گيبريلا مسٽرل
چـِلي (١٨٨٩ع کان ١٩٥٧ع )
گيبريلا مسٽرل قلمي نالو ھو لوسيلا گوڊ وائي الڪاياگا جو، جيڪا
چليءَ جي شھر وڪونا ۾ ڄائي ھئي. ھن کي پھرين ١٩١٥ع
۾ شاعريءَ سبب ملڪ ۾ مڃتا ملي. پوءِ ١٩٤٥ع ۾ ادب
جو نوبل انعام بھ حاصل ڪيائين. ھوءَ اسپيني ادب جي
ھڪ وڏي ليکڪا سمجھي وڃي ٿي.
ھلڪي برسات
ھي پاڻي، اداس ۽ ڊنل
ڪنھن بيمار ٻار وانگر
ڌرتيءَ کي ڇُھڻ کان اڳي
ھوا ۾ گم ٿي ٿو وڃي،
ھوا کي ۽ وڻن کي خاموش ڪريو
انھيءَ گھري خاموشيءَ ۾
ھي ھلڪو ۽ تلخ گيت اوھين ٻڌو
آسمان ڪنھن دل جيان
وشال، کليل ۽ تلخ – جنھن مان
اھو مينھن نھ، پر آھن رت ڦڙا
جي ھري ھري آھن وسي رھيا
گھرن اندر بند ماڻھو
انھيءَ تلخيءَ کي نٿا ڄاڻن
جا پاڻيءَ جي اداس وھڪري ۾ آ
جو عرش کان ھلندو اچي.
انھي فتح ٿيل پاڻيءَ جو
ڊگھو ۽ ٿڪائيندڙ وھڪرو
اپاھج ۽ ستل ڌرتيءَ ڏانھن ئي تھ آھي
مينھن وسي رھيو آھي
ڪنھن اداس گدڙ جيان
ميدانن ڏانھن نھاري سوچي رھيو آھي
تھ ڌرتي ماءُ جي ڪک منجھان
آخر ڇا اُسرندو ۽ ڇا نـِسرندو؟
ڇا تون ستو رھندين؟
ٻاھر مصيبت جيان وسي رھيو آھي
ھي ھلڪو موتمار پاڻي
جو موت جو ساٿي آھي!
***
سڀڪجھھ گول آھي
ستارا ٻارن جا گھيرا آھن
راند کيڏندي ڌرتيءَ ڏانھن ڏسي رھيا آھن
ڪڻڪ جا آڀون ٻارن جا جسم آھن
راند کيڏندي جھومي رھيا آھن،
نديون بھ ٻارن جون ٽوليون آھن
راند کيڏندي سمنڊ ڏانھن ڊڪي رھيون آھن
ڇوليون ننڍڙين نينگرين جون ٽوليون آھن
راند ڪُڏندي، دنيا کي ڀاڪر پائي رھيون آھن!
***
ما گڊا پورٽل
پيرو (١٩٠١ع)
ما گڊا پورٽل جا ٽي شاعريءَ جا مجموعا ڇپجي چڪا آھن، ھڪ ناول،
ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ۽ مضمونن جا ڪتاب پڻ لکيا اٿس،
جن مان ڪن جو موضوع نسواني تحريڪ بابت پڻ آھي.
ھوءَ پيرو جي کاٻي ڌر ۾ گھڻي فعال ھئي ۽ ١٩٥١ع ۾
ھڪ ناڪام بغاوت ۾ حصو وٺڻ سبب جلاوطن ڪئي وئي. سفر
دوران سندس ڪيترائي اڻ ڇپيل ڪتاب ۽ ٢٥ سالن جون
لکڻيون ٻئي سامان سان گڏ گم ٿي ويا. لاطيني آمريڪا
۾ مارڪسزم جي پوئلڳ جوز ڪارلوس ميريا ٽيگي ھن
شاعره کي پيرو جو اصلي آواز سڏيو.
شڪ
اداس ڍنڍون
ٿڌن ستارن کي وھنجارين ٿيون
آءٌ خود پنھنجي بي يقينيءَ کان
تنگ ٿي پئي آھيان
ھلڪن ڌڪن سان شڪ نرم پوي ٿو
۽ تنھنجو مون لاءِ شڪ ڏسي
خود منھنجو پاڻ تان اعتبار کڄي ٿو.
ڊپ جي سنھڙي بليڊ سان وڍيل اکيون
ڏرا ڏنل آخري حد تائين ڊنل اکيون
رات جي اڌ ڪلاڪ جي پسار مھل
ڏڪندڙ، مدد لاءِ ايلاز ڪندڙ
منھنجي سامھون ھيون!
***
۽ تون آھين
منھنجي ڪٺ پتلين جي ٿيٽر جو جادوگر
۽ آءٌ سنھڙي رسيءَ تي ھلندڙ
آخري امتحان تائين
۽ ھلندي رھنديس خاموشيءَ ساڻ
جيسين تنھنجون اکيون منھنجي ڪرڻ جو اعلان ڪن!
***
اي زندگيءَ کي توازن ڏيڻ وارا
آءٌ رڙ ڪرڻ ٿي چاھيان
”ڪري پئو، ڪري پئو!“
۽ راھھ جا سڀ پٿر رت سان ڀرڻ ٿي چاھيان.
***
تنھنجي نگھبان اکين اڳيان
منھنجي رڳن جا ڌاڳا جھليندڙ!
پنھنجن سگھارن ھٿن سان
مون کي پيڙا ڏيندڙ جادوگر!
آءٌ تنھنجا ھٿ چُمڻ ٿي چاھيان.
***
روزاريو ڪاسٽيلانوس
ميڪسيڪو (١٩٢٠ع)
چياپاس ۾ ڄائي ۽ ميڪسيڪو يونيورسٽيءَ مان فلاسافيءَ ۾ گريجوئيشن
ڪيائين ۽ ميڊرڊ ۾ اڳتي پڙھڻ لاءِ اسڪالر شپ مليس.
ھن ١٩٤٠ع ۾ شاعري لکڻ تڏھن شروع ڪئي جڏھن اڃا ١٥
سالن جي ھئي ۽ ھن وقت تائين ست مجموعا ڇپرائي چڪي
آھي. سندس پھريون مجموعو ١٩٤٨ع ۾ ڇپيو ھو. ھوءَ
سٺي نثر نگار ۽ نقاد پڻ سمجھي وڃي ٿي.
ھڪ پراڻي پٿر کي خاموشي پريشان ڪري ٿي
ھتي آءٌ پنھنجن سمورن لفظن ساڻ کــُتل آھيان
ڪنھن تازي ميوي جي ٽوڪريءَ جيان
ھزارين تباھھ ٿيل قديم خدائن جا ڀڳل ٽڪرا
منھنجي رت ۾ مڙي اچن ٿا
۽ پنھنجا مجسما ٻيھر جوڙڻ گھرن ٿا،
سندن ڀڳل منھن منجھان نڪري
ھڪ گيت منھنجي چپن تي اچڻ ٿو چاھي
ڪنھن سڙيل ٿانو جي ڌپ
ڪنھن پراسرار پٿر تي اُڪريل اکر
مون کي چيڙائين ٿا، پر
انھن کي وساري ٿو ڇڏيان، بغاوت!
ڪنھن ڪوڏ جيان، جنھن سمنڊ جي وير جو
ڪو ننڍڙو نشان بھ نھ پاڻ وٽ رکيو
آءٌ تباھھ ٿيل ديولن کي بھ نھ ٿو ڏسان
وڻن جا پاڇا لرزن ٿا جن مٿان
جي گذرندڙ ھوا کي ڄڻ زھريلا چڪ پائين ٿا
مون کي معلوم آھي تھ منھنجي پٺيان
ھڪ ٻيو جسم بھ موجود آ
۽ منھنجي چوڌاري ڪيئي ٻيا ساھھ
لڪي لڪي گذرن ٿا
ٻيلي ۾ رات جي جيتن جيان
مون کي معلوم آ، تھ ڪٿي نھ ڪٿي
صحرا جي ٿوھر جيان
ڪنڊن سان ڀريل ڪا دل
ڪنھن نانءَ جي انتظار ۾ آ،
جيئن ٿوھر مينھن لاءِ ھجي وياڪل
پر مون کي معلوم آھن صرف چند لفظ
وينجھارن جي ٻوليءَ جا
جن جي ھيٺان منھنجا وڏڙا
زنده دفن ڪيا ويا ھئا!
***
جوليا ڊي برگاس
پيوريٽو ريڪو (اسپين) (١٩١٤ع کان ١٩٥٣ع)
جوليا ڊي برگاس ٻھراڙيءَ جي علائقي جي رھندڙ ھئي ۽ مزدورن جي
تحريڪ ۾ بھ حصو ورتو ھئائين ۽ مزدورن جي ھڪ رسالي
لاءِ بھ لکندي ھئي. ھن کي نشي جي عادت ھئي جنھنڪري
اڪثر اسپتالن حوالي ھوندي ھئي. سندس موت نيويارڪ
جي ھڪ گھٽيءَ ۾ گمناميءَ جي حالت ۾ ٿيو. پنھنجي
زندگيءَ ۾ ڪا مڃتا ڪانھ مليس پر ھاڻي پنھنجي ملڪ
جي شاعريءَ جو اھم نالو آھي. ھن نظم ۾ ھوءَ پنھنجي
وجود ۾ موجود تضادن ڏانھن اشارو ٿي ڪري ۽ شاعر جي
حيثيت ۾ پنھنجو پاڻ کي مخاطب ٿي آھي.
جوليا ڊي برگاس ڏانھن
ماڻھو چون ٿا تھ آءٌ تنھنجي دشمن آھيان
ڇو تھ شاعريءَ ۾ آءٌ توکي ماڻھن اڳيان ٿي رکان
ھو ڪوڙا آھن جوليا، ھو ڪوڙ ٿا ڳالھائين جوليا ڊي برگاس!
شاعريءَ وارو آواز تنھنجو ناھي، اھو تھ منھنجو آواز آھي
ڇو تھ تون لباس آھين، روح تھ آءٌ آھيان
تنھنجي منھنجي وچ ۾ تھ وڏو اوڙاھھ آھي
تون تھ سماجي ڪوڙن جي بي جان ڀوري آھين
۽ آءٌ انساني سچ جي ڌڳندڙ چڻنگ آھيان
تون تھ درٻاري منافقيءَ جو مثال آھين،
آءٌ پنھنجي نظمن ۾ پنھنجي دل کولي ٿي رکان
تون، پنھنجي دنيا وانگي، خود غرض آھين
مون تھ سچ لاءِ سڀڪجھھ داءَ تي ھنيو آھي
تون تھ صرف ھڪ سنجيده بيگم آھين سينورا ڊونا جوليا!
آءٌ تھ، آءٌ تھ زندگي آھيان، قوت آھيان، ھڪ عورت آھيان.
تون تھ پنھنجي مڙس، پنھنجي ”مالڪ“ جي آھين
آءٌ ڪنھن جي بھ نھ يا سڀ ڪنھن جي، ھا سڀ ڪنھن جي آھيان
آءٌ پنھنجن سچن جذبن ۽ خيالن ۾ پاڻ ظاھر ٿي ڪريان.
تون پنھنجا وار ڇلا ڇلا ڪرين ۽ منھن کي گلابي رنگ ھڻين
منھنجا وار ھوا ٿي ٺاھي، منھن کي سج رنگ ڏنو آھي
تون گھر جي بيگم آھين، صابر، شاڪر، ميسڻي
مردن جي ھٺ ڌرميءَ اڳيان ڪنڌ جھڪايو ڇڏين
آءٌ تھ ھڪ ڪَميت آھيان، آزاديءَ سان اڏامندي وتان
۽ خدا جي انصاف جون وسعتون ٿي ماڻيان!
***
مارگريٽ واڪر
آمريڪا ١٩١٥ع
مارگريٽ واڪر برمنگھم ۾ ڄائي ۽ ڏاکڻي علائقي ۾ پلي نـِپني.
١٩٣٥ع ۾ نارٿ ويسٽرن يونيورسٽيءَ مان گريجوئيٽ ٿي
پوءِ آئيوا يونيورسٽيءَ مان ايم اي ڪيائين ۽ فيڊرل
رائيٽرس پراجيڪٽ جي ميمبر ھئي. شڪاگو ۾ نوڪري پڻ
ڪيائين. سندس شاعريءَ جو مجموعو ۽ ھڪ ناول ڇپيل
آھي. سندس ناول ”جبلي“ کي ڪارن آمريڪي ليکڪن جو
اھم آواز سڏيو ويندو آھي.
ورثو
منھنجيون نانيون ڏاڏيون ڏاڍيون سگھاريون ھيون
ھَر جو مُٺيو ڀيڙي ڌرتيءَ کي کيڙي
سموري ٻنيءَ ۾ ھٿ سان ٻج ڇٽينديون ھيون.
ھنن جا ھٿ سگھارا ھئا، جن جي ڇھاءَ سان
ڌرتيءَ مان اَن اسري ايندو ھو
ھو قوت سان ڀرپور ھردم ڳائينديون رھنديون ھيون
منھنجيون نانيون ڏاڏيون ڏاڍيون سگھاريون ھيون.
ھنن وٽ ڪيڏيون زنده يادون آھن
صابڻ، بصر ۽ آلي مٽيءَ جي بوءِ ھاڻا
اڀريل نسن وارا محنتي کھرا ھٿ ھوندي
ڪيڏا پيارا اجرا ٻول پيون ٻولينديون آھن
منھنجون نانيون ڏاڏيون ڏاڍيون سگھاريون ھيون
پوءِ آءٌ انھن جھڙي ڇو ناھيان؟
***
گويندولن بروڪس
آمريڪا (١٩١٧ع)
گويندولن بروڪس ڪينساس ۾ ڄائي پر شڪاگو ۾ وڏي ٿي ۽ سندس شاعريءَ
جي پسمنظر ۾ بھ گھڻو ڪري شڪاگو جي زندگي آھي. ڪارن
آمريڪين جي ھڪ اھم نمائنده آھي. ١٩٤٥ع کان مسلسل
ڇپجي رھي آھي. سندس شاعريءَ جا ٩ جلد، ھڪ ناول ۽
آتم ڪھاڻي ڇپيل آھن. ھن کي ڪيترا ملڪي ايوارڊ مليل
آھن جن ۾ پلٽزر انعام بھ شامل آھي. ١٩٦٨ع ۾ ھن کي
اليناس اسٽيٽ جي شاعره جو لقب مليو. ھيءَ شادي شده
آھي ۽ ٻھ ٻار اٿس.
شھر جو لٿل سج ---- ڪيٿلين ايلين
پيار منجھان يا ھوس منجھان ھاڻي
ڪو بھ ماڻھو مون ڏانھن نٿو نھاري
منھنجون ڌيئرون ۽ پٽ مون کي
پنھنجي گــُڏين ۽ بلورن سان ويھاري
گھر ڇڏي ھليا ويا آھن
منھنجو مڙس ۽ ٻيا سڀ پيارا
نرميءَ ۽ پاٻوھھ منجھان ڳالھائين ٿا
۽ رات سچ پچ تھ رات ئي آھي!
سچ پچ تھ ٻاھر سردي آھي
۽ اھا ئي ڳالھھ حقيقي آھي
مون کي ڪا خوشفھمي ناھي
ڄاڻان ٿي بھار جي مند موٽي وئي آ
جيتوڻيڪ اس بھ نڪري ٿي
۽ پکي پڻ ڳائين پيا.
بھار جي مند موٽي وئي آھي
ھا سمجھان ٿي تھ ھن حياتيءَ ۾ ھاڻي
اھا وري نھ اچڻي آھي
منھنجا سڀ گل ڪومائجي ويا آھن
سڀئي جذبا پڻ مري ويا آھن
گاھن جي چمڪ ھلي وئي آھي
۽ ھر طرف ڪيڏي بي رنگيني آھي!
سچ پچ تھ ٻاھر سردي آھي
پيلا پن آخر ڇڻڻا آھن
ھاڻ سياري کي منھن ڏيڻو پوندو
منھنجي ضرورت آھر ڪو
منھنجي گھر ۾ ڪونھي ڪو ڪمرو
آءٌ ھن سرد گھر ۾ ڏڪان ٿي
۽ ھن گھر جا خالي ڪمرا
گم ٿي ويل پڙاڏن سان
گونجن ۽ ٿڙڪن ٿا
آءٌ ھڪ عورت آھيان
بي دليءَ سان نوجوانن جا
نوان پيار ڏسان ٿي
آءٌ ھڪ عورت آھيان
عبادت ۾ سارو وقت گذاريان ٿي
اندر جا خاموش چتاءَ آٿت آھن مون لاءِ
انھيءَ صحرا ۾ ڏک ڪيو آھي ڊاٻو
ٻاھرئين ساحل سان ڏک ٽڪرائي ٿو
اندر ۽ ٻاھر جا اھي ٽڪراءَ
عجب کڙڪا ڪن ٿا
جي آءٌ ڪن ڏئي ٻُڌان ٿي
اھو عجب ٻٽو مونجھارو آھي،
ڇا چپ چاپ ڪومائجي ڇڻي وڃجي
يا وڏي ٻرانگھھ ڀري مري وڃجي؟
ڪو انھيءَ کي حماقت ٿو سمجھي
ڪنھن لاءِ اھو ڄڻ تھ ڪو ڀوڳ آھي
ھاءِ حياتي ڇاھي؟
***
ميري ايلزبيٿ
انگلينڊ (١٨٦١ع کان ١٩٠٧ع)
ميري ايلزبيٿ جي زندگي بظاھر اھڙي اھميت واري ڪانھ ھئي پر تھ بھ
ھن جي واقفيت وقت جي وڏن وڏن فنڪارن سان ھئي جن ۾
برائوننگ، ٽينيسن، مليس ۽ برجز شامل ھئا. ھيءَ
ناول ۽ شاعري لکندي ھئي جيڪي سندس زندگيءَ ۾ ڇپيا.
ھن جي گھڻي شاعري مذھبي آھي پر ڪجھھ نظمن ۾ اھڙي
ئي سگھھ ملي ٿي جھڙي سندس مائٽ مشھور شاعر سيميول
ٽيلر ڪولرج ۾ ھئي.
سوکڙيون
مون پنھنجي دوست ڏانھن گلن جو ھار اڇلايو
جيڪو ماڪ ڦڙن سان ڀنل ھو
اھو ھن لاءِ صبح جو تحفو ھو
جيڪو ھن جھٽي پنھنجي مٿي تي سجايو
پر اھو ڪنڊن جو تاج بنجي ويو،
مون پنھنجي دشمن ڏانھن ھڪ خوني تير اڇلايو
اھو ھن پنھنجي ھٿ ۾ جھٽي ورتو ھو
۽ پوءِ مون ھن کي کلندي ٻڌو
جنھن کي ھن جي دل جي پار ھئڻ گھربو ھو
انھيءَ کي جڏھن مون ڏٺو
تھ اھو ھڪڙو سونھري لڪڻ بڻجي ويو ھو!
***
ايلزبيٿ جيننگس
انگلينڊ (١٩٢٦ع)
ايلزبيٿ جيننگس لنڪنشائر ۾ ڄائي ۽ آڪسفورڊ مان تعليم ورتائين.
جتي اڃا تائين رھي ٿي. ھن کي ١٩٥٦ع ۾ سمرسيٽ ماھم
ايوارڊ مليو ھو. ھن جي شاعريءَ جو مجموعو ١٩٦٧ع ۾
ڇپيو ھو.
منھنجا پيءُ ۽ ماءُ
ھاڻ ھو ڌار ڌار بسترن ۾ ليٽيل آھن
ھو ڪتاب کڻي ٿو دير تائين بتي ٻاري
۽ ھيءَ ننڍڙي ڪنھن نينگر وانگي
اکيون کولي پئي جوانيءَ جا سپنا ساري
سڀ مرد ھر ھنڌ ھر جاءِ - انتظار ڪندا آھن
ڪنھن نئين نڪور موقعي جو.
ھـُـن اھو ڪتاب اڃا پڙھيو ناھي
۽ ھوءَ سامھون پوندڙ پاڇا پئي نھاري.
ڪنھن تباھھ ٿيل جھاز جيان بي حال
اڳوڻي ڪنھن جذبي کان
ٻئي خاموش پيا آھن، ڦان
نھ ڪو لفظ نھ ئي ڪو ڇھاءُ
ڄڻ تھ ڪو اعتراف يا اھاءُ
ڪنھن جذبي جي اڻھوند جو
يا ماڳھين حد کان بي حد جو
ھنن جي منزل سامھون آھي
جنھن لاءِ سموري حياتي
ھنن پاڻ پتوڙيو ھو
اھا عجيب دوري ۽ عجيب قربت آھي
ٻنھي جي وچ ۾ خاموشيءَ جو رشتو
ڄڻ سڳو ٻڌل ھجي ڪو.
وقت جو کنڀ نرميءَ سان کين ڇُھي ٿو
ڇا ھو ڄاڻن ٿا تھ ھو پوڙھا ٿي ويا آھن؟
ھي جي منھنجا پيءُ ۽ ماءُ آھن
۽ جنھن آڳ مان مون جنم ورتو ھو
سا آڳ ھاڻ سرد ٿي چُڪي آھي!
*** |