جاڳرتا وارو دور Renaissance
مارگريٽ ڊي نوار
فرانس (١٤٩٢ع کان ١٥٤٩ع)
مارگريٽ ڊي اينگوليم پنھنجي پھرين شاديءَ کان پوءِ الينڪوٽ جي
ڊچس بڻي ۽ ١٥٢٧ع ۾ نوار جي راڻي بڻي. ھوءَ فرانس
جي بادشاھھ فرانڪوس پھرئين جي ڀيڻ ھئي ۽ ھڪ ٻئي
فرينچ بادشاھھ ھينري چوٿين جي ڏاڏي بھ ٿي. ھن کي
فرانس ۾ نئين سجاڳيءَ جي ماءُ پڻ سڏيو ويو آھي ڇو
تھ ھن ڪيترن ئي شاعرن ۽ انسان دوستن جي ھمت افزائي
ڪئي ۽ انھن کي بچاءُ ڏنو.
جيتوڻيڪ ھن ڪيترائي ڊراما ۽ نظم لکيا آھن پر ھوءَ پنھنجن ناولن
جي ڪري وڌيڪ مشھور آھي. ھتي ڏنل نظم جو مضمون اھو
آھي تھ ”سڀڪجھھ اجايو آھي“ يا ”سڀڪجھھ ھوا ۾ گم ٿي
ويندو“ - ان جو پسمنظر مذھبي آھي.
اھو سڀڪجھھ تھ اجايو آھي
جي ڪو تنھنجو اپمان ڪري
ھلڪي دل سان سھي وڃجان
جي توتي ڪا تھمت آڻي
تون ڪجھھ بھ نھ ٻڌجان
ڳالھيون تھ پيون ٿينديون آھن
اھو سڀڪجھھ تھ اجايو آھي!
جي ڪو ”ايمان“ جي ڳالھھ ڪري
۽ ان جو ٿو ملھھ گھٽائي
قانون جي ڪارج سان ڀيٽي
ان جو مان ُ وڌائي
اھو تھ عجيب قاعدو آھي
تون ڪجھھ بھ نھ مڃجان، ھلندو وڃجان
اھو سڀڪجھھ تھ اجايو آھي!
۽ جي تنھنجي عقيدي بدران
ڪو تنھنجا اعليٰ عمل ساراھي
ڪو اعلان ڪري خوشامد لاءِ
تھ ”تون اوچن کان اوچو آھين“
تھ اھڙي ڳالھھ کان ڀڄجان
ڪڏھن ڪوڙو فخر نھ ڪجان
اھو سڀڪجھھ تھ اجايو آھي!
جي دنيا تو وٽ ھلي اچي
عزت، شھرت، دولت سان للچائي
تون دل جي مرضيءَ سان
اھي ٺڪرائي ڇڏجان
فاني شيون جتان اينديون آھن
واپس به اوڏانھن ئي وينديون آھن
اھو سڀڪجھ ته اجايو آھي!
جي ڪو توکي اھڙي جاءِ ٻڌائي
جتي سچو سک، سانت ۽ نجات ملي
خدا جي ھستيءَ کان سواءِ
اھو تنھنجي روح کي مارڻ ٿيندو
ان کان باغي ٿي بيھجان
اھڙا عالم سڀ ڪوڙا آھن
اھو سڀڪجھھ تھ اجايو آھي!
***
موت جي خوشبو
موت جي خوشبوءِ اھڙي تھ تکي آھي
ڄڻ تھ ملھھ مھانگو ڪو مـَنڌ ُ ھجي
اڻڄاڻ چکڻ کان جو ڇرڪن ٿا
پر بھشت جي منزل تي پھچڻ لاءِ
موت جھڙوڪر ڪو پنڌ ھجي!
ڀاءُ جي مرڻ سان ڀيڻ کي ڇا ٿيو آھي؟
موت کان ڊڄڻ بدران، ڀاءُ سان گڏجي
ان جي خوشبو سنگھڻ ٿي چاھي
خدا ڏانھن سفر جو اھو رستو ۽ در آھي
ان منزل ڏي پاڻ بھ وڃڻ ٿي چاھي
موت جي خوشبو ڪيڏي مڌر آھي
دل کي جھڙوڪر جياري ٿي
انتظار ڪري ۽ ان کي پڪاري ٿي!
***
لوئي لاب
فرانس (١٥٢٥ع کان ١٥٦٦ع)
لوئي لاب ھڪ ننڍڙي علائقي ليان ۾ ڄائي ھئي. ھن جو پيءَ ۽ مڙس
ٻئي شاھوڪار ھئا. ھن کي عام طرح ”لابيل ڪارڊيئر“
چوندا ھئا. ھن يوناني، لئٽن، اسپيني ۽ اطالوي
ٻوليون ننڍي عمر ۾ سکي ورتيون ھيون ۽ پنھنجي ظرافت
توڙي سونھن جي ڪري مشھور ھئي. ھوءَ ھڪ سٺي
گھوڙيسوار بھ ھئي. ھن ھڪ جنگ ۾ بھ حصو ورتو ھو. ھن
جي ھڪ سٺي لائبريري بھ ھئي ۽ ھڪ مشھور ادبي بيٺڪ
بھ ٺاھي ھئائين ۽ پنھنجي دور جي ڪيترن شاعرن سان
چڱي واقفيت ھئس. ھن کي فرينچ نئين سجاڳيءَ جي وڏي
شاعر چيو وڃي ٿو. ھن ١٥٦٦ع ۾ ليان ۾ ئي وفات ڪئي.
ترس، اي موت!
جيستائين آءٌ روئي سگھان ٿي
گذري ويل خوشيءَ جي گھڙين لاءِ
جيستائين لڙڪ لاڙي سگھان ٿي
۽ جيستائين ڏک جا ساز وڄائي
منھنجو آواز چٽو ڳائيندو رھندو
۽ جيستائين نازڪ ھٿن جون آڱريون
تنھنجي ساراھھ جو سُرندو وڄائي سگھنديون
جيستائين منھنجي من کي
سک دلاسو ڏيندو رھندو
۽ تنھنجي درد آشنائيءَ سان
روح رچيو رھندو
تيستائين، ھا تيستائين آءٌ مرڻ نٿي چاھيان
پر جڏھن منھنجون اکيون سڪي وڃن
منھنجو آواز ڳرو ٿي وڃي
منھنجا ھٿ ۽ آڱريون نست ٿي وڃن
۽ دنيا جي ڌرتيءَ تي منھنجو روح
پيار جي زندگيءَ جي ھڪ پل لاءِ
سڪڻ لڳي
تھ پوءِ اي موت تون ڀلي اچجانءِ
منھنجي ڏينھن کي رات ڪري ڇڏجانءِ!
***
ويرونيڪا گمبارا
اٽلي (١٤٨٥ع)
ويرونيڪا گمبارا ١٤٨٥ع ۾ پراتلبوانو ۾ ڄائي. ١٥٠٩ع ۾ لارڊ
ڪوريجيو سان شادي ڪيائين جيڪو ٩ سالن کان پوءِ مري
ويو تھ پنھنجي ننڍڙي رياست جي حڪومت ھن کي سنڀالڻي
پئي ۽ ٻھ ننڍڙا ٻار بھ پاليائين. ھن جا ڪيترن اھم
ليکڪن سان تعلقات ھئا جن ۾ پيٽرو بيمبو بھ شامل
ھو. ھن پنھنجي درٻار ۾ شھنشاھھ چارلس پنجين جي ٻھ
ڀيرا ميزباني ڪئي.
وقت اُڏامي ويو
جڏھن ڌرتيءَ جي سونھن ڏسان ٿي
ھزارين سھڻن پيارن گلڙن سان
۽ جيئن آسمان ۾ ھر ستارو چمڪي ٿو
تيئن ڌرتيءَ تي سوين رنگ چمڪن ٿا
ھر جاندار اڪيلو ۽ اٻاڻڪو
اندر جي اڇل کان، امالڪ اچي ٿو ٻاھر
ٻيلن مان، جھونين غارن ۽ ٻِرن مان
پنھنجو ساٿي ڳوليندو، حُب مان
- ۽ جڏھن آءٌ اھي وڻ ڏسان ٿي
سھڻن گلن سان سجيل، نوان گونچ اسريل
۽ قسمين قسمين پکين جا
سھڻا مٺڙا مڌر سُر ٻڌان ٿي
جڏھن ھر ھڪ ندي وھنجاري ٿي
پنھنجا گلن سان سينگاريل ساحل
ته جيئن فطرت پنھنجو پاڻ تي موھجي
پنھنجي سونھن پاڻ ڏسي مُرڪي
تڏھن دل ئي دل ۾ ڄڻ چوان ٿي
”ھيءَ ڪمبخت فاني زندگي
ڪيڏي نه ٿورڙي آھي!“
***
ھيءَ سھڻي سائي گلن سان گلزار ڌرتي
جا اڳ ھئي برف سان ڍڪيل
۽ ٿڌي ڳري ھوا سان
آسمان به ھو ڄڻ تھ منجھيل
۽ ھو گڏجي گھمندڙ پيارا جانور
پھاڙن ۽ ٻيلن ۾ اڪيلا ھئا لڪل
نه ئي سھڻا سجيلا گيت ھئا
نرم نازڪ ٻوٽن ۾ پيار پکين جا
ھوا ڪاوڙ مان وڻ سٽيا ھئا
پکي خاموش ۽ وڻن جا پن سڪل
تيز تکين ندين ۽ نئن کي
برف باندي بنائي ڇڏيو ھو
ھاڻ جي سھڻا ۽ سُرھا آھن
ھن مند ۾ ھئا موڳا ۽ منڌل
ائين وقت اڏامي ٿو، کڻي وڃي ٿو
سال سمورا، حياتيءَ جا سڀ پل!
ڇا اسين بھ گل ڪنداسين، وري ٽڙنداسين؟
تَنھن جي ڪانھي ڪا ڪل
موت کان سواءِ ڪجھ به يقيني ناھي
شاھه گدا لاءِ ساڳي سا مھل
موت نه ڪندو آ ڪنھن تي ڪڏھن ڪا ڪھل!
***
گاسپارا اسٽيمبا
اٽلي (١٥٢٠ع کان ١٥٥٤ع)
گاسپارا اسٽيمبا پاڊوا ۾ ڄائي ھئي ۽ اٽليءَ جي نئين سجاڳيءَ جي
سٺي شاعر ھئي. ھوءَ وينس جي ھڪ فنڪار خاندان ۾ وڏي
ٿي ھئي. ھوءَ ھڪ ايماندار طوائف ھئي ۽ اڪثر نظمن ۾
پنھنجي محبوب نالي ڪولاٽينو ڊي ڪولاتو جي
بيوفائيءَ جي شڪايت ڪئي اٿس، جنھن سان سندس تعلق
صرف ٽي سال رھيو، جنھن دوران بھ ھو گھڻو ڪري ٻاھر
فرانس ۾ رھيو.
جيئڻ مرڻ
عشق مون سان ائين ڪيو جو
سدائين ڪنھن باھه ۾ سڙان ٿي
ڌرتيءَ تي ھڪ نئين ”سلينڊر“(1)
وانگي
ڪڏھن مران ڪڏھن جيئان ٿي
”فينيڪس“
(2)پکيءَ
وانگي
سڙي مرڻ، مري جيئڻ راند ھجي ڄڻ
۽ ھو جنھن جي لئه سڀڪجھ سھان ٿي
مون لئھ ڇا ڇا سوچي ٿو، پرواھه ڪانھ ڪيان ٿي
باھه جو ھڪ اُلو وسامي ٿو
ته پاڻمرادو پيار منجھان ٻيو ٻاريان ٿي
جنھن ۾ اڳ کان وڌ سيڪ ۽ تَو ھجي ٿو
جيستائين منھنجي دل چورائڻ وارو يار
انھيءَ ٻرڻ ۽ سڙڻ مان خوش رھي ٿو
مون کي پڇتاءُ ڪونه ٿئي ٿو
مان ته ھن سان بي لوث پيار ڪريان ٿي
جي مون کي يقين ھجي ھا
ته موت سڀ سُور ختم ڪري ڇڏيندو
ته ان کي ڳوليان ھا
پر ڄاڻان ٿي ته موت ماري ڪين سگھي ٿو
اھو تھ ڪوڙو آٿت آ
موت کان پوءِ به سور ٻيڻا ٿي ويندا آھن
مون ته ڏينھن ۾ ڏھه ڀيرا
مري ڏٺو آ
۽ ھر ڀيري ان مان نئين پيڙا جاڳي ٿي
۽ پيار نئين سر جيئي ٿو
پنھنجو پيار زنده رکڻ لاءِ
ھاڻ مون سوچيو آ
ڇو نه روز مران ۽ روز جيئان!
***
مھري ھاتن
ترڪي (١٥٠٦ع)
ھيءَ عثمانيھ سلطنت جي ھڪ وڏي شاعر ھئي. سندس پيءُ ھڪ جج ھو
جيڪو پاڻ بھ شاعر ھو. ھن عربي فارسيءَ جي بھترين
تعليم ورتي ھئي ۽ شڪل صورت جي بھ تمام سھڻي ھئي.
ڪيترن سالن تائين سلطان بايزيد جي پٽ شھزادي احمد
جي علمي ادبي حلقن ۾ شامل رھي. ١٩٦٧ع ۾ سندس شعري
مجموعو سوويت يونين اڪئڊميءَ طرفان شايع ٿيو.
ٽـِھ سـِٽا
ھڪ نظر ۾
مون توسان پيار ڪيو
ھزار دلين سان
ھو مون تي
ڪو گناھھ نٿا مڙھي سگھن
سواءِ پيار جي
ڀل تھ زاھد سمجھن پيار گناھھ آھي
مون کي ان پيار لاءِ دوزخ جي باھھ جي
بنھھ ڪا پرواھھ ناھي
***
ميران ٻائي
ھندستان (١٤٩٨ع کان ١٥٤٧ع)
ميران ٻائي پنھنجي زندگيءَ ۾ تھ ھڪ ڪھاڻي ھئي پر مرڻ کان پوءِ
بھ ھڪ روايت بنجي ويئي. سندس ارپنا واري شاعري،
عشقيھ گيت، ڪرشن ڀڳوان لاءِ پيار سڀ ھن ھڪ خاص
انداز ۾ ڳايو. سندس ڏاڏو ھڪ کتري راجا ھو ۽ وشنو
ڀڳوان جو پوڄيندڙ ھو. روايت آھي تھ ننڍي ھوندي
ميران کي ڪرشن جي ھڪ مورتي ڏني وئي ھئي جنھن کي
ڀڳتي تحريڪ جا پوئلڳ وشنوءَ جو روپ سمجھندا آھن.
ميران جي شادي ١٨ سالن جي عمر ۾ ميواڙجي راڻا
سنگرام سنگھھ جي شھزادي پٽ سان ٿي تھ ھوءَ انھيءَ
مورتيءَ کي بھ پاڻ سان کڻي ڀوڄراج وئي ۽ جڏھن
پنھنجي ساھرن جي چوڻ تي ڪالي ماتا جي پوڄا کان
انڪار ڪيائين تھ اھي ڪاوڙجي پيا. مڙس جي مرڻ کان
پوءِ ھوءَ مندر ۾ ڀڄن ڳائي وقت گذاريندي ھئي ۽
جوڳين سامين سان ملاقاتون ڪندي ھئي، جيڪا ڳالھھ
سندن خانداني روايتن جي خلاف ھئي انڪري راڻي کيس
مارائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيتريون تڪليفون سھڻ کان پوءِ
آخر ميران کي ميواڙ ڇڏڻو پيو. ڪرشن ڀڳوان جي نالي
سان منسوب جاين تي رھندي ھئي ۽ آخرڪار دوارڪا ۾
ديھانت ٿيس.
پريم ديواني
اي راجا!
آءٌ ڄاڻان ٿي تھ تو مون کي زھر ڏنو ھو
جو مون امرت سمجھي پيتو ھو
۽ ھاڻ مون ٻيو جنم ورتو آھي
جيئن سون باھھ ۾ سڙي
سوين سجن کان وڌ ٿي ويندو آھي
خانداني شان ۽ دنيا جو ڊپ
سڀ مون پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيا آھن
ھاڻ تون پاڻ کي لڪائي
او راجا!
آءٌ ته ھڪ ڀوري، بيوس، نٻل ناري آھيان
ڪرشن جو ڪان ُ دل ۾ لڳل اٿم
ڪجھ به نه سوچيان ٿي نه سمجھان ٿي
ساڌُو سنتن کي ارپيو اٿم
پنھنجو تن من ۽ ڌن
پاڻ کي انھن جي پيرن جي پڻي ڀانيان ٿي
انھن جي گولي ٻانھي بڻجي
پنھنجو پريتم پرچايان ٿي!
(مٿيون سٽون انگريزيءَ مان ترجمو ڪيل آھن. اصل ھنديءَ ۾ ڪجھ
سٽون ھن ريت چيل آھي؛
راڻا ني ڀيڄا وش پيالا مين امرت ڪر پي جانا
ميري راڻا جي مين تو گوبند ڪي گن گانا
ميران ٻائي پريم ديواني مين تو سانوريا ڪو پانا).
(مترجم)
***
ھوانگ چين اي
ڪوريا (١٥٠٦ع کان ١٥٤٤ع)
ھيءَ ڪوريا جي شاعرن ۾ سڀ کان مشھور شاعر ٿي گذري آھي جيڪا سانگ
ڊو ۾ رھندي ھئي ۽ سندس ڪيترائي پرستار ھئا.
بادشاھھ چنگ چانگ جي دور ۾ ھيءَ وڌيڪ مشھور ٿي. ھن
جا عشقيھ نظم فلسفياڻا آھن جن ۾ ھن جي قابليت
مٿاھين سطح تي نظر اچي ٿي.
۽ جڏھن ھُو ايندو
آءٌ نومبر جي ڊگھي رات کي
ٻن اڌن ۾ وڍي ورھائي
ھڪ اڌ ويڙھي پنھنجي چادر جي ھيٺان
لڪائي رکان ٿي
جنھن ۾ بھار جي ھوا جي خوشبو آھي
۽ جڏھن ھو اڌ رات جو ايندو
تھ اھا ٻاھر ڪڍنديس
۽ آھستي آھستي کوليندي رھنديس
تھ جيئن باقي رات
ڇڪبي رھي، ڇڪبي رھي!
***
جبل ھڪ ھنڌ بيٺا آھن
پر جبلن جا چشما
وھندا وڃن، ھلندا وڃن
سڀئي ”ڪالھ “ وھندڙ چشمن وانگي آھن
اڏامندا وڃن
۽ عظيم سورما، مھل ملھائي
مرندا وڃن، مرندا وڃن!
منھنجو نينھن نيرو جبل آھي
۽ ھن جي سڪ سائو چشمو
جي سائو چشمو وھي وڃي
تھ نيرو جبل ڪيئن ٻڌائي؟
پر آءٌ ڀانيان ٿي ته
سائو چشمو نيري جبل کي ڇڏڻ مھل
دانھن اَوس ڪندو آھي!
***
ھونان سورھان
ڪوريا (١٥٦٣ع کان ١٥٨٩ع)
ھيءَ ”ڪاسا“ نالي مڪاني صنف جي پھرين شاعر عورت ھئي. پاڻ ھڪ
وزير جي ڌيءَ ھئي ۽ ھن جي ڀاءُ پھريون ڪوريائي
ناول لکيو ھو. ھيءَ جوانيءَ ۾ ئي مري وئي ھئي پر
ڪيترائي نظم ڇڏيا اٿس جيڪي ڪوريائي ۽ چيني ٻولين ۾
آھن. ھيٺ ڏنل نظم سندس ھڪ طويل نظم مان ورتل آھي.
ھڪ عورت جو ڏک
ياد اٿم
تھ ڪالھھ ڪيڏي جوان ھئس
پر افسوس! وھي وڃي رھي آھي
اجايو سوچڻ مان ڇا ورندو؟
ڪيڏانھن ويا جوڀن جا سرھا ڏينھڙا؟
ھاڻ جو آءٌ پوڙھي آھيان
ڏک ۾ ساهه منجھي ٿو،
چوڻ لاءِ ڪجھھ ڪين سجھي ٿو
امڙ ساھھ سان ڪيئن سانڍيو ھو
بابل مون لاءِ ڇا ڇا خواب ڏٺا ھئا
جيئن ڪا شھزادي ڪا راڻي
يا ڪنھن سورھيھ سردار جي ڪنوار ٿيان
پر ھڪ ڌوتيءَ منھنجو سڱ ڳنڍيو
۽ ھڪ بي پرواھھ جي مون کي ڪنوار ڪيو
ائين ھلندي ھئس ڄڻ
ڪو خواب ڏسندي ھجان
پندرنھن سورنھن سال به ڪا عمر آ
جوڀن جواني، سونھن سنھري
منھن ۾ مڻيا، بدن بيتاب ھو
ڀانيم ٿي ته ھن سان
صدين لاءِ ھو ناتو ڳنڍيو
وقت جي وير چڙھي لھڻ لڳي جڏھن
ديوتا به ڄڻ ته منھنجي سونھن کان ٿي سڙيا
ڪئين بھار جون ھوائون گھُليون
۽ سانوڻ جا مينھن وٺا
مندون مَٽيون، وقت اڏامي ويو
منھن ملوڪ نه رھيو
بدن جي بيتابي بھ نھ رھي
اڄ جڏھن نيرو لالٽين ٻاريندي
سائي رنگ جي بينن تي
نيري ڪنول جو گيت وڄايان ٿي
ته ان مان منھنجو ڏک وسي ٿو
جيئن مينھن وسي سائو سيانگ جبلن تي
يا بانس جي بينن اندر ڪجھ ٽڙڪي ٿو
ڄڻ ڪا ڪونج ڪرڪي ٿي!
پر جو ڪجھھ بھ سڻايان ٿي
ڪو ڪونه ٻڌي ٿو
ھي ڪمرو به ته اڄ خالي آھي
بس پردن تي ڇپيل ھي ڪنول گل آھن
ھر ستين چنڊ جي ستين ڏينھن تي
اڀ ۾ ھڪ ڪاپائتي ۽ ھڪ ڌنار
ڪيئن نه اچي ملن ٿا
ڪھڪشان جو رستو ڪيڏو مشڪل آ
پر پوءِ به ملڻ ڪين وسارين ٿا
ھر سال ساڳئي ڏينھن تي!
پر جڏھن کان ھو وڇڙيو آھي
آءٌ ھيڪل وياڪل جيئان ٿي
ڪھڙي جادوءَ جي پاڻيءَ ھن کي نيو آھي
۽ ھـُن پاسي ھو ڇو ماٺ رھيو آھي؟
ڪٽھڙي تي بيٺي راھه ڏسان ٿي
جتان ھو ويو ھو سا واٽ ڏسان ٿي
ڪچڙي گاھه تي ماڪ چمڪي ٿي
شام جا بادل رمندا وڃن ٿا
ساون بانس جي وڻن وچان
اداس پکي ڳائين پيا
ڏکويلن جو ڪو انت نه آ
پر مون جھڙو ڏکويل ڪو به نه ھوندو
جيئڻ مرڻ پنھنجي وس ۾ ناھي
ھا منھنجي غم جو ڪارڻ ھُو ئي آھي!
***
مارگريٽ – ڊچيس آف نيوڪاسل
انگلينڊ (١٥٢٥ع کان ١٥٧٣ع)
ھڪ نقاد ھن شاعر لاءِ لکيو ھو تھ ”ھن جي غير معمولي شعرن ۾ ھڪ
قدرتي ڏات آھي جنھن کي جيڪڏھن سکيا ملي ھا تھ اھا
چمڪي پوي ھا ۽ سندس شاعريءَ کي تمام مٿاھون مقام
ملي ھا.“ ھوءَ پنھنجي ھمعصرن پاران بنھھ چري تھ نھ
پر ڪجھھ ٿڙيل سمجھي ويندي ھئي. ھن پنھنجي مڙس جي
سوانح بھ لکي ھئي. ان جي باري ۾ ھڪ نقاد لکيو ھو
ته ”اسان جي نيوڪاسل جي لارڊ جي کـِل جھڙي تاريخ
جيڪا سندس زال لکي آھي، ڏيکاري ٿي تھ ھوءَ چري،
ھٺيلي ۽ بيھوده عورت ھئي ۽ ھو پاڻ گڏھھ ھو، جنھن
ھن کي پنھنجي لاءِ اھو سڀڪجھھ لکڻ ڏنو ۽ اھو
برداشت ڪيو.“ پر پوءِ چارلس ليمب ان ساڳي تاريخ کي
ھڪ ”املھ ماڻڪ“ سڏيو ھو.
قدرت جو بورچي
”موت“ قدرت جو بورچي آھي
۽ اسين ڏسون ٿا
سوين سھڻا انسان، سھڻا ويس وڳا پائي
ڪيئن قدرت کي ريجھائين ٿا
پر قدرت جو بورچي – موت
ڪن کي ٻرندڙ تپ ۾ پچائي ٿو
ڪن جي جلندر سان جان جلائي ٿو
ڪي ڳري مري کپي وڃن ٿا
ڪن جو ست ڪڍي السر سان الجھائي ٿو
ڪن کي اندر ۾ ڳوڙھا ۽ پيڙا ڏيئي
جيئري جھنم ۾ جلائي ٿو
ڪن کي سانڌاڻي وانگر سَنڌي
ڪن جا سَنڌ سڪائي ٿو
ڪن کي سوئر جيان شراب ۾ ٻوڙي
ڪن جا ھڏا بادفرنگ سان ڀوري
فرينچ سوپ جيان ٽھڪائي ٿو
ڪن کي ڪوابن جيان ٽانڊن تي پچائي
ڪن کي غربت جي خوراڪ سان کاري خوار ڪري
ڪن کي ڪيڪ جيان بيڪ ڪري جيءَ جلائي ٿو
ڪن کي ٽيئڙ تپ ۾ ھر ھر ماري جياري
ڪن کي پگھر ۾ شل ڪري نمڪين بنائي ڳاري
ڪن کي سيئو تپ ڏئي تڙپائي ٿو
ڪن جا مغز مرگھيءَ ۽ مٿي جي سور سان
ڪوڙڪن ۾ ڦاسائي ٿو
ڪن کي پيٽ ۾ ساڙ ڏئي اندر ۾ آڙاھھ ٻاري
ڄڀ کي پيٽ جي گرميءَ کان سڪائي ٿو
۽ تن جي تونس وڌائي نڙيءَ ۾ وڍ وجھي
ڄڻ تھ نسورا رت جا ڍڪ ڀرائي ٿو
ڪن کي ھرڻ جيان شڪار ڪري سـِِجي بنائي
ڪن کي ڳائي مال جيان ڪنڌ تي ڪات وھائي ٿو
ڪن جو نزلو منجھائي، بلغم سان ڀرپور بنائي
لوڻيل سوئر جيان ٻاڦ ڏئي سيڪائي ٿو
”موت“ قدرت جو بورچي آھي!
***
سارجئانا انس ڊي لا ڪروز
ميڪسيڪو (١٦٥٢ع کان ١٦٩٥ع)
لاطيني آمريڪا جي ادب ۾ وڏن نالن مان ھڪ نالو ھن شاعره جو بھ
آھي. ھيءَ ھڪ نن (راھبه) ھئي پر تھ بھ ھن لکڻ پڙھڻ
۽ دوستن سان ملڻ ترڪ ڪونھ ڪيو ھو ۽ گھڻي مشھور ٿي.
جڏھن پوبلا جي وڏي پادريءَ ھن کي دنياوي علمن
ڏانھن لاڙي جو احساس ڏياريو تھ ھن پنھنجي ھڪ مشھور
نظم ۾ ان جو جواب ڏنو ھو. جنھن ۾ ھن ”عورتن لاءِ
ذھني سجاڳيءَ جي حق“ تي زور ڏنو ھو. پوءِ ھن
پنھنجا سڀ ذاتي مشغلا ڇڏي ڏنا. ھڪ وڏي وبا ۾ مريضن
جي خدمت ڪندي بيمار ٿي ۽ پوءِ ١٦٩٥ع ۾ مري وئي.
ھي ھڪ طنزيھ (Satirical)
نظم آھي ”پيار“ جي عنوان تي، جيڪو ھن مردن کي
مخاطب ٿي چيو ھو:
ڏوھاري ڪير؟
اڻ ڄاڻ مَردو! ڇڏي ٿا ڏيو
عورتن کي بي عقل ڄاڻي
ڇا اوھين بلڪل نٿا ڄاڻو
ته ان جو ڪارڻ اوھين پاڻ ئي آھيو
ھنن کي حقير ڄاڻي پيرن ۾ لتاڙيو
۽ پوءِ به ھنن مان چڱائي ٿا چاھيو
سندن شرم جھڙي حالت جو
اصل ڪارڻ اوھين پاڻ ئي آھيو!
ان کان وڌ ڪھڙو ڀوڳ آھي
جو لاپرواھيءَ جي ڌنڌ سان
آئينو ڌنڌلائي، پوءِ ڪو چوي
تھ اھو صاف ئي ناھي!
***
اي نقادو! توھان کان سچ تھ
ڪا عورت کٽي ئي نٿي سگھي
ڪو وٽس وڃي نھ سگھي تھ چئو
”ڏاڍي سخت ۽ سرد آھي“
۽ جي ڪو وٽس سولائيءَ سان ھليو وڃي
تھ چئو تھ ”ھوءَ چالو، بي شرم
ھر ڪنھن لاءِ نرم گرم آھي!“
***
آءٌ توکي روڪي بھ نھ ٿي سگھان
۽ توکي ڇڏي بھ نھ ٿي سگھان
توکي روڪڻ لاءِ ڇا ڪريان؟
۽ توکي ڇڏڻ لاءِ ڇا چوان؟
مون کي توسان پيار بھ آھي
پر ڪڏھن ڪڏھن ڇو الائي
دل چوي ٿي آخر تو ۾ ڇاھي؟
***
تون پاڻ کي ڪجھھ بدلائي
نھ تھ پوءِ مون کي ڪجھھ نھ چئجان
جي ويس توکان پاڻ ڇڏائي
***
منھنجي دل توکان باغي آھي
اڌ دل ڌڪاري ٿي توکي
اڌ دل کي توسان پيار بھ آھي!
***
ائين ئي وڙھندي جھڙندي
رُسندي ٺھندي پيار اسان جو
پلبو رھندو، جيئندو رھندو.
***
ڀل تون ڪجھھ ڏيڻ نھ چاھين
۽ آءٌ ڪجھھ وٺڻ نھ چاھيان
پر تنھنجي ٺلھي ارادي تي ئي
اعتبار ڪرڻ ٿي چاھيان!
***
|