)
انوما ڪاني ھڪ ڪاري (نيگرو) عورت آھي ۽ آئوري ڪوسٽ جي سفير
بنجي اسرائيل ۾ بھ رھي ھئي! ھن نظم ۾ ھن پنھنجي
نسل جي ماڻھن جو درد اوتيو آھي.
آفريڪا، تو جيڪي ڪجھھ مون کي ڏنو آھي
تو جيڪي ڪجھھ بھ مون کي ڏنو آھي، آفريڪا!
جھنگ، ڍنڍون، کاري پاڻيءَ جا سينگاريل دُٻا
جيڪي ڪجھھ بھ تو مون کي ڏنو آھي، آفريڪا!
سنگيت، رقص، باھھ جي مچ جي چوڌاري قصا
منھنجي چمڙيءَ تي جيڪي رنگ آھن تو چٽيا
منھنجن وڏڙن جي ڪاري رنگ جا
منھنجي رت ۾ رھندا سي سدا چمڪندا.
جيڪي ڪجھھ بھ تو مون کي ڏنو آھي، آفريڪا!
منھنجي ھلڻ چلڻ جو منھنجو ڍنگ
ھر قدم ٻئي قدم کان لڳي ٿو جدا
وقت جي بار ڪيئن آھن ڀڳا منھنجا ھڏا
۽ مسلسل سفر سان پير سڄيل ۽ وڏا
اھو ئي سڀڪجھھ تھ مون کي تو ڏنو آھي، آفريڪا!
منھنجي پيرن جون کڙيون ۽ انھن ۾ لڦون
جن کي آءٌ نرڙ تي سجايان فخر سان
ھاڻ مون وٽ وڃائڻ لاءِ ٻيو بچيو آھي ڇا؟
ھاڻ آءٌ اڳتي وڌندي وڃان
پنھنجي نسل کي ٻين جي برابر ڇو نھ چوان؟
ڪنھن کان ڪمتر يا برتر ان کي آءٌ ڇو مڃان؟
جيڪي ڪجھھ بھ تو مون کي ڏنو آھي، آفريڪا!
منجھند جي سج ۾ چمڪندڙ سھڻا چراگاھھ
تنھنجا جاندار جي ماڻھن کي وحشي لڳن ٿا
تنھنجيون کاڻيون ۽ ڪئين خزانا اَڻ ڏٺا
تنھنجو خوف ماڻھن جي دلين ۾ ڀوت جيان
تنھنجا درد، جي وڃايل جنت لاءِ تو سٺا
اھي سڀ آءٌ پنھنجي اندر ۾ ٿي سھان
۽ تنھنجي حقن جي حفاظت جو قسم ٿي کڻان
تنھنجي افق تي رھي قائم روشني سدا،
آءٌ تنھنجي ڌيءَ پنھنجو فرض پورو ڪريان
شل تون جيئين سدائين ۽ ماڻين مزا
۽ جيڪي ڪجھھ بھ تو مون کي ڏنو ، آفريڪا!
***
ڊلميرا آگسٽيني
يوروگوئي (١٨٨٠ع کان ١٩١٤ع)
ڊلميرا ڏھن سالن جي عمر کان شاعري ڪرڻ لڳي ھئي. ھن جي بھترين
شاعراڻي مستقبل جي پڄاڻيءَ جو ڪارڻ سندس شادي ھئي.
ھن لاءِ ساھرن طرفان سندس لکڻ ۽ شاعري ڪرڻ تي بندش
کي قبول ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو بنجي ويو ۽ ھن طلاق جي گھر
ڪئي، جنھن تان سندس مڙس کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ کي
بھ ماري ڇڏيائين.
وڇوڙو
ھڪ خاموش جلوس ۾ ھري ھري
آءٌ ڪلاڪن کي گذرندو ٿي ٻڌان
پنھنجي مخصوص ڌيمي سر سان
تنھنجي دوري سدائين رئاڙي ٿي وجھي
تنھنجي قدمن جي آواز سان ننڊ ۾ بھ ٿي کلان.
ڄاڻان ٿي تھ تون موٽي ايندين ، نئين صبح سمان
اونداھھ سان ڀريل افق تي روشنيءَ جي ليڪ جيان
ھن ويراني ۾ تنھنجي کـِل جو ترنم
ڄڻ تھ ڪنھن جھرڻي جو پڙاڏو ٿي ٻڌان
وڇوڙي ويل ٻھ - واٽي تي موڪلائڻ مھل
مون پنھنجو ڀاڳ تنھنجن ھٿن تي ھو رکيو
ڀلا ٻيو تو کي آڇڻ لاءِ مون وٽ ڇا ھو؟
تنھنجو منھنجو روح ھڪ ٻئي کي سامھان
ڄڻ سمنڊ ۽ آسمان ۽ وچ ۾ ڪيئي پاڇولا
طوفانن، دورين، وقت، زندگيءَ ۽ موت جا!
*** |